مُرتب پاران:
چيو ٿو وڃي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد نه رهي آهي، يا تنقيد جو معيارُ نج ميرٽ تي نه آهي، اهي ڳالهيون گهڻي وقت کان ٻُڌڻ ۾ اچن پيون.
جڏهن سچائيءَ سان سنڌي ادبَ کي پرکجي ٿو ته، خبر پوي ٿي ته تنقيد ته اسان وٽ هر دؤر ۾ موجودُ رهي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين شاعر قاضي قاضن کان وٺي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تائين هر تخليقڪار تي نقادن جي نطر رهي آهي، ليڪن اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ تنقيد جو معيارُ تنقيد جي بنيادي گهرجن مُطابق تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هڪ ٻي ڳالهه به محسوس ٿي آهي ته اسان وٽ ”شعري تنقيد“ ته تمام گهڻي ٿي آهي، شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام تائين ايازگل ۽ ادل سومري کان احمد سولنگي ۽ اسحاق سميجي تائين تمام شاندار انداز ۾ شعري تنقيد ٿيندي رهي آهي.
اهڙن نقادن ۾ ايڇ ٽي سورلي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، رسول بخش پليجو، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو، الهداد ٻوهيو، تنوير عباسي، شيخ اياز، ذوالفقار راشدي، امداد حُسيني، سحر امداد، لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي، تاج جويو، مير محمد پيرزادو، ادل سومرو، اڪبر لغاري، آسي زميني، جامي چانڊيو، اسحاق سميجو، ج.ع مُنگھاڻي، روبينه ابڙو، رکيل مورائي، سرمد چانڊيو، مُبارڪ علي لاشاري، ساجد سومرو، عبدالحميد آس، رحمت پيرزادو، امر اقبال، احسان دانش، خليق ٻگھيو، ننگر چنا ۽ ٻيا اهم نقاد ڳڻيا وڃن ٿا.
شاعريءَ جي ڀيٽَ ۾ ”فڪشن“ تي اسان وٽ تمام گهٽ تنقيد ٿي آهي، تنهن هوندي به عبدالقادر جوڻيجو، شوڪت حسين شورو، ڪليم لاشاري، ممتاز مهر، نور الهديٰ شاهه، رئوف عباسي، قدير شيخ ۽ ٻين جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا.
اهڙي صورتحال کي مون سنڌي فڪشن جي غير رواجي ليکڪ ۽ شاعر مدد علي سنڌيءَ بابت تنقيد جي حوالي سان هي اڀياسي ڪتاب: ”اُداس روح ازل کان“ مُرتب ڪيو آهي، جيڪو خاص طور فڪشن جي تقنيد طرف هڪ قدم آهي.
مدد علي سنڌي، سنڌي ادب جو مڃيل ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نويس، سفرنامه نِگار، نقاد، مُترجم، دانشور، ايڊيٽر ۽ سياسي ڪارڪن رهيو آهي. سندس ڪهاڻين جا مجموعا: ”دل اندر درياوءَ“ (1980ع) ۽ ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان“ ۾ (1983ع) ۾ ڇپيا. مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون وجوديت جي حوالي سان هڪ خاص سُڃاڻپ رکن ٿيون. سندس ڪهاڻين جا رستا دل مان نڪري واپس دل ڏي وڃن ٿا. هڪ دؤر تي مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جي ڇاپ رهي آهي.
سندس نثري نظمن جو مجموعو ”پُنر ملن“ سنڌ ۾ نثري نظمن جو پهريون ڪِتاب آهي، جيڪو نثري نظم جي هيئت ۽ تخيل جو شاندار مثال آهي. مدد صاحب جي شاعري دل جي دُنيا تي تصورن جي روشني ۽ محبت جي موههَ جو منظر نامو آهي.
سندس سفرنامو ”شهروُ صحرا ڀانيان“ هڪ تخليقي ۽ ادبي سفرنامو آهي، قرة العين حيدر جي لکڻين جا ٻه ڪِتاب ”قلندر“ ۽ ”عجب اکڙيون“ پڻ سندس محبت ۽ محنت جو نتيجو آهن. ”دل اندر درياوَ “ جي نالي سان سندس لکڻين جو ”ڪليات“ 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کان علاوه سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمونَ/مقالا، ۽ ڪالم ڇپيلَ آهن. جن کي ڪِتابي صورت ۾ اچڻ گهرجي.
ادب کان علاوه مدد علي سنڌي جديد صحافت جو به هڪ عاليشان نالو آهي، اڳتي قدم رسالي کان مختلف اخبارن: ”هلال پاڪستان“، ”سنڌو“، ”بختور“، ”سنڌ نيوز“، ”عبرت“، ”سچ“، ”خلق“ وغيره سان سندس صحافتي سفرُ سلهاڙيل رهيو آهي.
سياست پڻ مدد علي سنڌيءَ جي شخصيت جو ڀرپور حوالو آهي، سياست جي اڙانگهي سفرَ ۾ جڏهن سندس پيرسن والد کي 1975ع ۾ پوليس گرفتار ڪيو، تڏهن هن 1979ع کان سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي، پر مدد صاحب پنهنجي سياسي نظريي جي ڪڏهن به نفي نه ڪئي.
اسان وٽ اڪثر سياستڪارن مخصوص مُفادن خاطر وقت جي ڪاري غارِ ۾ پنهنجي نظرين ۽ آدرشن جو آپگھات ڪيو، پر مدد علي سنڌيءَ جي دل ڪڏهن به پنهنجي نظرين ۽ آدرشن کي مرڻ نه ڏنو، اُهو ئي سبب آهي جو هُو اڄ به مدد علي قُريشي نه پر مدد علي سنڌي آهي.
”دل ۽ ڌرتي“ مدد علي سنڌيءَ جا فڪري محرڪ رهيا آهن،
هن ڪِتاب مُرتب ڪرڻ جو مقصد هڪ تخليقڪار کي تنقيد جي روشنيءَ ۾ ڏِسي، سندس فن ۽ فڪر جو تعين ڪرڻ آهي، ٻئي حوالي سان وقت جي هڪ مڃيل ليکڪ کي سندس زندگيءَ ۾ محبت ۽ مڃتا پڻ ڏيڻ آهي.
هڪ ٻي ڳالهه به ته هن ڪِتاب کي مُرتب ڪري ”جنريشن گيپ“ کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪافي نوجوان ليکڪ/پڙهندڙ اهڙا به هوندا جن لاءِ مدد علي سنڌيءَ جو هڪ ليکڪ وارو تعارفُ نئون ڇرڪائيندڙ ۽ حيرت وارو هوندو، ۽ ائين هن ڪِتاب پڙهڻ کان پوءِ مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪر تي اڃا بهتر انداز ۾ لکيو ويندو.
جيتوڻيڪ ٻين ٻولين جي ادب ۾ هن قسم جا کوڙ ڪِتاب موجود آهن، پر سنڌي ادب جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جو هي، پهريون ڪِتابُ آهي.
هن ڪِتاب ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمونَ ۽ مقالا سهيڙيا ويا آهن، ڇپيل مقالا مختلف ڪِتابن ۽ رسالن تان کنيا ويا آهن ۽ اڻ ڇپيل مقالا هن ڪِتاب لاءِ مختلف ليکڪ دوست خاص طور لکيا آهن.
شوڪت حسين شوري، مُراد علي مرزا، اخلاق انصاري، منظور جوکيو، مُبارڪ علي لاشاري، آدرش، منظور جوکئي، بخشل باغي، نواز خان زنئور، ممتاز لوهار، عيسيٰ ميمڻ ۽ ابرار ابڙي هن ڪِتاب لاءِ نڪور مقالا لکي ڏنا، جنهن لاءِ آءٌ ۽ سائين مدد علي سنڌي سندن دلي طور ٿورائتا آهيون.
هنن مختلف مقالن جي تخليقي ۽ تنقيدي نوعيت به مختلف آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لکڻي مدد علي سنڌي تي هڪ خاڪو آهي، مُراد علي مرزا، شوڪت حسين شوري، گُني سامتاڻي، ممتاز مهر، نور الهديٰ شاهه، لياقت رضوي، مُبارڪ علي لاشاري، رکيل مورائي، مختيار ملڪ، منظور جوکئي، عبدالوحيد جتوئي، ممتاز لوهار ۽ حبدار سولنگيءَ (راقم الحروف) سندس ڪهاڻين تي مقالا لکيا آهن، جڏهن ته امداد حُسيني، ذوالفقار راشديءَ، نثار حسينيءَ، مخمور بُخاريءَ ۽ بخشل باغيءَ سندس شاعريءَ بابت مقالا لکيا آهن.
اهڙي طرح ابرار ابڙي سندس سفرنامي بابت لکيو آهي. ان کان علاوه نصير مرزا، مشتاق شوري، اخلاق انصاري، غلام حسين رنگريز، پير عبيد راشدي، آدرش، نواز خان زنئور ۽ عيسيٰ ميمڻ مجموعي طور مدد علي سنڌيءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت لکيو آهي.
مون هن قسم جو پورهيو ٻين سنڌي اديبن/شاعرن بابت به ڪيو آهي، انشاءَ الله اُهو به پڙهندڙن اڳيان جلد پيش ڪبو.
هن ڪِتابَ جي تياريءَ ۾ مون سان منهنجي محبوب مهربان دوست رحمت پيرزادي جو ڀرپور سهڪارُ رهيو، ۽ اُنَ هِنَ ڪِتابَ جو مُهاڳ به لکي ڏنو، جنهن لاءِ آءٌ سندس دلي طور ٿورائتو آهيان.
آءٌ سائين مدد علي سنڌي جي محبت جو پڻ مقروض آهيان، سندس محبتي ۽ ٻاجھاري شخصيت ئي مون کان هي ڪِتاب مُرتب ڪرايو، شالَ قبول پوي.
آءٌ دعاڳو آهيان ته سائين مدد علي سنڌي وڏي ڄمارَ ماڻي، هميشه اسان جي مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهي، ۽ ڪڏهن به پنهنجو تعلق لکڻ کان نه ٽوڙي (آمين)
پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي سَٿَ: قربان منگي، امر اقبال ۽ آصف نظاماڻيءَ جا به ٿورا، جن جون محبتون ۽ محنتون به هِنَ ڪِتابَ جو حصو آهن.
توهان پڙهندڙن جي قيمتي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سَلامت ـــ سنڌ سلامت
حبدار سولنگي
ڳيريلو 4 آگسٽ 2014ع
solangihubdar@yahoo.com 0334-2769868