شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

تون سان نينهن اڳهانڊ و...

[b] پير عبيد راشدي[/b]
مدد علي سنڌي هڪ اڻ ٿڪ حساس ۽ ورچي نه ويهڻ وارو انسان آهي. ڪتابن ۽ ڌرتي سان ازل جو پيچ اڙيل اٿس. مدد علي جي سگهاري سڃاڻپ ڪهاڻي آهي جنهن نئين ٽهيءَ کي وڌ کان وڌ متاثر ڪيو. بلڪه ائين چئجي ته هو Trend Setter ڪهاڻي ڪار آهي. هن جي تخليقي ڪهاڻين 1970-80 وارن ڏهاڪن ۾ ڄڻ ڀير تي ڏوڪو هنيو. سندس ڪهاڻيون نثري نظم وانگر شروع ٿيندڙ ۽ انت ڇرڪائيندڙ ڄڻ ڪنهن سان سرٻاٽ ڪندي اوچتو چپن جي اوٽ ۾ ڪا ڳالهه رهجو وڃي. مدد علي سنڌي ڪهاڻين سان گڏ ناول، سفرنامو ، مضمون ۽ جديد شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس هر ڪهاڻي ناول جيترو ڪئنواس رکي ٿي مدد علي نه رڳو تخليقي حوالي سان پر آدرشي ۽ نظرياتي سياست جي حوالي سان هڪ منفرد الڳ ۽ نرالي سڃاڻپ رکي ٿو. هن زندگي جي اوائلي دور اسڪول ، ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دؤران عملي سياست ۽ حصو ورتو. ۽ سنڌ جي عشق ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ خارج ٿيو. ۽ سندس بزرگ والد 80 سالن جي عمر ۾ قيد ۽ بند جا ظلم سٺا. هو پنهنجن ساٿين سان گڏ روپوش هو ۽ سندس گهر وارا پريشان ۽ بزرگ پيءُ قيد ۾. مدد علي ڪنهن مضمون ۾ لکي ٿو:
”هڪ ليکڪ کي سياست ۾ حصو وٺڻ گهرجي يا نه اهو سوال ور ور ڪري ذهن جي ڪينواس تي اڀري ٿو سچ پچ ته جڏنهن هي ڳالهه لکي رهيو آهيان ته دل ڏکويل آهي. سوچيان ٿو ڇا واقعي مان سياست ۾ آهيان يا وقت حالتون ڌڪي مون کي ايڏهان وٺي ويون. ڪالهه 20 ڏينهن ٿيا جو رات جو ننڊ نٿي اچي. هيئنر جڏنهن سڄو جڳ ننڊ ۾ آهي ته آئون جاڳي رهيو آهيان. ۽ پريشان آهيان جو بابا کي صوبائي وزير بديع الحسن زيديءَ جي اغوا کانپوءِ منهنجي عيوض لاڪ اپ ڪيو ويو آهي . منهنجو ابو 80 سالن جي عمر ۾ منهنجي لاءِ ڇا سوچيندو هوندو دل ڏڪي ٿي وڃي.“
(مضمون: ڪڏنهن اتر سامهان ڪڏنهن دونهي جهل)

سنڌ جي ازلي عشق ۾ مدد علي جي پڙهائي متاثر ٿي. سندس ٻين ساٿين ابن الوقت ٿي هر نئين حڪومت سان ٺاهه ڪيا. ويساهه گهاتيون ڪيون. روزگار ورتا. واسڪوٽيون پاتيون. سنڌ جي شاندار تاريخي ٻيلن جا وڻ وڍائي سرڪاري زمينن تي قبضه ڪيا پر مدد علي ڪنهن سان ٺاهه نه ڪيو. نه وري پنهنجي سياسي وابستگي تبديل ڪئي. هو جوڀن رت کان وٺي هن عمر تائين ساڳي آدرش تي اڏول آهي. هن جيڪڏنهن ڪنهن وڏي ماڻهو جي اخبار ۾ ڪم ڪيو. يا ويجهو رهيو ته ذاتي حيثيت ۾ نه نظريي ضرورت جي نظريي تحت جڏهن به اخبارن ۾ ڪم ڪيائين ته خودمختيار ٿي ڪيائين.
1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فڊريشن جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو ته سموري سنڌ جي تعيلمي ادارن جي با شعور شاگردن جو محبوب اڳواڻ هو. تعليمي ادارن ۾ دوستي وقتي ٿيندي آهي. پر مدد علي اڄ ڏينهن تائين پراڻن دوستن سان ڏک سک ۾ گڏ آهي.
1972-73 وقت سنڌ ۾ ٻولي واري بل جي رٿ تي سڄي سنڌ لال لهو ٿي وئي. ڪراچي، حيدرآبا ، مير پور خاص ۽ ٽنڊي ڄام جي شهرن ۾ موت جو راڪاس انسانيت تي گجهين جيان لامارا ٿي ڏنا. سنڌ ڄاوا شهرن ۾ سنڌي اقتدار ڌڻين هوندي به حيدرآباد ، ڪراچي ۽ شاهه لطيف آباد مان پنهجا جنمي پاڙا ڇڏي ويا. پر اسان جو پيارو مدد علي سر اڏيءَ تي رکي، قميص جي کليل بٽڻن سان مٺيون ڀيڪوڙي وٽيل شهپرن سان گاڏي کاتي، اسٽيشن روڊ ۽ کوکر محلا ۾ ڌارين کي للڪاريندو وتيو. ۽ پراڻن پاڙيسرين کي شهر نه ڇڏڻ جو چوندو رهيو. سنڌ جو ارڏو اديب مرحوم طارق اشرف سچ لکڻ جي ڪري بندي خاني ۾ هليو ويو ته مدد علي سندس گهر وارن جي سار لهندو هو. اهڙي ڏکي وقت ۾ پنهنجي گهر لڳ آشرم ۾ سنڌ جي ننڌڻڪن قومي ڪارڪنن کي پناهه ۾ رکيو. سندس گاڏي کاتي واري گهر جي ڏاڪڻ واري ڪاٺ جي در تي جيئي سنڌ ۽ بنگالي بندو شيخ مجيب الرحمان جي آزادي جا نعرا لکيل هوندا هئا. شايد اهي نينهن نعرا 1970 ۾ لکيا هئائين.
منهنجا وڏا سوٽ ماسات پروفيسر پير سائين عبادالله راشدي ۽ ڊاڪٽر پير محمد مصطفى حيدرآباد جي مسلم ڪاليج ۽ ڪينٽونمينٽ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا جتي هو مدد علي کي ويجهو ٿي ويا. پروفيسر سائين عباد راشدي جي شادي جي وليمي ۾ مدد علي ۽ نظير ميمن گڏ آيا. آيا ته مدد جا ٻيا ساٿي به هئا پر آئون مدد سان ويٺو رهيس. اها اسان جي دوستي جي شروعات هئِي .
1980 ۾ مون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. درسي ڪتاب ته ورلي کڻندو هئس. باقي سياسي ڪتاب هاسٽل جي روم جي اسٽيڊي ٽيبل ۽ الماري ۾ سٿيل هوندا هئا. لکڻ ته اڃان شروع نه ڪيو هيم. پر ساڳي دور ۾ گڏ پڙهندڙ يا سينئر دوست رضيا جوکيو، زبيدا ميتلو ، قرت العين عيني، اخلاق انصاري ، طارق عالم ، نصير مرزا، عابد مظهر ، محمود مغل، ڪنول لهاڻو، سائين داد ساند نور گهلو ادب ۾ پنهنجي مڃتا ماڻي چڪا هئا. هو سڀ دوست جو ڪجهه ڏسندا ڀوڳيندا هئا انهن تي ڪهاڻي يا شاعري لکي وٺندا هئا . ادب هونئن به ذاتي اجتماعي ڀوڳنائن جو گلدان ٿيندو آهي. انهن جون لکڻيون ڏسي حيرت ٿيندي هئم ته ساڳين ڪيفتن مان آئون به گذران ٿو پر ڇو نٿو لکي سگهان؟
ڪجهه لکندو هئس ته ساڳي لمحي ڦاڙي هاسٽل جي دري مان اڇلائي ڇڏيندو هئس. هڪ ڏينهن ڪجهه لکي نور گهلو ۽ اخلاق انصاري کي ڏيکاريم. هنن همت ڏياري. وري ٻيهر لکڻ جو چيو. پر مون ڪاڳر ڦاڙي دري کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيا. شام جو هاسٽل کان ٻاهر ڪينٽين ڏانهن قدم کيم ته ڪنهن هاسٽلر ڀوڳ ڪرائي چيو، ”اڄ پڻ تنهجي روم مان ڪبوتر اڏريا؟“
”هاسٽل لائيف ۾ هر ڪو ڪبوتر اڏاريندو آهي.“ مون کيس وراڻيو.
شام جي وقت جڏنهن هاسٽل کان ٻاهر نڪرندو هئس ته شاعري يا ڪهاڻين جو ڪو ڪتاب هٿن ۾ هوندوهئم ڪينٽين تي خان صاحب عبدالڪريم پلي جو شهزادو پٽ اعجاز علي، لائق ٿيٻو، محمد طيب ورياماڻي ۽ عزيز پلي اڳئي ويٺل هوندا هئا. ڪتابن جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن اسان سڀني دوستن تي امر جليل جي ڪهاڻين، ’سرد لاش جو سفر‘، ’هڪ دل جي اڪيلائي‘، ’اروڙ جو مست‘، ’ساڻو ساڻو ساهه.‘ نسيم احمد کرل جي ڪهاڻين، ’چوٽيهون در‘، ’ڪافر‘. ميڊم نسيم ٿيٻو ۽ ميڊم خيرالنساءجعفري جي ڪهاڻين، ’هاسٽل کان حويلي تائين‘ ۽ ٻي ڪهاڻي1966-67 جو سحر ڇانيل هوندو هو . انهن ڪهاڻين ۾ پنهنجا Complexes ڳوليندا هئاسين. هڪ منجهند هاسٽل جي ڪمري ۾ هڪ آل انڊيا ريڊيي تان فرمائشي گانا ٻڌندي اک مس لڳي هئم ته در تي هلڪي ناڪ ٿيڻ سان عبدالڪريم پلي جو شهزادو پٽ اعجاز علي مرحوم واچوڙي وانگر روم ۾ داخل ٿيو، ويهڻ سان سهڻي رسالو کولي پڙهي ٿڌا ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو.
”امر جليل جي ڪهاڻي ڇپي آهي ڇا؟“ ريڊيو بند ڪري پڇيو مانس،
”تيار ٿي هلي حيدرآباد ۾ ملونس. بابا جو دوست آهي.“
هن نالي وٺڻ کان سواءِ حجت ڪئي. مون سمجهيو امر جليل فاران هوٽل يا رٽز هوٽل ۾ ٽڪيل آهي هاسٽل جون ڏاڪڻيون لهي ٻاهرين گيٽ تي اعجاز بائيڪ کي ڪڪ کان اڳ ٻيهر رسالو ڏيکاريو . مدد علي سنڌي جي شاهڪار ڪهاڻي، ’هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾‘ ڇپيل هئي. ڪهاڻي اڃان ڏسڻ شروع ڪئي هيم ته اعجاز پلي اتاولو ٿي انڊر لائين ڪيل ڊائلاگ، پڙهڻ جو چيو. انڊر لائين ڪيل ڊائلاگ هو:
”سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڏانهن ويندڙ بس ڪڏنهن آهستي ته ڪڏنهن تيز هلي پئي. هو دري ڀرسان ويٺل آهي. دري جي ڀڳل شيشن مان جنوري جي ٿڌي هوا کيس لڳي پئي. هو ٻاهر نهاري ٿو. تيز هوا سوساٽ ڪندي رستي جي پاسي کان بيٺل وڻن جا پيلا پن ڇانڻيدي بس سان ٽڪرائجي پئي. هڪ پن اچي منهن ۾ لڳيس ٿو. پن کي هٿ ۾ کڻي ڏسي ٿو.الائجي ڪهڙي وڻ تان ڇڻيو؟ ڪڏنهن هي پن سائو هوندو. هوا ۾ هڪ عجيب سڳند آهي. اهڙي سڳند جا ڪڏهن ڪڏهن هوندي آهي...“
اعجاز پلي هٿ مان سهڻي رسالو کسي هٿن سان ڪيل انڊر لائين ڪيل جملو پڙهي ٿڌو اونهو ساهه ڀري پڙهڻ لڳو، ”توهان اڄ ڪلهه ڊائلاگ سٺا ڳالهائڻ لڳا آهيو؟“
”ائين ذليل ڇو ڪندي آهين؟“ کل اهڙي جيڪا سندس ڪاوڙ لاهي ڇڏيندي هئي.
”توهان گهڻي سوچڻ جي ڪري اهي ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهيو جيڪي اوهان لاءِ نقصان ڪار آهن ناراض آهيو ڇا؟“
”پوءِ؟“
”خبر به اٿئي ته ناراض نه ٿيندو آهيان ۽ جيڪڏهن ٿيندو آهيان ته به ڪهڙو فرق ٿو پوي ڳالهائيندو به ته پاڻ آهيان.“
”...“
”فوزي ناراض ٿي وئين ڇا؟“
”ڇو ڪمال آهي مان هروڀرو ناراض ڇو ٿينديس هاڻ هي وٺ.“
”ڇاهي؟“
فوزيءَ ڏٺو. هو بيدلي سان گفٽ پيڪ ٿيل هئي. انهي جي مٿان لکيل هو (From Unknown We Come To The Unknown We Go )
اعجاز علي پلي مدد علي جي ڪهاڻي مان ڊائلاگ پڙهي سگريٽ دکائي ڄامشوري جي آسمان ۾ ڏٺو.
اعجاز منهنجي بنهه ويجهن دوستن مان هو انهن ڏينهن ۾ هو درد وڇوڙي جو ماريل هو.
عجيب اتفاق هو مدد علي جي ڪهاڻي جي نائڪا جو نالو فوزي هو ۽ اعجاز کان يونيورسٽي ۾ رسي ويل پريمڪا جو نالو پڻ ساڳيو هو. مدد علي جي ڪهاڻي، ’هستي جي اجاڙ ايوانن ۾‘ سچ ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪيفيت تي لکيل هئي. اڄ جيڪڏنهن اها ڪهاڻي ڪنهن وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿئي ته ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن کي ڊاڪٽر محمود الحسن سينٽرل لائبريري ۽ انهي لڳ پريم گلي ۾ رٺل پرتل پريم ڪٿائون ياد اچڻ لڳنديون. مرحوم اعجاز علي ۽ آئون ڪڏنهن ڪڏنهن ڳوٺان ڪار گهرائي گهمندا هئاسين. يا ڪنهن دوست جي بائيڪ تي ڄامشورو المنظر، شاهه لطيف آباد حيدرآباد گهمندا هئاسين.
مونکي ياد آهي- خان صاحب عبدالڪريم پلي، مدد علي جي چوڻ تي اعجاز کي اسڪوٽر وٺي ڏنو هو .
”يار، مدد واهه جي ڪهاڻي لکي آهي. بابا جو دوست آهي. بابا وٽ ڪڏنهن اڪيلو ته ڪڏنهن عبدالقادر جوڻيجي سان گڏجي ايندوآهي.“ اعجاز ٻڌايو.
*
”مدد علي، مرحوم چاچا حامد علي شاهه، چاچا مرحوم پير مظهر حق جن جو پراڻو دوست آهي. گاڏي کاتي ۾ پاڙيسري هوندا هئا. مدد، چاچا سهڻي پير فضل الحق جي قومي ڪارڪنن جي سهائتا ڪرڻ جي ڪري هميشه واکاڻ ڪندو آهي.“
مدد علي کي سڄي سنڌ سڃاڻي. حيدرآباد گاڏي کاتي، کوکر محلي ۾ کيس ڪنهن نه ٿي سڃاتو. اخبار فروش بڪ اسٽالن وارن، مشهور وڪيل غلام رسول شاهه، پروفيسر شهيد حزب الله ميمڻ، شاهي بازار وارو ڪپڙي جو مشهور واپاري مرحوم عبدالڪريم ميمڻ، سنڌ جي موجوده صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ جو پيءُ انعام ميمڻ، پروفيسر عمر ميمڻ ، بمبيءَ بيڪري وارو سيٺ ڪمار ٿڌاڻي.
مرحوم طارق عالم ابڙو بيمار ٿيو ته حيدرآباد مسلم ڪاليج ۾ دوست، مدد علي گڏ ڪيا جنهن ۾ نورالهدا شاهه شريڪ ٿي هئي. ۽ مدد جي ڪوشش سان ئي طارق جو علاج ڪرايو ويو. هڪ ڀيري مرحوم چاچا پير حامد علي شاهه حيدرآباد لڳ ٽنڊي فضل واري فارم هائوس تي شاندار دعوت ڪئي هئي جنهن ۾ موجودا پيرصاحب پاڳاري، قاضي امتياز، مدد علي، عاشق حسين ميمڻ ۽ نور احمد آخوند شريڪ ٿيا هئا. آئون مرحوم اعجاز علي پلي ءَ سان بائيڪ تي هوائن ۾ اڏرندا مدد جي گاڏي کاتي واري گهر پهتاسين. کيس گهر ۾ نه ڏسي گهر لڳ سندس جوڙيل آشرم ۾ ويٺل ڪامريڊ عمر شوري کان مدد جو پڇيو. (ڪامريڊ عمر وٽ مرحوم معصوم سانگهڙائي ويٺل هو مرحوم معصوم سانگهڙائي هڪ سچو ديش ڀگت ۽ شاعر هو هن سان قومي تحريڪ ۾ ڏاڍيون ويساء گهاتيون ڪيو ويون. هو حسن درس ۽ عرفان مهدي جهڙو حسين هو. هو ٽئي الهڙ وهي ۾ حياتي جي جنگ هارائي ويا. سنڌ کي انهن جي اڃان ضرورت هئي. ڪامريڊ عمر شورو، سائين جي ايم سيد جي حيدرآباد واري جيئي سنڌ هاسٽل ۾ جلسي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ شديد زخمي ٿيو هو.)
ڪامريڊ عمر پڇڻ تي ٻڌايو ته مدد علي سنڌ نيوز اخبار جي آفيس ۾ آهي. تن ڏنهن ۾ مدد اخباري دنيا ۾ نئون نئون IN ٿيو هو.
جڏنهن هو نئون صحافت ۾ داخل ٿيو هو ته ڪيترن دوستن شڪ ظاهر ڪندي چيو هو، ’ڪٿي صحافت جي جنگ ۾ مدد علي جي حساس تخليقي ڏات رهڙجي نه پوي؟‘ پر جتي صحافت ڪنڊائون جنگل آهي اتي تخليقي ادب بخملي سيج به ڪانهي. تخليقي ادب آهي ئي وارياسو پنڌ. پر سنڌ وارن ڏٺو مدد علي وڌيڪ سگهاريون اتسائيندڙ ڪهاڻيون، ناول سفر ناما لکيا. مدد هميشه نون لکندڙن کي همٿايو. انهي لاءِ ان سنڌ نيوز اخبار ۾ ادبي صفحو جاري ڪيو، جنهن جو سرواڻ اخلاق انصاري هوندو هو. آئون ۽ اعجاز علي پلي اسٽيشن روڊ ٽپي هن وٽ ويندا هئاسين. هميشه جهڙي مٺي کيڪار ڪري ملندو هو. مدد سان منهنجي اڳي ئي قومي سياست جي ڪري ڄاڻ سڃاڻ هئي. هو جڏنهن جساف جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هو ته آئون حيدرآباد ضلعي جو صدر هوندو هئس. پر ڪهاڻي جي دنيا جي ڪري گهر ڀاتي ٿي وياسين.
حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي ادبي سياسي گڏجاڻين ۾ گڏ شريڪ ٿيندا هئاسين. گاڏي کاتي واري گهر ۾ بيزار ٿيندا هئاسين ته شهر جا ڇيڙها وڃي کڻندا هئاسين.
مدد علي، عامل ڪالوني، هيرا آباد ، تلڪ چاڙهي تي سنڌي هندن جي ڇڏي ويل عاليشان گهرن جي ڄڻ ڊائريڪٽري هوندو هو. هو هميشه مُٺيون ڀيڙي ۽ قميص جا بٽڻ کولي هلندو هو. گاڏي کاتي جا بڪ اسٽور، اسٽال، شاهي بازار، ڪوهه نور سينما، مولى علي جا قدم مبارڪ، تلڪ چاڙهي ۽ ٽاور مارڪيٽ کان وڃي نڪرندا هئاسين. تلڪ چاڙهي تي اسان جي ويهڻ جا ٿاڪ هوندا هئا، سليم قريشي جي ڪتابن جو دڪان ’ادبيات‘، ٽريننگ ڪاليج جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ چترڪار شرجيل جي ننڍڙو روم، جبيس هوٽل ۽ روڊ جي هن پاسي مشهور ايراني هوٽل. تلڪ چاڙهي تان لهندي نذرت گرلس ڪاليج ڏسي روميو بنجي ويندو هو. ڪا جوليٽ ياد پوندي هئس.
”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا.“
’نذرت گرلس ڪاليج جي اڱڻ ۾ گهرن ۽ گهايل نيڻن سان هوءَ سندس آڏو بيٺي. هن چتائي انهي اداس اپسرا کي ڏٺو. سندس هٿ ۾ سفيد گلاب ۽ سندس کاٻي ٻانهن ۾ سونو ڪڙو پيل هو. اوچتو وڻن مان اڇا ڪبوتر اڏاڻا. ڪبوتر ڪيٿولڪ چرچ جي مٿان ٽنگيل ٽياس تي وڃي ويٺا. بائبل ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ’تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ پکڙيل آهي هڪ وشال ماٿري.‘ ۽ مون سالن کان هڪ سپنو ڏٺو هو،
”انيلا ڪنهن ڪنهن پل پنهنجي وچ ۾ هڪ Gap محسوس ٿيندي آهي؟“
مدد علي کي نه رڳو حيدرآباد پر ڪراچي جي پراڻين جڳهين ۽ انهن جڳهين ۾ ڪڏنهن رهندڙ ماڻهن سان عجيب سڪ آهي. سندس هڪ ڪهاڻي (ڪرانتيڪار) ۾ نه رڳو سنڌ هند پر بنگال جي تاريخي اڀياس جو ذڪر آهي. ڪهاڻي ’ڪرانتيڪار‘. حيدرآباد شهر ۾ اوڀر پاسي مير صاحبن جي وسايل قديم بستي سندس ڪشادا گهر آهن. وڏا گهر شاهي اڱڻ. اونچون ديوارون. ڊگها گهاٽا وڻ. نمن ۽ ڪنڊي جا وڻ. پر انهي گهر ۾ قمرالنساء به رهي ٿي. قمرالنساء، نالو کڻندي مٺي مٺي درد جي لهر جاڳي پئي. هوءَ مهاتماٻُڌ جي هم وطن منهنجي جيون ۾ گهڙي ايندڙ ڪنهن مند جيان ڇوڪري. هالينڊ جي سگار، هاف نار سگار جي مٺي سڳند جي دونهي جيان سندس من ۾ ڦهلجندي وئي. هائي حياتي املتاس جي وڻ جيان...“
نذرت ڪاليج کان ورندي اسٽيشن روڊ تي عباسي اسپتال وٽ بيٺل قديم بڙ جي وڻ جي ٿڌي ڇانوء ۾ پگهر پيا نڪرندا هئس. هٿن مان نڪري ويندو هو. ٿڌا ٿڌا ساهه پيو کڻندو هو. کيس پگهر ۾ ڏسي ڀر ۾ بيـٺل ڪمند جي جوس واري کي ٻن گلاسن جو چوندو هئس. صلاح آئون ڪندو هئس پر اٽڪل سان پئسا پاڻ ڏئي ڇڏيندو هو. مدد علي هوئن به سخاوت ۾ حاتم طائي جي سخاوت کان به مٿاهون آهي. عباسي اسپتال جي آپا ممتاز وارن سان مدد علي وارن جا خانداني رشتا هئا. مرحومه مڌو بالا جي نقشن جهڙي هوندي هئي.
ڪراچي ۾ هوندا آهيون ته سمنڊ ڪناري ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ رهاڻ پئي ٿيندي آهي. يا فورم مال جي ريسٽورنٽ ’ٽائيم آئوٽ‘ هميشه ڪافي پيئندو بنا کير ۽ کنڊ واري اندر ۾ الائجي ڪهڙين محرومين جي ڪوڙاڻ اٿس. سال ڏيڍ نڪور لکيل ڪهاڻي ۾ انهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل Palmist lady جو ذڪر خير ڪيو اٿائين. گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ مدد وٽ اڪثر ضرورت مند شاگرد ۽ اديب ايندا هئا. گاڏي کاتي جي پراڻين هوٽلن، نعمت ڪدا ۽ بخارا جا سيٺ مدد کي سٿ سان ايندي ڏِسي خوش پيا ٿيندا هئا.
مدد علي جي شاعري جي ڪتاب، ’پنر ملن‘ جي مهورت کان هفتو کن اڳ آئون ساڻس گڏ حيدرآباد، شاهه لطيف آباد ۽ ڄام شوري ۾ دوستن کي دعوت ناما هٿن ۾ ڏئي آياسين. باقي ٻين شهر ن ۾ پوسٽ ۽ تار ذريعي موڪلياسين. مهورت کان هڪ ڏينهن اڳ لج پت روڊ جي مشهور ڊپارٽمينٽل اسٽور مجيد تان مددعلي ۽ آئون پرفيومز ۽ سگار وٺڻ لاءِ وياسين. هي اڃان اسٽور ۾ هو ته آئون ٻاهر ڪار وٽ اچي بيٺس. پريان ڪنهن ٻي ڪار ۾ ڇوڪريون ويٺل هيون. ڇوڪريون ڄڻ مددعلي جي ڪهاڻين جون اداس، وياڪل مرڪندڙ ڪردار هجن! مدد ٻاهر نڪري منهنجي ڀرسان اچي بيٺو. ڇوڪريون اسان ڏانهن اشارا ڪري مرڪي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳيون. مدد جي حساس اک ستارن جو ڳجهه ۽ اڏامندڙ پکن جا پر پرکڻ واري ڇوڪرين کي ڏسي روڊ جي هن پاسي هارن ۽ گلن جا دڪان ڏسي اشارا ڪرڻ لڳو.
”ڳالهائين ته پنهنجي باري ۾ پيون. ڄاتل سڃاتل پيون لڳن.“ مدد چيو، ”مرڪ سندس وٽيل شهپرن مان لياڪا پائي رهي هئي.“
”گلابن ۽ موتيي جا گهونگهٽ ڪرڻ جا ارمان اٿن.“
مون چيو، ”مدد، ڪا وراڻي ڏي.“ انهي کان اڳ آئون پنهنجي ڪار وٽان هٽي ڇوڪرين جي ڪار ڀر ۾ بيهي موٽي آيس.
”ڪهڙا سر پيون وکيرين ڪجهه ٻڌائي؟“ مدد سوال ڪيو.
”پاڻ ٻنهن کي جاڙا ڀائر پيون چون. پر تنهنجي قد کان منهنجو قد وڏو پيون چون.“
مدد علي مرڪي ڏنو. مدد علي سنڌي ته منهنجو استاد. سندس آڏو مون پاڻ کي سدائين سيکڙاٽ ڀائنيو آهي. هو اسان واري ٽهي يا پنهنجي ٽهي وارن اڳيان ڪارونجهر جو مورآهي.
مدد علي، اسٽور تان ورتل ولايتي پرفيوم جي خوبصورت شيشي ڪڍي پاڻ تي ۽ پوءِ مون تي ڇٽڻ لڳو. مون کيس حيرت مان ڏسي چيو،
”گهڙيءَ ۾ شيشون خالي ڪري انهن ۾ ڇورين کي قابو ڪندين ڇا؟“
”ڇورين جو قد ڪاٺ پرفيوم جي خوبصورت شيشن جهڙو آهي؟“ مدد چيو. انهي وچ ۾ ڪا وهي چڙهل عورت مدد تي ڄاتل سڃاتل اکين سان ڏسندي ڪار جو در کولي ويهڻ جي ڪئي.
”هن جو قد ته پروفيسي ۽ ڀرٽ پرفيوم جي شيشن جهڙو ڊگهو آهي.“
خاموش رهي مدد پڇيو، ”سڃاتئي؟“
”نه!!“ مون ننهنڪر ڪئي.
”سنڌ يونيورسٽي جي ڪنهن وائس چائنسلر مٿس مهر ڪري ٻين جا حق کائي کيس يونيورسٽي ۾ نوڪري ڏني آهي.“
”ڇورين جو قد ته پرفيوم جي شيشن جهڙو پر خوشبو سڳند؟“
”ڪي خوشبووقتي ته ڪي دائمي روح تي ڇانيل!“
مدد ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو. مدد الائجي ڪيترين پريمڪائن کي خوشبو سان واسيل گفٽ ڏنيون ۽ ورتيون هونديون. الئه جي ڪهڙين جي ياد ۾ درياهه شاهه وانگر تار وهندو لکندو ٿو وڃي.
ڇوڪريون ڪار جي ٽائرن مان چرڙاٽ ڪڍائي اڳتي نڪري ويون. ۽ اسان ٻئي رستي تي ڪار جي ٽائرن جا نشان وياڪل اکين سان ڏسڻ لڳاسين.
”ڪار جي ٽائرن جا نشان ته رستي تي چٽا آهن. پر رستي ۾ مليل ماڻهن جا قدم بي نشان!“ مون چيو.
اهو ٻڌي مدد ٿڌو ساهه کنيو. ۽ پنهنجو نظم ’راهه‘ جهونگاريو،
”رابيل ايندي ئي
رابيل جا گل ٽڙي پيا آهن
ڪوئل دور ڪنهن وڻ تان ڪوڪي پئي
۽ هوءَ پنهنجا سمنڊ جهڙا نيڻ نوائي
راهه تڪي پئي ڪنهنجي؟“
مدد علي ڄڻ مٺي، ڀوڏيسر پاسي جو ڪو واري جو دڙو بڻيل هو. اهڙو دڙو جنهن تي مور، ڊيل ته روز ٽهوڪو ڪندا نچندا رڙندا آهن. پر انهن جا پير هوائون گم ڪري ڇڏينديون آهن.
*
مدد علي سنڌي جي شاعري جي ڪتاب، ’پنر ملن‘ جي مهورت ۾ نه رڳو حيدرآباد شاهه لطيف آباد ڄامشوري جا اديب اچي مڙيا پر سنڌ يونيورسٽي لياقت ميديڪل جا ادب سان چاهه رکندڙ شاگرد، شاگردياڻيون به اچي ڳاهٽ ٿيون. سڀني مدد کان آٽوگراف ورتا. آئون ۽ اعجاز پلي آٽو گراف وٺڻ لاءِ اسٽيج تي پهتاسين. مرحوم اعجاز ته آٽو گراف ورتو. پر مون پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا.
رات جو مدد علي جي گهر ڊرائنگ روم ۾ ويٺا هئاسين. ڊرائنگ روم ۾ عاليشان ناياب اينٽڪ شوپيسز ۽ ويلويٽ جي پردن کي ڏسي مرحوم اعجاز پلي الائجي ڪهڙي خيالن ۾ لڙهندي چيو،
”ماڻهو الائجي ڪهڙن رنگن ۾ گذاري ٿو. مدد تي انڊلٺ جا 7 ئي رنگ ڇانيل. پر هڪ رنگ سدائين مدام.”
اعجاز جو لهجو خماريل هو. مون اعجاز جي اکين سان مدد جي ڳاڙهي رنگ سان سينگاريل ڊرائنگ روم جا پردا بيڊ ليمپ شوپيسز ڏسندي کيس چيو،
”مدد جو وجود ڳاڙهي رنگ جي اجرڪ سان اڏيل آهي. سنڌ جو سماجي سياسي ڍانچي جي تبديلي لاءِ هن سدائين خواب ڏٺا آهن. ’ڳاء ڳاءِ انقلاب ڳاءِ‘ ۽ ’رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي‘، سدائين ورجايو اٿس،
”ڪهڙن انقلابن جي ڳالهه ٿا ڪريو؟“
*
مدد علي ماڙيءَ تان پنهنجي جيجل ماءُ کان دعائون وٺي موٽيو. اعجاز علي، مدد کان مون کي آٽو گراف وٺڻ جو چيو. مون کيس وراڻيو،
”جڏنهن منهنجي ڪنهن ڪتاب تي مدد علي سنڌي ٻه لفظ لکندو تڏنهن اهو منهجي لاءِآٽو گراف هوندو.“