مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي
جي جديديتي لاڙن جو اڀياس[/b]
[b]مبارڪ علي لاشاري[/b]
تعارف
Introduction
هر دور جي ادب جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجا معيارهوندا آهن، جيڪي ان دور جي تخليق ۽ تخليقڪار کي خام مواد مهيا ڪن ٿا ته جيئن پراڻين ۽ گذريل مدي خارج روايتن جي نسبت نواڻ ڏيئي پڙهندڙ طبقي ۽ سماج جو رخ تعين ڪن. ادبي روايتن ۽ لاڙن جي تاريخ جي ڊگهي قطار ۾ هڪڙي ڳالهه سمجهيل ۽ مڃيل آهي ته هر دور جو ليکڪ پنهنجي مخصوص دور کان لازمي متاثر ٿيندو آهي يا ٻي صورت ۾ اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن تخليقڪار پنهنجي دور کي متاثر ڪري نوان رستا ڏيندو آهي. اهڙي قسم جي ادبي روايتن جي سلسلي ۾ اسين دنيا جي ادب يعني بين الاقوامي ادب ۾ ڪافي دور ڏسي چڪا آهيون جن ۾ نئين جاڳرتا يعني رينائيسنس جو دور، پيورٽن دور، ڪلاسيڪيت دور، رومانويت پسندي جو دور، نئين روشن خيالي، حقيقت پسندي جو دور، جديديت پسندي ۽ جديديت پڄاڻان جا دور ٿلهي ليکي شامل ڪري سگهجن ٿا. پر هڪڙي تجزيي مطابق ادب ۽ ثقافت تي يورپ جا چار وڏا ثقافتي انقلاب نمايان آهن. انهن ۾ 1. نئين جاڳرتا يا سجاڳي جو دور، 2. يورپين ارڙهين صدي جي روشن خيالي، 3. رومانويت پسندي ۽ 4. جديديت پسندي. انهن سمورين پوين دورن جو نچوڙ، ميلاپ، رد عمل ۽ انقلابي دور جديديت پسندي آهي. جديدت پسندي پنهنجي بلڪل ويجهي ماضي جي حقيقت نگاري جو فوري ردعمل آهي. بارٿ مطابق، “جديديت پسندي حقيقت پسندي Realism جي قدامت پسند قدرن خلاف هڪ بغاوت آهي ” ڇوته حقيقت پسندي جي قدامتي خيالن هڪ طرف ته يورپي حاڪميت يعني بيٺڪي نظام کي سپورٽ پئي ڪيو ته ٻئي طرف وهم پرستي ۽ دقيانوسي خيالن کي سهارو پئي ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪڙو فڪري اڀار آيو، جنهن جا باني بيشڪ چارلس ڊارون، ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ ڪجهه ٻيا هئا. انهن ليکڪن، سائنسدانن، نفسياتي ماهرن ۽ مبلغن پوين روايتن کي يڪسر رد ڪري سائنسي سوچ ۽ طريقه ڪار کي هٿي وٺرائي. لوئس پيريڪلس جي لفظن ۾ Modernism Modernism rejected the lingering certainty of Enlightenment thinking and also rejected the existence of a compassionate, all-powerful Creator God
(جديديت پسندي روشن خيالي جي بيٺل (ڌپ ڪري ويل) يقين پرستي جي سوچ کي رد ڪيو ۽ جديديت پسندي هر شيءِ تي قادر، رحيمانه خدا جي تصور کي پڻ رد ڪيو.) اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو جديديت پسندي دنيا ۾ تباهيون ڏسي چڪو هو. تنهنڪري جديدت پسندي پنهنجي مخصوص بغاوت ۽ احتجاج سان نڪري نروار ٿيو، جنهن ۾ ڪٿي مذهب خلاف بغاوت نظر ٿي آئي ته ڪٿي روايتي تصورن ۽ خيالن توڙي فلسفن کي رد ڪيو.
انهن سمورن وڏين تبديلين ۽ بغاوتن جو اثر ظاهر آهي ته ادب ۽ ادبي سوچ و فڪر تي پڻ پيو ۽ ادب ۾ پڻ نوان تجربا ڪيا ويا ۽ وڪٽورين دور جي ادب کي پڻ رد ڪيو ۽ نوان فني فڪري گهاڙيٽا ۽ لوازمات اپنايا ويا. انهن ۾ خاص طور مک لاڙا مفڪرن هيئن بيان ڪيا آهن؛ A salient characteristic of modernism is self-consciousness. This self-consciousness often led to experiments with form and work that draws attention to the processes and materials used (and to the further tendency of abstraction) “جديديت پسندي جي اهم خاصيت خود_شعوري (پاڻ سڃاڻڻ/داخليت) آهي. هي خود_ شعوري اڪثر هيئت ۽ ڪم کي تجربي ڏانهن وٺي ٿي ويو جيڪو (ادب ۾ استعمال هيٺ آيل) خام مواد ۽ عمل ڏانهن توجه ڇڪرائي ٿو (۽ اهو وڌيڪ تجريديت ڏانهن لاڙو رکي ٿو) .
ادب ۾ اهڙا ڪيئي تجربا ٿيا آهن جيڪي صرف شعور جي وهڪري سان لاڳاپيل نه آهن پر تحليل النفسي، وجوديت، اقتصاديت، سياسيات، بيٺڪيت وغيره سان پڻ لاڳاپيل آهن. ادب ۾ اهي شيون ڪافي جاندار طريقي سان آيون جيڪي 1910ع کان وٺي 1980ع تائين غالب رهيون. سنڌي ادب جي نقطه نظر کان ته اهي 2000 تائين به هليون ۽ اڄ به انهن موضوعن، خيالن ۽ فڪرن جو پرتوو محسوس ٿيندو آهي.
سنڌي ادب بين الاقوامي لاڙن، نظرين، فڪرن مان سڀ کان وڌيڪ ٻن لاڙن ۽ فڪرن سان گهڻو هم آهنگ ٿيو آهي. ان مان هڪڙو ترقي پسند فڪري تحريڪ Progressive School of Thought ۽ ٻيو وجوديت Existentialism آهي. اهي ٻئي گهڻي ڀاڱي جديديت پسندي جي موضوعن تي آڌاريل آهن. تنهنڪري سنڌي ادب ۾ اهڙا لاڙا ۽ فڪري خيال عام ملن ٿا.
ترقي پسند ادب جي نقطه نظر کان شيخ اياز، نارائڻ شيام، امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو، اياز قادري، رسول بخش پليجو، سراج، نجم عباسي، تنوير عباسي ۽ ٻين تمام گهڻو ۽ سٺو لکيو. اهو پاڪستان جي آزادي کان ويندي 70ع تائين وارو ڏهاڪو هو جنهن ۾ ترقي پسند تحريڪ ۽ سوچ هيٺ ادب خاص ڪري ڪهاڻيون لکيون ويون. ممتاز مهر چواڻي، “ سال 1947ع کان 1967ع تائين سنڌي ڪهاڻي تي ”ترقي پسند تحريڪ” جو گهرو اثر پيل نظر اچي ٿو ”. اهو اثر ترقي پسند تحريڪ جي جنرل سوچ سان گڏوگڏ ترقي پسند بين الاقوامي ليکڪن جو اثر پڻ نمايان آهي. جڏهن ته وجوديت جي نقطه نظر کان شاعري کان وڌيڪ نثر يعني ڪهاڻي ۽ ناول ۾ گهڻو ڪم ٿيو آهي. جڏهن ته جديديت پسندي جوعروج وارو دور جنهن کي High Modernism چيو ويندو آهي سو1910ع کان 1930ع وارو زمانو آهي، پر الئه ڇو سنڌي ادب ۾ ان جو پرتوو جديديت جي پڄاڻي کان پوءِ محسوس ڪيو ويو. ممتاز مهر پنهنجي ساڳي ڪتاب جي صفحي نمبر 31 تي لکي ٿو ته “ سنڌي ادب ۾ جديدت (Modernism) وارو رجحان ته اڃا پنهنجي ابتدائي مرحلن ۾ آهي” اهو مظهر يا لقاءُ الئه ڇو ايترو پٺتي آهي جو سنڌي ادب ۾ 70 يا 80ع واري ڏهاڪي ۾ جديديت پنهنجي ابتدائي دور ۾ آهي جڏهن ته دنيا ۾ 80 واري ڏهاڪي کانپوءِ جديديت پڄاڻان Postmodernism وارو فڪر عروج تي هو پر اسان وٽ اڃا جديديت به ابتدا ۾ هو. ڪجهه نقاد ۽ مدبر ته ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ واري عرصي کان پوءِ واري ادب کي جديديت پڄاڻان جي ابتدا جو عرصو سمجهن ٿا. ان ۾ ذميوار اسان جو نقاد آهي يا تخليقڪار جو اسان جو ادب پنهنجي مخصوص دور کان تمام گهڻو پٺتي رهيو آهي؟ اهو بهرحال اهم بحث آهي.
جديديت پسندي جي لاڙن ۾ جيڪي سنڌي ليکڪ پنهنجي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا اهي تعداد ۾ ته ايترا گهڻا نه آهن جيڪي ڳڻي نه سگهجن پر معيار۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن سموري ادب جي فڪري سفر جو ڪايا پلٽ Paradigm Shift ڪري نئون ادب پڙهندڙن کي ڏنو ۽ سنڌ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي. انهن ليکڪن مان سائين مدد علي سنڌي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مدد علي سنڌي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جديديت پسندي جي تقريبن سمورن لاڙن کي چٽو ڪري پيش ڪندڙ سنڌي ٻولي جو اهم ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ شعور جو وهڪرو Stream of Consciousness ، وجوديت Existentialism، داخلي خود ڪلامي Interior Monologue، بيگانگي/اجنبيت Alienation، ، بي معنويت جو تماشو theatre of Absurd، عقل مٿان جذبن جي حاڪميتDominance of passion upon reason ، اڪيلائپ پسندي Individualism، قنوطيت پسندي Pessimism، وغيره اهڙا موضوع آهن جيڪي سندس ڪهاڻين ۾ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهن جن تي تحقيقي مقاله لکي سگهجن ٿا. پر مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ صرف شعور جو وهڪرو نروار ڪيو ويو آهي ۽ ان تي ٿورو گهڻو ڳالهايو ويو آهي. ان ڏس ۾ شوڪت حسين شورو مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو ته “ مدد جون ڪهاڻيون خاص طرح شعور جي وهڪري Stream of Consciousness، ۾ لکيل زمان و مڪان جي وهڪري کان مٿانهون هونديون آهن” ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سندس ڪهاڻين ۾ شعور جو وهڪرو نمايان آهي جيڪو جديديت پسندي جو مک ادبي لاڙو هو ۽ ان سان اسان کي سندس ڪهاڻين ۾ خود شعوري جو پتو ملي ٿو ته انسان ڪيئن پنهنجي داخلي ۽ خارجي مسئلن ڏانهن رجوع ڪري ٿو ۽ انهن کي اظهاري ٿو. ممتاز مهر مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “احساسن ۽ جذبن جو موت” بابت لکي ٿو ته “احساسن ۽ جذبن جو موت ” ۾ ليکڪ (مدد علي سنڌي) هڪ نوجوان جي خيالن ۽ ويچارن کي “شعور جي وهڪ” واري ٽيڪنيڪ ۾ جيئن جو تيئن ظاهر ڪندي، اڄ جي انسان جي داخلي، خارجي مسئلن کي پيش ڪيو آهي. مشيني دور جو انسان، جنهن جو “وجود” ئي سندس بنيادي مسئلو آهي....” انهي دور ۾ انسان پنهنجي وجود جي انتشار ۾ الجهيل هو جنهن وجوديت جي فلسفي يا لاڙي کي پڻ جنم ڏنو. تنهنڪري مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ صرف شعور جو وهڪرو ئي نه پر ٻيا به ڪافي جديديت پسندي جا لاڙا ملن ٿا، جيڪي ان دور جي انسان سان گڏوگڏ خود ليکڪ جي ذاتي زندگي، خانداني زندگي ۽ سماجي زندگي جو عڪس پڻ آهن جنهن جو ذڪر شوڪت حسين شوري سندس سفرنامي “شهر صحرا ڀانيان” جي مهاڳ ۾ بيان ڪيو آهي.
تجزيو
Discussion
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي “اجنبي بنجڻ کانپوءِ..” 1977ع ۾ ”ڌرتي” رسالي۾ ڇپيل ڪهاڻي آهي جيڪا هڪڙي نوجوان ۽ جديديت جو اهڃاڻ ڪردار جي منظر ڪشي سان ٽمٽار آهي. سندس چئني طرف ماحول اداس ڪندڙ ۽ سواليه نشان بڻيل مسئلا ۽ مونجهارا آهن جيڪي صرف سندس ذات تائين نه بلڪل فطرتي مظهرن ۾ پڻ کيس نظر اچن ٿا. وٽس لاءِ نه ته ڪا اميد آهي نه ڪا روشني، نه ڪو پيار آهي نڪي “رابيل” جيڪا سندس وڃايل پيار آهي. سمورا نظارا مڌهم ۽ قنوطيت جي سمنڊ ۾ غلطان آهن. وٽس ڪافي مونجهارا ۽ جديديت واري انسان جيان ڪيئي مسئلا آهن جن مان ڪجهه اهم نقطا هيٺ بحث لاءِ پيش ڪجن ٿا.
شعور جو وهڪرو Stream of Consciousness ۽ داخلي خود ڪلامي Interior Monologue
جيئن ته شعور وهڪرو ۽ خود روئي جديديت واري ادب جي بنيادي ٽيڪنيڪ مان اهم ٽيڪنيڪ آهي، جيڪو داخلي خود ڪلامي جي ذريعي اظهارجي وڃي ٿو ۽ انسان پنهنجي اردگرد ماحول کان بيخبر ٿي پنهنجي پاڻ سان گفتگو ۾ محو ٿي وڃي ٿو. انهي ٽيڪنيڪ سموري دنيا جي ادب کي متاثر ڪيو اتي مدد علي سنڌي جي هن ڪهاڻي ۾ پڻ اهي عنصر ڪافي ملن ٿا. جيئن...
......اُف! وري سوچڻ لڳو آهيان. مون کي سوچڻ نه کپي، نه سوچيندس. پر هرشيءِ بيزار ڪندڙ ۽ ٿڪائيندڙ ڇو ٿي پئي آهي؟ (ص 78)
...هڪ دوست کي چيم پئي، تون تمام گهڻو ٿو سوچين_ (ان مهل هوٽل ۾ ويٺي ويٺي مان الاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويو هوس) ۽ شايد سچ چيو هئائين. آخر هي مان هر وقت مايوسين ۾ سمنڊ ۾ ڇو پيپ غوطا کاوان؟....(ص 79)
.......هر شيءِ مون سان دغا ٿي ڪري. پيار_ دوست سڀ دوکو ٿا ڪن. نه پر مان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيندو آهيان. ڪنهن جو به ڪوئي دوش ڪونهي........(ص 80)
....پر هي سڀ ڳالهيون آءٌ هر وقت ڇو ويٺو سوچيان؟ سوچيندي سوچيندي به ته ڪيڏو نه عرصو ٿي ويو اٿم. مان ته ڪڏهوڪو انهن مان جند ڇڏائي چڪو آهيان. ان واهيات رومانٽزم کان مون کي سخت نفرت آهي.....(ص 89)
مٿي ڏنل ڪجهه مثالن مان اسان مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ۾ پيش ڪيل شعور جي وهڪري يا داخلي خود ڪلامي کي پروڙي ٿا سگهون. جن مان اسان سندن بي ربط سوچ، خود جي نفي، ماحول مان بنهه ڪٽجي بيگانگي جو اظهار ۽ خارجي توڻي داخلي مسئلن جي ڄار جي اظهار کي سمجهي سگهون ٿا ته جديديت وارو انسان پنهنجي وجود جي جنگ ۾ ڪيترو ڦاٿل رهيو آهي ۽ ڪيئن هو انفراديت پسندي ۽ تنهائي و ويڳاڻپ جو شڪار رهيو آهي. مٿي ڏنل سمورن مثالن ۾ هميشه هو متضاد رهيو آهي ۽ پنهنجي اندر جي جنگ ۾ محو آهي. هر هڪ ٽڪري تي تفصيل سان بحث ٿي سگهي ٿو پر ٻين نقطن کي نروار ڪرڻ لاءِ اسين اهو سڀ پڙهندڙن لاءِ ڇڏيون ٿا.
وجودي مسئلا ۽ بي معنويت جو تماشو
Existentialism and Theatre of Absurd
جديديت واري انسان جو وجود سندس لاءِ اهم مسئلو ۽ مونجهارو رهيو آهي. عقليت پسندي جي سائنسي ترقي جي نتيجي ۾ مهاڀاري جنگين انسان ذات جي وجود ۾ بي معنوي زندگي جو احساس ڀريو ۽ انسان پنهنجي پاڻ کي ويڳاڻو ۽ لاوارث سمجهڻ لڳو. اهو سمورو مظهر ادب تي پڻ حاوي رهيو ۽ جديد دور جي انسان جي تصوير ڪشي ادب تمام بهترين نموني سان ڪري ڏيکاريو. ان حوالي سان هي ڪهاڻي پڻ انهن عنصرن سان ڀريل آهي. ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا؛
....ايئن جيئن انسان تاريخ جي ڀيانڪ دورن ۾ لڙهندو غائب ٿيندو وڃي. (انسان تاريخ ۽ وقت جي هٿن ۾ انهيءَ ننڍڙي ٻار جي ٺاهيل واريءَ جي محل وانگر آهي، جنهن کي هو جڏهن چاهي _ هڪ ئي هٿ سان ڀوري سگهي ٿو.) هي پن _ ڇڻ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به انسان وانگر مجبور ۽ بيوس آهن!.......(ص 78)
........ان کان اڳ جو اهي ڳالهيون ۽ چهرا چٽا ٿي اڀرن، هر شيءِ کان نفرت ۽ بيزاري ٿيڻ لڳندي آهي...........هڪ پاسي هڪ سوچ ٻي پاسي ٻي سوچ ۽ ننڊ گم. ڄڻ ڪنهن ٻنهي پاسن کان ڪنڊا ميڙي رکي ڇڏيا آهن.......(ص 81)
......اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج ايئن هوندا. هي تيز هوائون هلنديون رهنديون. ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا. آڪاس ۾ تارا ۽ چنڊ نڪرندا رهندا _ ۽ هي سج لهندو ۽ اڀرندو رهندو _ صرف نه هوندس ته مان! (مان کي به ڪائي اهميت ڪانهي)، منهنجو وجود نه هوندو......(ص 83)
.....ها صرف هڪڙي رات _ ها، صرف هڪ رات هڪ مرد ۽ عورت پاڻ ۾ گڏ نه گذارين ها، ته مان پيدا نه ٿيان ها! هاڻي سڄي زندگي ڀٽڪندو رهندس الائي ڪيستائين؟......(آخر اسين جيئون ڇو ٿا؟) (ص 83)
......زندگي ۽ موت جي بي معنائي واري ڌنڌ ۾، دنيا جو ازلي ۽ ابدي انسان تنها بيٺو آهي _، ڄڻ ڪنهن جنگ جي ميدان ۾! پر مقابلو ڪنهن سان آهي؟ زندگي سان، ڏکن سان يا پنهنجو پاڻ سان؟ هو ڪو ماڻهو انهيءَ جنگ ۾ ڦاٿل آهي....(ص 90)
مٿي ذڪر انساني وجود جي اهميت ۽ زندگي جي بي معنوي تماشي يا کيل جو اظهار انساني وجود کي سواليه نشان ڪري بيهاريو آهي. هتي انسان پنهنجي نفي جي چوٽي تي بيٺو آهي جتي انسان پنهنجو پاڻ ئي ناڪاريت جي نقطي تي محسوس ڪري ٿو ته باقي ماحول به کيس اهڙو لڳي ٿو. سائنسي ترقي جي تباهي ۽ گهُٽ ٻوسٽ واري ماحول انسان کي پنهنجي وجود جي تشخص توڻي اهميت کان بيزار ڪري ڇڏيو آهي ۽ انسان پنهنجي وجود توڻي ڄمڻ جي ڪارج کي بيڪار ۽ ديوانگي جي نگاهه سان ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، جنهن جو نتيجو ظاهر آهي مايوسي جي صورت ۾ پڌرو ٿيڻو آهي.
بيگانگي/ اجنبيت ۽ مايوسي/قنوطيت پسندي Alienation and Pessimism
هر شي ءِ کان بيگانگي توڻي مايوسي پڻ جديديتي لاڙن ۾ اهم حيثيت والارين ٿا. هن ڪهاڻي ۾ پڻ انهن نقطن کي تمام بهتر ۽ واضع نموني بيان ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ۾ شام، رات جي اونداهه ۽ مايوس ڪندڙ خيالن جو اظهار حاوي آهي جيڪو جديديتي انسان جي مخصوص صورت آهي. ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا،
....پر اڃا تائين به ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنن ۾ سندس ساڳيو اداس آواز ايندو رهندو آهي. سندس آواز ۾ ڪيڏي نه اداسي، مايوسي ۽ نراسائي هوندي هئي!)...(ص 79)
.....هن زندگي ۾ ڪيڏي نه اجنبيت، بيزاري.....مون کي هر شيءِ کان نفرت آهي. ...نفرت آهي هر انهيءَ وجود کان، جنهن جو مون کي هن دنيا ۾ آڻڻ ۾ حصو رهيو آهي....(ص 83)
....زندگي جي هنن اونداهين ۾ ڪو صبح ٿيڻو ڪونهي......صرف اونداهيون ۽ اڪيلايون آهن. ....(ص 84)
......پر اهو سڀ رومانسزم آهي _ ۽ هاڻي ان رومانسزم کان سخت نفرت اٿم....(ص 84)
...... جن جون طبيعتون پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه آهن، تن لاءِ ڪهڙي راهه آهي؟ راهه صرف هڪڙي آهي. نه، ڪا راهه ڪانهي. اهي پنهنجو انت پاڻ آڻين ٿا _ جيئن مان پنهنجي پاڻ کي “ٽارچر” ڪري رهيو آهيان...(ص 85)
.....مون جهڙا ڪيترا جن ايئن مون وانگر هن زندگي کي بدلائڻ جا سپنا لڌا هوندا، مٽيءَ ۾ ملي ويا....(ص 85)
.....ڪيڏي نه وڻندڙ هئي اها شام! (عجيب ڳالهه آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ يا شام آهي يا رات....) (ص 86).
مٿي ڏنل ڪهاڻي جي ٽڪرن ۾ صاف محسوس ٿئي ٿو ته جديديتي انسان جي اجنبيت ۽ مايوسي ڪيئن مٿن حاوي هئي. جڏهن سمورا نظريا، آدرش، خواهشون ۽ وجود جي مقصديت ختم ٿي وئي ته انسان ڪيڏو ويڳاڻو، هيڪلو ۽ بيگانو ٿي پيو هو. هن ڪهاڻي جي ڪردار جي ذاتي زندگي توڻي آس پاس جي شين ۾ پڻ اها ئي ويڳاڻپ، اجنبيت ۽ مايوسي جو غلبو طاري آهي. انسان کي ڪٿي به پناهه نٿي ملي، ڇوته انسان جا مذهب کان ويندي اخلاق جا آدرش پڻ ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي چڪا هئا.
نفسياتي مونجهارا
Psychological Complexities
هن دور ۾ سگمنڊ فرائيڊ طرفان تحليل النفسي ذريعي ذهني ۽ نفسياتي علاج جو طريقو ٻڌايو ويو ۽ ڪيترن ئي داخلي مونجهارن کان آزادي جو نظريو ڏنو. ان کان اڳ انسان نفسياتي خواهشن توڻي مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل هو جيڪي هو سماجي رڪاوٽن Social Taboos ۾ الجهايل هو ۽ سماجي و مذهبي بندشن سبب خوف ۾ هو ته جبلتي يا داخلي قوتن کي ڪيئن اظهاري؟ ان حوالي سان ڪهاڻي مان هڪڙو مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو،
.....۽ مون کي ان غشي واري حالت ۾ لڳندو آهي، ته ڪوئي زور زور سان منهنجو در کڙڪائي رهيو آهي. آخر هي انسان ڊڄي ڪنهن کان ٿو؟ ڪائي ته لاشعوري قوت آهي، جيڪا هن کي ڪٿي به سک جو ساهه کڻڻ نٿي ڏئي!_....(ص 82)
مٿين مثال مان اسين ڄاڻي سگهون ٿا ته انسان پنهنجي داخلي لاشعوري قوتن ۾ ڪيترو دٻيل آهي. دراصل در جو کڙڪو انسان جي دٻيل قوتن جو اظهار آهي ته انسان پنهنجي داخلي ۽ جبلتي قوتن کي سماجي ٽبوز ۾ ڪيترو دٻايو آهي ۽ انسان پنهنجي جبلتي قوتن جي دٻاءُ هيٺ بيوس رهيو آهي. جتي هن کي ڪڏهن به جنسي خواهشن کي ماڻڻ يا اظهارڻ جو رستو نه ڏنو ويو آهي. تحليل النفسي انسان کي انهي بيماري جو علاج انساني جبلتي آزادي ۾ پيش ڪيو آهي پر اهو سمورو حل ۽ علاج اڃا تائين خواب آهي. خاص ڪري مشرقي معاشري ۾ ته اڃا اهو اظهار حرام جي دائري ۾ خوف واري تلوار جيان لٽڪيل آهي. جيستائين جديديت وارو انسان ان کان آزاد نه ٿيندو تيستائين انسان پنهنجي داخلي قوتن کي تخليقي قوتن ڏانهن نه موڙي سگهندو ۽ سماج پنهنجي فطري ترقي جي ڏاڪي تي نه رسي سگهندو. مغرب ته انهي رمز کي سمجهي ڪافي اڳتي وڌي ويو آهي پر اسان وٽ اڃا اها تلوار لٽڪيل آهي.
ٿلهي ليکي مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ جديديتي لاڙن جا تقريبن سمورا لوازمات پروڙي سگهجن ٿا جيڪي پنهنجي مخصوص دور ۽ سوچ جو اظهار آهن. نه صرف سندس هن ڪهاڻي پر سندس ٻين ڪهاڻين، ناوليٽ ۽ شاعري ۾ پڻ جديديتي لاڙن توڻي ٻين لاڙن جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو. مدد علي سنڌي پنهنجي دور جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار آهي جنهن پنهنجي لکڻين ۾ دور جي سمورن انساني ۽ سماجي مسئلن کي داخلي ۽ خارجي نوعيت سان اظهاريو ۽ پروڙيو آهي. سندس وڏي خوبي ڪهاڻي ۽ ڪردار ۾ محو ٿي وڃي دل ۽ ذهن توڻي نفسيات جو ڳالهيون اپٽارڻ سندس اهم خوبي آهي. هو انسان جي اندر ۾ ٽٻي هڻي وڏا خزانا کڻي اچي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو. اهي مسئلا بيشڪ مغرب ۾ هاڻي ٻي صورت اختيار ڪري ويا هجن پر مشرقي ۽ ٽين دنيا جي سماجن ۾ اڃا موجود آهن. اڃا سندس لکڻيون گهڻي تحقيق ۽ تنقيد جون گهرجائو آهن. نه صرف فڪري حوالي سان جديديتي لاڙا سندس ڪهاڻي ۾ نمايان آهن پر ساختي ۽ فني حوالي سان پڻ ڪهاڻي ۾ ڪو هڪ رخ نه آهي، ڇوته جديديتي ڪهاڻي يا افسانو تجربي جي بنياد تي آڌاريل آهي جتي ڪو هڪ رخو پلاٽ، ڪهاڻي يا ٽيڪنيڪ جي جاءِ تي تجرباتي ۽ بي ربط اظهار جو سلسلو آهي. ان کان اڳ ڪهاڻي جي ابتدا، وچ ۽ آخر تي فوڪس ڪيو ويندو هو ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻي تي توجهه ڏنو ويندو هو پر جديديت پسندي ليکڪن انهي ٽيڪنيڪ کي رد ڪري پنهنجو رستو اختيار ڪري ۽ ڪهاڻي کي انهن قيد و بندن کان آزاد ڪري انساني خود رو اظهار جو ذريعو بڻايو. جديديت جو هي پهلو پڻ گهڻو بحث طلب ۽ گهرجائو آهي، ڇوته مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي پڻ ڪهاڻي جي پلاٽ، قصي ۽ بيان ۾ هڪ جديديتي ڪامياب تجربو آهي.