شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

وقت ۽ ويچار

[b] گنو سامتاڻي [/b]
مدد پيارا، دل اندر درياوَ پهتو. خاصو پڙهيم. ڪتاب موڪلڻ لاءِ ٿورا تنهنجي ڪهاڻين ۾ به ڪوئي روح ٿو ڀٽڪندو رهي. ڪنهن پراچين آتما جي ڳولا ۾، من جي ايڪانت لاءِ پن پن ڳولا ۾ تڙڦندو ٿو رهي. اتهاس جي کنڊرن ۾ وقت جي لهرن ۾ رهين ٿو تون. توکي ڏٺو ته نه اٿم. پر ڄاڻان ٿو تون به هر ان ڪلاڪار وانگر آهين جن جي ڪلا ۾ سچائيءَ/شڪتيءَ ۽ وشواس آهي. گهڻو سمو گذري ويو آهي. سمو گذري وڃڻ کانپوءِ وشواس ۽ اوشواس جي پَڌ شروع ٿي ويندي آهي. اها يُڌ تو ۾ به آهي. نٿو ڄاڻان ته ڪڏهن ڪلايگ بدلائي سگهندي؟ پر اڃان به سمجهان ٿو، ’ڪلايگ بدلائي سگهي ٿي. نئين يگ کي جنم ڏيئي سگهي ٿي. نئون يگ، جيڪو اتهاس جي هڪ يڪي سلسلي ۾ جڪڙيل آهي.‘
تنهنجون ڪهاڻيون درد جي ڌاڳي ۾ پوتل، اڇي کير جهڙي (اهو لفظ تنهنجي خط مان اڌار کنيو اٿم.) ڪنهن ڦول مالها جيان آهن ۽ تون، جنم جنم جي ڀٽڪيل ڪنهن اشانت آتما جيان آهين. تنهنجن خطن مان تون پنهنجو پريڇيه پيو ڪرائيندو آهين. نه ملندي به لڳو ٿو. ڪيترن جنمن کان هڪ ٻئي کي سڄاڻون ٿا. ڪڏهن به نه مليا آهيون. پر پوءِ به سڄاڻون ٿا هڪٻئي کي پيارا. تو وانگر ئي ليکڪ آهيان. ۽ ڪلپنا ۾ گهڻو وشواس اٿم. لکڻ گهڻو وقت اڳ ڇڏي ڏنو اٿم. خطن جا جواب نه ڏيندو آهيان. ڄاڻان ٿو، انهيءَ مان مون لاءِ گهڻو انومان ڪڍندا آهن. ڪيتريون ڳالهيون ڪندا آهن پڪ اٿم. تون مون کي ائين نه سمجهندو هوندين. اهڙي ڳالهه موهن ڪلپنا به ڪئي. هو ڪالهه مون وٽ آيو هو. ڪلاڪ توتي ڳالهائيندو رهيو. ويندي ويندي توکي خط لکڻ جي تاڪيد ڪندو ويو خبر اٿم، هو توکي ڪيڏو نه پيار ڪندو آهي. پر مان ڀلجي ويندو آهيان. خط لکڻ مون کي ڀاري پٿر وانگر لڳندو آهي. ان ڪري دل ۾ اصل ۾ نه ڪجائين.
تنهنجي ڪهاڻين ۾ ويڌنا آهي. ان ويڌنا جو پڙاڏو ٻڌو اٿم تنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪيترا ڀيرا، ان کي دهرئنيداسين ڪونه. تنهنجون ڀاونائون ڪهاڻين ۾ موجود آهن. نر مان به ڪا هڪ ضرور آهي، جا موجود ڪونهي. تنهنجي من ۾ انڌوڪار ويٺل آهي. ها ان انڌوڪار ۾ تون اڳتي هلي پاڻ ڪڏهن ضرور محسوس ڪندين (تنهنجون ڪهاڻيون ’ڪرانتيڪار‘، احساسن ۽ جذبن جو موت‘ ۽ سپريان جي ڳالهڙي‘ ان پڙلاءَ جو اهڃاڻ آهن. تازو موڪليل هاڻي ’اڌوري پنڌ جا آخري سپنا‘ شاهڪار ڪهاڻي آهي.)
وشواس اٿم هر سچي ڪلاڪار وانگر تون به پنهنجي رچنا کي ڪلپنا جي زور تي هلائيندو رهندين. ڪلپنا جو اهو زور تنهنجي ڪهاڻين ۾ موجود آهي اهوئي توکي اڳتي وڌائيندو رهندو.
توکي نه وڏن وڏن ليکڪن جا نالا لکي ڪجهه وڌيڪ چوندس،
”اهو چاهيندس، تون به ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگي جي ڪنهن ٽرائل کي چڙهين. نه البيئر ڪاموجي ’مٿ آن سيسفس جيان بار ڍوئي نرارٿ پهاڙ تي چڙهڻ لهڻ جي سزا ڀوڳيندو رهين، نه سيموئيل بيڪيٽ جيان، جيڪو ڪڏهن به نه اچڻو آهي ان گوڊوٽ جو انتظار رکندو رهين، پر الائي ڇو لڳي ٿو، چاهيندي به ڀانيان ٿو، تون به مون وانگر ڪهاڻيءَ جي ڪراس کي بار بار چڙهندو رهندين.“
گهڻو اڳي لکيم:
”ڪهاڻي منهنجو ڪراس آهي بار بار مان ان تي چڙهندو آهيان. بار بار مرندو آهيان. لڳندو اٿم، ليکڪ جيان ڪهاڻي به ڪراس (صليب) تي چڙهي چڪي آهي. پوءِ به ليکڪن ۽ ڪلاڪارن انساني کنڊر کي اتهاسڪ کنڊر جيان لائق بڻائي رکيو آهي.“
مدد، چاهيندس تون به سدائين لکندو رهين. ان لاءِ من جي دري سدائين کولي رکج. ڪيترا ڀيرا يا ڪڏهن ڪڏهن من جي ان کليل دريءَ مان ٻاهر ضرور نهارج. ڪنهن سانتيڪي پل ۾، سرءُ جي چنڊ کي ڏسندين ته گهڻو ڪجهه سمجهي ويندين. مڃان ٿو جيون جئه ديوَ جي گيت گووند جيان نه آهي. (ڄاڻان ٿو، اهو گيت توکي ڏاڍو وڻندو آهي) اتهاس جو تون به وديارٿي آهين. ۽ مان به گذري ويل چار پل ڇا آهي؟ ماضي مايا آهي پر اهو رهي ٿو سدان لاءِ. ان ماضيءَ کي نٿو وساري سگهجي. تون منهنجي حيدرآباد واري گهر جي ڳالهه لکي. منهنجي ماضيءَ جا انيڪ وساريل پنا ياد ڏياري ڇڏيا. منهنجي شهر حيدرآباد، هاڻ منهنجو شهر ناهي رهيو. هاڻي اهو شهر شهر آهي. جڏهن به لنگهين منهنجي گهر وٽان، ڪڏهن ڪڏهن مون کي ضرور ياد ڪج. سپنا مان نه ڏسندو آهيان. پر سپنا، سپنا هوندا آهن. اهي بند اکين ۾ پاڻهي لهي ايندا آهن. ڪيترا سپنا ڀلجي ويندو آهيان. پر نه ڀلجي سگهندو آهيان. ننڍپڻ جي اوسٿا جا سپنا، حيدرآباد جون گهٽيون، شاهي رستا، وڻ، چاڙهيون، مقبرا، رات جي ٿڌڙي هوا، چنڊ ول پکيءَ جا آواز، صبح، سانجهي، ڌنڌلي ڌنڌلي. ياد، ڄڻ ڪنهن پهاڙيءَ تي ڌنڌ ۾ لڪل هر چيز.
بار بار مان ان ڌنڌ لڪي ۾ ويڙهيل سپنن ۾ ڊوڙندو آهيان. چاڙهين تي چڙهندو آهيان. ان ڌنڌ لڪي ۾ حيدرآباد جي آڪاش تي بيٺل زرد چنڊ جي چانڊوڪيءَ چنڊول پکيءَ جيان کوئجي ويندو آهيان. پر يار، ڇڏ ان ڳالهه و ڪوئي ارٿ ڪونهي. ارٿ صرف تنهنجي هٿ جي اُن ڇُهاءُ جو آهي، جيڪو تون منهنجي حيدرآباد واري گهر جي در کي ڇُهيو هو. ان ڇهاءُ کي مان هٿ سان محسوس ڪريان پيو. ماضي، حال، مستقبل ڪجهه به نه آهي. صرف پل اپل جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي.
وشواس ڪر، من جي سموري سچ سان. مان گنوسامتاڻي. جيڪو اڳ ڪڏهن جذباتي نه ٿيو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي من ۾ منهنجي جنم ڀومي جو شهر حيدرآباد جاڳندو آهي. ۽ جاڳائيندو آهي. پنهنجي ان ماضي ۾، ننڍپڻ جي اوسٿا ۾ روزانو گهمندو آهيان ۽ رُٺل ٻار وانگر پوءِ رُسي سمهي پوندو آهيان. ڄاڻان ٿو، بلڪه پڪ اٿم. ٻيهر وري ڪڏهن به ايڏانهن اچي نه سگهندس. حيدرآباد ڪڏهن وري ڏسي نه سگهندس. بس سڀ ڪجهه ڀلائي ڇڏيو اٿم. پر ڇا وساري سگهي ٿو ڪوئي اهو سڀ ڪجهه؟ جيڪو سڀ ڪجهه آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. فقط موت ئي سڀ وساري سگهي ٿو. مرتيو جي ڇايا ۾ پلجندڙ انسان. ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي ويهي رهندو. منهنجو سواس به رڪجي ويندو. ڇاڪاڻ جيون جو مها ڏک آهي موت ۽ مون اهو سڀ ڪجهه ۽ گهڻو ڪجهه ڄاڻي ورتو آهي.
شال خوش هجين، سدا خوش هجين.