27
ھن چيو.
ڪي گيت مون ايڪانت ۾ ڳايا آھن.
ڪي گيت مون دنيا کي ٻڌايا آھن، ميٺاج حياتيءَ جو مگر تن ۾ آء؛
جي گيت چپن تي ئي نہ آيا آھن.
شيام ٻن آنسن ۾ سک پائي ٿو. ڪوي ڪڏھن بہ نہ ڳايل گيت ۾ . . . جيون ۾ ڪيترو نہ رھسيہ ڀريل آھي . . . آھي شوقيہ، پوءِ بہ ان ۾ ھڪ لوچ آھي . . . تڙپ آھي . . .
''چڱو، جي مان توکي نہ ملي سگھان تہ؟“
''ملي تہ آھين سنڌو.!“
''سمپورڻ.!“
''سمپورڻ اَپورڻ ڪجهه بہ، ملي تہ آھين ئي. پرساد ٿورو ملي يا گھڻو اُن ۾ تہ ڪوئي انتر آھي ڪونہ.“
''سنڌو! منھنجي سنڌو! مونکي پنھنجو ھٿ تہ ڏي . . . اوچتو مون ائين محسوس ڪيو آھي، ڪوئي شايد توکي پڪڙي مونکان دور وٺي وڃڻ ٿو چاھي. مان نٿو چاھيان تہ تون مونکي ڇڏي ڪيڏانھن ھلي وڃين. توکان سواءِ جي نہ سگھندس. ائين نٿو چوان، ليڪن توکانسواءِ زندگي ڪھڙي.! .“
''چڱو لڙندس.! حالتن سان لڙندس. صرف ايترو ٻڌائيم، تون آھين تہ منھنجي ئي.“
''ڀڄڻ ۾ توکي ساٿ نٿي ڏيان، انجي اھا معنيٰ تہ ٿي ڪونہ تہ مان پاڻ کي . . . .“
''چڱو رھڻ ڏي ان کي سنڌو.! تنھنجي نالي جي جئہ ھجي ۽ تنھنجي نالي پٺيان جنھن پوتر امرت ڌرا جو وھڪرو آھي، اُھو شل قائم رھي . . .“
''ڪلا ۾ افسانوي رنگ رھندو آھي؛ ليڪن افسانوي رنگ جو جادو ڏيکارڻ لاءِ، جيون جي سڀاويڪ جو ٻليدان ڪري ڇڏجي، اِن ۾ تہ سندرتا نہ آھي.“
''مون سوچيو، ڪاش مون وٽ چار آنا ھجن، جيئن مان توکي ھوٽل ۾ وٺي ھلي چانهه پياري سگھان. اِن ھال ۾ ھڪ واقفڪار ويٺو ھو، سوچيم، جيڪر ان کان چار آنا گھران ۽ مونکي پڪ ھئي تہ ھو مونکي 'نہ` نہ ڪندو. پر پوءِ خيال آيم اڄ چانهه جو نہ، ڪافي جو يگ آھي ۽ ڪافي ڪن ھوٽلن ۾ اڍائي آني جي حساب سان ملندي آھي. پوءِ تہ ھڪ آنو کٽي پوندو . . .“
''معاف ڪج سنڌو. اھو سڀ مونکي پسند نہ آھي. رشتو جو سڀاويڪ آھي، مان اھو پسند ڪندو آھيان. نندا يا تنقيد سبب ٻہ پاسي کان ھلندڙ گڏ ٿي وڃن تہ ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪھڙي ڳالهه آھي. ڪو دور ويندو تہ ڊپ سبب، نزديڪ ايندو تہ ضد سبب؛ نندا يا تنقيد جو رد _ عمل سڀاويڪ آھي؛ ليڪن رد _ عمل سڀاويڪ آھي؛ رشتو ناتو نہ . . . .“
''ھر پيڙت انسان ھڪ ئي رات ۾ امير ٿي وڃڻ ٿو چاھي ھن جي دماغ ۾ بنگلا، ڪاريون، ڪلبون ۽ نہ معلوم ڇا ڇا ھوندو آھي. جو ڪجهه ھو پائي نٿو سگھي. اُن کي ئي دماغ ۾ کڻي گھمي ٿو. کيتن جا سنگ، شاداب ماٿريون، اَمرتي چشما،سيتل جھرڻا، برفاني پھاڙ، نيرو آسمان ۽ بلوري سمندر، انھن کي ڏسڻ، ڏسي طبعت خوش ڪرڻ جو فڪر ھو ڪرڻ بہ نٿو چاھي. اَرٿڪ ڍانچي ھن جي آتما کي ماري ڇڏيو آھي. ھو نئين زندگيءَ جا خواب لھي ٿو. ليڪن انکي ساکيات پائڻ جون راھون اُلجھيل ۽ لنبيون ڏسي فراريت وادي ٿي وڃي ٿو. زندگي ھن کي گھوٽي ٿي، ھو زندگيءَ کي گھوٽي ٿو. پل پل ۾ ھو مري ٿو ۽ پل پل ۾ جئي ٿو ۽ ائين جنم مرڻ جي ان چڪر ۾ ڦاسي پنھنجو سڀ ڪجهه کوئي ويھي ٿو. سڀ ڪجهه کوئي بغاوت ڪري ٿو ۽ ائين ھڪ رات ۾ امير بنجڻ جا خيال بہ لاھي ٿو ڇڏي . . . . سنڌو! مون کي وشواس آھي تنھنجو ڀائو ضرور پاڻ کي دُرست ڪندو. پورھئي کان نفرت ڪرڻ سان مڪتيءَ جا سپنا سچا نٿا ٿين. زندگي خواب نہ آھي. فراريت مڪتيءَ جي راھ _ لوڀ حل ڪونھي.! خواب کڻي زندگي ٺاھبي آھي. ليڪن خوابن لاءِ زندگي بگاڙبي ناھي.“
منھنجي ڀريل دل اُڇلجي پئي.
وڃان، نہ وڃان؟ اِھائي اُلجھن.! نہ نہ وڃڻو آھي_ وڃڻو آھي.!
اٿيس، آنسو پونڇيم ۽ ائين اڳيان وڌيس.
شانت.! من ۾ ڄڻ ڪجهه نہ ھو. من ڄڻ دک_ خوشيءَ رھت ھو.
شيام جي گھر وٽ پھتيس. دروازو کڙڪايم.
شيام جي ماءُ ڄڻ ٺڪ ٺڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ويٺي ھئي. آواز ٻڌي ھن چيو، ''اَچي ويو . . . . شيام اچي ويو.!“
مطلب اھو تہ شيام گھر ۾ ڪونھي. ھڪ کن لاءِ خيال آيم تہ يڪدم موٽي وڃان. ليڪن اھو ٺيڪ نہ لڳم. ٻي گھڙيءَ دروازو کليو.
''تون.“
''شيام ڪونھي؟“
''ھو ھتي ڪٿي؟“
''تڏھن؟“
شيام جون ٻہ ڀينر بہ ٻاھر نڪري آيون.
اندران شيام_ پيءُ جو آواز آيو، ''ڪير آھي؟“
ڪنھن بہ جواب نہ ڏنو.
مون چيو، ''مان آھيان، سنڌو.!“
ھاڻ ھو بہ ٻاھر نڪري آيو:
''تہ تون ئي آھين سنڌو.!“ شيام ماءُ چيو.
''ھا، ڇا، ڇو ڪجهه ٿيو آھي؛ ڪيئن؟“
''اندر اچ.“
سڀ ڪمري ۾ ھلي ويٺاسين. شيام پيءُ آرام ڪُرسيءَ تي ليٽي، سامھون سنڌ جي نقشي ۽ شاھ عبدالطيف جي تصوير ڏانھن نھارڻ لڳي: باقي سڀ ھڪ ئي پلنگ تي ويٺاسين. ڪجهه وقت رکي، شيام ماءُ چوڻ شروع ڪيو، ''تون ئي ھتي ايندي ھئينءَ، اچڻ بند ڪري ڇڏيئي، ڇو، اھو مون پوءِ سمجھيو. ڇا تون نٿي ڄاڻين تہ شيام گھر ڇڏي ويو آھي.
ھن چيو: مان شادي نہ ڪندس.