07
''نھروءَ جي روس ياترا ۽ روسي اڳواڻن جي ڀارت ياترا تي ھڪ سياسي ليک آھي.“
''چڱو، ھڪ ڳالهه پڇان؟“
''پڇ.“ ھن اخبار ٽيبل تي رکي ڇڏي.
ھو اداس پئي نظر آيو.
''تنھنجو پيٽ ڇا سچ پچ ڀريل آھي؟“
ھن ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
''ڪجهه چوڻ ٿو چاھين. چئي نٿو سگھين ڪيئن؟ ڪونہ چئي سگھين ٿو، چوڻ چاھين نٿو.“
ھن پنھنجو ھٿ اڳيان وڌائي، منھنجي ھٿ مٿان رکڻ چاھيو، ليڪن ائين، نہ ڪري، ھٿ روڪي، بند ڪري، ٻانھن کي ٿورو شيڪيو، پيشانيءَ ۾ ريکائون ٺاھي مٿيون چپ، ھيٺين چپ ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس اکيون مٿين پلڪن کي ڇڪ اچڻ ڪري ٽيڙيون ٿي پيئون ۽ ھن ترڇي نگاھ سان منھنجي دل کي چاڪ چاڪ ڪري ڇڏيو. ان نھار ۾ گھري ويدنا جي تکي جھلڪ نمايان ھئي. مون مسڪرائي ڏنو تہ ھن چيو،
''جو ڪجهه چوان، اھو وساري سگھندينءَ سنڌو؟“
گنڀير فضا ۾ کلي ويٺيس. چيم، ''سڀ ڪجهه وساري سگھان ٿي، ليڪن اھو سوال وساري نہ سگھنديس.“
''نہ چڱو، رھڻ ڏي ان ڳالهه کي، جي تون سوال نٿي وساري سگھين تہ ان سوال جو پس منظر ڪيئن وساري سگھندينءَ. جي پس منظر نٿي وساري سگھين تہ پوءِ جو ڪجهه چوندس اھو وساري سگھين، ائين ٿي نٿو سگھي.“
سندس منھن جا ڀَاوَ بدليا، مسڪرائي جو ڏنائين.
مون ھٿ ھٽائي چيو، ''ھميشہ ھر ڳالهه جو ڇيد و ڇيد ڀلي ڪنھن سچ جي نزديڪ آڻيندو ھجي، ليڪن اھو ڇيد و ڇيد، ڪنھن حد تائين ٻڌندڙ لاءِ ٿڪاوٽ جا ڪارڻ ميسر ڪري ٿو.“
ويٽر چانهه ۽ چاپ، چٽڻي وغيره ڏيئي ھليو ويو.
چانهه جي آڇ ڪئي مانس، 'نہ، نہ` ڪندي، 'ھا` ڪيائين. ھڪ ڍڪ ڀري چيائين، '' سنڌو! تون ھيترا يگ ڪٿي ھئينءَ ڪٿي؟“
تڏھن، نہ معلوم ڇو منھنجي دل ڀرجي آئي. اھو ھن ڇا چيو؟ چيم، ''تہ تو ڇا مون کي ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي؟“
ھن ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
''ڪيئن؟“
''نہ“ ھن ڊرڍرتا سان وراڻيو.
''پوءِ اھو سوال ڪيئن؟“
''ڪوشش برابر ڪو نہ ڪئي ھيم، ليڪن من ئي من. . .چڱو رھڻ ڏي ان کي. جڏھن توکي ڏٺم، تڏھن سچ پچ بيحد خوشي ٿي. وشواس ڪندينءَ، جڏھن بہ مان تنھنجي منھن ۾ ڏسان ٿو، منھنجي دل جي تار تار انوکي خوشيءَ وچان. . . “ عجب وچان چيائين، '' ڇو تنھنجو ھٿ ڇو رڪجي ويو آھي، کائيندي رھ نہ.“
''اوھ“ ائين چئي مون ھن جو چوڻ بجا فرمايو.
ھن چانهه پي پوري ڪئي. اخبار ڏانھن ھٿ وڌايائين ٿي تہ چيم، ''مون کي تنھنجو سوال اڃا ياد آھي.“
''نہ جو ڪجهه ٻڌندينءَ، اھو وساري سگھندينءَ؟“
''ڪوشش ڪنديس، جيڪڏھن ڏٺم تہ توکي، ان مان خوشي ملندي.“
''چڱو ٻڌ، اڄ مون وٽ ھڪ کوٽو پيسو بہ ڪونھي. پيسو ڪونھي، ان ڪري خوشي نہ اٿم؛ ائين نٿو چوان. . .“
''تون ڇا نٿو چوين، اھو مان بنا ٻڌڻ جي سمجھي سگھان ٿي.“
''ھا، ائين سمجھي سگھبو آھي.“
''پر جو چوڻ ٿو چاھين اھو تہ چئہ نہ.“
''ٺھيو، رھڻ ڏي.“
''سڀ رھڻ ڏيان؟ کڻان ڇا؟ شيام! يڪايڪ تون پريشان ڇو ٿي ويو آھين. تون تہ ساھس ۽ وشواس وارو آھين؛ پر اڄ ھي اداسائي ڇو_ ڇو؟“ تڏھن نہ معلوم ڪيئن وڌيڪ چوڻ کان پاڻ روڪي ويس. جذبي ۾ اچڻ شرط زبان تي پڇاڙيءَ جو ٻہ لفظ ''منھنجا شيام“ جا بہ اچي ويا ھئا.