”دل اندر درياوَ“ ــ ڪِتاب لاجي
سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيءَ بابت اهو چوڻ شايد ورجاءُ ئي ٿيندو ته اها شخص جي آس پاس ته رهي آهي. پر شخص جي آرپار اها ان حد تائين رهي آهي ته ڪي احساساتي ڪهاڻيون لکيون ويون، جن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي نقاد سڏيو ويندڙن ڪهاڻي ئي نه سمجھيو يا مجموعي طور اهڙي ادب کي ادب ئي قبول نه ڪيو ويو، جنهن ۾ شخص ساهه ٿي کنيو. جڏهن شخص نعرا ٿي هنيا ته اهي ادب جو حصو هئا، پر ساههُ مٺ ۾ رکي جيئندڙ شخص جي اظهار کي ڪڏهن قبول نه ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ نعرو ته رهجي ويو پر شخص جي ڀوڳنا ۽ احساس گم ٿي ويو.
ان سچ کي قبول ڪندي به هڪ معجزو سنڌ ضرور ڏٺو (ننڍي دائري ۾ ئي سهي) جو ان ادبي حاڪميت ۾ رهندي، ڪي نوجوان اهڙا به نڪري آيا جن سچ پچ ڪهاڻيءَ کي شخص جي آرپار آندو يا ڏٺو ۽ انهن نوجوانن ۾ هڪ اهڙو به هُئو، جنهن جي ٻاهرئين شخص نعرا به هنيا پر هُنَ جي اندر واري شخص جيڪي ڪهاڻيون سرجيون، انهن ۾ شخص جو نه رڳو احساس جيئن جو تيئن ساههُ کڻڻ لڳو پر ان ۾ شخص جي اُداسي ۽ پراسراريت به ائين گهڙي آئي جيئن هن جي پنهنجي شخصيت آهي. مان جيڪڏهن ائين چوڻ چاهيان ته هُنَ جون ڪهاڻيون پڙهي انهن جي ليکڪ جو خيالي خاڪو ائين جُڙي سگهندو ته هُنَ جا وار وڏا هوندا، ڪپڙا ترتيب سان هوندي به بي ترتيب هوندا، ميلي ۾ به اڪيلو هوندو ان سندس اڪيلائيءَ جي اندر ڪيترائي ميلا هوندا، هُو شخص هوندو يا شخص جو روح هوندو. ڪجهه اهڙو ۽ ڪجهه ان کان وڌيڪَ پنهنجي اڪيلائيءَ سان بي پناهه پيار ڪندڙ ۽ ان کان وڌيڪَ پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ لکيل ڪهاڻين سان پيار ڪندڙ سنڌ ۾ اڪيلو نالو آهي، هُنَ کي مدد علي سنڌي چوندا آهن.
ايئن آهي ته مدد جي ڪهاڻين جي آس پاس ننڍي کنڊ جو چڱو ئي ادب آهي، پر مدد جي ڪهاڻين جي آس پاس سنڌ جون ڪي به ڪهاڻيون شايد هُجن. جيتوڻيڪ نثر جي ٻين شاخن ۾ مدد هڪ قصا گو ليکڪ طور اڀري ايندو آهي، پر حيرت جي حد تائين سندس ڪهاڻين ۾ مٿين ڳالهه جي بنهه ابتڙ هڪ اداسي ۽ هڪ اهڙي پراسراريت اُڀري اچي ٿي، جيڪا اڃا سنڌي ڪهاڻيءَ کان گهڻو پري آهي ۽ ان جي ڪري ئي سندس ڪهاڻين سنڌي ڪهاڻين جي فهرست کان الڳ، پنهنجي هڪ ننڍي فهرست جوڙي بيهن ٿيون، جنهن فهرست ۾ سندس ڪو به همعصر ۽ همعمر نه آهي. سندس ويجھو شوڪت شورو، ممتاز مهر، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نوجوانن ۾ ڪيهر شوڪت، اخلاق انصاري ۽ ڪجهه ٻيا به هوندا، پور هو ڪنهن جي ويجھو ناهي يا هُنَ جي ڪهاڻي ڪنهن جي ويجھو ڪانهي، فقط سندس شخصيت جي ويجھو آهي، اهڙو اعزاز مدد لاءِ سنڌي ادب ۾ مخصوص آهي.
مدد جون ڪهاڻيون الڳ وقتن تي ڇپبيون رهيون آهن ۽ ڪي ڪهاڻيون ڪِتابي صورت ۾ به شايع ٿيون آهن، اهو ممڪن آهي ته عام ڀِيڙ اهي ڪهاڻيون گهٽ پڙهيون هجن، پر جيڪي به سنڌي ادب جا سنجيده لکندڙ ۽ پڙهندڙ آهن، مدد اُنهن وٽ هڪ اهم ليکڪ طور ڄاتل سڃاتل آهي. مدد جي ڪهاڻين جو اثر شوڪت شوري کان لعل پشپ ۽ گني سامتاڻيءَ تائين ساڳيو آهي. هُنَ جي ڪهاڻين کي سنڌيءَ جي اهم ڪهاڻين هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.
تازو ئي سنڌي ادبي بورڊ پاران مدد علي سنڌيءَ جي سمورين لکڻين تي مشتمل ڪِتاب شايع ڪيو ويو آهي، جنهن کي سندس ڪُليات به چَئي سگهجي ٿو. جنهن جو نالو آهي ”دل اندر درياوَ“ هيءُ ڪِتاب گهڻي خوشي ڏيندڙ ان ڪري به آهي جو لڳ ڀڳ مدد علي سنڌيءَ جو لکيل سڀ ڪجهه هِنَ ڪِتابَ ۾ محفوظ ٿيل اهي. سندس ڪهاڻيون، ناوليٽ، مضمونَ سفرناما، تعزيت ناما ۽ محبت ناما، ڪجهه خط ڪجهه يادگيريون ۽ ڪجهه ترجما سڀ هن ڪِتابَ ۾ شامل آهن، ايئن مدد علي پيرائِتي پڙهڻ جو ۽ سندس بابت ڪا اعتماد واري راءِ جوڙڻ جو سبب هيءُ ڪتابُ آهي. ٻيءَ طرح سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هُنَ جي پنهنجي جڳهه آهي، جيڪا بهرحال محفوظ رَهڻي آهي. مدد پنهنجي ٽهيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ رهندڙ ۽ سياسي شعور رکندڙ دانشور ليکڪ آهي. اهو ان ڪري به جو هُو ننڍي کنڊ جي انهن سڀني ويچار ڪن ۽ دانشورن کي پڙهندو رهيو اهي، جن ۾ روح زندهه آهي. مهاوير کان مهاتما گانڌيءَ تائين ۽ ٻُڌ کان ملڪ راج آنند تائين، ٽئگور کان رجنيش تائين مدد جي مطالعي هيٺ رهيا آهن، جنهن ڪري مدد جو مزاج نج ننڍي کنڊ جو نرم، اُداس، اڪيلائي چاهيندڙ ۽ ڏک پسند آهي ۽ اُهو سڀ هُنَ جي تخليقي لکڻين ۾ آهي. ٻيءَ طرح هو هُو هڪ ويڙهاڪ اديب به آهي، جنهن سنڌ لاءِ الڳ موقعن تي هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي. قرة العين حيدر ۽ اياز سان ادبي طور عشق ڪندڙ مدد سان خود ڪيترائي سندس پڙهندڙ ۽ دوست پيار ڪندا اهن. اها کيس خبر آهي. ماضيءَ ۾ جلسا منعقد ڪندڙ ۽ اڄ جلسن کان ڪوهين ڏور مدد، حيدرآباد تي هڪ ڊگهو تاريخي ناول لکڻ جي ڪم ۾ رڌل آهي، ۽ اسين سندس ان ناول جي اوسيئڙي ۾ آهيون. جيستائين سندس اهو ناول اچي تيستائين سندس ڇپيل هيءَ هڪ هزار پنجاهه صفحن تي پکڙيل ڪُليات ”دل اندر درياوَ“ سندس چاهيندڙ لاءِ هڪ اهم تحفو آهي. جنهن ۾ مدد سمورو موجود آهي.