04
ھڪ ڇوڪريءَ پھاڙ سان پيئي سر ٽڪرائي. جاچي ڏسڻ سان معلوم ٿو ٿئي. اھا مان آھيان ۽ پھاڙ- ان ۾ ھن جو ڌنڌلو روپ.
تڏھن سوچان تہ ھو ايترو مون ۾ ڇانئجي ڇو ويو آھي؟. . .
شايد اھو تلاءَ ۾ ھوا جي ھڪ تيز جھپٽ جيان ثابت ٿئي. لھرون اٿن. رد عمل ۾ ڪناري سان ٽڪرائجي موٽي اچن. وري پاڻ ۾ ٽڪرجن ۽ پوءِ ٺاھ ڪري شانت ٿيو وڃن. مان شانت ٿي ويندس. ھوا جي جھونڪي ۽ طوفان وچ ۾ تفاوت آھي. تڏھن تہ چيم: منھنجو ھن سان پريم آھي؛ ائين سوچڻ پاڻ کي پنھنجي نظر ۾ ڪيرائڻ آھي.
پوءِ مون پنھنجو سمورو ڌيان اسڪولي ڪتابن ڏانھن لڳايو. پھرين تہ من لڳو ئي نٿي. ليڪن پوءِ من اھڙو تہ لڳي ويو جو ھاڻ اوجاڳن کي منٿ ميڙ ڪرڻي ٿي پئي. سوچيندي ھيس: آرام جي سڀني ساراھ ڪئي آھي/ ليڪن ڪڏھن ڪنھن بي آرامي جو آنند وٺي ڏٺو آھي؟ رات جو کٽ تي پاسا ورائي، تارا ڳڻڻ، ڪجهه ڳڻي منجھي پوڻ، وري ڳڻڻ، ۽ ڳڻيندي ڳڻيندي تارن کي وساري جيون جي غم، خوشي، عجب جا خيال ڪرڻ. ڪڏھن مان خيال جي پٺيان، ڪڏھن خيال منھنجي پٺيان. ڏسندي وڄ جي چمڪاٽ جيان؛ ھڪ چتر ڏيکاري لڪائي ڇڏيندو، جلان ڦٿڪان پر روشنيءِ نہ ٿئي. وري ڪڏھن ڄار بڻجي اھڙو تہ سوگھو جھليندو؛ جو ڦٿڪڻ بہ مشڪل ۽ ان دوران ۾ جسم جي نس نس مان خون جي ھڪ سنگيت ڌارا ڇلڪي اٿي. ڏسان مست گگن ۾ جھومان ۽ ڳايان پيئي.
تڏھن کان منھنجو اھو بہ وشواس ٿي ويو آھي؛ دل جي بہ ھڪ دنيا ٿيندي آھي. ھر پينگھ جو ھڪ آڌار ٿيندو آھي؛ ليڪن دل جي دنيا ۾ جھولي ۾ جھولبو تہ آھي؛ ليڪن ان جو رسيون آسمان ۾ گم ٿي ويل نظر اينديون آھن. آسمان تہ کوکلو ماحول آھي؛ جنھن جي ڪائي سيما ڪانھي، جو نالي جو ماحول آھي، ليڪن جو ماحول بہ ڪونھي. تہ چيم پي، دل جي بہ ھڪ دنيا ٿيندي آھي جا اھڙي تہ وچتر ٿيندي آھي جو اھا وچترتا خود ھر انسان ۾ اچيو وڃي ۽ جيستائين ڪو فرد ھيومن سئڪلاجي جو اڀياس نٿو ڪري، اھو فرد بہ منجھيل رھي ٿو ۽ ٻين جي مونجھ جو بہ سبب بڻجي ٿو. شيام سان سھواس ۾ نہ اچان ھا تہ جن ڪتابن جو مون مطالعو ڪيو آھي، اھو شايد زندگيءَ ڀر ڪري نہ سگھان ھا ۽ پوءِ شايد ھن آکاڻي کڻڻ جي بہ ضرورت نہ پوي ھا.
* * *