شهر آشوب ۾ وڃايل شخص
68 ـــ 1967ع جو زمانو هو، سنڌ تي ون يونٽ جا ڪارا ڪڪر اڃا ڇانيل هئا. پر 4 مارچ واري واقعي ڄڻ هڪ تحريڪ کي جنم ڏنو هو. سنڌ جي نوجوان شاگردن ۾ سياسي شعور جاڳي چڪو هو ۽ اهي ون يونٽ جي مزاحمتي تحريڪ ۾ ڀرپور نموني سان اڳتي وڌي آيا هئا. انهن ڏينهن ۾ مون هڪرو افسانو لکيو هو، ”ابر ۾ اُهاءَ ٿيو“ جيڪو قومي رسالي روح رهاڻ ۾ شايع ٿيو هو. ان افساني جو موضوع قومي هلچل ۽ سنڌي نوجوانن ۾ پيدا ٿيل سجاڳي هو – ڀٽائي پرڀات آرٽ سرڪل طرفان ان افساني کي ڊرامي جي صورت ۾ پهرين مرزا قليچ بيگ جي ورسي تي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ پوءِ ٽريڊ يونين طرفان حسن ناصر شهيد ڊي جي موقعي تي پيش ڪيو ويو. گهمندي ڦرندي پنڊال کان ٿورو پري ڪار ۾ ويٺل هڪ نوجوان ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪجي ويو. هڪ سهڻو نوجوان، جنهن جا وار غير معمولي طور وڏا هئا – سو، ڪار ۾ ويهي ڏاڍي ڌيان سان آخر تائين فنڪشن ڏسندو رهيو. مون کي الائي ڇو هن ۾ ايتري دلچسپي پيدا ٿي جو مون ڪن دوستن کان پڇيو، ڪنهن مون کي هن جو نالو ممتاز قريشيِ ٻڌايو – پر هن بابت وڌيڪ خبر پئجي نه سگهي.
ان کان پوءِ به هو مون کي ڪڏهن ڪار ۾ اتان لنگهندو نظر ايندو هو. ان مختصر نموني ڏسڻ جي باوجود مون کي هن جي شخصيت وڻندڙ لڳي هئي. هن جو ڳنڀير انداز، خاموشي، سوچيندڙ اکيون ڏسي ماڻهو هن کي نظر انداز نٿي ڪري سگهيو. هڪ ليکڪ جي خصلت سان مون کي هن جي شخصيت ايتري پر اسرار لڳي، جو مون چاهيو ته آئون هن جي ويجهو وڃان ۽ هن کي ڄاڻي سگهان. مون کي معلوم ٿيو ته ممتاز سنڌ يونيورسٽي مان هسٽريءَ ۾ ايم اي ڪئي هئي ۽ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ اڪثر يونيورسٽي ويندو رهندو هو – شايد هن جي هسٽري ڊپارٽمينٽ سان گهڻي دل هئي- شهر جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ هن جي چڱي خاصي حيثيت هئي.
ٻن ٽن سالن تائين مون کي ڪڏهن به اهڙو موقعو نه مليو جو هن جي ويجهو وڃي سگهان. 1969 ڌاري مدد علي سنڌي اڳتي قدم رسالي جو پهريون پرچو شايع ڪيو ته مدد سان دوستي ٿي. مدد علي سنڌي سان دوستي ٿيڻ کان پوءِ خبر پئي ته ممتاز علي قريشي سندس وڏو ڀاءُ آهي، جيڪو سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌي ادب ۾ ڏاڍي دلچسپي رکندو آهي.
تڏهن مدد وارا، گاڏي کاتي ۾ اسٽيشن روڊ تي واقع هڪ وڏي ماڙيءَ ۾ رهندا هئا. پاسي واري گهٽيءَ ۾ مدد وارن جو هڪ ٻيو گهر هوندو هو. ان گهر جو شاندار ايئرڪنڊيشنڊ ڊرائنگ روم ۽ ان گهر جي سامهون مدد جو قائم ڪيل آشرم، سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جو جهروڪر مرڪز هوندو هو. انهيءَ آشرم ۾ سنڌ جا اديب ۽ قومي ڪارڪن اچي رهندا هئا.
سال 1969ع ۾ سائين جي. ايم سيد، سنڌ متحده محاذ ٺاهيو ته ان جو جهنڊو به حيدر آباد شهر ۾ فقط مدد وارن جي گهر تي لڳل هوندو هو. اهو سنڌ جو قومي جهنڊو، اجرڪ، ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جي پٽين، مٿس لڳل سنڌ جي نقشي سان، مدد وارن جي اوچي ماڙي تي جڏهن هوا ۾ ڦڙڪندو هو ته پريان پريان کان پيو نظر ايندو هو. 1970ع ۾ جڏهن سڄو حيدر آباد شهر پيپلز پارٽي، مسلم ليگ، جماعت اسلامي ۽ مولانا نوراني جي جهنڊن سان ڀريو پيو هوندو هو، تڏهن اهو اڪيلو سنڌ جو جهنڊو، سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ وڏي آٿت هوندو هو. مدد جي والده، جنهن کي سڄي سنڌ جا قومي ڪارڪن امان ڪري سڏيندا هئا، سڀني جي لاءِ ڇپر ڇانوَ ۽ گورڪيءَ جي ماءُ واري ڪردار مثل هوندي هئي. مدد گهر هجي يا نه هجي، آشرم ۾ رهندڙن کي نه رڳو ماني ٽڪر پئي موڪليندي هئي، بلڪه روانگيءَ مهل هر ڪارڪن کي حسب ضرورت ڀاڙو به ڏيندي هئي. در اصل مدد جي والده ۽ سندس وڏو ڀاءُ ممتاز علي جو وجود سنڌ جي قومي ڪارڪنن لاءِ ڪنهن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ وانگر هوندي هو.
ان زماني ۾ مدد وارن جي گهر ۾ آشرم تي مون سنڌ جا سياسي اڳواڻ بار بار ايندي ۽ انهن جون دعوتون ٿيندي ڏٺيون، تن ۾ سائين جي. ايم. سيد، ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مير علي احمد خان ٽالپر، مير رسول بخش خان ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ پوهو، سائين غلام مصطفيٰ شاهه، مردور ڪسان پارٽيءَ جو اڳواڻ ميجر اسحاق، حفيظ قريشي – ان وقت جا شاگرد اڳواڻ يوسف ٽالپر، سيد حسين شاهه بخاري، لالا قادر، اقبال ترين، سيد شاهه محمد شاهه، يوسف جکراڻي، مير ٿيٻو، اسماعيل وساڻ، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، مولا بخش لغاري، امان الله شيخ، مولا بخش چانڊيو، قمر راڄپر، حبيب الله ناريجو، ابوبڪر زرداري، علي حيدر شاهه شامل آهن.
تنهن کان سواءِ اديب ۽ شاعر علي بابا، غلام حسين رنگريز، عبدالفتاح عبد، مومن مليرائي، نبي بخش کوسو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ابراهيم منشي، عبدالواحد آريسر، رشيد ڀٽي عبدالحق عالماڻي، امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، عبدالڪريم پلي، ظفر حسن، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر ڪنيو گيانچنداڻي، علي انور هاليپوٽو، مراد علي مرزا، مولانا غلام محمد گرامي، ع ق شيخ ۽ ولي رام ولڀ سميت ڪيترائي اديب دوست آشرم جا مستقل مهمان هوندا هئا. اهو سڀ ڪم هڪ شخص جي همت افرائي ڪري ٿيندو هو- اهو هو ممتاز علي قريشي.
ڪو وقت هو، جو منهنجو ٻيو گهر به مدد جو گهر هوندو هو. اڪثر ڪري مدد وارن جي گهر ويندو هوس. اتي سندس وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي سان به ملاقات پئي ٿيندي هئي. مون شروع کان وٺي ممتاز جي ڳنڀيرتا ۽ شخصيت جي پر اسراريت جو اثر ويٺل هو، تنهن چاهڻ جي باوجود مون کي هن جي قريب ٿيڻ نه ڏنو. پر ڪنهن حد تائين مون کي موقعو مليو، جو هن کي ويجهڙائي کان ڏسي سگهيس.
سمنڊ جي سطح تي ماٺ ڇانيل هوندي آهي، پر ان جي گهرائي ۾ الائي ڪيترائي طوفان لڪل هوندا آهن. ممتاز علي قريشي به اهو ماٺو خاموش ۽ گهرو سمنڊ هو، جنهن جو پري کان بيهي پتو لڳائڻ مشڪل هو. هو ٻاهر جيترو خاموش نظر ايندو هو، اوترو ئي گهرو ۾ زور زور سان ڳالهائيندو هو. مون ڪڏهن مدد کان پڇيو ڪو نه پر مون کي لڳو ته هو بيحد حساس ۽ جذباتي هو. شايد ان ڪري هن کي چڙ جلدي اچي ويندي هئي، ۽ پوءِ هو رڙيون ڪري ڳالهائيندو هو. پر ٿوري کان پوءِ اها ڳنڀيرتا ۽ اکين ۾ اداسي جا لڙيل پاڇا ـــ منهنجي ذهن ۾ ممتاز هڪ روماني ڪردار جو روپ وٺي چڪر هو- آئون چئي نٿو سگهان ته صحيح ڳالهه ڪهڙي آهي. اهو منهنجو خيال هو واقعي ائين هو ته ممتاز مون کي اداس اداس، هيڪل ۽ وياڪل لڳندو هو.
ممتاز عمر ۾ مون جيڏو هو. پر پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت سان ايتري مختصر عرصي ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويو هو. هو ان وقت جي هلندڙ سنڌ جي قومي تحريڪ جي وڏي دل سان مالي مدد ڪندو هو. اهو يقينن ڏکيو دور هو. ممتاز، مالدار شخص هوندي قومي ساڃاهه ۽ ديس جو درد دل ۾ رکندو هو ۽ وقت جي حڪومت کان ڪڏهن به ڊنو نه هو.
ممتاز هڪ خود دار ماڻهو هو، هن اڪيلي سر جاکوڙ ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي خوشحال بڻايو هو- اها ٻي ڳالهه آهي ته حساس ماڻهو پاڻ کي دنيا جي منافقين ۽ دوکيبازي سان شريڪ نه ٿي سگهندا آهن. ممتاز سان به ائين ٿيو- ممتاز اڃا نوجوان ئي هو ته ٿڪجي پيو. شايد هن حد کان وڌيڪ محنت ڪئي هئي. شايد هن ڏٺو ته سندس ڪارج پورو ٿي چڪو هو- دنياوي طور هن جيڪي ڪجهه چاهيو هو سو کيس ملي ويو هو- پر ڪا ازلي کوٽ هئي، جيڪا هن جي اکين مان جهلڪندي هئي، جيڪا ڪڏهن ڀرجي نه سگهي-
آخري وقت ۾ مون ممتاز کي ڪو نه ڏٺو (27 آڪٽوبر 1980ع) پر مون کي پڪ آهي ته هن جي چهري تي اهائي ڳنڀيرتا هوندي ۽ اکين ۾ ڇانيل اداسي جي جاءِ تي سڪون اچي والاري هوندي.
اڄ به ڪڏهن ڪڏهن حيدر آباد شهر جي اسٽيشن روڊ تان لنگهڻ ٿيندو آهي ته روڊ تي واقع اها زرد رنگ جي پراڻي عمارت ڏسي، مون کي پراڻو دور ياد اچي ويندو آهي، جتي ڪڏهن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جا ميلا لڳل هوندا هئا، جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد ٻه ڀيرا اچي رهيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز هر سال دعوتون اچي کائيندو هو، جيڪو گهر ڪڏهن سنڌ جي ويرين کي ٻاٻرين ڪنڊي وانگر پيو محسوس ٿيندو هو.
هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جت نه پسان جوءِ ۾!
ڳالهه ڪٿان جي ڪٿي وڃي پهتي، پر اها حقيقت آهي ته مدد جي شخصيت تي پنهنجي وڏي ڀاءُ جو پرتو پيل هو. اهو ئي شخص هو، جنهن جي بهادري سبب مدد ۽ سندس گهر وارن 1971ع کان وٺي 1977ع تائين حڪومتن جو ڏاڍ ۽ جبر ويهي برداشت ڪيو. اهو زمانو 1972ع کان 1973ع جو هو. جڏهن اسين ڪيفي جارج ۾ شام جو ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين. ان وقت مدد علي، اڳتي قدم رسالو ظفر حسن شاهه جي پرفيڪٽ پريس، 474 صدر حيدر آباد مان ڪڍندو هو. ڊسمبر 1972ع ۾ مدد جي گرفتاري کان پوءِ، مون ماڻڪ ۽ عبدالحق عالماڻيءَ اڳتي قدم جو سلسلو جاري رکيو هو. 28 اپريل 1973ع تي ڪنووڪيشن واري واقعي کان پوءِ مدد، سنڌ يونيورسٽي مان ريسٽيڪيٽ ٿيو ۽ انڊر گرائونڊ ٿي ويو. مئي 1973ع ۾ اسان کي مجبور ٿي اڳتي قدم رسالو بند ڪرڻو پيو، جو مدد جي گهر تي ڇاپو لڳو هو ۽ مٿس ڪيترائي ڪيس درج ڪيا ويا هئا. بعد جو سمورو وقت مدد جي گهر وارن تي عتاب نازل رهيو. يونيورسٽيءَ ۾ ڪو واقعو ٿئي، يا نعپ تي بندش لڳي، پوليس جو ڇاپو مدد وارن جي گهر تي ضرور لڳندو هو. 1975ع جو اهو زمانو به ياد اٿم، جڏهن ان وقت جي حڪومت هڪ وقت اڳتي قدم پبليڪيشن سميت 72 ڪتابن تي بندش هنئي هئي. تڏهن به مدد جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس 90 سالن جي پوڙهي والد کي گرفتار ڪري سٽي لاڪ اپ حيدر آباد ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ مدد جي والده ۽ سندس ٻن ڀائرن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ڇاپا پئي هنيا.
شايد اهو واقعو هو، جنهن کان پوءِ مدد سياست کي ڇڏي وڃي 1980ع ۾ صحافت جا وڻ وسايا. اهو دور، خاص طرح هڪ ليکڪ هئڻ جي حوالي سان، مدد تي ڪيئن گذريو، ته ان جو احساس سندس لکيڻن، خاص طرح ڪهاڻين مان پيو پوندو آهي.
**********
مدد علي سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو منفرد اسلوب رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جو اسلوب جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مُڌر ۽ ستار تي وڄندڙ هڪ اهڙي ڌيمي سر وانگر آهي، جنهن ۾ لطف به آهي ته من کي اداس ڪري ڇڏيندڙ ڪيفيت به آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ وڇوڙي جي درد جو چڀندڙ احساس ڪوهيڙي وانگر ڇانيل هوندو آهي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به وصال کان وڌيڪ وڇوڙي کي اهميت آهي. لطيف سائين محبوب کي ڳولڻ ته چاهي ٿو، پر نه ملڻ جي دعا پڻ گهري ٿو، ڇو ته من اندر جيڪا لوچ آهي، اها ملڻ سان ماٺي ٿي ويندي. اهڙو ئي هن جو هڪ بيت آهي؛
آئون ڏورينءَ، شال مَ لهينءِ، پرين! هيئن پري،
هڏ نه ساهه سري، تن تسلي نه ٿئي.
يا
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.
مدد علي جي نثري نظمن واري ڪتاب ”پنر ملن“ مان پڻ هڪ نثري نظم جون سٽون ياد ٿيون اچن؛
تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات آ،
ڪنهن وڇوڙي جي شرعات!
مون کي ياد ٿو اچي، ته مدد علي جي پهرين ڪهاڻي 1969 ۾ سهڻي رسالي ۾ ۽ ٻي ڪهاڻي سندس ئي رسالي اڳتي قدم ۾ 1970ع ڌاري شايع ٿي، سندس ٻي ڪهاڻي ”پکا پکن سا منهڙا، اوري اچي اڏ“ ان وقت نه رڳو سنڌ، بلڪه هند ۽ به ڏاڍي مشهوري ماڻي، ان ڪهاڻيءَ هنديءَ ۾ ترجمو پڻ ساڳئي سال مشهور هندي رسالي ”ساريڪا“ ۾ شايع ٿيو. سندس ٽين ڪهاڻي، 1978ع ۾ سهڻي ۾ شايع ٿي، جنهن سان هن جديد ڪهاڻي ڏانهن موٽ کاڌي.
مدد جون ڪهاڻيون، خاص طرح شعور جي وهڪري (Stream of consciousness ) ۾ لکيل، زمان ۽ مڪان جي وهڪري کان مٿانهون هونديون آهن. سندس نثري شاعري، جيڪا 1981ع ۾ ”پنر ملن“ جي نالي سان ڪتابي شڪل ۾ شايع ٿي، ورهاڱي کان پوءِ نثري نظم جو پهريون ڪتاب هو. اصل ۾ مون وانگر مدد کي پنهنجا ڪتاب شايع ڪرائڻ جي هابي ڪونهي. ان ڪري سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”ادل اندر دريا“ ۽ ”پنرل ملن“ 32 سالن کان آئوٽ آف اسٽاڪ آهن ۽ سندس لکيل شاندار ناوليٽ ”هو جي مئا ماڳ ۾“ 15 ورهين کان مختلف رسالن ۾ قسطن جي شڪل ۾ ڇپائيءَ جو انتظار پيو ڪري.
مدد جو هي سفرنامو شهر صحرا ڀانيان مصر جي هڪ رات جي ڳالهه آهي. هن سفر نامي تي هن جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو پرتو پيل آهي. سندس ڪهاڻين وانگر هن سفر نامي ”شهر صحرا ڀانيان“ جي پڄاڻيءَ به وڇوڙي تي ٿئي ٿي، بلڪه ڪلوپيٽرا سان ملاقات ئي وڇوڙي جي شروعات آهي. هي سفر نامو ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا جي پيار جي ڪهاڻي ڪانهي. ليکڪ جي پنهنجي وڃايل دنيا آهي. پنهنجا ڏک آهن ۽ پنهنجون محروميون آهن. ڪلوپيٽرا جيڪا هڪ وڏي گهراڻي جي سکي ڇوڪري آهي، ان لاءِ هر سک ۾ اندر جو سک سمايل ڪونهي. هن جا پنهنجا مسئلا آهن، پنهنجو درد آهي ۽ حياتيءَ جو ويراڳ آهي، جنهن کي ڀوڳڻ لاءِ هوءَ آمريڪا پئي ويئي.
ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا جي سفر جي دروان ڪجهه گهڙين جي اتفاقي ملاقات هئي، پر مدد جي لفظن ۾ ”ڪڏهن گذاريل گهڙيون، نٽهڻ اس جيان ماڻهوءَ کي پيون ساڙينديون آهن.“
ليکڪ ۽ ڪلوپيٽرا به بيچين روح آهن، جيڪي گهڙي کن لاءِ مليا ئي هئا وري هميشه لاءِ وڇڙي وڃڻ ڪاڻ. ڪلوپيٽرا هن جي ڪائي وڃايل محبوبه به ڪا نه هئي، جنهن جي وڃڻ تي هو ويهي هنجون هاري ها. اهو هڪ چند گهڙين جو ساٿ هو، گونگو ۽ ٻوڙو! پر چند گهڙين جو ساٿ ۽ پوءِ دائمي وڇوڙي جو مدد جي مخصوص اسٽائل ۾ بيان پڙهندڙ جي من تي درجي جي هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ٿو ڄڻ پڙهندڙ، پاڻ مدد جي جاءِ تي هجي.
هڪ تخليقڪار جي سفر نامي جي اهائي خوبي آهي ته ان ۾ رڳو فوٽو گرافيڪل بيان ڪو نه هوندو آهي ۽ ان جي ۾ ڪنهن ملڪ، شهر يا تاريخي جاءِ تي ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ پاران پڇايل بروشر مان هٿ ڪيل معلومات ۽ انگ اکر هوندا آهن. بلڪه سفر جي دوران ليکڪ جا جيڪي احساس هوندا آهن، انهن جي تخليقي انداز ۾ اپٽار ئي ڪنهن سفر نامي کي ادب ۾ جوڳي جاءِ ڏياري ٿي.
مصر يا قاهره جي نالي سان گڏ هڪ دهڪدم پرئمڊ يا اهرام مصر ذهن ۾ اچن ٿا. مدد کي پرئمڊ ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، ان جو ڏک مدد کي ته رهيو، پر پڙهندڙ به ان کوٽ کي ضرور محسوس ڪندا.
مدد علي سنڌي بنيادي طور سفر نامن جو ليکڪ ڪونهي، ”شهر صحرا ڀانيان“ عام سفر نامن کان بنهه مختلف هڪ ادبي سفر نامو آهي.