ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  14

''تہ تون سنڌي آھين. سنڌي، سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جيان ھميشہ سيتل، شفاف ۽ مٺا رھندا آھن. اسان جي طبيعت ۾ ھنسا ڪونھي. ونجوڳ ڪونھي. حسس بغض ڪوئي وڪار ڪونھي. سھڪار ۽ شانتيءَ جا اھڙا تہ اُپاسڪ آھيون جو اڳلي کي ناراض ٿيڻ جو موقعو ئي نہ ڏيندا آھيون، ۽ اڄ، جڏھن ڀارت ۾ اسان کي پنھنجي زمين ڪونھي. ٻين ٻولين جي چڙھت آھي، جدا جدا ڪلچر. اوسي پاسي زور آھن، تڏھن اسين سنڌ_ ماتا جا نالائق ٻار ڪوٺباسين، ڄاڻين ٿي، اسان وٽ ڪيترو نہ قيمتي ساھت آھي. اسين دنيا جي ڪھڙي بہ سٺي شاعر جي ڀر ۾ شاھ، سچل ۽ ساميءَ کي بيھاري سگھون ٿا. ڇو تہ ھنن بہ ڪلاسڪس پئدا ڪيا آھن ۽ اسان جو ٻيو ساھت؟ ڪوئي اسان جي ٻولي ڄاڻي نٿو، چپن تي چنو لڳائي ويٺا آھن. سنڌي ٻوليءَ کي تسليم نہ ڪيو ويو آھي. ڇو تہ، جي تسليم ڪري سگھن ٿا، تن سنڌي ٻوليءَ ان جي ساھت جي اھميت تہ ڄاتي آھي ۽ اھڙن عملدارن سان جن سنڌي دوستن جو شخصي سٻند آھي، تن مان تمام، نہ معلوم ڇو ائين چئي رھيا آھن تہ سنڌي ٻولي تسليم ٿي ڪانہ سگھندي، ان ڪري سنڌين کي ٻين سان جذب ٿي وڃڻ گھرجي.“
''ٺيڪ تہ آھي.“
''۽ اسان جي اصليت؟“
''اسين انسان آھيون، اھا ئي اسان جي اصليت آھي.“
''اسان جو ٺڪاڻو؟“
''سموري ڌرتي.“
''سڀيتا؟“
''انساني“
''تہ چئبو اسين سنڌي، سنڌي نہ رھي، ڪڇي، گجراتي، مرھٽا ٿي وڃون، ان ۾ توکي ڪوئي اوگڻ نظر نٿو اچي؟“
''ھا.“
''تڏھن جيون راھ تان ھلندي، ھڪ ٻئي کي بہ منھن ڏيڻو پوندو.“
''ڪڏھن سوچيو ڪانھي.“
''سوچيو ڪانہ اٿئي صرف تڏھن ئي ائين ٿي چوين.“
مان چپ.
''چڱو سنڌو، ڀلا اھو تہ ٻڌاءِ، دنيا ۾ انيڪ ڪلائون آھن، تون ڇا اھو چاھيندينءَ تہ انھن مان ھڪ بہ ختم ٿي وڃي؟“
''نہ.“
''گڊ ! . . . ۽ ڪلا آھي ڇا؟ اَنڀو محسوس ڪرائڻ ئي تہ ڪلا آھي. ليڪن ٻولي ڇا آھي؟ اھا بہ انسان جي اُمنگن، احساسن کي چٽي نموني پيش ڪرڻ جو ھڪ روپ آھي. ان حساب سان، ھر انسان ھڪ ڪلاڪار ۽ ھر ٻولي ڪلا جو ھڪ روپ آھي.
صوف ۾ جيڪڏھن زيتون کان وڌيڪ وٽامن آھن تہ ان جي معنيٰ ڇا اھا ٿي تہ زيتون جي ڪا معنيٰ ڪانھي. زيتون کي بہ پنھنجو ھڪ سواد، پنھنجو ھڪ اثر آھي.ان ڪري جيئن صوف جي سنڀال ٿيڻ گھرجي، تيئن زيتون جي بہ ٿيڻ گھرجي. دنيا جي ھر ٻوليءَ جي سنڀال ٿيڻ گھرجي. دنيا جي ھڪ بہ ٻوليءَ لاءِ، ختم ڪندڙن سببن مان ھڪ بہ سبب ميسر ڪرڻ نہ گھرجي. لپيءَ کي وگيانڪ درشٽيءَ کان ۽ ٻوليءَ کي ويا ڪرڻ جي نھار سان ڀل جاچيو وڃي، جاچي ان کي بھتر بڻايو وڃي، ليڪن بھتر ئي بڻايو وڃي، ٻيو ڪجهه بہ نہ.!“
مان اڃا بہ چپ.