عشق ۽ انقلاب جي ڪرانتيڪار ناسٽلجيا:
سنڌ ۾ ورهاڱي کانپوءِ وارا ٽي چار ڏهاڪا ادب، قومي تحريڪ ۽ هلچل جي حوالي سان غير معمولي رهيا آهن. جيڪي ماڻهو سٺ، ستر ۽ اسي جي ٽيهن سالن جي زماني ۾ نوجوان هئا، انهن جا قصا ٻڌڻ وٽان آهن.
هي اهو خوبصورت زمانو آهي جنهن ۾ حيدرآباد جي صبحن ۽ شامن توڙي راتين ۾ سنڌ جي شعور جو تَتُ غير معمولي طور تي متحرڪ هو، جن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، ظفر حسن، امداد حسيني، ولي رام ولڀ، نياز همايوني، ذوالفقار راشدي، طارق اشرف، مراد علي مرزا، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، نثار حسيني، شوڪت شورو، تاج جويو، عبدالواحد آريسر، نفيس احمد ناشاد، اِبن حيات پنهور ۽ مدد علي سنڌي شامل هيا.
حالانڪه انهيءَ وقت اهڙيون ڪي به سهولتون نه هيون جيڪي اڄ اسان کي مُيسر آهن. اڄ اسان وٽ موبائل فون، (بلڪه هاڻي ته سمارٽ فونز)، ليپ ٽاپس، فيس بوڪ، ٽوئٽر ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جا بيشمار جديد ذريعا موجود آهن، پر پوءِ به اڄ جي نوجوان وٽ اهو ادراڪ، سوچ، فهم، تخليقي سگهه ۽ گهڻ رخي معلومات نه آهي. مشيني گيجيٽس سان رهي رهي، اڄ جو انسان پاڻ هڪ موبائل فون جهڙي ڊوائيس بڻجي پيو آهي، جنهن جي رڳو ٽچ اسڪرين کي ڇهڻ جي ضرورت آهي.
ادب، آرٽ ۽ تخليق جي اگر ڳالهه ڪجي ته اڄوڪي تخليقي ادب ۾ اهو رس چس ئي نه آهي، (شاعريءَ کي ڇڏي)، تنقيد ته جهڙوڪر گذاري وئي آهي. رسالا ۽ مخزن اشتهاري ڪاروبار تائين محدود رهجي ويا آهن، اڄ سڄي سنڌ جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ مون کي ڪو هڪ به طارق اشرف جهڙو ايڊيٽر نه ٿو سُجهي.
”پنر ملن“، کان وٺي ”دل اندر درياوَ“، ”هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾.“، ۽ ”هو جي مئا ماڳ ۾“ کان وٺي ”شهر صحرا ڀانيان“ تائين اسان جي مدد عليءَ سنڌيءَ جو ساهتڪ سفر اسان جي ٽهيءَ جي لاءِ نه رڳو هڪ حَسين ٽاسٽلجڪ سفر آهي بلڪ سنڌي ادب جو هڪ اڻ مٽ اثاثو آهي.
ها، هي اهو ئي مدد سنڌي آهي، جنهن گُني سامتاڻيءَ جو جيءُ ڪهاڻين ذريعي جهوريو، جنهن سندس ڪهاڻين کي درد جي ڌاڳي ۾ پوتل ڄاڻي کيس ”ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگيءَ جي ڪنهن ٽرائل تي چڙهڻ جي“ چاهنا ڏني آهي.
يا وري هڪ اهو مدد سنڌي، جيڪو هڪ سٻاجھو ڪرانتيڪار بڻجي پوي ٿو ۽، سَردم دُکم دُکم جي سينَ هڻندڙ گوتم ٻُڌ جي ديس واسي قمرالنساء جي هاف ناف سِگار جي سڳندَ جهڙي خوشبو سندس ڪهاڻين ۾ رومانوي رنگ ۾ ڏسجي ٿي ۽ پوءِ لڳي ٿو ته انسان کي آخري ساهه تائين محبت جي مامري ۾ رهڻ کپي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪانتا، ڪملا، رابيل ۽ رخسانه جي اکين جو اسير رهڻ گهرجي.
ادبي دنيا کان سواءِ هن ڪرانتيڪاري اديب جو ٻيو هڪ انقلابي طور زبردست تعارف ڪنهن کان وسري سگھي ٿو. ڀلي اڄ اقبال ترين ۽ شاهه محمد شاهه هڪ نئين دنيا وسائي آهي، پر هر ڀيري هن فقير جي ڪچهرين مان ”سن“ جي مٽيءَ جي خوشبو ايندي آهي ۽ مون کي لڳندو آهي ته دنيا جي گونا گونين ۾ گم ٿي ويل هن بي چين شخص جي زندگيءَ جو محور عشق ۽ انقلاب ئي رهيو آهي.
امداد حسينيءَ جي لفظن ۾ هن فقير جي ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز ته الائي ڪٿان ۽ ڪيئن ٿيو پر مان سمجهان ٿو هن جو روح پن ڇڻ جي موسمن وانگي ”ر“، ”گ“، ”الف“ ۽ ٻين (شايد) شاعريءَ جي مُحرڪن جي اردگرد ڦرندو رهي ٿو. ڀلي هو سنڌ جي دل ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ دراز قامت ۽ نيري اکين وارين اپسرائن جي آس پاس رهي ٿو پر هن جو پاڳل من اڄ به ها اڄ به نذرت ڪاليج، سِول لائنز، لطيف آباد جي چونڪن تي آوارگي ڪندو نظر اچي ٿو.
هندستان جو عظيم فارسي گو شاعر مرزا عبدالقادر بيدل، ڪوي بهاري لال، ودياپتي، جئه ديوَ،موهن ڪلپنا، حشو ڪيولراماڻي، پنهنجي مُربي ڀاءُ ممتاز علي قريشي ۽ سڀني کان وڌيڪ سندس ادبي مرشد قرات العين حيدر کان متاثر اسان جو هي سيبتو سرجڻهار اڄ به ناسٽلجيا جي شهر جهڙي صحرا جو واسي لڳندو آهي ۽ اڄ به هن جو اندر انقلابي آهي ۽ “سن” واري سيد جي خواب جي ساڀيا جي ڳولا ۾ آهي ۽ اڄ به هُن جو من صليبي زلفن جي اسيريءَ ۾ آهي ۽ ”رابيل“ جي ماٺي سمنڊ جهڙن نيڻن جي نهار نه وساري سگھيو آهي، هن کي ته ننڍپڻ واري فوزيا ڪنهن مڌر لوڪ گيت وانگر ياد آهي. هن جي روڳي روح کان ته نذرت ڪاليج جون پُنر مِلن جي فلسفي کان بي نياز، اُھي اجنبي ڇيڳريون ڇوڪريون به نه ٿيون وسرن جيڪي سندس نظمن ۾ اڃان جوان آهن.
ذوالفقار راشدي چواڻي هي “مُحب الفقراء” دل جي معاملي ۾ اڄ به ”اکيون پيرڪري، وڃجي وو وڃجي“ واري لطيفي مصداق جو قائل آهي. آس آهي ته شال ائين ئي لکندو رهي، عشق ۽ انقلاب جا سپنا ڏسندو ۽ ڏيکاريندو رهي.