زندگيءَ جي پُراسراريت جهڙو شخص:
اپريل جي راتڙي جو پهريون پهر هو. آئون جيئن ئي راڻي مينگهواڙ جي سورج پرنٽرس واري دڪان جي در مان ٻاهر نڪتس ته سامهون مدد علي سنڌي تي نظر پيئي. هو موهن مدهوش جي دڪان ۾ احمد سولنگي ۽ موهن سان گڏ ويٺو هو. لڙي وڃي ساڻس مليس.
”ويهو!“
”نه، دير ٿي وئي آهي، واپس ڳوٺ وڃڻو اٿم“
”توهان منهنجي ڪِتابَ تي لکو!“
”ڀلي سائين! آئون بلڪل لکندس.“
”جيل ڊائري وارو ڪِتاب مون کي ڪونه ڏنو اٿئي!“
”اهو به ڏبو. جِتي چئو اتي ڇڏجي.“
”هِتي موهن وٽ ئي ڇڏي وڃو، مون کي ملي ويندو.“
”ٺيڪ آهي“
هاڻي وري احمد سولنگي مون سان مخاطب هو:
”ادا، توهان کي مُنهنجو ڪِتابُ مليو!؟“
”ها بلڪل مليو، قرب. ڏاڍو شاندار ڪِتابُ ڇپايو اٿوَ.“
احمد جي چهري تي ڏاڙهونءَ ڪڻ جي لالائي جهڙي مرڪَ ڦهلجي وئي.
ائين بيٺي پير ئي کانئن موڪلايم.
حيدرآباد جي حيدر چؤنڪ تان گاڏي کي جيئن ئي گل سينٽر ڏانهن موڙيم ته ڪننن دوست جي سارَ هانءُ تي سُري آئي. کيس فون ڪيم.
”ڪٿي آهيو!؟“
”ضلعي ڪائونسل وارن فليٽن ۾ ڪنهن دوست وٽ ويٺو آهيان. توهان ڪٿي آهي!؟“
ٿوري دير ۾ اسان ان فليٽ تي هئاسون. اتي رنگ ئي ٻيو هو. دوست مئخاني ۾ جام جرڪايو ويٺا هئا. جڏهن جام جرڪندا آهن، تڏهن ماني ۾ دير ٿيندي آهي. مون تمام وڏي وقت کان وٺي مڌ جهڙي نعمت کان پاڻ پلي ڇڏيو آهي. سو مون کي ته اڳي ماني کائڻي هئي. دوستن کي ان جو احساس هو. سو نيٺ دؤر پورا ٿيا ۽ اسان ماني لاءِ اتي اچي گول بلڊنگ جي ڀر ۾ هڪڙي هوٽل تي پهتاسين، مدد ۽ موهن به اڳ ۾ ئي اتي ويٺا هئا.
”ٻڌايو ها ته گڏجي اچي ماني کائون ها.“
”آئون ته ويس پئي، اتفاق سان مانيءَ لاءِ ترسڻو پئجي ويو.“
اسان ڀر واري ميز تي وڃي لڏو لاٿو.
رات جو ٻيو پهر پوري ٿيڻ تي هو جو آئون حيدرآباد کان واپس ڳوٺ ڏانهن اسهيس.
اها گهڻي وقت پڄاڻان اسان جي وري ٿيل ملاقات هئي. ورهيه وهامي ويا هئا، جو اسان نه مليا هئاسين. هڪڙو دؤر هو جو اسان روز ملندا هئاسين. پر اسان جو تعلق گهڻو وقت اڳ جڙيو هو. گهڻو وقت اڳ. تڏهن جڏهن اسان مليا ئي نه هئاسين. اهو تعلق هن جي لکڻين وسيلي جڙيو هو. اسان جي ملاقات ته گهڻو پوءِ ٿي هئي.
پر لکڻين وسيلي جڙين ان واقفيت ۽ ملڻ جي وچ ۾ هڪڙو اڃان ٻيو دؤر به آهي. تڏهن اسين ملندا ڪونه هئاسين، پر هن جو تذڪرو اڪثر اسان دوستن جي وچ ۾ پيو ٿيندو هو.
مدد علي سنڌي تنهن وقت ۾ ”خلق“ جي نالي سان پنهنجي ذاتي اخباري ڪڍي هئي، جنهن جو ايڊيٽر پڻ هو پاڻ هو. اسان جو دوست شير گاڏهي ان جو نيوز ايڊيٽر هو. عمران لغاري انهيءَ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور لڳو هو. اهو منهنجو يونيورسٽي جي ڏينهن جو زمانو هو. بي فڪري جا ڏهاڙا هئا. چنچل، آوارا، کيچلا، بي فڪر، ڇڙواڳ، رولاڪ ۽ کل خوشين ڀريا ڏينهن. اسان صبح جو يونيورسٽي جي ڪلاسين ۾ هوندا هئاسين. منجھند کانپوءِ آئون هاسٽل تي هوندو هئس. شامَ جو عمران لغاري اخبار ۾ هوندو هو، جِتان هو ۽ شير رات جو گڏجي نڪرندا هئا. آئون ڄامشوري مان حيدرآباد ايندو هئس ۽ پوءِ رات جو دير تائين حيدرآباد جي ٿڌين ۽ خماريل هوائن ۾ رستن تي اسان جون آوارگيون هونديون هيون. آئون دوستن کي شاعري پڻ ٻڌائيندو هئس.
رات سنسان هي، ڪدهر جائين؟
خاڪ هوڪر يهين بکهر جائين
انهن ئي ڪچهرين ۾ مدد علي سنڌي جو خوب ذڪر ٿيندو هو. خلق اخبار جي آفيس ۾ هڪڙي سهڻي ڇوڪري فون آپريٽر هوندي هئي. من جي مؤج ۾ اچي، هڪڙي ڏينهن عمران لغاري ان ڇوڪريءَ کي پيار ڀريو خط لکي وڌو. ڇوڪري نه ڪئي هَم ته تُم: سِڌي مدد علي صاحب جي آفيس ۾؛ ۽ خط وڃي سڌو سندس هٿ ۾ ڏنائين.
هن انهيءَ دم عمران کي آفيس ۾ گهرائي، اُهي سَتَ سُريون ٻڌايون، جو الله ڏئي ٻانهو سهي. شير گاڏهي مزو وٺي، وٺي اهو قصو ٻُڌائيندو هو.
”ادا، مدد صاحب جيڪا منهنجي حالت ڇڏائي، اصل ڳالهه ئي نه پڇ!“ عمران لغاري ٻڌايو. ”اصل عشق تان ئي ارواح کڻائي ڇڏيائين.“
هاڻي وري سندس چهري تي ٻيو رنگ هو.
”پر هڪ ڳالهه ٿي، جڏهن مدد صاحب جي ڪاوڙ لٿي، تڏهن بعد ۾ مون کي وري سندس ڪمري ۾ گهرايائين. چي: (ڇورا! پگهار آئون ڏيان، عشق اوهين ڪريو. مٿو ڦڙيو اَٿو. پر هڪ ڳالهه مڃبي ته ڇوريءَ کي خط تو ڀلو لکيو هو.“
عمران لاءِ اها وڏي ڳالهه هئي، ته مدد صاحب سندس خط کي واکاڻيو هو.
مدد صاحب جي لکڻين ۽ قومپرست شاگرد سياست ته سندس ادا ڪيل ڪردار جي ڪري اسان جي دلين ۾ هن لاءِ وڏو احترام هوندو هو. ساڻس ملڻ جي چاهنا پڻ هئي. سو هڪڙي ڏينهن نيٺ سندس اخبار جي آفيس وڃي نڪتس شير ۽ عمران مون کي وٺي هلي ساڻس ملايو. پر سندس گهاٽي ڏاڙهي، ڀاري ڀرڪم جُسو ۽ ڳرو آواز ڪنهن به ماڻهوءَ تي دهشت ويهارڻ لاءِ ڪافي آهن. مٿان وري جو سندس لاءِ انت احترام جو جذبو هو؛ سو اها تعارفي ملاقات تعارف ئي رهي. اها ڪنهن دوستي، ياراڻي يا پنهنجائپ ۾ بدلجي نه سگهي. حجاب جي ڀت ويتر بلند ٿي وئي. ۽ هو مون کي هڪڙو رُکو ماڻهو لڳو.
هڪڙو رُکو ماڻهو، پر شيرين زبان ليکڪ.
اڳتي هلي پتو پيو ته بظاهر رُکو نظر ايندڙ اهو ماڻهو نه فقط شيرين زبان ليکلڪ آهي، پر شيرين زبان ماڻهو به آهي. آڪٽوبر 1950ع جي 21 هين آڪٽوبر تي الله بخش قريشي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مدد علي سنڌي جي طبيعت تي حيدرآباد جي موسم پوري ريت اثر انداز ٿيل آهي. هو حيدرآباد ۾ ڄائو آهي، اتي پليو نپنيو آهي ۽ اتي ئي ننڍو ٿي وڏو ٿيو آهي. اتي ئي پڙهيو آهي. اتان نڪتو ته ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي وڃي پڙهيو. ۽ اتان 1973ع ۾ ڪنووڪيشن ڪيس ۾ 3 سالن لاـءِ بعد ۾ 5 سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ رهيو. ائين حيدرآباد جي هوائن ۾ پلجندي نپجندي هن رڳي جسماني نشونما نه ڪئي، پر انهيءَ تي ماحول ۾ هن جي ذهني نشونما پڻ ٿي. ان ڪري سندس طبيعت حيدرآباد جي موسم جهڙي آهي. گهڙيءَ ٽانڊا، ته وري ڏس ته ٿڌيون هيرون پيون گهلن. گهڙيءَ گهـٽ ٻوسٽ، ته وري ان گهڙيءَ ٿڌا ٿڌا جھوٽا. ڏينهن تپندڙ تنور، ته رات ٺرندڙ ريت جهڙي. هو به ائين ئي آهي، ڪاوڙ ايندس ته جِتان پيو ايندو اتان پيو ويندو. ڏمربو ته ماڻهو جي مُنهن جو پاڻي وٺي ڇڏيندو. ويرم کانپوءِ ڏس ته وري ڏاڍو ٿڌو ٿانهريو. ڄڻڪ ويل اڳ ڪاوڙيو ئي ڪونه هو. جي هو اڪيلو ماٺ ڪريو ويٺو هوندو ته لڳندو ئي ڪونه ته هيءُ همراهه ڪو اديب آهي. لکڻ ويهندو ته سڄي دنيا جهان کان بيخبر ۽ ايڏي تيزيءَ سان لکندو جو هڪڙي ويهڪ ۾ مضمون تيار. ڪچهري جو ڪوڏيو، محفلن جو مور. سندس آواز چؤڌاري پيو گونجندو.
شاگرد سياست ۾ هو ته ڏاڍو ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. وقت جي سرڪار مٿس ايڏي ڏمري، جو هن کي روپوش ٿيڻو پئجي ويو. ڏمريل ڀٽو سرڪار کيس نه ڳولي سگهي ته سندس پوڙهي پيءُ کي آڻي ڪاٺ ۾ وڌائين. مدد علي سنڌيءَ کان وٺي اسلم خيرپوري تائين ۽ عبدالواحد آريسر کان وٺي مون تائين انيڪ قومي ڪارڪنن جي پيئرن کي پٽن جي سياست جي پاداش ۾ ٿاڻن تي واڙيو ويو آهي. انهن لاءِ هر دؤر ڄڻ ساڳوڻو رهيو آهي. قومي غلامي جو دؤر ساڳوڻو ئي هوندو آهي، رڳو ان ۾ حڪمران بدلبا آهن. باقي قومي غلامي جو بدل ته قومي آزادي آهي. سو اوستائين ته عتاب پيا دهرائبا. مدد علي سنڌي سميت سندس سڄو گهر انهن اذيتن ۽ ڪِتابن مان گذريو.
هن جي اندر جي حساسيت ۽ خارجي حالتن جي دٻاءُ هن کي سياست ۾ هلڻ نه ڏنو. زندگي جي بي وڙي محب ميهار جي گوتي تي گوتو کائيندي هن جو ساهُه ضرور منجھيو، پر هن ادب جي ٻُوڙن مان هٿ نه ڪڍيو، هن پنهنجي اندر جي فنڪار کي مرڻ نه ڏنو.
سياست هلي وڃي ته ٻيهر ڳولي سگهجي ٿي. سياست وڇڙيل دوست وانگر وري ٻيهار ملي سگهي ٿي. ان سان ڪڏهن به مکا ميلو ڪري سگهجي ٿو. پر پر جي اندر جو فنڪار مري وڃي ته اهو وري ٻيهر شايد ڪڏهن به جيئرو نه ٿي سگهي. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ڏاڍو چڱو ٿيو آهي ته هن پنهنجي اندر جي فنڪار کي مرڻ نه ڏنو آهي.
مدد علي سنڌيءَ جي شاعري ته محبوب جي ڪَجَ ادائي جهڙي آهي، البت هو نثر نِگار قهر جو آهي. سندس ڪهاڻيون، هجن ناولڙو هجي، نوٽبڪ جا ٽڪرا هجن يا سفرناما: هو نثر لکي ٿو ته دنگ ڪريو ڇڏي. اصل ٻوليءَ جي حسن جا واهڙ وهايو ڇڏي.
”ساروڻي ڪڏهن ڪنهن سانوڻي جي وڄ وانگر چمڪندي آهي، ڪڏهن ٽم ٽم ڪندي آهي تارن جيان، ته ڪڏهن ڀڙڪو ڏيئي اٿندي آهي ڪنهن وساميل مچ وانگر.“
”ان رات آڪاس گهڻو هيٺ لهي آيو هو ۽ ستارا ان تي ائين پئي چمڪيا، ڄڻ ڪنهن اپسرا جو ستارن سان اڻيل ڪارو رئو هوا ۾ اڏامي وڃي آڪاش ۾ اٽڪيو هجي.“
”وقت اهڙو ڪتو آهي، جيڪو ڀؤنڪندو ڀؤنڪندو اسان کي دوزخ جي ڦاٽڪن تي ٿو پهچائي ڇڏي.“
”..... ۽ مان هن ڀنڀي ڏاڙهيءَ واري ماڻهوءَ کي چِتائي نهاريان ٿو، جنهن جي هٿ ۾ بندوق آهي ۽ پوءِ به هيسيل آهي!“
”خوشنصيب هوندا آهن اهي انسان، جن کي عشق ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي؛ پر ناڪام اهي به نه هوندا آهن، جيڪي محبت ڪندا آهن ۽ ان ۾ کين حاصلات نه ٿيندي آهي.“
”هن سپاهين کي منصور جي بنان سِسيءَ جي، ٻئي هٿ، ٻئي پير، ٻئي آهيون ۽ ڄڀ وڍيل لاش کي ٽياس تان لاهي، مٿس تيل هاري ساڙڻ جو حڪم ڏنو. تيل ۾ ٻڏل منصور جو لاش ڀڙڪا ڏئي ٻرڻ لڳو ته انهيءَ باهه ۾ منصور جو لاش نه، پر ڄڻ بغداد شهر ٿي ٻريو.“
”شاعري، پيغمبري ۽ عشق ــ ٽنهي جي جڙهڪ ئي ڀانئجي ٿي.“
مٿين چند سٽن منجھان هن جي ٻولي جي حسناڪي جو مختصر درشن ڪري سگهجي ٿو. هو ڏاڍي سرل انداز ۾، رواني ۽ ڀرپوريت سان لکي ٿو. ماڻهو ائين بنا روڪ پڙهندو ٿو وڃي ڄڻ ڪنهن هموار ميدان تي ڀلي گهوڙي تي سوار هجي. ڪا روڪ نه، ڪو ٿاٻو نه. لَس ئي لس.
سندس ڪهاڻيون ته لاجواب آهن ئي، ۽ هو ڪهاڻي کيتر سان نڀائيندو به پيو هلي. پر سندس ناولڙو ”هو جي مئا ماڳ ۾“ پڙهي مون سوچيو ته هن جي اندر ۾ ته هڪڙو قهر جو ناول نِگار ويٺو آهي. کيس ضرور ناول لکڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ته ڪو طويل ۽ ڊگهو ناول لکڻ کپيس. جيڪو ماڻهو سياسي شعور رکندو هجي، سماجي حقيقتن کان شناسا هجي، پنهنجي دؤر جو ادراڪ هجيس، ديو مالا يا ڏند ڪٿا کان واقف هجي، جديد نظرين کي پڙهيو ويٺو هجي، افسانوي ادب لکڻ جو ڏانءَ رکندو هجي ۽ ٻولي تي دسترس رکندو هجي، ان کي ته ضرور ناول لکڻ گهرجي. سو مدد علي سنڌي شاندار ناول لکي سگهي ٿو: ۽ کيس ضرور لکڻ گهرجن.
هن جا سفرناما پڻ ڪمال جا سفرناما آهن. سفرنامن ۾ هو ماضي، حال ۽ مستقبل کي گڏ گڏ کڻي هلي ٿو. پڙهندڙ کي ائين ٿو ڀاسي، ڄڻ هو پڙهي نه رهيو آهي، پر ڪنهن ڀٽ، ڪنهن ٽڪريءَ تي بيهي پاڻ پنهنجين اکين سان سامهون وارو منظر ڏسي رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا سفرناما ورلي لکيا ويا آهن. شل هو اڃا وڌيڪَ رُلي سگهي، ته جيئن سندس سفرنامو اڃا وڌيڪَ کُلي سگهي.
مدد علي سنڌي سان منهنجي ويجھڙائپ جو سبب صحافت بڻجي. ”سنڌ نيوز“ اخبار کان پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات ڪندڙ مدد علي سنڌي ڪيترين ئي اخبارن جا وڻ وسايا. سنڌ نيوز، هلال پاڪستان، عبرت، بختور، خلق وغيره کان ٿيندو هو روزاني ”سچ“ ڪراچي جو اچي ايڊيٽر بڻيو. آئون به تن ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ صحافت ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيو هئس. روزاني ”برسات“ ۽ اڙدو اخبار ”رياست“ جي دبئي واري صفحي کان ٿيندي مون به اچي ”سچ“ ۾ لڏو لاٿو. ”سچ“ ۾ سب ايڊيٽريءَ ڪرڻ کان پوءِ آئون نيوز ايڊيٽر بڻيس. اهو سڄو عرصو مدد صاحب سچ جو ايڊيٽر بڻيو رهيو.
هڪڙي ايڊيٽر طور هن جو رويو عملي ڏانهن مجموعي طور تي سٺو هوندو هو. پر جي ڪنهن تي ڪاوڙبو هو ته هيڪر ته باهه جا اُلا هوندو هو. اڳئين ماڻهو جو ساهه ڪڍي ڇڏيندو هو. پر ڪاوڙ اها ئي ٿوري دير هڪ گهڙيءَ جو کيلُ. پوءِ وري اُهڙي جو اُهڙو. هن جي ڪاوڙ ٿوري دير هلندي هئي. ڪکن جي ڍڳ جي ڪنهن ڀنڀٽ وانگر تڪڙي اٿي وري جلدي وسامي ويندي هئي. سندس ڪاوڙ گهڻو وقت نه هلندي هئي. جن ماڻهن جي ڪاوڙ ٿوري دير هلندي آهي، اهي ڪنهن کان وير نه وٺندا آهن. اهي دل جا صاف ۽ درگذر ڪرڻ وارا هوندا آهن. اها ڳالهه مون کي مدد علي سنڌي ۾ پڻ نظر ايندي آهي. هو ڪاوڙبو آهي، جٺ ڪندو آهي، جھڻڪون ڏيندو آهي؛ پر دل ۾ نه ڪندو آهي. گڏوگڏ ماڻهو کي سيکاريندو آهي، سمجھائيندو آهي، رهنمائي ڪندو آهي، هو چُڪون ڪڍي، درستيون ٻڌائيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو صحافت جاکوڙ سارا نوجوان کيس پنهنجو استاد سمجھندا آهن.
”سچ“ ۾ مون کي صحافت جي ڏس ۾ کانئس سکڻ جو ڪافي موقعو مليو. آئون جيڪڏهن ڪنهن خبر جي سلسلي ۾ منجھندو هئس ته ساڻس صلاح مشورو ڪري وٺندو هئس. ان دؤر سان اسان جون ڪافي سٺيون يادگيريون وابستا آهن. ڪافي اهڙا واقعا پڻ ٿيا، جيڪي دلچسپ ۽ يادگار آهن. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪراچي ۾ رهڻ واريون ان وقت جون اهي يادگيريون ڪِتابي شڪل ۾ لکان. جيڪڏهن زندگيءَ ۽ وقت اهڙي مهلت ڏني ته ضرور لکندس. پر هِتي هڪڙي واقعي جو ذڪر آئون ضروري ٿو سمجھان.
مدد صاحب هڪڙي ڏينهن ٽماهي ”مهراڻ“ جو پرچو منهنجي حوالي ڪيو ۽ چيائين ته پڙهه به سهي ۽ تبصرو به لکينس. مون رسالو پڙهيو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو پڻ لکيم. جيڪو ”سچ“ ۾ ڇپيو. جنهن مهل تبصري وارو مضمون اخبار ۾ هڻايم پئي ته مدد صاحب مٿان اچي بيٺو ڏسي چيائين ته ڏاڍو تفصيلي لکيو اٿئي. ڪا اهڙي ڳالهه ته ڪونه لکي اٿئيس نه!؟
مضمون شايع ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي خبر پيئي ته منهنجي مضمون تي رجعت پسند حلقي وڏو ٻڙڌڪ مچايو آهي. اخبار جا پرچا ساڙيا ويا آهن. مظاهرا ٿيا آهن ۽ ڌمڪين واريون فونون نمائندن ۽ آفيس کي ڪيون ويون آهن.
آئون جيئن ئي آفيس پهتس ته خبر پيئي ته مدد صاحب مون تي بِر ٿيو ويٺو آهي. آئون پنهنجي ڪرسي تي ويهي اٿيس ۽ سڌو سندس ڪمري ۾ گهڙي ويس. منهنجي پڄندي پڄندي هن جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي چڪي هئي. چيائين ”مون کي ٻڌائين ته ها ته ڇا لکيو اٿئي. وڏو مسئلو ٿي ويو آهي، مارائي ڇڏيئي. مون کان پڇ، آئون مهاراجا ڏاهر جي حمايت ۽ ابن قاسم جي مخالفت ۾ لکڻ جي ڪري ٻه ٽي سالَ جيل لوڙي آيو هئس.“
خير، هن جي دور انديشي جي ڪري ادارو اهڙي ڪنهن آپدا کان بچي ويو، ڪو ڪيس ٻيس داخل نه ٿيو. ائين هڪ اڌ ڀيرا ٻيا به ٿيو، اسان نوجوان ڪانٽي کي ڇڪي رکندا هئاسين. پوءِ هو پيو معاملا ٺاهيندو هو.
مدد علي سنڌي پنهنجي انداز جي ڪري ڏاڍو تڪراري شخص به رهيو آهي. سندس باري ۾ مختلف حلقن وٽ مختلف راءِ آهي. هر وڏو ڪلاڪار، هر اثرائتو ماڻهو تڪراري هوندو اهي. ان ڪري تڪراري هجڻ، اخلاقي هجڻ ۾ ڪا اربعا خطا ڪانهي. پر آئون هن کي تڪراري هجڻ کان وڌيڪَ پراسرار ماڻهو سمجھندو آهيان. مون کي زندگي جي پراسراريت جهڙو ماڻهو لڳندو آهي. ڪنهن ڪنهن ويل آئون ائين ڀائيندو آهيان ته هو اهڙو ٻوڌي ڀڪشو آهي جيڪو ڪنهن وهار کان وڇـڙي ويو آهي ۽ هن جي دل جو موهن جو دڙو ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي. هاڻي هو قلم جي سِنگي ۽ سَنک وڄائي پنهنجي پَٿ کي ڳولي رهيو آهي. هو جنم جنم جو ڳولائو مسافر آهي.
ڳولا جي انهيءَ سفر ۾ آئون اميد ۾ آهيان ته هو سنڌي ادب جي مڙهيءَ کي اڃا مالان مال ڪندو ۽ سندس قلم ڪاپڙيءَ جا قدم اتي پڻ وڃي دونهيون دُکائيندا ۽ باهڙي ٽمڪائيندا جِتي پکيءَ پير به نه پَسبو آهي.
جِت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ري
آئون سندس وڏي ڄمار ۽ مسقتبل ۾ ٿيندڙ سندس وڌيڪَ ادبي پورهيئي لاءِ دل سان دعاڳو آهيان.