22
اکيون کليون، ڪمري ۾ تکي روشنيءَ ۽ ڊپ ۾ ھراسيل انيڪ چھرا ڏٺم
''ھڪ ئي وقت ٻن ٽن زالن چلايو، ''سنڌوءَ کي ھوش اچي ويو، سنڌوءَ کي. . .“
۽ ڪپڙا آلا ٿي ويا ھئا، منھنجا وار سڀ ڪجهه آلا ھئا.
پاڻيءَ جي ھڪ بالٽي وڌي ويئي منھنجي مٿان _گھرو علاج.!! اٿڻ جي ڪوشش ڪيم تہ اٿي نہ سگھيس. مان ٽٽي ڪانہ ھئس؛ پوءِ بہ سَنڌ سَنڌ ۾ پيڙا ھئي.
''امي ڪٿي؟“
''اھا اڃا بيھوش آھي.“
''ڀائو . . . بابا . . . روپ! . . .“
ڪنھن بہ ڪجهه نہ ڳالهايو.
''ڇا ٿيو آھي؟“ بلڪل سڌي تي ويٺيس.
''ڀائو ويو آھي آپگھات ڪرڻ!“ ڪُنڊ مان روپ جو آواز آيو:
''آپگھات! . . . آپگھات! . . . ڀائو آپگھات ڪندو . . . بابا . . .ڪٿي؟“
''بابا پويان ويو اٿس. ٻيا بہ ويا آھن. پر ڇا ٿيندو، ڪمبخت مري بہ ويو ھوندو. . .“
''روپ . . . روپ . . . توکي ڇا ٿيو آھي. منھنجا ڀاءُ . . . منھنجا سٺا ڀاءُ . . .“
''نہ، مان سٺو ڪونہ آھيان، اڀاڳو آھيان نہ . . .“
کيس چتائي نھاريم، سندس مٿي مان رت وھي رھيو ھو. شايد ڪنھن جو بہ ڌيان ان خون ڏانھن نہ ويو ھو. مان بجليءَ جي رفتار جيان وڃي روپ جي ڀر ۾ بيٺس زخم ڏٺم . . . زخم ھلڪو ھو. تڏھن يڪايڪ ڀائوءَ جي ياد آئي. . .
منھنجو ڀاءُ! اڀاڳو، اگياني ڀائو!!…
تڏھن ائين ئي، پيرين اگھاڙي، وار ھيڏانھن ھوڏانھن پريشان ۽ ڪپڙا آلا ھوندي بہ گھر کان ٻاھر نڪتس. اولهه ڏانھن ڀڳيس. . ميل کن جي مفاصلي تي ٽرين جا پٽا ھئا. . . خوني پٽا! ڪيترن ئي اُتي آپگھات ڪيو ھو. . . پريم ۾ ناڪاميءَ سبب . . . نوڪريءَ نہ ملڻ سبب . . . ۽ نہ ئي معلوم ٻين ڪھڙن ڪھڙن سببن سبب.!
ڀيانڪ اونداھي رات، اڪيلائي . . .
آسمان صاف ھو، ڪنھن ٿي ڄاتو تہ اھڙي ڀيانڪ رات ۾، وچولي طبقي جي ھڪ گھر ۾ ڇا ٿي رھيو ھو. ڪنھن ٿي ڄاتو تہ ھڪ ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ جي زندگيءَ لاءِ، وقت، آستان، سماج، پاپ پڃ، ڊپ، نندا وغيره جون سڀ سيمائون لتاڙي، ڪرشن پڪش جي رات ۾ موت کي روڪڻ لاءِ ڊڪي رھي ھئي. ليڪن اھا ڊڪ ڇا سڦل ويئي؟
ھڪ کڏ ۾ جو ڪريس تہ ڪجهه خبر نہ پيئي تہ ڇا ٿيو ۽ ٿيو بہ ڇا؟ ڌڪو ئي تہ کاڌو ھئم. ھڪ ٻہ ٽي . . . ڌڪا تہ کاڌم ئي! رستي تي بتيون ڪونہ ھيون. تارن جي روشني، راھ کي روشن رکڻ ۾ ناڪام ويئي ھئي. بس، دور روشنيءَ جو ھلڪو ماحول ڏسجي رھيو ھو، ان جي ڀر ۾ اھي پٽا ھئا، خوني پٽا.!
''سنڌو . . . سنڌو. . . مان اچان پيو . . تون ترس ڀيڻ.“
آواز روپ جو ھو. ليڪن مان نہ رڪيس. رڪجڻ جو وقت نہ ھو. منھنجي اکين اڳيان ھڪ نظارو ڦري ويو. ڀائوءَ ھلندڙ بس مان ڌڪو کاڌو ھو. سندس گوڏي جو ھڏو ڀڄي پيو ھو. اھا حقيقت ھئي، يڪدم ھڪ ٻيو نظارو اڀريو . . . ڀائو ٽڪر ٿيو زمين تي پيو ھو . . . ڇا سچ ھو؟ دل تي زور سان ھڪ ٺڪاءُ ٿيو. ڇاتي ڇڄڻ لڳي. تڏھن بہ ڇا چال گھٽ ٿي؟ نہ نہ نہ . . . اھا تہ اڃا بہ وڌي . . .
روپ بہ پھچي ويو.
ھن ٻانھن کان پڪڙي چيو، ''سنڀالي ڊُڪ.“
''ھٿ ڇڏ.“ ھٿ ڇڏائي مان ڊڪندي رھيس.
روپ اڳيان نڪري ويو.
ٽرين جا پٽا نزديڪ پوندا ويا.
بدحواسي وڌندي وئي.
ماڻھن جو شور ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو. سڀني ڄڻ ھڪ ئي ڳالهه ٿي ڪئي . . . سُندر مري ويو . . . سندر مري ويو.! نہ نہ، ائين ڪيئن؟
تڏھن روپ جو بلڪل، بلڪل زوردار آواز ٻڌم، ''سنڌو! ڀائو زندھ آھي.“
جان ۾ جان آئي؛ ليڪن اڳيان وڌي نہ سگھيس.
سندر ''ڇڏيو، ڇڏيو“ چئي مون ڏانھن وڌيو. بابا کي ڏٺم. ٽارچون ٻريون پئي. بابا پيلو جھڙو ھيڊ، روپ سھڪي رھيو ھو، ٽارچن جون روشنيون مون طرف ھيون.