06
''دل ۾ ڪريان ٿو يا نہ، ان جو جواب نہ پائي؛ ٻئي سوال سان حملو ڪري آيا، اھا تہ توھان جي ھٺ ڌرمي آھي.“
اميدوار ٽھڪ ڏئي چيو، ''تہ توھان کي شايد بچاءُ منتري جو نالو نٿو اچي.“
تڏھن مون ان اميدوار کي بچاءُ منتريءَ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
شيام ٽھڪ ڏنو ۽ اميدوار ´مھرباني` چئي ھليو ويو.
منٽ اڌ بعد، ھڪ پٽيوالي، سڀن کي پنھنجي مقرر ڪمري ۾ وڃڻ جو اطلاع ڏنو، جو امتحان جو وقت ٿي چڪو ھو.
شيام ۽ مان، ڏھن فوٽن کن جي مفاصلي تي آمھون سامھون ويٺاسين.
پيپر مليو ۽ سڀ پڙھڻ لڳي ويا.
پيپر ڪندي نظر مٿي کڄي ٿي، ھڪ ٻي نظر سان ٽڪرائي ٿي ۽ موٽ ۾، ماضيءَ جي ڪنھن ڌنڌلي چتر تي روشنيءِ وجھي جھڪي پي ٿي ويئي. ھو ڏسندو رھيو. شايد مون تي ئي سوچي رھيو ھو. تڏھن مون پيپر ڪندي رکي رکي اھو بہ سوچيو ٿي تہ سد ڀاونا واري ياد ۾ ڪھڙو نہ سُک، ڪھڙو نہ آنند آھي. انسان سڀاءُ کان ڊڄڻو نہ آھي؛ انڪري گلا ٻن ڄڻن کي الڳ ڪرڻ جي بجاءِ ملائيندي آھي. ھو ان کي فخر جوڳو نہ سمجھي دور ٿي ويو ۽ مان؟ پاڻ منھن موڙي ڇڏيائين تہ مون بہ موڙي ڇڏيو. شاعر ڀلي چون تہ: استري پرش جو پاڇو آھي. پاڇي پٺيان پئو تہ پاڇو ڀڄندو ۽ جي پاڻ ڀڄ تہ پاڇو پويان پوندو. يعني تہ استرين کي مغرور، بي پرواھ مرد وڌيڪ پسند پوندا آھن. غلط آھي.! سو مان مغروري، يا بي پرواھيءَ ۾ تہ آھيان. پر ھو تہ مغرور ڪونھي. بي پرواھ ڪونھي. گلا جي رد عمل کي سڀاويڪ ڪوٺيائين؛ رشتي ناتي کي نہ. ھن جو مطلب شايد اھو ھوندو تہ رشتو دل سان برابر ٿيندو آھي؛ ليڪن ان ۾ دماغ جو بہ دخل ٿيندو آھي ۽ نندا جي رد عمل ۾ دماغ دل سان ڄڻ ناتا ٽوڙي ڇڏيندو آھي؛ ڇو تہ ٻہ ڄڻا پنھنجي اِڇا سان نہ، بلڪ ٻين جي گلا سان مليا آھن ۽ مان ھن کان دور ٿي ويس.! ڇو؟ ڇو؟
مون ماضيءَ جي تلاءَ ۾ ٽٻي ھئين مس جو خيال آيم، اھو غلط آھي. ماضي حال کي بگاڙي، ان کان بھتر آھي تہ خود ماضيءَ کي ڀلائڻ جي ڪوشش ڪجي. اڄ آئي آھيان امتحان ڏيڻ ۽ مان سک ۽ سڀاويڪتا تي پيئي سوچيان تہ ھو مون تي سوچي ٿو، مون لاءِ اھا سک ڀري ڳالهه آھي ۽ ھو گلا جي رد عمل ۾ دماغ کان ڪم وٺي دور ھٽي ويو، دور ھٽڻ سڀاويڪ آھي.
پيپر ٻہ ڪلاڪ ھليو، بعد ۾ سڀ ٻاھر آياسين. شيام ۽ مون گڏيل نموني پيپر جاچيو، ھلڪو واد و واد بہ ٿيو ۽ مون قبول ڪيو تہ مون سٺو پيپر نہ ڪيو ھو.
ٻنھي کي سنڌونگر پھچڻو ھو. ھڪ لڳو ھو. کيس چيم، '' بک لڳي آھي، ڪجهه کائجي، ڪيئن؟“
''منھنجو پيٽ ڀريل آھي. تون ڀل ھلي کاءُ.“
ٻئي ھڪ پنجابي ھوٽل ۾ وياسين. ھو ٽيبل تي رکيل پليٽ مان صوند کڻي کائڻ لڳو ۽ پوءِ پاسي واري ٽيبل تان ٽائيمس آف انڊيا کڻي ان جو ايڊويٽوريل پڙھڻ لڳو.
ويٽر اچي بيٺو، کائنس پڇيم، ''ڇا کائندين؟“
''منھنجو پيٽ ڀريل آھي.“
مون ويٽر کي ھڪ چانهه ۽ ھڪ چاپ جو آرڊر ڏنو.
ويٽر ھليو ويو ۽ مان شيام جو منھن ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس. . . .''منھنجو پيٽ ڀريل آھي.“ اھي لفظ ھن ڪجهه اھڙي سر ۾ چيا، ڄڻ پيٽ ڀريل ڪو نہ ھئس صرف تڪلف وچان ئي ائين چيو ھئائين، چيم،