ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  01

زندگيءَ جي راھ ڪيتري نہ لنبي، ڪيتري نہ وشال! ھلندي ويھي ٿو رھجي. ويھي پويان نھارجي بہ ٿو ۽ ان نھار ۾، ماضيءَ، حال ۽ مستقبل تي سوچجي بہ ٿو.
زندگيءَ ۾، مون کي ھڪ ئي سوال پريشان ڪيو آھي؛ ۽ سچ تہ مون بہ ان سوال کي خوب اٿلائي پٿلائي جاچيو آھي.
اڄ منھنجو 'ھو` اچي رھيو آھي. ھن جي اچڻ جو ٻڌي، مون کي منھنجي سوال جو جواب ملي ويو آھي.
مان سوچيندي ھيس تہ ڇا صرف حالتون ئي زندگيءَ کي ٺاھين بگاڙين ٿيون، انسان حالتن کي ٺاھي بگاڙي نہ ٿو؟
زلزلن، ٻوڏن، آنڌي، طوفانن جي ڳالهه نٿي ڪريان. انساني زندگيءَ جي ڳالهه ٿي ڪريان.
ڪيرت ڪوڙ ڳالهايو. ڪوڙ ظاھر ٿي پيو. سڀني چيو؛ ڪيرت ڪوڙو آھي. اڙي ڀائي، ان کان اڳ ھن ھزار دفعا سچ ڳالهايو آھي، تڏھن تہ توھان ھر وقت، ھر ھنڌ، ائين ڪڏھن بہ نہ چيو آھي؛ فلاڻا تو ٻڌو، ھو تہ بلڪل سچار ماڻھو آھي.
ھڪ ڪوڙ تي انسان بدنام ٿئي ٿو. انسان، انسان کي بدنام ڪري ٿو، ان ۾ زلزلن، ٻوڏن، آنڌي، طوفانن جو ڪھڙو سوال آھي؟ ڪيرت ھاڻ شڪ جي ڄار ۾ گرفتار ٿي ويو . ڪيرت ضرور چوندو؛ حالتن مون کي پٿاري ڇڏيو آھي.
حالتون ڪنھن پيدا ڪيون؟
بنگال بھار ۾ ٻوڏون ٿيون. ڀارت ۽ دنيا جي ھر حصي مان سھائتا جو ھٿ وڌايو. ڪنھن بالا عملدار چيو؛ ٻوڏ ۾ ھڪ نعمت بہ آھي، انسان، انسان جي نزديڪ اچي ٿو. نقط چين ان عملدار کي ڀؤن ڀؤن ڪري وٺي ويا؛ ''پوءِ دنيا کان مدد وٺڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟“
. . . . مدد ملي ٿي، تڏھن تہ نعمت آھي! ليڪ ڀلوءَ کي پڪڙي ڪير؟
غلطي ڪٿي آھي؟
غريب گوبند چيو؛ گومي ھي گل وٺ، غريب نہ ھجان ھا تہ سوني مُنڊي ڏيانءِ ھا.
گوميءَ چيو : مون لاءِ ھيءُ گل سون کان گھٽ نہ آھي. ليڪن جڏھن راجوءَ ريکا کي سوني مُنڊي ڏني تہ چوڻ لڳي؛ باغ ۾ ھزارين گل موجود آھن، ھڪ گل ڏين ھا، خوش ٿي وڃان ھا، ھن ڏيک جي ڪھڙي ضرورت آھي؟
وٺڻ وارو ڀل سڀ وٺڻ نہ چاھي، ليڪن ڏيڻ وارو سڀ ئي ڏيڻ چاھيندو نہ؟ شاھجان کي تاج محل ٺھرائڻ کپندو ھو يا نہ، اھو ڀل سياستدان سوچيندا رھن، ليڪن پنھنجي محبوب جي ياد ۾ تاج محل ٺھرائڻ سڀاويڪ تہ آھي ئي، پنھنجي پريميءَ سان 'ايڪ ڇوٽا سا گھر` جي ڪلپنا سڀاويڪ آھي، ليڪ پنھنجي پريميءَ جي حياتي جي يادگار ٺھرائڻ جي تمنا ڇا آسڀاويڪ آھي؟
ليڪن ان سڀاويڪتا کي ڏسي ڪير ٿو؟
نہ، مان نراش نہ آھيان، نراشاواد جي ريکائن تي سوچڻ جي عادي آھيان، ائين بہ نہ آھي. صرف چيم ٿي تہ اصل انسان ئي حالتن کي ٺاھي، بگاڙي ٿو.
چڱو مڃجي تہ دنيا ۾ ھڪ پارٽيءَ جو راڄ ٿي وڃي ٿو ۽ طبعت رُکي ھئڻ سبب پارٽيءَ جون مکيہ پڳون اعلان ٿيون ڪن تہ اڄ کان مسڪرائڻ تي بندش آھي. ڪھڙيون حالتون پيدا ٿينديون؟ پھرين سڄي دنيا جيل خانو ٿي پوندي. پوءِ پاڳل خانو. ۽ پوءِ؟ ھر پوءِ کان پوءِ انقلان ھوندو ئي آھي ۽ اِھا ´پوءِ` تيستائين قائم رھندي، جيستائين ڪي بہ ٻہ ماڻھو مختلف ريکائن تي سوچڻ جا عادي ھوندا. جيستائين سڀني آدرشن جي ايڪتا ۽ ڀاونائن جي سمانتا نہ آھي، تہ ٽڪر تہ لڳندا ئي. ان سچ کي جيستائين دنيا تسليم نہ ڪيو آھي، اتھاس جا ڪيترا ورق خالي رھندا ۽ ضرور رھندا.