12
''چئہ.“
''جيڪڏھن مندر ۾ ڀڳوان نہ آھي، اوسي پاسي پوتر وايو منڊل نہ آھي،جيڪڏھن اڄ جي پوجا، ساڌنا، تپسيا سڀ ڪوڙ آھي، تہ پوءِ منھنجي آتما، مون کي بار بار تنھنجي اڳيان جھڪي جھڪي پرنام ڪرڻ لاءِ مجبور ڇو ڪري رھي آھي؟“
''پائڻ بعد سمائڻ چاھبو آھي ۽ سمرپڻ سڀاويڪ تہ آھي ئي.“
آواڪ، اپلڪ ھنجو منھن تڪيندي رھيس.
ھن کلي چيو، ''ڇو جھڪ نہ، مان آشيرواد ڏيڻ لاءِ تڙپي رھيو آھيان.“
۽ جڏھن جھڪڻ لڳس، تڏھن ٻنھي بازن کي پڪڙي ٽھڪ ڏئي چيائين، ''بيوقوف. . .“
سندس موڊ بدلجڻ لڳو.
مان عجب ۾ پئجي ويس. آھستي چيم، ''ڪجهه چوڻ تہ ڏين ھا.“
''ڏس سنڌو! کيل مان بہ ڏسندو آھيان. ساھت بہ پڙھندو آھيان. ھڪ ڳالهه تي مون لاءِ کل روڪڻ مشڪل ٿي پوندي آھي تہ جڏھن بہ نانڪائون نانڪن اڳيان جھڪن، نانڪ انھن کي بازئون کان پڪڙي، اٿاري، دل جي راڻي ظاھر تہ ڪندا آھن، ليڪن صرف تڏھن، جڏھن نانڪائن کي جو ڪجهه چوڻو ھوندو آھي، اھو نانڪن جي چرنن ۾ پئجي، چئي ڏينديون آھن. مڃان ٿو، ڪلام ۾ افسانوي رنگ رھندو آھي؛ ليڪن افسانوي رنگ جو جادو ڏيکارڻ لاءِ جيون جي سڀاويڪتا جو ٻليدان ڪري ڇڏجي ان ۾ سندرتا نہ آھي.“
اٺڪنٺ ٿي، ھلڪي تکي سر ۾ چيم، ''تنھنجون ڇا مقرر پسندگيون_ ناپسندگيون آھن شيام؟“
''ڪٽرينٿي آھيان، غلط ۽ صحيح جا ليڪا پائي پاڻ کي بٿ_ پر درشڪ سمجھندو آھيان؛ ائين ڪونھي. البت سڀاويڪتا ۾ سندرتا ڏسندو آھيان، ان ڪري سڀاويڪتا جو ڪوڏيو آھيان.“
''ليڪن اسڀاويڪتا ۾ بہ تہ من جي ھڪ سڀاويڪ ڌارڻا آھي. جيڪڏھن ڪو پاڻ کي ڪنھن ماحول ۾ ٺھڪائي نٿو ھلي سگھي تہ پوءِ ھو ان ماحول ۾ سڀاويڪتا سان ھلي بہ نٿو سگھي تہ پوءِ ان 'سڀاويڪ اَسڀاويڪ ڌارڻا` کي سڀاويڪ ڇو نٿو سمجھيو وڃي؟“ اسڀاويڪ ڇو نٿو سمجھيو وڃي.“
''دلپسند ماحول ۾ پاڻ نہ ٺھڪائي سگھڻ جي سڀاويڪ ڌارڻا سڀاويڪ ئي آھي. اسڀاويڪ نہ، ليڪن ڪو جيڪڏھن ان 'سڀاويڪ اسڀاويڪ` تي قابو پائڻ لاءِ، 'اسڀاويڪ سڀاويڪتا` جو پردشن ڪري، اھو پردشن اسندر تہ لڳندو ئي. جو سڀاويڪ آھي، اھو سندر آھي، جو اسندر آھي، اھو برو آھي، ان ۾ منھنجو وشواس آھي سنڌوءَ.“
ھن جون اکيون چمڪي اٿيون.
''ھاڻي سڀاويڪتا تان وشواس تي پھتين. ستيہ ۽ سندرتا جو سلوگن اڃا کن پل اڳ ھنيو اٿيئي، ري شيام تون ايترو ڇيد و ڇيد ڪندڙ ڇو آھين؟“
''سامھون سوال جو اھڙا اچن ٿا.“ ائين چئي ھن کلي ڏنو.
ان بعد ٻئي، مندر ۾ اندر وڃي پلٿي ماري ويٺاسين.
ھن چيو، ''شِو ساکي آھي. شِو جو بيل ساکي آھي. سامھون ٽنگيل تصوير ۾، سرسوتي ساکي آھي. سرسوتيءَ جي پاسي ۾ ھٿ ٻڌي بيٺل گڻيس ساکي آھي.“
''نہ؟“
''تہ تون ۽ مان ھتي آيا آھيون.“
''خوب.! ھڪ دفعي، گاڏيءَ ۾ ساھيڙيءَ کان ٽئگور جو ھڪ ناول ورتو ھئم. نالو شايد Last poem ھئس. مون تہ پندرنھن ويھ صفحا پڙھي ڇڏي ڏنو، ڇو تہ، ھڪ تہ مان ساھت پڙھان ڪانہ ۽ ٻيو مون کي بحث، مباحثا وڻن ڪانہ. ليڪن ان ۾ ھڪ ڳالهه دلچسپ ھئي، ڇوڪرو ڇوڪريءَ سان، پريم ۾ نہ ھو، تڏھن بہ ھن سان ھميشہ ملندڙ ھو. اسٽائيل ۾ ڳالهائڻ ھن جي عادت ھئي. ھڪ دفعي ھن ڇوڪريءَ کي چيو: فلاڻي، تون آھين ۽ مان آھيان. چنڊ آھي ۽ تارا آھن. ڇوڪري وائڙي ٿي ويئي. سوچيائين اھا ٻولي تہ پريمي ڳالهائيندا آھن پر پوءِ خيال آيس تہ ڇا ٿيو جي اسين ٻہ، چنڊ تارا آھيون. ھو ماحول کي اسٽائيل سان پيش ڪري ٿو، ان ۾ پريم جو ڪھڙو سوال آھي. اڄ تون بہ اسٽائيل ۾ ڳالهائي رھيو آھين. سڀ ساکي آھن، مگر ڇا جا؟“
''اسان جي ملڻ جا ۽ ان 'ملڻ` جو پس منظر ڪھڙو آھي. اھو ٻيو ڪير ڇا ڄاڻي يا نہ، اسين ٻئي تہ ڄاڻون ٿا. رھڻ ڏي اسٽائيل کي؛ ليڪن تنھنجي سوال جي تههَ ۾، دل جي دنيا ساکي ھئڻ جو ثبوت آھي ۽ ان تههَ جو بنياد پئدا ٿيو آھي، ٽئگور جي Last poem مان تہ اسٽائيل نہ آھي ڏسڻو،.