مھاڳ
ڪو بہ 'باس` سنڌي ڄاڻي ڪونہ، مسڪراھٽ سان ئي ڪم ھلي ويندو. ان بعد، ممڪن آھي، مون کي شخصي ڪم ۾ مشغول ڏسي، ڪوئي ڪلارڪ دوست، پنھنجو ڪوئي آفيسي 'ڪم` مون کي ڏيئي _ ڏيئي لکڻ ۾ کنڊن وجھي، پوءِ بہ ڇا ٿيو؟ ناول لکندي، رکي رکي زندگيءَ بہ تہ منھنجي ساڌنا ۾ کنڊن پي وڌو آھي.
ھن ناول کي مون 1954ع کان لکڻ شروع ڪيو آھي. لکيو آھي ۽ رد ڪيو آھي. وري لکيو آھي ۽ رد ڪيو آھي. 'آواراھ` جي ظاھر ٿيڻ بعد 'لگن` پريس ۾ ويو جو ھن کي لکڻ شروع ڪيم. ان وچ ۾ 'عورت` 'اڃا رات باقي آھي`، 'ڏينھن جا تارا` ۽ 'نئين نظر` ( پويان ٻہ ناول اڻ ڇپيل) بہ لکيم؛ ليڪن ھن ناول کي پورو ڪري نہ سگھيس. وچ ۾ ڪھاڻيءَ، مضمون، تنقيد ۽ ناٽڪ تي بہ قلم آزمائي ڪندو رھيس، ڪوئي، 'نرملا` کي ڇڏي ڪيڏانھن ويو( جو ناول اڃا مڪمل ڪري نہ سگھيو آھيان) ان تي بہ چڱو لکيم . . . ۽ ھن ناول جا ڪردار منھنجي ذھن ۾ اڀرندا رھيا، Mature ٿيندا رھيا ۽ آخر انھن ڪردارن بغاوت ڪئي ۽ مون کي پنھنجو سمورو ڌيان انھن تي ڏيڻو پيو . . . پوءِ بہ، منھنجو انھن ۾ موھ پيو، ائين ڪونھي. موھ بنا ڀلوڪنا گھٽ رھندي آھي؛ اھو مان ڄاڻان ٿو ۽ اھو بہ نہ: موھ ۾ انياءُ جو پرواھ رھي ٿو؛ ۽ ڪلاڪار کي انياءُ جو پاسو نہ آھي وٺڻو.
ناول اڃا پورو ئي نہ ٿيو ھو، جو اوسي پاسي جي ٻين ڪردارن چلائي چلائي منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو ۽ انھن کي ٻُڌي پورو ڪيم تہ ھن ناول جي ڪاپي گم ٿي ويئي. 'زندگيءَ` جي ڪردارن ۾ منھنجو موھ برابر ڪونہ ھو، پوءِ بہ مون پنھنجي ٻڌي ۽ ڪلپنا تي زور ڏيئي ھنن کي ٺاھڻ، سجائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. گھر جي ھڪ ھڪ ڪنڊ، جاڙ، تختو، انيڪ بار جاچيم: ھڪ ڏينھن بہ نہ، انيڪ ڏينھن ائين ڪيم . . . ڪاپي نہ ملي، نہ ملي.
پئسن جي کوٽ سبب، پراڻيون مخزنون ڪتابن وغيره وڪڻڻ جي پرمپرا، مون وٽ بيڪاريءَ جي لنبي دور کان ھلندي ٿي آئي؛ شايد ان ۾ ئي ھلي ويئي ھئي ۽ مون کي ياد آيو، پڇاڙيءَ واري دفعي مون 'عورت` اڃان رات باقي آھي`، 'ڏينھن جا تارا` ۽ 'نئين نظر` ناولن جون پھريون ڪاپيون وڪيون ھيون. اھا ڪاپي بہ شايد انھن ۾ ھئي، جا ھلي ويئي ھئي ۽ وري نہ ملي سگھي.! موديءَ وٽ وڃڻ بيڪار سمجھيم؛ وچ ۾ چڱو عرصو گذري چڪو ھو . . . متان اڃا ھجيس، اھو خيال آيم ضرور پر ان کي مون دٻائي ڇڏيو. پوءِ بہ مان ڇا انھن ڪردارن کي دٻائي سگھيس؟ نہ . . . اھي وڌيڪ اڀريا . . . . ذھن جي چتر شالا ۾ بغاوت جا سنگ نشان بڻجي مون کي للڪارڻ لڳا. تڏھن مون کين آڇ ڪئي: اچو _ قلم جي نوڪ ۾ اچو، ۽ ھو آيا _ آيا پاڻ سان پنھنجي زندگيءَ کڻي.
تڏھن ايشيائي ليکڪ سميلن ۾ وڃڻ ٿيو. اتي جي ڪردار مليا، انھن ھنن ڪردارن سان ٽڪر کائڻ چاھيو. سنڌو نگر آيس تہ سينٽرل ريلوي مان نوڪريءَ جو پروانو مليو ۽ اڄ ڪلياڻ T.P مان ھن وقت اھوئي ٻڌائي رھيو آھيان تہ سڌين ڳالهين ۾ جيئن کنڊن جو انديشو آھي؛ تيئن زندگيءَ بہ ناول لکڻ جي ساڌنا ۾ کنڊن ڪيو آھي. ڪري ڏيکاريو آھي.
پر ان دوران ۾ ڪردارن يگ جي رچي پاڻ ۾ سمائي ڇڏي ۽ جڏھن ڪردار قلم جي نوڪ ۾ ايندا رھيا، تڏھن ناول جو مرڪزي ويچار تہ: اصل ۾ اھو انساني دماغ آھي، جو حالتن کي ٺاھي بگاڙي ٿو؛ پاڻ سان ھڪ وڏو ڦھلاءُ کڻي آيو ۽ ان ڦھلاءُ ۾ پيڙا جي فيلسوفيءَ، ڪلا جو پرڀاو، سنڌيءَ ٻوليءَ جو سوال، ستيہ ۽ گيان ۽ ان نموني ساھت ۽ گيان رستي زندگيءَ ۽ ڪائنات جي ڄاڻ جي وشين پاڻ کولڻ شروع ڪيو. موڪلاڻيءَ جي آخرين سيما تي پھچي نائڪ ۽ نائڪا، ٻنھي سلام ڪري چيو:
اسين پاڻ ۾ ناھيون،
جو اسان جي اوسي پاسي آھي، اسين ان جو ھڪ حصو ٿا بڻجون.!
۽ پوءِ ھو ويندا رھيا. ھو ويندا رھيا تہ مون کي پنھنجن نقاد دوستن جون ڪي شڪايتون ياد آيون.
1_ڪلپنا جا ڪردار سوچيندا گھڻو آھن. اھي نہ رڳو سوچيندا گھڻو آھن: ليڪن گھرو بہ سوچيندا آھن.!
2_ (الف) تہ ڪلپنا جا ڪردار زندگيءَ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ خط ضرور لکندا آھن.!
(ب) ۽ اھي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سپنو بہ ضرور ڏسندا آھن.!
پر مان ڇا ڪريان؟ منھنجا ڪردار، شيلف تي رکيل ڪتابن ۾ اندر نہ. ٻاھر رھڻ چاھين ٿا. پوءِ جي ٻاھر رھندا؛ اھي ڪم پئي خط لکندا ئي. سنگھرش ڪندي خواب تہ لھندا ئي. ڪن پنھنجي نقاد دوستن سان اھا شايد گستاخي ڪندو ھجان جو مان پنھنجن ڪردارن کي سمپورڻ آزادي ڏيان ٿو تہ ھو زندگيءَ ۾ جو مناسب سمجھن؛ ڪندا رھن ۽ ان لاءِ رکي رکي التجا ڀري نھار سان مون ڏانھن يا منھنجي نقاد ڏانھن ٻاڏائيندا نہ رھن. ڇو جو ھو جنھن يگ ۾ رھن ٿا؛ اتي اھا آلوچنا ھنن کي؛ سوچڻ؛ سمجھڻ؛ خط لکڻ يا خواب ڏسڻ کان مجبور نٿي ڪري. ڇو تہ يگ جي آلوچنا انسان جي سڀاويڪ زندگيءَ جيئڻ جو اڌيڪار تسليم ڪري ٿي.
موھن ڪلپنا
(بلاڪ سي ڏھ روم پنجونجاھ سنڌو نگر 5)
30 جنوري 1957ع