ناول

زندگي

ھيءُ ناول بہ انساني زندگيءَ جي درد ۽ پيڙا تي مشتمل آھي. ھن ناول جا ڪردار بہ ڀوڳين ٿا. ھن ۾ انساني ذھن جي ڪميڻپ ۽ گھٽياپڻ جون جھلڪيون بہ موجود آھن تہ انساني عظمت جو اولڙو پڻ. انساني بيوسيءَ، لاچاريءَ، معذوريءَ ۽ پيار جي ڪھاڻي بہ نظر ايندي
  • 4.5/5.0
  • 3097
  • 1323
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • موھن ڪلپنا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book زندگي

  09

شام جو ھو چوغي، پتلون ۽ چمپل، نئين ڀارتي پوشاڪ ۾ گھر آيو. گھر مون چئي ڇڏيو ھو تہ منھنجو ھڪ وديارٿي متر اچڻو آھي.
بسڪيٽ آڻي رکيا ھئم؛ چانهه ٺاھي پياري مانس.
گھر رڳو امي ھئي، جا ٻئي ڪمري ۾ پاسيواريءَ سان ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالهيون ڪري رھي ھئي.
تڏھن شيام چيو، '' نٿو ڄاڻان اھو ڪيتري قدر صحيح آھي؛ ليڪن منھنجو ان ڳالهه ۾ سچ پچ وشواس ٿي ويو آھي تہ دنيا ۾ ھيترن ماڻھن جي باوجود بہ، دل ۽ دماغ جڏھن ڪنھن خاص ماڻھوءَ کي پنھنجي ويچارن، احساسن جي مرڪز لاءِ چونڊين ٿا، تڏھن ان خاص ماڻھوءَ اڳيان ٻين ماڻھن جو ملھ گھٽ ئي رھي ٿو، وڌيڪ نہ، ان کي پريم چئجي يا موھ، سو مان نٿو ڄاڻان، ليڪن جڏھن مون توکي ڏٺو، تڏھن سچ پچ منھنجي من جي حالت ڦري ويئي، مون دل ئي دل ۾ قبول ڪيو تہ مان تو ۾ ٿي پنھنجن ويچارن، احساسن جو مرڪز پايان ٿو.“
مان چپ.
''امتحان ۾ پيپر ڪندي، ھڪ خيال آيم، سوچيم ڪاش مون وٽ ڪجهه پئسا ھجن ھا، گھران کڻي ئي ٻہ آنا نڪتس. وي، ٽي تي ڇھين پئسي ڪافي پيتم ۽ ھڪ سگريٽ ڇڪيم. توکي تعجب ڇو ٿو لڳي. مان سچ پچ ڪڏھن ڪڏھن سگريٽ ڇڪيندو آھيان ۽ ان وقت مون سوچيو؛ ڪاش! مون وٽ چار آنا ھجن، جيئن مان توکي ھوٽل ۾ ھلي چانهه پيئاري سگھان. ان ھال ۾ ھڪ واقفڪار ويٺو ھو، سوچيم جيڪر ان کان چار آنا گھران ۽ مون کي پڪ ھئي تہ ھو 'نہ` نہ ڪندو، پر پوءِ خيال آيم اڄ چانهه جو نہ ڪافي جو يگ آھي ۽ ڪافي ڪن ھوٽلن ۾ اڍائي آني ڪوپ جي حصاب سان ملندي آھي، پوءِ تہ ھڪ آنو کٽي پوندو.! تہ ڇا مون کي اٺ آنا وٺڻ گھرجن؟ ليڪن اٺ آنا، گھڻا سمجھي ھو انڪار ڪري تہ؟ ٻي ڳالهه مانيءَ جو وقت آھي، ٻيو نہ تہ گھٽ ۾ گھٽ ڪيڪ_ پيسٽريءَ جي آڇ ڪرڻي پوندي. سنڌو، 'ھا` تہ ڪندي ڪانہ، ليڪن مسڪرائي 'نہ` ڪري تہ_ تہ پوءِ تہ اٺ آنا بہ پورا نہ پوندا. وري خيال آيم: ائين بہ ٿي سگھي ٿو تہ ھو اٺ آنا ڏئي، ليڪن تون مون سان ھوٽل ۾ نہ ھلين تہ؟ تنھن کان بھتر آھي تہ مان ڪجهه بہ اڌارو نہ وٺان.“
تڏھن ياد آيو ڀڳل ڦڻوٽو ۽ کوٽو پئسو ۽. . . .منھنجو پيٽ ڀريل آھي.
ان گھڙيءَ چاھيم: سندس ڳچيءَ ۾ ٻئي ٻانھون وجھي چوان: تہ ھاڻ تون بدلجي ويو آھين شيام! تون ڇا بدليو آھين؛ ڄڻ منھنجي دنيا ئي بدلجي ويئي. ويٺو آھين تہ ويٺو ئي رھ. ھاڻ مان توکي ڪيڏانھن بہ وڃڻ نہ ڏينديس! اٿندين تہ ٻانھن کان پڪڙي ويھاري ڇڏينديسانءِ. تو مون کي ڪجهه نہ ڏنو، تڏھن بہ مون کي سڀ ڪجهه ملي ويو. تو سوچيو ۽ مون پاتو، ڪھڙو نہ انوکو کيل.!
پر مان شانت رھيس. دل ۾ اٿيل طوفان جا آثار منھن تي ظاھر ٿيا نہ، سو ياد ڪانھي، پر اھو مان ڪيئن ٿي ڀُلائي سگھان جو ھن ھٿ پڪڙي، قرب وچان چيو. ''مون کي غلط تہ ڪانہ سمجھي رھي آھين سنڌو.!“
''غلط سمجھان ھا تہ چپ رھي نہ سگھان ھا.“ مسڪرائي چيم.

* * *