شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

ڪا روشني ته ٻاريو

[b] ڊاڪٽر مخمور بُخاري [/b]

احساسن جي زبان کي لفظن جي صورت جي ضرورت نه هوندي آهي، اها پنهنجي صورت پاڻ ئي جوڙيندي آهي.
- شاعري احساسن جي صورت آهي
- شاعري جذبن جي صورتگري آهي
- شاعري ذهن ۾ جنم وٺندڙ خيالن جي خوبصورتي ٿي سگهي ٿي
ته ان سان گڏ شاعري گهڻو ڪجهه هجڻ جو پنهنجي اندر ۾ ساهس ساري ٿي شاعري ۾ اها سگهه هجڻ به گهرجي جو تخليق روح کي گهاڻي ۾ پيڙهڻ بعد ئي ڪا صورت اختيار ڪندي آهي.
تخليق باهه جو سمنڊ ترڻ ئي ته آهي. ٻيو ڇا آهي.
***
چوندا آهن شاعري سونهن ۽ عشق مان ڦُٽي ٿي. خيال ڀلو آهي. سچ ٿا مرد چون. حساسيت، حسنائيت ڏانهن ۽ حسنائيت، حساسيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پنڌ جو انت اچي ئي نٿو. انت تخليقڪار جو انت آهي. ۽ ڀٽائي کان وٺي اسين سڀ ’ڳوليان ڳوليان مَ لهان.‘ واري حالت ۾ رهڻ چاهيون ٿا. سمنڊ ڪناري به پياسا ۽ تاسارا رهڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته تاس لٿي ڄڻ قلم تي ڍؤ جي ڪٽ چڙهي ويندي ۽ تخليقڪار جو انت.
ماڻهو ڪهڙي به وهي ۾ هجي پر سندس ذهن کي سوچيندو رهڻ گهرجي. وهي عشق ۽ تخليق جي ڪرب کان نه ٽهندي آهي. ’سچو عشق نه ٻڍا ٿيوي ۽‘ سو مدد به مون کي هر وهي ۾ هڪ سوچيندڙ، لوچيندڙ ئي لڳو آهي. هن جي تخليق جو انت شل ڪڏهن نه اچي.
رونے سے اور عشق میں بے باک ہوگئے
دہوئے گئے ہم اتنے کہ بس پاک ہوگئے
(غالب)
سو وقت جي چڪ تي ڦرندي ڦرندي مٽي پنوڙي جي ڪا صورت اختيار ڪري وٺڻ وانگر تخليقڪار به اندر جي آويءَ ۾ پاڻ مراد ئي پچي رچي ريٽو ٿيو پوي.
مدد علي سنڌي، جي اڄ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، شاعر، سفرناما نگار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار واري ته آهي پر سندس دوستن وٽ سندس سڃاڻپ ’دوست‘ واري آهي. ماڻهو سڀ ڪجهه هجي پر وٽس ماڻهپو نه هجي ته هو ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي پر ساڳي ريت ماڻهو وٽ ڪجهه به نه هجي ۽ فقط ئي فقط وٽس ’ماڻهپو‘ هجي ته هو گهڻو مان لهي ٿو. مدد وٽ گهڻو ڪجهه آهي ته گڏوگڏ وٽس اهو ماڻ ماپو به آهي جنهن تحت هو مان ڏئي مان لهي ٿو. سو سندس تخليق ۾ جهاتي پائيندي اوچتو سندس شخصيت به ذڪر هيٺ اچي وئي، ڇونه اچي ڪنهن به تخليقڪار جي شخصيت ۽ ان جي تخليقي عمل کي ٻن جدا جدا دريائن جيان ته نه ٿو جاچي سگهجي.
سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل نثري نظم جو ڳٽڪو ’پنرملن‘ مدد علي سنڌي جي اندر جي طوفان جو آئينو ڀائيندو آهيان ۽ اهوئي طوفان ’دل اندر درياو‘ (مڪمل نثري ڪليات) تائين مون کي گهٽجندي نٿو محسوس ٿئي. پنرملن ۾ چئي ٿو:

طوفان لڳو
۽ ڪري پيا
ڪن وڻن مان ساوا ۽ سڪل پن
مون ڏٺو:
انهن سڪل ۽ ساون پنن ۾،
شامل هو:
منهنجي اندر جي ڪنهن سڪل ٽاريءَ جو
ڪوئي پيلو پن.
(ص17)

دور دور تائين
راهه ڪائي
روشن نه هئي. (ص82)
۽ پنرملن جو صفحو ورائيندي هنن سٽن تي نظر پوڻ سان بدن مان سيسراٽ نڪري ٿا وڃن. ڪيترو سچ درد، پيڙا، آنڌمانڌ، تڙپ، لوڇ پوڇ جو اظهار ڪيڏن نه سادن لفظن ۾:

هي بهار جي مند آهي
۽ هن مند ۾ اڪيلائي ڏاڍو کائيندي آهي. (ص63)
’جئه ديو‘ جي گيت جو ترجمو مدد ڪري هن پنهنجي ۽ الائي ڪيترن جي اندر جي عڪاسي ڪئي آهي. هن خيال کي مان رات جي سانت ڀريل لمحن ۾ بار بار ورجايان ويٺو. اندر ۾ ڪجهه ڀرندي ڀائيان ٿو ۽ اکين ۾ آلاڻ جو احساس جاڳي پوي ٿو.

هي بهار جي مند آهي
۽ هن مند ۾ اڪيلائپ ڏاڍو کائيندي آهي.
...
۽ ان ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ مدد جو هي نثري نظم خبر ناهي ڪنهن جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪري رهيو آهي.
زندگي ڪيڏي
نه اداس
آ تنهنجي وڇوڙي
کانپوءِ.

وقت مرهم بڻجي وڃي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ ڪجهه سواري ويهجي ٿو پر اهوئي وقت ڪڏهن ڪڏهن واپس ساڳي جاءِ تي آڻي بيهاريندو آهي. زندگي جا اهي حادثا به ڏاڍا عجيب ٿين ٿا. نهوڙي به وڃن ٿا ته ڪڏهن جياري به وڃن ٿا.

تنهنجي
۽
منهنجي
ملاقات
آ،
ڪنهن
ڀيانڪ
وڇوڙي
جي
شروعات.

سو بس شروعات ئي حادثو آ پوءِ جيون جا لمحا لمحا ڇونه حادثن ۾ سفر ڪن.
پنرملن جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو ان کي مون 1996ع ۾ پڙهيو ان جو هڪ نظم منهنجي لاءِ اڄ به وڏي ڪشش رکي ٿو. ’بهاري لال‘ جو اهو نظم مدد پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ٿو اظهاري:


چنچل عورت جا نيڻ
سنهڙي گهونگهٽ جي وچ مان
ائين چمڪي رهيا آهن
ڄڻ گنگا جي شفاف
پاڻي مان
ٻه مڇيون
ٻاهر نڪرڻ لاءِ
ڦٽڪي رهيون آهن.

مدد علي سنڌي جي هر سِٽ مان هڪ نئون جهان جاڳندي نظر ايندو. ان جي ان جهان ۾ ڪيترائي رنگ، ڪيتريون ئي خوشبون، ڪيترائي احساس، جذبا، خيال جرڪندي ۽ چمڪندي پيا ڀائنبا. ۽ انهن جي سونهن سوڀيا وتي روز بروز وڌندي. واقعا ۽ حادثا هر ماڻهو جي زندگي ۾ رونما ٿين ٿا. تخليقڪار انهن کي آرٽ جي ڌاڳي ۾ پوئي لفظن جا موتي ٿو بڻائي وجهي ۽ اهو ڪمال اسان جو سائين مدد علي خوب ڪري ڄاڻي. ۽ هن جي حصي ۾ ان جي بدلي پڙهندڙن ۽ دوستن جون محبتون پلئه پيون آهن. هن جي ڪتاب ’پنرملن‘ مان اداسي جو پيلو رنگ گهڻو ڇلڪندي نظر اچي ٿو پر هو هردم هڪ پراميد تخليقڪار جيان رهيو آهي. نراسائي زندگي جي ساٿياڻي ضرور رهندي آهي. پر نراشا جي پنڌ تي آشا جا ديپ ٻارڻ هڪ باهمٿ ۽ قوم لاءِ سجاڳ شاعر جي اوليت آهي. اهڙي اوليت اسان کي مدد وٽ نظر اچي ٿي، هو پُراميد آهي نااميد ناهي ڪلهه به ۽ اڄ به.

رات جي ڪاراڻ
تيزي سان ڇائنجندي پئي وڃي
دوستو-دشمنو
ڪا روشني ته ٻاريو
هي اُماس جي رات
هن اداسي جي شهر کي
اونداهو ڪري ڇڏيندي
پوءِ ڪوئي ڪنهن کي
ڳولي نه سگهندو
هٿ هٿ کي ڏسي نه سگهندو
دوستو ۽ دشمنو
رات جي ڪاراڻ ۾
ڪا اميد جي شمع ته ٻاريو.

اهو فڪر/خيال اسان جي سونهن ڀري سنڌ جي خمير ۾ سمايل آهي. اسان جي صوفين به انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. انسان شناسي جي ڳالهه ڪئي آهي. امن، سک، سرهاڻ، سونهن ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي آهي. اها ئي ڳالهه مدد پنهنجي مٿين نظم ۾ ڪئي آهي. اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ لکيل اهو نظم ان لاءِ به زنده آهي جو اسان لاءِ حالتون اڳ کان به ڳنڀير آهن. آدم آدم جو ماس پٽڻ لاءِ هر وقت دليل ڏيندي نظر اچي ٿو. ماڻهپو موڪلائي ويو. رشتن جو تقدس ورلي ڪو قائم رهيو. پيٽ جي دوزخ سڀ ڪجهه ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. رڳو گُهٽ، ٻوساٽ، گهگهه اونداهه، هٿ، هٿ کي ڏسي سو ڪٿي ٿو ڀاءُ، ڀاءُ کي ڏسي، دوستي مفادن جي ور چڙهي وئي. انسان پنهنجي ڌپ ۽ بدبودار دنيا جوڙي ورتي. سو ڪٿ ٿو پاڻ کي فطرت سان جوڙي ۽ ڪٿي ٿو پنهنجي اندر ۾ سونهن، سرهاڻ، سڳنڌ ڀريل دنيا ٿو ڳولي. پر، ڪوي جي قلم تي اها ڪٽ نه چڙهڻ گهرجي. هر طرف جڏهن انڌ، انڌڪار جو راڄ هجي ته ڪوي جو قلم علم بڻجي ويندو آهي. سو نااميدي جي پد تي اميد جو سج روشن ٿي پوندو آهي ۽ اسان جي مدد علي سنڌي جو قلم هر دور ۾ ڪٽ کان بچيل رهيو آهي. تنهن ڪري هو آس، اميد، سچ ۽ سونهن جو قلم کڻي اڄ به اڳيان ئي اڳيان مرڪندي نظر ٿو اچي.