ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  21

دک سڀني کي گھوٽي ٿو،
۽ پاڻ ڀلي سڀني کي مڪت ڪرڻ نہ ڄاڻندو ھجي،
مگر . . . .
جن کي گھوٽي ٿو،
انھن کي سيکاري ڇڏيندو آھي تہ ٻين کي مڪت رکن.
ان ڏينھن ڪارن مرچن جي پريءَ واري پني ۾ انگريزيءَ ۾ ڪجهه پيڙا جي فيلسوفيءَ تي لکيل ھو، ان جو لکندڙ ڪير ھو، اھو تہ اڄ تائين بہ ڄاڻي نہ سگھي آھيان، ڄاڻڻ جي ضرورت بہ نہ آھي. اھا تہ پڪ اٿم، ھوندو وري بہ ڪو ڪوي، ڪو گرنٿڪار ئي:
جيون ۾ صرف اھو سُکي رھي ٿو، جو گيان کي پائي ٿو ۽ گيان صرف پيڙا مان ئي ملي ٿو. سچو سون ھميشہ زمين جي اونداھين تھن ۾ لڪل رھي ٿو. گل جي سندرتا جو نرماڻ اڀوڳي ڌرتيءَ مان ئي ٿئي ٿو. پيڙا جي پر ڀاو ۾ ئي مھان آتما جو سرجڻ ٿئي ٿو.
رات جي وقت، جڏھن گھري ننڊ ۾ ستل رھجي ٿو، ڪوئي نزديڪ اچي ڪن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪري ٿو . . . . چوي ٿو: تون ٻين لاءِ ٻيو ڪجهه نہ، بس اھو ئي ڪر، جو تون چاھين ٿو تہ ٻيا توسان ڪن.!
ان آواز کي ٻڌي ڪير ٿو، ان جا انگ اکر ڪٺا ڪرڻ منھنجو اُديش ڪونھي. مان حالتن کي پڪڙي اڳيان وڌي ھئس. اڳيان وڌڻ منھنجي جيون جو سڌانت آھي پوءِ بہ مان اھو ڪيئن ٿي ڀلائي سگھان تہ جو ڪجهه منھنجي زندگيءَ ۾ يا ان جي آس پاس ٿيو، ان جي اڌوري ڄاڻ نہ ڄاڻان اڳ ۾ ڪيئن پيئي. ڀائو ضرور ڪجهه ڪندو. اھو ڪجهه ڪندو، جو جيون مان موھ کڄي ويندم. رکي رکي، اھو خيال خوب پريشان ڪري ڇڏيندو ھئم، ڀائو خوب پي، روپ سان نہ معلوم ڪھڙيون ڳالهيون ڪندو ھو؛ روپ جو گھرو آواز انيڪ دفعا ٻڌو ھئم؛ ليڪن آواز ئي ٻڌو ھئم ٻيو ڪجهه بہ نہ.
۽ ھڪ ڏينھن . . .
ڪپڙا ميرا، وار جھنڊولا، منھن اڀوڳو، اکيون لال، ليڪن اپلڪ . . . خوب پي، ڀائو رات جو ڏھين بجي، گھر ۾ گھڙندي ئي، ڪپ کولي بيھي رھيو. سندس اھو روپ ڏسي مان پيرن جي ننھن کان وٺي، سر جي تارونءَ تائين ٿر ٿر ڪنبي ويس. منھنجي جسم جي نس نس ويڻا جي تارن جيان ڪڙھائي اٿي؛ ليڪن ان ڪڙھائڻ کي آواز نہ ھو نہ تہ ڊپ جي سنگيت جي ھڪ ئي رس مان ڀائوءَ جا نيتر کلي وڃن ھا، کٽ تي ويٺل اميءَ پٺيءَ جو ڪنڊو سڌو ڪندي چيو، '' ڇا ؟“
روپ، ناول ميز تي رکي، بتيءَ جي وٽ مٿي ڪندي پٽ تي سمھيل بابا ڏانھن منھن ڪري چيو، '' بابا .“
''سنڌوءَ جي شادي سيٺ سنتداس سان ٿيڻ گھرجي.“ ڀائو چيو.
''ڇا پيو بڪين؟“ اَمي اُٿڻ لڳي.
''نہ تہ مان ھڪ ھڪ جو خون ڪري ڇڏيندس.“
''مطلب؟“ ھاڻ بابا بہ اٿيو.
''مطلب تہ مان زندگيءَ مان تنگ اچي ويو آھيان.“
''پوءِ ٻين جي زندگي تنگ ڇو ٿو ڪرين.“ وري بہ بابا ئي چيو.
''نہ ھاڻ توھين ٻيا آھيو؟“
''جي ٻيا نہ آھيون تہ پوءِ گھر ۾ ڪپ ڇو کولي بيٺو آھين؟“
''ان ڪري جو ان کي بند رکي نٿو سگھان.!“
''ڀائو.!“ روپ چلايو.
''نہ، مان ڪنھن جو ڀائو ڪونہ آھيان. مان ڪنھن جو ڪير نہ آھيان. مون کي پئسو کپي. پئسو! مون لاءِ پئسو ئي زندگي، ماءُ، پيءُ، ڌرم ڪرم سرڳ آھي. مان سٺ روپين ۾ پنھنجي زندگي گذارڻ نٿو چاھيان.“
بابا اڳيان وڌيو تہ امي بہ اڳيان وڌي.
منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو.
ڀائو پٺيان ھٽيو، کٽ جي اِيس سان ٽڪرجي، جھوپو کاڌائين؛ ۽ پوءِ چلائيندي چيائين، ''بابا اڳيان نہ وڌو.“
''مان چوان ٿو ڦٽي ڪر چاقو.“
''مان چوان ٿو اڳيان نہ وڌو.“
''تنھنجي اھا ھمت؟“
''تنھجي؟“
تنھنجي! پٽ ٿو پيءُ کي چوي: تنھنجي اھا ھمت؟
''شرم نٿو اچيئي.“
''ڇو اچي . . . . وري بہ ڪمايان ٿو. تو وانگر بيڪار ٿوريئي. . .“
بابا جو منھن لھي ويو. ڀائو اڃا جملو پورو ئي نہ ڪيو ھو جو روپ ٽپو ڏئي ڀائو کي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيو ھي ڇا ٿيو؟ . . . بابا پٿر جو بت بڻيو ڏسندو رھيو. امي ''روپ . . . سندر . . . روپ . . سندر، “ چلائيندي اڳيان وڌي، ''منھنجا ايشور، ڇا ھيءُ ڏينھن ڏيکارڻ لاءَ ئي تو مون کي زندھ رکيو آھي.“
ھاڻ مان بہ ڀائرن جي وچ ۾ وڃي پيس. رنم_ رڙيون ڪيم. ڇا چيم ڪجهه ياد ڪونھي . . . ٻنھي کي سمجھايان ھٿ جوڙيان. وينتيون ڪريان. ليڪن ٻنھي مان ڪير بہ نہ ٻڌي.
ٻڍو بابا بدحواس ٿي ويو. اَمي رڙيون ڪري بيھوش ٿي ويئي ھتي روپ ڀائو کان ڪپ ڦري ڀائو کي گھٽو ڏيندي چئہ ''ڪيانءَ خون.!“
اٿي روپ کي وارن کان جھلي زور سان ڌڪو ڏنم چلايم ''ڀائو کي خون ڪندين . . . نڀاڳا . . . مون کي نٿو مارين . . . .“
روپ زور سان رڙ ڪئي. ''سنڌو!“