مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي:
[b]ممتاز مهر [/b]
ادب ۾ جڏهن ”جديديت“ جي تحريڪ زور ورتو تڏهن جيمس جوائس، ڪافڪا ۽ ورجينا وولف جي رچنائن ۽ سندن ڪن ٻين هم عصر ليکڪن، (توڙي ڪن اڳوڻن ليکڪن) جي رچنائن جي وچ ۾ وڏو فرق نظر اچڻ لڳو، فرق نه فقط هيئت ۽ اسلوب جو هو پر هنن جي سوچن ۽ خيالن ۾ به وڏي وڇوٽي هئي. ”جديديت“ وارو گروپ فرد جي داخلي احساسن کي وڌيڪَ اهميت ڏيڻ لڳو ۽ چيائون ته داخلي احساسن جي اظهار سان ئي اصل حقيقت ۽ سچائيءَ جي پروڙ پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته ٻئي گروپ جو چوڻ هو ته احساس، عقل (Reason) جي طابع هوندا آهن ۽ سچ اهو آهي، جيڪو منطقي هجي. عام دنيائي وهنوار ۾ اڪثر ڪري ماڻهو جا احساس عقل جي طابع هوندا اهن ۽ هو ڊپلوميسي جي ذريعي ئي دنيا ۾ ڪامياب رهي ٿو.
”جديديت“ وارا ليکڪ، ”عقل“ جي اهميت ۽ عظمت کي مڃڻ جي باوجود، احساسن ۽ جذبن کي دٻائڻ جا مخالف هئا. (جن فرائيڊ جي نفسيات، تحليل نفسيءَ کي پڙهيو هوندو؛ سي چڱيءَ طرح سان ڄاڻن ٿا ته احساسن ۽ جذبن کي دٻائڻ جا ڪهڙا نه خراب نتيجا نڪرن ٿا.) احساسن ۽ جذٻن کي دٻائڻ جو مطلب انسان جي وجود جو موت ٿي سمجھيائون. اها سوچ ايتري نئين به ڪانهي. 19 هين صدي (توڙي ان کان به اڳ) دوستو فسسڪي ۽ ٻين انيڪ اديبن ۽ شاعرن جي سوچڻ جو انداز به ساڳيو هو. مثال طور ڏيڍ سؤ سال اڳ پيدا ٿيل هنگري جي مشهور شاعر سئندور پتوفي (Sandoor Petofi) جڏهن چيو: ”منهجي ڳالهه کي سچ ڄاڻو، دل خراب صلاحڪار ناهي، اها اڪثر دماغ کان به اڳتي جي ڳالهه جو ادراڪ ڪري وٺندي آهي.“ تڏهن هن به اها ئي ڳالهه ڪئي آهي ته انساني جذبن ۽ اُمنگن جو قدر ڪيو وڃي. 20 هين صديءَ جي ترقي يافته مشيني دؤر ۽ روٽين شهري زندگيءَ انهيءَ سوچ کي وڌيڪ؟؟َ هٿي ڏني. جديديت وارن انهيءَ سوچ کي ادب جي نئين ٽيڪنڪن ۽ اسٽائلن ۾ ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو آهي.
مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي: ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ کي انهيءَ پس منطر ۾ ڏسڻ گهرجي. منهنجي راءِ ۾ سندس اها ڪهاڻي جديد سنڌي ڪهاڻين ۾ هڪ خاص مقام رکندي اها نهايت خوبصورت ڪهاڻي آهي، حقيقي صورتحال کي ظاهر ڪندڙ نهايت جرئت واري، بناوٽ کان عاري ڪهاڻي. ظاهر ۾ مايوس۽ انسان جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي پر اصل ۾ ڇيڙيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ (Provocative) ڪهاڻي، جهڙي فرانز ڪافڪا جي رچنا: طنز جا تيز هڻندڙ، ڇيڙيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ!
مدد علي سنڌيءَ جي انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ ڪن پهلوئن جو جائزو وٺڻ کان اڳ ۾، مان ادب ۾ جديد لاڙي جي باري ۾ اولهه جي هڪ برک ليکڪ اوي جانس (Uwe Johnson) جو حوالو ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان، جنهن چيو: ”همعصر ليکڪن جي باي ۾ هي چئي سگهجي ٿو ته مجموعي طور تي هنن، ٻاهرين دنيا ۾ آيل ٽيڪنيڪي ۽ نفسياتي تبديلين جي مناسبت سان پنهنجي (لکڻ جي) اسٽائيل اختيار ڪئي آهي. هڪ طرح سان ”جديد“ جي معنيٰ اها آهي. اسٽائل ۽ زبان ۾ ٿيندڙ ڦيرا سماج ۾ ٿيندڙ ڦيرن سان مشابهت رکن ٿا.
”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ۾ ليکڪ، هڪ نوجوان جي خيال ۽ ويچارن کي، ”شعور جي وهڪ“ واريءَ ٽيڪنڪ ۾ جيئن جو تيئن ظاهر ڪندي، اڄ جي انسان جي داخلي، خارجي مسئلن کي پيش ڪيو آهي. مشيني دؤر جو انسان، جنهن جو ”وجود ئي سندس بنيادي مسئلو آهي..... انسان جي زندگي انسان جو وجودُ: ”فقط سوڙهين گهٽين، اونداهين گهرن ۽ کليل آڪاس جي هيٺان بند ۽ گهٽيل گهٽيل زندگي! کليل آڪاس هوندي به ڪنهن قيد جو احساس. اهڙو احساس، جيڪو من کي ڪنهن اڏوهيءَ جيان هر وقت کائيندو رهي ٿو. “ ڇا اهو احساس هر حساس ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن نه ٿيندو آهي؟
انسان سڪون چاهي ٿو، پنهنجي زندگيءَ کي مقصد وارو بڻائڻ چاهي ٿو، هو نجات چاهي ٿو..... ڇوٽڪارو/مڪتي! اها خواهش، جيڪا وڌيڪَ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي، انسان جي ازلي خواهش رهي آهي. گوتم جي خواهش.... سقراط جي خواهش.... ڪافڪا جي خواهش.... سارتر جي خواهش! اهو ادب ۽ فلاسافي جو بنيادي مسئلو رهيو آهي. خاص طور تي ”وجوديت“ (Existentialism) جي متي جو.
هڪ شخص پنهنجي حياتي ڪيئن بي مقصد گذاري پوري ڪندو آهي، تنهن کي ليکڪ هيئن بيان ڪيو آهي، ”۽ مون کي اڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو انهيءَ شخص جي جيون تي ڏُک ٿي رهيو آهي، جنهن کان مان سڄي زندگيءَ نفرت ڪندو رهيس. (پر ڏک ٿئي به پيو.... ۽ نه به) آخر انهيءَ شخص جي ستر سالن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا هو؟.... ان جي معنيٰ، انهي شخص جي سڄي زندگيءَ اجائي ويئي!؟.... هن کي سواءِ نفرتن جي ٻيو مليو ڇا؟ نفرت، زال جي نفرت، اولاد جي، ۽ ٿي سگهي ٿو، مرڻ کان اڳ هن کي پنهنجو پاڻ کان ۽ پنهنجي ستر سالن جي زندگيءَ کان به سخت نفرت ٿي هجي.....؟ هو ڪنهن جي کٽ تي نه ويهندو هو...... نفرت! هو پنهنجي گلاس کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي گلاس ۾ پاڻي نه پيئندو هو...... نفرت!
هو پنهنجي ڪرسي کان سواءِ ٻئي جي ڪرسي تي نه ويهندو هو..... نفرت!. هن جي کائڻ جا ٿانوَ الڳ هئا..... نفرت! هو ٻين سان گڏ ويهي ماني نه کائيندو هو..... نفرت! هو کنگهندو هو.... نفرت! هو کانگهارا اڇلائيندو هو.... نفرت!
ڀيڙ ۾، ۽ هيترن سارن ماڻهن جي وچ ۾ انسان ڪنهن مهل ڪيئن نه پاڻ کي اڪيلو ۽ اجنبي محسوس ڪندو آهي، تنهن ڪيفيت کي چٽيندي، اڳتي هلي ليکڪ، وجود ۽ عدم وجود واري احساس کي، گهرن ۽ جاين جي ناتي سان هيئن بيان ڪري ٿو: ”۽ مان هن رستي تان، بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي هلي رهيو آهيان، اهو وساري ته ڪڏهن ڪنهن دؤر ۾ مون جهڙائي ساڳيا انسان ائين مون وانگر سوچيندا هليا هوندا. هي سامهون کان بيٺل پيليون پيليون اداس ماڙيون، ائين ئي بيٺل آهن، بيٺل رهنديون، پنهنجن رهندڙن کانسواءِ! (۽ هوءَ ماڙي خبر ناهي ڪنهن جي آهي. جنهن مٿان لکيل آهي: ڪملا ڪاٽيج، 1940ع ماڙي جي سامهون نور محمد اسڪول جي هٽن ۾ ماڻهن جي ڀيڙ آهي ۽ هٽن جي پريان اسڪول مان ڇوڪرن جي گوڙ جو آواز اچي رهيو آهي، خبر ناهي ڪهڙو ڇوڪرا پڙهندا هوندا؟.... اسڪول به انسان جيان پراچين آهن، جن کي پنهنجو اتهاس آهي، جيڪي انسان جيان پراچين هوندي. اتهاسڪ هوندي به گمنام آهن، پنهنجي معنيٰ ۽ وجود هوندي به، کين ڪا معنيٰ ڪانهي. ڪو وجود ڪونهي!“
نفرتن ۽ محرومين جو شڪار انسان ڪيئن نه موت ۾ (نه چاهيندي به! ٻين سان نفرت ڪندو آهي، تنهن نفسياتي نڪتي کي خوبصورتيءَ سان چٽيندي، ليکڪ، ڪردار ذريعي هڪ نهايت تلخ حقيقت کي هيئن بيان ڪري ٿو: ”اسين پنهنجن محرومين جا بدلا سدائين ٻين کان الائي ڇو وٺندا آهيون؟ ان ڪري ئي مان هاڻ هن جي چهري ڏانهن نه ڏسندو آهيان. هر انسان جي چهري تي ڏک ۽ اڪيلائيءَ جون ريکائون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. پر ڪير ٿو محسوس ڪري ڪنهن جا ڏک، درد ۽ غم.... منهنجا نظريا منهنجا پنهنجا آهن. هن موت جي ويجھو ويندڙ منهنجي ماءُ کي منهنجن نظرين مان ڪهڙو فائدو پهتو؟ ڪڏهن ڪنهن سوچيو به آهي، اسان پنهنجي ئي خاص ٺاهيل نظرين جي ڪري، پنهنجن ويجھن کي ڪيڏو نه ڏکويون ٿا!.... پر سڀ ڪجهه ٿئي پيو. ٿيندو رهندو ائين....“
انسان پنهنجين نفرتن ۽ چاهتن، ڏکن ۽ سکن سوڌو پنهنجي زندگي جا ڏينهن پورا ڪري رهيو آهي: ”انهي اوسيئڙي ۾ ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور Resurection ٿيندي..... پر ڪير ڄاڻي، ان پرهه ڦُٽي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪا گهري ننڊ جي لپيٽ اسان کي وٺي وڃي!“
”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ڪهاڻي آهي، انسان جي نه ختم ٿيندڙ پيڙا جي، زندگيءَ کان موت تائين واري عرصي جي، نئين جڳ جي سوچيندڙ ۽ لڇندڙ انسان جي، ”نئين جنم“ جي اوسيئڙي جي!
ورجينا وولف، پنهنجي ڊائريءَ جي آخري صفحن ۾ڪنهن هنڌ لکيو آهي: ”هينري جيمز جو هڪ ئي جملو مون کي ياد ٿو اچي: جذبن جو تجزيو ڪندا رهو، وڌندڙ ڄمار جو تجزيو ڪريو. لالچ جو تجزيو ڪريو. پنهنجي اتساهه، پنهنجي ئي اداسائيءَ جو تجزيو ڪريو. ائين ڪرڻ سان سڀ ڪجهه ڪارائتو ٿي ويندو آهي.“
ڪهاڻي: ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ ۾ ڪهاڻيڪار ائين ئي ته ڪيو آهي!