18
ان ڪلپنا کي کڻي ئي مان نوڪريءَ جي کوج ۾ ڀٽڪندي رھيس.
روپ بئنڪ ۾ ڪلارڪ ھئو ۽ ڀائو بس سروس ۾ چيڪر. ڀائو گھر ڪجهه ڏيندو ڪونہ ھو ۽ روپ جي پگھار مان پورت پوندي ڪونہ ھئي.
نوڪري نہ ملي ۽ نہ ملي.
۽ ائين ھڪ ڏينھن بيڪاريءَ جي دل چير رات جو، نھايت پريشانيءَ وچان، دريءَ مان يڪ ٽڪ آسمان جي تارن، گرھن ڏانھن نھاري رھي ھيس جو ڀائوءَ جو ڳرو آواز ٻڌم، ''سنڌو.“
مون ڇرڪ ڀري پويان نھاريو. پاڻ ئي قابو پائي چيم، ''چئہ.“ ھو اچي پاسي ۾ ويٺو ۽ ھڪ دفعو پويان نھاري آھستي چيائين، '' ھڪ ڳالهه چوانءِ مڃيندين؟“
''ڪھڙي؟“
''پھرين اھو ٻڌاءِ، تون چاھين ٿي تہ اسين سُکي زندگي بسر ڪريون؟“
''ھا.“
''تہ ٻڌ. . .ناري تياڳ جي مورتي ٿيندي آھي، اھو مان ڄاڻان ٿو. ڇا ٿي پيو تہ تون منھنجي ڀيڻ آھين. آھين تہ وري بہ ناري ئي. گھر جي سُک لاءِ، پنھنجن سُکن جو تياڳ نہ ڪندينءَ ائين تہ ٿي نٿو سگھي. ائين ٿي نہ ٿو سگھي، تڏھن ئي مان توکان ھڪ بکيا وٺڻ آيو آھيان. بکيا ملي سگھندي ڀيڻ؟“
مان وائڙي ٿي ويس.
''تياڳ،! سُک،! بکيا! اڄ تون ڪھڙي ٻولي ڳالهائي رھيو آھين، ڀائو؟ سو تہ مان ڏسان ٿي تہ تون اڄ پي ڪونہ آيو آھين. پر نہ ڀيڻ جي معنيٰ تياڳ، سک ۽ بکيا جھڙا لفظ تہ نہ آھن. مون وٽ ڇا آھي جو توکي ڏيان؟ ڪتاب وڪڻي ڪيترو پيتو ھو، اھا ڳالهه اڄ تائين ڪنھن سان ڪئي اٿم، پر ھاڻ تہ ڪتاب بہ ڪونھن. پينَ گم ڪري آئين، نہ تہ اھائي ڏيانءِ ھا، ٻيو منھنجا ڪپڙا ڪونہ وڪڻندين؟“
''نہ نہ، اھا ڳالهه نہ آھي. ھتي تنھنجي زندگيءَ ۽ گھر جي آئيندي جو سوال آھي. پھرين اھو ٻڌاءِ تہ تون ڪنھن سان پريم ۾ تہ نہ آھين نہ؟“
مون کي غصو لڳو، چيم، ''اڄ توکي ڇا ٿي ويو آھي ڀائو؟ سڀ پھرين پڇي رھيو آھين، پوءِ جي ڳالهه ڪرين نٿو. مان توکي ڇا ٻڌايان، جڏھن مان ڪجهه سمجھان نٿي.“
''تہ سچ پچ چئي ڏيان؟“
''چئي ڏي.“
''ڪنھن سان ڳالهه تہ نہ ڪندينءَ؟“
''نہ ڪنديس.“
''چڱو ٻڌ. . . .اُتم منھنجو دوست آھي، اھا تہ توکي خبر آھي. ھو ڪوڪو لائيف فئڪٽريءَ جو ڪلارڪ آھي. تڏھن بہ انسان پرست آھي. ڪجهه عرصو ٿيو جو سندس زال گذاري ويئي، کيس صرف ھڪ ڌيءُ آھي جا ڏھن سالن جي اٿس. ھو شادي ڪرڻ چاھي ٿو، پر ڪنھن غريب ڇوڪريءَ سان. ڇوڪريءَ جي مائٽن کي بہ ٻہ چار ھزار ڏيندو، بشرطيڪ ڇوڪري پڙھيل لکيل سٺي سٻاجھي ھجي. عمر 35 سال اٿس. کيس شادي تہ ڪرڻ کپي نہ؟ اھڙا ماڻھو، انھن حالتن ۾ جي شادي نہ ڪن، پوءِ تہ سماج جو خاتمو اچي ويندو. مون سوچيو؛ اسين بہ تہ غريب آھيون. پاڻ ڏيتي ليتيءَ کان بچي پئبو. مان بہ تہ انھيءَ جي ڪري تنگ اچي ويو آھيان، ڪجهه پئسو جي مليو تہ ٻيو نہ، ھڪ ھوٽل کڻي کوليندس؛ ڪيئن منظور؟“
''منھنجو سر چڪر کائڻ لڳو.
''رڳو تنھنجي مڃڻ جي دير آھي. ٻئي کي مجال آھي جو ڪجهه ڪڇي سگھي. . . تون روئين ڇو ٿي؟“
''ڀائو،! توکي پئسو کپي نہ؟. . . .صرف مون کي نوڪري ملڻ ڏي. چئہ تہ قسم کڻان، جيستائين نوڪري ڪري گھر ٺاھيو نہ اٿم، تيستائين شا. . . .ھا، سچ ٿي چوان، پر مون کي ائين. . . .تياڳ جي معنيٰ اھا تہ ڪانھي. . . .مون کي صدقي جي ٻڪريءَ. . .“
مان سڏڪن کي روڪي نہ سگھيس.
بابا، امي، روپ سڀ ڪمري ۾ گھڙي آيا.
''ڇا ٿيو؟“
روپ پڇيو.
''روئين ڇو ٿي؟“ بابا پڇيو.
''خير تہ آھي؟“ اميءَ پڇيو.
تڏھن ڀائوءَ مُنھن گھنجائي چيو، ''نہ، ڪجهه ڪونھي. . .ھڪ خسيس ڳالهه ھئي. سندس ئي ڀلي ۽ گھر جي سک جي ڳالهه ھئي.“
''ڇا جو ڀلو؟“
''ڪھڙو سک؟“ بابا پڇيو.
''ڀلي ۽ سک جي ڳالهه ھجي ھا تہ سنڌو روئي ڇو ھا. سنڌوءَ پٽ، سچ ٻڌاءَ ڪھڙي ڳالهه آھي.“ ائين چئي امي اچي پاسي ۾ ويٺي ۽ مان سندس گود ۾ منھن لڪائي روئڻ لڳيس.
تڏھن ڀائو ڌيري ڌيري سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لڳو.
بابا بگڙي ويو. چيائين، ''ڪمبخت! محنت مزوريءَ مان سک نٿو مليئي جو ھليو آھين ڀيڻ کي وڪڻڻ؟ راجوءَ جو ڀاءُ ٿي ائين چئي رھيو آھين. منھنجو ھو ننڍڙو ٻچڙو. . .۽ تون. . .“ بابا جي دل ڀرجي آئي. يا تہ ھو ڪجهه چئي نہ سگھيو. يا ھن ڪجهه بہ چوڻ نہ چاھيو.
''راجو ٻار ھو. ھن ڪجهه نٿي سمجھيو.“ ڀائوءَ چيو.
ھاڻي امي مون کي ڇڏي. شوخ ٿي. اٿي. تکي سر ۾ چيائين. ''خبردار جي وري اھا ڳالهه چئي اٿئي دشٽ_ شرابي!“
تڏھن ڀائوءَ جي اکين ۾ آنسو ڇو اچي ويا؟ چيائين ''ھا. مان دشٽ آھيان. دئيت آھيان. بسين مان ڌڪا کائيندي مري جو ويو آھيان. وڌيڪ پڙھايو ھا تہ ڪلارڪ بڻجان ھا. ڪمايان ھا. زندگيءَ کي مان ڪاٽيان ھا. زندگي مون کي نہ ڪاٽي ھا. مان دشٽ آھيان. غم ڀلائڻ لاءَ پيئان ٿو. تڏھن بہ جلو ٿا. تہ پوءَ ڪڏھن روٽيءَ ۾ زھر ڏيئي پورو ڇو نہ ٿا ڪري ڇڏيو....“
ھي سڀ ڇا ٿي رھيو ھو. اوچتو ھي طوفان ڇا جو؟ ڀائو زندگيءَ مان ايترو تنگ آھي؟ منھنجو ڀائو.! حالتن ڀائوءَ کي سوڙھو گھٽيو آھي. ڀائو پاڻ ڇڏائڻ چاھي ٿو. جيترو ڇڏي ٿو. اوترو وڌيڪ ڦاسي ٿو.
ليڪن مان ڇا ٿي ڪري سگھان. ڀائوءَ لاءَ شيام کي ڇڏڻو پوندو. نہ.! نہ! نہ! ڀائو ڪمري کان ٻاھر نڪري ويو. آھستي آھستي روپ امي ۽ بابا بہ ٻاھر نڪري ويا. مان دماغي الجھن ۾ گرفتار ٿي روئندي رھيس. سوچيم؛ شيام کي اھو ٻڌايان يا نہ. . . . ليڪن شيام ڇا ڪري سگھندو؟ ھو رد عمل سڀاويڪ سمجھندو آھي. رد عمل مان ٺھندڙ _ بگڙجندڙ رشتي ناتي کي نہ. تہ پوءََ مان ڇا ڪريان؟
ھن مسئلي کي ڪيئن منھن ڏبو؟ ڇا ھن سماج ۾ ڇوڪري گھر جي بوجھ آھي؟ ليڪن ڇو؟ مرد ڪمائي ٿو، ڇا مان ڪمائي ٿو. پنھنجي مان نہ؟ تہ استريون جيون ۾ محنت نٿيون ڪن؟ نٿيون ڪري سگھن؟ ماڻھن جو ھيءُ سوچڻ ڪھڙو؟ زمانو بدليو آھي، ڳالهيون نہ بدليون آھن. ماڻھن کي سوچڻ گھرجي. حالتن سان لڙڻ گھرجي. ترڪيب سان لڙڻ گھرجي. مان لڙنديس! مان لڙنديس! ڀائو ڀل راجوءَ جھڙو نہ ٿئي، ليڪن مان نہ جھڪنديس. حالتن سان ٺاھ نہ ڪنديس. ٺاھ اڌوري جيت، اڌوري ھار آھي، مون کي سڀ ڪجهه سمپورڻ گھرجي. چاھي جيت، چاھي شڪست.!