11
اوھ، اھي تہ اھي ڳالهيون آھن، جي مون بعد ۾ ڄاتيون، نڄاڻان ڇو، ھروڀرو بہ ھر ڳالهه واضع ڪرڻ جي عادت پئجي ويئي آھي.
ان وقت مون اھو سڀ نٿي ڄاتو، شيام مون سان مليو، ٻئي مندر ڏانھن ھلياسين.
واٽ تي نہ ھن ڪجهه ڳالهايو ۽ نہ مون. ۽ ٿيو بہ ڇا ھو؟ ڪِن ماڻھن گھور ڪري نھاريو ھو ۽ بس.!
سومر جو ڏينھن، شو جو ليکيندا آھن، ليڪن اھو ڏينھن سومر جو ڏينھن نہ ھو، ان ڪري ئي شايد مندر ۾ ڪير بہ نہ ھو. ھونءَ بہ سنڌونگر ۾ مندرن، ٽڪاڻن جو ڪاٿو ئي ڪونھي. ماڻھو دور واري مندر ۾ روز روز وڃن بہ ڇو. اتي جي شانت_ايڪانت فضا ۾ ھڪ سوال ڪيم، ''تنھن جو ايشور ۾ وشواس آھي. . . شيام؟“
ھن گنڀير لھجي ۾ چيو، '' مندر طرف آيو آھيان، تڏھن ئي ٿي اھو سوال پڇين نہ.“
''ھا.“
''ليڪن مندر اڄ مندر ئي ڪٿي رھيا آھن.“
''تڏھن ڇا رھيا آھن؟“
''ڏس نہ، اڄ جا مندر پراچين ڪال جي مندرن جيان، ودياڪيندر تہ رھيا ڪونھن. وديا رستي پرڪرتي جي نيمن ۽ انھن نيمن رستي اسين ان سچ کي پايون ٿا، جن کي ڪِن ڀڳوان ڪوٺيو آھي. مندرن کي ڀڳوان جو گھر صرف ان وديا جي ڪري ڪوٺيو ويندو ھو. ۽ اڄ؟ شاستر پوڄا جو پرچار آھي. شاسترن ۾ ڄاڻايل سچ جو نالو بہ ڪونھي. اڄ ستيہ يا رھسيہ تي نہ، چمتڪارن تي زور ڏنو وڃي ٿو. ھر ڏند ڪٿا جي بنياد ۾ ھڪ سچ، ھڪ رھسيہ لڪل ھوندو آھي. اڄ ستيہ، رھسيہ کي ڪوئي کولي نٿو. مندر ۽ ستيہ رھسيہ جو واسطو، اڄ دنيا ۾ رھيو ئي ڪٿي آھي؛ جو تون منھنجي، مندر طرف اچڻ جي سوال کي ڀڳوان سان ڳنڍي رھي آھين.!“
''تہ پوءِ ھتي اچڻ جي ضرورت؟“
''ھتي ايڪانت آھي.“
مان چپ ٿي ويس.
ھو منھنجي منھن ۾ ڏسندو رھيو.
مون پنھنجي نظر پنھنجن پيرن ۾ کپائي، پير جي آڱوٺي سان زمين کي کرڙيم ۽ پوءِ، دل ۾ اٿندڙ، شور مچائيندڙ طوفان کي سوال جي روپ ڏٺم: