ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  03

ليڪن نندا جي ڊپ کان الڳ ٿجي؛ اھو دل کي ڪجهه جچي نٿو. اسين ھڪ ٻئي کي پيار برابر نٿا ڪريون، ليڪن ڪم پئي ھڪ ٻئي سان ڳالهايون بہ نہ، اھو پاڻ سان انياءُ آھي. اسان کي تہ پاڻ ھروڀرو بہ گڏ اچڻ وڃڻ گھرجي.“
''معاف ڪج سنڌو، اھو سڀ مونکي پسند نہ آھي. رشتو جو سڀاويڪ آھي؛ مان اھو پسند ڪندو آھيان. نندا يا تنقيد سبب ٻہ پاسي کان ھلندڙ گڏ ٿي وڃن يا صفا دور ٿي وڃن، تہ ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي؟ ڪو دور ويندو تہ ڊپ سبب، نزديڪ ايندو تہ ضد سبب، نندا يا تنقيد جو رد عمل (Reaction) سڀاويڪ ضرور آھي؛ ليڪن رد عمل ئي سڀاويڪ آھي، رشتو ناتو سڀاويڪ نہ آھي.“
ان بعد مون ڪجهه نہ ڳالهايو. موڪلاڻيءَ جي سيما تي نمسڪار ڪري موڪلايم، ليڪن چاھيندي بہ ماني کائي نہ سگھيس. وڻي ئي نہ پئي. يڪايڪ من جي ڪنھن حصي مان سوال اٿيو.! مان ڇا ھن سان پيار ٿي ڪريان؟ ليڪن مون تہ ھن کي پورو سمجھيو بہ ڪونھي. سمجھي نٿي سگھان، ڇا تڏھن ئي ٿي پيار ڪريان؟ نہ نہ، اھا بيوقوفي آھي. مان ھن کي پيار بلڪل. . . . بلڪل نہ ٿي ڪريان، ھن منھنجي ڳالهه نہ مڃي آھي، تڏھن ئي مونکي ڪجهه نٿو وڻي، ڪجهه نٿو وڻي. وري ڪڏھن ملندو؟ وئڪيشن بعد! وري نہ ڳالهائيندي سانس. مونکي بہ عزت آھي، اُتم آھي. ھو دور وڃڻ ٿو چاھي تہ مان ڇو سندس ھٿ پڪڙي چوان: نہ وڃ شيام نہ وڃ.
وئڪيشن بعد گڏجڻ ٿيو؛ ائين ڪونھي. پورو ياد بہ نٿو پوي تہ ان نہ گڏجڻ سبب ڪيتريون راتيون اکيون ننڊ سان ٺاھ ڪري نہ سگھيون. اوجاڳا ڪرڻ جي عادي ھيس، ائين بہ ڪونھي، پريم ٿي ويو ھو؟ نہ، ائين بہ نہ ھو، اھا بي آرامي، ھن جي سخت وھنوار جي پئدائش ھئي؛ مون لاءِ اھا حقيقت ھئي ۽ جيترو مان حقيقت پرست ٿيس ٿي، اوترو ئي ننڊ اڳيان ھٿ جوڙ ٿي ڪرڻي پيئي. پھرين تہ ننڊ ايندي نہ ھئي، ننڊ جو خمار ايندو ھو، پر جڏھن ننڊ ايندي ھئي تہ اوجاڳي جو خيال کڻي ايندي ھئي. ھر خيال سان ھڪ اڻ چٽو چتر بہ ذھن ۾ اڀري ٿي آيو ۽ اڪثر رات جي پوئين حصي ۾ مان انھن چترن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندي ھئس ۽ صبح جو ھڪ ھڪ چتر تي سوچيندي بہ ھئس. منھنجو سوچڻ بہ اھڙو مبھم ھوندو ھو جھڙا چتر اڻ چٽا ھوندا ھئا.
ھڪ چتر ۾ اکين ۾ نير کڻي بيٺو ھو. ڏسڻ ۾ صرف اکيون ئي ٿي آيون. تڏھن ان چتر کي ڏسندي خيال آيو تہ جيڪر انھن اکين ۾ سمائجي وڃان ۽ منھنجي آتما ان نير ۾ ڌوپجي پويتر ٿي وڃي. پويترتا جو سوال ڇو پيدا ٿيو؟ ۽ ھو اکين ۾ نير کڻي ڇو بيٺو ھيو. مان انھن اکين کي نھاريندي رھيس ۽ ائين ڏسان ٿي تہ مان ھڪ پھاڙ تي ويٺي آھيان، پھاڙ گول آھي. پھاڙ ھوا ۾ بيٺو آھي. انڌڪار آھي ۽ انڌڪار کي سورج جا تيز ترورا چيريندا مون کي جلائڻ ٿا لڳن. سورج ھڪ طرف کان نڪري جلد ٻئي طرف ھليو وڃي ٿو؛ اھو سڀ کن پل ۾ گذري ٿو. سورج ۾ ھو آھي، اھو ئي ڌنڌلو چھرو اھيئي نير ڀريون اکيون.
مان پنھنجون اکيون پل پل پيئي مچڪايان؛ تڏھن شيام اچي ٿو. ھٿ کان پڪڙي چوي ٿو: اچ.
ھو ھڪ لئبارٽري روم ۾ وٺي ھلي ٿو. اھا لئبارٽري ڪنھن جي آھي؛ مون کي ڪجهه خبر نٿي پوي. ڪنڊ ۾، جيئن صندوق ٿيندي آھي، تيئن روشنيءَ جو ماحول ڏسان ٿي. ھو اڃا بہ اڳيان وٺي اھو ماحول ڏيکاري ٿو. ان ماحول ۾ ننڍا ننڍا ستارا گرھ آھن. ھو چوي ٿو؛ ھيءَ ڪائنات آھي. ھي سورج، ھي چنڊ، ھيءَ ڌرتي اٿيئي. ڏس نہ ڪيئن نہ ھڪ ٻئي جي ڪشش تي موج لڳائي ويٺا آھن. مان سموري ڪائنات کي جاچي ڏسان ٿي؛ ڏسان ٿي تہ اھو ئي ڌنڌلو غمگين چھرو اُھيئي نير ڀريون اکيون.!