25
ليڪن پيڙا جا روپ آھن . . . سڀ ڪجهه ڄاڻڻ جي لوڇ ان جو ھڪ روپ آھي، ٻين کي پيڙا کان مڪت رکڻ جو ٻيو ۽ خود مڪتيءَ پائڻ جو ٽيون ۽ ائين انيڪ . . . پيڙا پيڙا آھي تہ پيڙائي . . .
ڀائوءَ کي ھڪ پيڙا پڪڙيو ھو.
ھن کي اھو ڪنھن سيکاريو تہ شراب نہ آھي پيڻو. گھر ۾ شور نہ آھي، ڪرڻو. گھر ۾ سڀ وائڙا ٿي ويا. جڏھن ھن ھڪ آئيني وارو ننڍو ڪٻٽ آندو ۽ بعد ۾ ڀڳل آئينو، مٿي جاري تي رکي ڇڏيو.
ھفتي بعد کيس پگھار مليو، اچي اميءَ جي پيرن تي رکيائين.
بابا ڏانھن منھن ڪري چيائين، ''ھاڻ تہ معاف ڪندا بابا.“
''معاف . . .! مان تہ پٽ توکي آشيرواد ڏيڻ ٿو چاھيان . . . ڏسان ٿو تہ ھاڻ تون پاڻ کي راجوءَ جھڙو بڻائي رھيو آھين.“
جيون طرف ھن جو رخ بدليو ھو، جتي رخ بدلجي ٿو. اتي ان بدل جو ڪارڻ ڄاڻڻ ضروري آھي. پر ھتي ڪارڻ ظاھر ھو. دک گھوٽبو ھو . . .
مڪت ڪرڻ سيکاريو ھو . . . ھن جي اکين ۾ آنسو ھا. . . پڇتاءُ نمايان ھو.!
ھو مون ڏانھن وڌي آيو. چيائين، '' ھاڻ توکي نوڪري ڳولھڻ جو فڪر نہ ڪرڻ گھرجي. مان وري ڪنھن مل ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
گھڻو گھڻو ڪمائندس. . . پئسي، جي لوڀ ۾ ڦاسي تو کي وڪڻندس ڪونہ . . . .“
''جو جيون ۾ سک پيدا ڪري ٿو، اھو ئي ستيہ آھي. تنھنجي جھڪڻ ۾، سنگھرش کان منھن موڙڻ ۾، ڪھڙو سک آھي؛ جو چئي رھين آھين تہ مان ستيہ کان دور وڃي رھيو آھيان.“
''شيام، سک جو دائرو ڪنھن ھڪ شخص تائين محدود نہ آھي. جو سک جي ڦھلاءَ کي اسيم سمجھي ٿو، اھو پاڻ کان وڌيڪ گھر، سماج، قوم، دنيا جو ڀلو چاھي ٿو.“
''ليڪن ڪھڙين ريکائن تي؟ تنھنجي گھر، سماج، قوم، دنيا تولاءِ ڇا ڪيو آھي؟ جو تون پنھنجي اڇا سان پنھنجين اڇائن تان ھٿ کڻي رھي آھين.“
''چاھي ڪجهه بہ نہ ڏنو ھجي، مان ڪجهه ڏيان، مون لاءِ بس ايترو ئي ڪافي آھي.“
''تون نہ ڏين، ائين تہ مان چوان ٿو. ليڪن ڏجي ڪنھن کي، اھا سوچڻ جي ڳالهه آھي. جتي نياءُ جو سوال آھي، اتي صرف ستيہ جو پاسو وٺجي. ڇا توسان انياءُ نہ ٿي رھيو آھي؟ تہ پوءِ تون سنگھرش جاري ڇو نہ ٿي رکين. . . منھنجي سنڌو! مان تنھنجي ڀلي لاءِ توکان دور ٿي سگھان ٿو، ليڪن جنھن ريکا تي تون پاڻ کي مون کان الڳ ڪرڻ چاھين ٿي، اھا نياءُ جي ريکا نہ آھي. تون نياءُ جي ڀيٽ ۾ خون جي رشتي کي اھميت ڏين ٿي، ٻڌاءِ اھو ستيہ آھي نہ؟“
ھن جو ڇيد و ڇيد صحيح لڳم، پر مان چپ رھيس.
''تنھنجو ڀائو توکي وڪڻڻ ٿو چاھي؛ منھنجا مائٽ مون کي وڪڻڻ ٿا چاھين. . . ٻنھي کي گڏجي سنگھرش ڪرڻ گھرجي سنڌو!“
''ليڪن منھنجو ڀائو ٻيءَ حالت ۾ پاڻ مارڻ ٿو چاھي؛ اھا ڳالهه ڪيئن نظرانداز ڪريان. . .“
ھاڻ ھو چپ رھيو.
''پريم صحتمند ساٿ پئدا ڪندو آھي؛ ڪندو آھي نہ؟ جي جيون ڀر گڏ نٿا ھلي سگھون تہ پوءِ ڇو نہ پاڻ ۾ گڏجي، ٺاھ ڪري، سھڻي نموني جدا ٿيون. ان حالت ۾ جدا ٿيڻ ۾ ساٿ ڏيڻ بہ پريم ئي آھي نہ؟ جدا ٿيڻو ئي آھي تہ پوءِ ڇو نہ جدائيءَ ۾ بہ پريم جو گيت ڳائيندي جدا ٿجي، روئندي، شڪايتون ڪندي، نموني نموني جا الزام لڳائيندي جدا ٿيڻ ۾ تہ وڏائي نہ آھي.“
ھن پنھنجو منھن، منھنجي منھن جي نزديڪ آندو، منھنجي ساڄي ڪلھي تي ھن ان جو بار رکيو. تڙپندي ھن ڪلھي ۾ منھن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وري ڪجهه سوچي منھن مٿي ڪيائين. تارن جي روشنيءَ تان ھيٺ ئي ھن آسمان ۾ نھاري وري ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ بلڪل منھنجي قريب اچي ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھي چوڻ لڳو، ''مان سچ پچ توکي پريم ٿو ڪريان سنڌو! توکان سواءِ منھنجي ڪھڙي حالت ٿيندي، اھو مان سوچي بہ نٿو سگھان. پر توکي پائي، مان تنھنجي گھر جو سک ڦٽائڻ نٿو چاھيان. نہ ڄاڻان وري ملاقات ٿيندي بہ يا نہ . . . تنھنجي گھر جو سک، توکي مون کان الڳ ڪري ٿو سگھي، مون کي تنھنجي ياد کان نہ . . . مان ان حقيقت مان ئي پاڻ کي سکي رکڻ جي ڪوشش ڪندس تہ اسان ھڪ ٻئي کي پائڻ ۾ بہ آزاد رکيو تہ ڇڏڻ ۾ بہ . . .“
تڏھن مان روئڻ روڪي نہ سگھيس. مون پنھنجو منھن ھن جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي، پنھنجو سمورو غم آنسن رستي ڪڍڻ چاھيو. مان سسڪيون ڀري روئڻ لڳس. ھن پنھنجا ٻئي ھٿ منھنجي منھن تائين آندا.
ڪڇ تو ميري سن چندا
ڪڇ مين تيري سنون
تو ميري آنسو گن
مين تيري تاري گنون.
ھا، جيون جي سک لاءِ پيڙا ڀري ھڪ ڪويتا ڪافي آھي. ڄاڻان ٿي، اھا تہ جيون صرف نظريي جي ڳالهه آھي. پر ڇا نظريا بدلجندا نٿا رھن؟ پيڙا معرفت جنھن سڀ ڪجهه پاتو آھي، اھو پيڙا کان مڪتي پائڻ ڀلي چاھيندو ھجي، ليڪن پيڙا کان نفرت نٿو ڪري ۽ اڄ مان جڏھن ماضيءَ جي انھيءَ ڇپندڙ تصويرن ڏانھن نظر ڪريان ٿي، تڏھن ڏسان ٿي، جيون جي انھن گھڙين ۾ مون ڪيترو تہ اونھو سوچيو ھو. سوچيو ھئم: چوندا آھن: ڪلاڪار ستيہ جي کوج ۾ رھندو آھي. ڪلاڪار ستيہ جي کوج ۾ ڇو ٿو رھي_ ستيہ ڇا اھڙي چيز آھي جا ھن جي اوسي پاسي نٿي رھي؟ ھو ستيہ کي کوج ڪري ٿو، ڇو تہ ھو ڄاڻڻ چاھي ٿو؟ جيون ڇا آھي، انساني رشتا ناتا ڪيئن ٺھن ۽ بگڙجن ٿا. ھو جيون جي ان ستيہ کي ڄاڻڻ بنا پريشان رھي ٿو. اصل ۾ اھا پيڙا آھي، اھا لوڇ آھي، جنھن جي اتساھ مان ھو ستيہ جي کوج ڪري ٿو. انساني جيون جو اڀياس ڪري ٿو. اھا ساڌنا ئي ھن جو جيون آھي. ستيہ کي پائڻ ئي ھن جي جيون جو اديش آھي. ۽ ان ساڌنا ۽ اديش جي سٻنڌ مان ڪلا جو نرمان ٿئي ٿو. آھستي آھستي مٿي ڇڪيندي چيائين. ''روئي رھي آھين سنڌو! روئين ٿي. ليڪن مون کي نٿي ڏسين. تون تہ ڄاڻين ٿي تہ مون زندگيءَ ۾ ھميشہ پاتو ئي آھي. وڃايو ڪجهه ڪونھي. ليڪن اڄ جو ڪجهه مان وڃائي رھيو آھيان. اھو ڇا مان وري ڪڏھن پائي سگھندس؟ نہ سنڌو، نہ!. . .“
مون وري بہ پنھنجو منھن ھن جي ڇاتيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو.
ھو چپ چاپ بيٺو رھيو، اواڪ . . .
مان آھستي آھستي ھن کان دور ٿيس. چيم ''جيون ۾ مان توکي ڪجهه بہ ڏيئي نہ سگھيس. ان جو مون کي بيحد دک آھي. شيام . . . اھو دک منھنجي جيون ۾ ڪڏھن بہ سک کي پرويش ڪرڻ نہ ڏيندو. . . .“
''نہ نہ سنڌو. تون دک نہ ڪر . . . تو منھنجي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي جو ڪجهه مون کي ڏنو آھي. منھنجي جيون جي سک لاءِ بس ايترو ئي ڪافي آھي.“
ڪافي آھي. جيون جي سک لاءِ جدائي جي تڙپ ڪافي آھي. ٻہ آنسو ڪافي آھن. جيون شونيہ جيون! . . . اھي آنسو چنڊ تارا بڻجي جيون کي روشن ڪن ٿا.
چنڊ کي ڏسڻ سان دل آھ ٿي ڀري . . .
. . .ڪلا جنھن جو آديش جيون منجھ سک ڀرڻ ۾ آھي. ۽ مون ان دور ۾ بس ھڪ ئي ستيہ پاتو آھي. انسان اجڙ آھي . . . امر آھي.! ھو چاھي تہ سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿو. ھن کي صرف چڱي طرح پاڻ کي سمجھڻ گھرجي. پرڪرتيءَ کي سمجھڻ گھرجي. جيون ۽ پرڪرتيءَ جي پوري صحيح ڄاڻ اھو ستيہ آھي جن کي ڪن ايشور ڪوٺيو آھي. اھڙي طرز واري ايشور جي چرنن ۾ وڃڻ سان پرڪرتيءَ انسان اڳيان پنھنجو مستڪ جھڪائي ڇڏي ٿي.
ليڪن ان لاءِ ڪرم ڪرڻو آھي. ماچيس پائڻ سان تيلي ٻاري اوندھ ۾ پرڪاش ڪبو آھي؛ تہ روشنيءَ جو سامان ميسر ھئڻ سان بہ ٻارڻ جو ڪرم ڪرڻو ئي پوي ٿو. تڏھن ئي جيون ۾ ڪرم جو آستان اوچو آھي.
ديپ سان ديپ جلي ٿو ۽ پراچين ڪال کان وٺي جيون ۾ پرڪاش ڦھلائڻ واري ڪاريہ جي پرمپرا ھلندي ٿي اچي.
اڃا بہ ڪيترو ڪجهه ...