مختل رنگن جي ميڻ بتين جو سنگم ــ مدد علي سنڌي...
مون جڏهن شعوري يا اڻ شعوري طور سنڌي ادب، خاص ڪري ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ جي شروعات ڪئي هئي ته خبر ناهي ڇو انهيءَ دور ۾ جدت واري انداز ۾ لکندڙ ڪهاڻيڪار ئي وڻندا هُئا ــ اُهو دور ستر واري ڏاڪي جي پڇاڙيءَ، اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعات وارو دور هو ــ انهيءَ وقت جن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ هر وقت واجھائيندو رهندو هوس انهن ۾ ٻه نالا اهڙا هئا، جيڪي منهنجا محبوب ليکڪ هُئا. انهن ۾ هڪ شرجيل ۽ ٻيو مدد علي سنڌي هو.
لاڙڪاڻي ۾ گرم جھولن لڳڻ وارن ڏينهن يا وري ڪوئٽا مان برفباريءَ سان سنگين بڻيل سرد هوائن وارين راتين ۾ مون جيڪو ادب وڌ ۾ وڌ پڙهيو هو، انهيءَ ۾ ٻنهي ليکڪن جو سرجيل جديد ادب هو ـــ ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ سان حد کان وڌيڪَ ڪيئن اُنسيت ٿي؟ انهيءَ جو جواب اهي مختلف رنگن واريون، ٻرڻ کان بچي ويل ميڻ بتيون آهن، جن کي مان ننڍپڻ ۾ گڏ ڪري هڪ ميڻ بتي ٺاهي، سجائي رکندو هوس ـــ جڏهن هن جي ڪهاڻي پڙهيم ته مون کان ڇرڪ نڪري ويو ــ سوچيم، ”هي ڇا؟ هن دنيا ۾ ڪو ٻيو انسان به رهي ٿو جيڪو ساڳيو مون وانگر مختلف رنگن جي ميڻ بتين جي بچيل ٽڪرن مان هڪ ميڻ بتي ٺاهي انهيءَ کي ٻاري ٿو“.
بابا جي شيعي هجڻ ڪري اسان جي گهر ۾ محرم وارن ڏينهن ۾ به تقريباً ساڳيو ماحول هوندو هو، جيڪو مدد علي سنڌيءَ پنهنجي انهيءَ ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. ڪارا ڪپڙا، نوحا، ماتم، پڙ نڪرڻ، دلدل جو سجڻ ۽ غم حُسين، اهي هڪجهڙايون هيون، جيڪي هڪ پڙهندڙ ۽ لکندڙ جي وچ ۾ رابطي جو پهريون سبب بڻيون.
انهن ڏينهن ۾ مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جي ڪِتابن ”دل اندر درياو“ ۽ ”پنر ملن“ کي شرجيل جي ڪهاڻين جي مجموعي ”پن ڇڻ کانپوءِ“ وانگر الائي ڪيترا ڀيرا پڙهيو هوندم ــ انهيءَ وقت لاڙڪاڻي ۾ رهندي بنهه گهٽ تصور ڪيو هوم ته ڪڏهن انهن پسنديده ليکڪن سان ملي به سگهندم ـــ پر ستت پوءِ جڏهن وڏي ڀاءُ جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ ٿي ته يڪدم وڃي ٻنهي سان مليس ــ شرجيل سان منهنجي پهرين ملاقات ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هاسٽل ۾ سندس ڪمري تي ٿي ۽ مدد علي سنڌيءَ سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾، جنوري 1982ع ۾وڏي ڀاءُ محترم انور جوکيو جي ادارت ميٺ نڪرندڙ مند وار مئگزين، ”سنڌ“ جي پهرين شماري جي مهورت جي موقعي تي ٿي. ٻنهي سان ڪوشش جي باوجود دوستي نه ٿي سگهي ـــ ڪٿي هو بلا جا ليکڪ ۽ ڪٿي وري هڪ گهٽ عمر وارو نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ادب جي الف بي کي پڙهڻ وارو.
مدد علي سنڌيءَ سان منهنجي ٻي ملاقات 1987ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن مان گهران ڪاوڙجي پنهنجي مدد پاڻ جي نظريي تحت پڙهائي جاري رکڻ ۽ سي ايس ايس يا مقابلي جي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ نوڪريءَ جي ڳولها ۾ شاعر دوست علي نواز ڦل جي معرفت سنڌ نيوز اخبار ۾ مدد صاحب وٽ انٽرويو ڏيڻ ويو هوس. هن پهريون سوال پڇيو: ”ڪواليفڪيشن ڪيتري آهي؟“ مون وراڻيو: ”انٽر پاس آهيان“، حيرت جو اظهار ڪندي چيائين، ”بس انٽر پاس؟“
”جي.....“
”عمر ڪيتري آهي؟“
”ارڙهن سالَ“
”اڳ ۾ اخبار ۾ ڪم ڪيو آهي؟“
”نه سائين....“
”انگريزي ايندي آهي؟“
”جي ها.....“ مڪمل اعتماد سان چيو هوم. ڇو ته انهيءَ وقت ڀلي ٻيو ڪجهه نه ايندو هجي، پر نائين ڪلاس کان وٺي انگريزي ناول خاص ڪري هيرالڊرانس، سڊني شيلڊن ۽ نينسي فرائيڊي جا ناول (جن بابت بعد ۾ خبر پئي ته اُهي ناول ادب جي دنيا ۾ سستي ادب يعني Cheap Literature جي حيثيت رکن ٿا) پڙهڻ ڪري انگريزي پڙهڻ، سمجھڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ايندي هئي.
منهنجي انگريزيءَ جي ٽيسٽ وٺڻ لاءِ مدد علي سنڌيءَ انگريزيءَ ۾ لکيل هڪ ٽينڊر نوٽيس منهنجي حوالي ڪيو ۽ چيو، ”هي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيکاريو؟“
اهو ٽينڊر نوٽيس ٽيڪنيڪل لينگئيج ۾ لکيل هو جنهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سائين کي ڏيکاريو. سڄو ترجمو پڙهي چيائين: ”توهان چئو ٿا ته توهان ڪڏهن اخبار ۾ ڪم ناهي ڪيو، پوءِ هي ترجمو ڪيئن ڪيو اٿوَ؟ هي ڪم ته اسان جي اخبار ۾ انتهائي سينيئر ماڻهو ڪندو آهي.“
وري مسڪرائي چوڻ لڳو:
”پهريان سوچيو هوم ته اوهان کي پروف ريڊر ڪري رکان، پر توهان کي سب ايڊيٽر طور مقرر ڪريان ٿو ـــ سڀاڻي کان توهان جي ڊيوٽي شروع آهي ــ ٻين کي پگهار پنج سؤ روپيا ڏيندو آهيان، پر توهان جي پگهار سوا پنج سؤ آهي ــ“
اهو ڏينهن منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هو. هڪ بي گهر، بيروزگار ۽ گهٽ ڊگري رکندڙ ماڻهوءَ کي نه رڳو روزگار مليو هو، پر زندگيءَ جو پهريون بهترين باس پڻ مليو هو.
سنڌ نيوز ۾ ڪم ڪندي مدد صاحب جون انيڪ خوبيون مون کي نظر آيون. هڪ ته هو بهترين ايڊمنسٽريٽر هو ــ ٻيو موجوده سياسي حالتن کان مڪمل طرح با خبر هو، ٽيون ته هو بهادر صحافي هو، جيڪو ڪو به سچ لکندي نه ڪيٻائيندو هو ۽ سڀ کان وڌيڪَ هڪ وفادار ۽ نڀائيندڙ دوست هو ــ جنهن جو زندهه مثال پراڻي ڪامريڊ عمر ميمڻ سان دوستي نباهڻ منهنجي اکين اڳيان هو ــ شاگرد سياست ۾ عمر ميمڻ، مدد صاحب جو استاد هو ــ زماني جي ستم ظريفين عمر ميمڻ کي صحت ۽ روزگار جي حوالي سان لاچار بڻائي ڇڏيو هو ۽ مدد صاحب دوستي نباهيندي عمر ميمڻ جي بيشمار ڪوتاهين، لاپرواهين ۽ ٻين ڪمزوين جي باوجود هن جي هر انگل کي نه رڳو برداشت ڪندو پئي آيو پر هن جي سنڌ نيوز“ ۾ بهتر پگهار واري نوڪري جاري رکڻ ۽ پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ ڪمري ۾ رهائش وٺي ڏيڻ تائين هن سان هر طرح سان مدد ڪندو رهيو.
”سنڌ نيوز“ ۾ ڪم ڪندي هن کي انهيءَ وقت مون حد کان وڌيڪَ پريشان ڏٺو، جڏهن نصير مرزا ڊوڙندو آيو هو ۽ خبر ٻڌائي هئائين ته: ”طارق عالم ابڙي جا ٻئي گردا فيل ٿي ويا آهن“ انهيءَ وقت کان وٺي مدد علي سنڌي بيچين هو ۽ هن سک جو ساهه تيستائين نه کنيون جيستائين هن ڀڄ ڊُڪ ڪري طارق عالم جي ٽرانسپلانٽ لاءِ هن کي لنڊن تائين نه پهچايو.
ٻي خوبي جيڪا مدد صاحب ۾ نظر آئي اُها هيءَ هُئي ته هو نوجوانن کي سنڌي صحافت ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهندو هو. جڏهن سنڌي صحافت ۾ ڪبير شاهه، اشرف بلوچ، مجيد ميمڻ، لکاني سيال، انور سيال ۽ فقير عُرس بهراڻيءَ جهڙا ڪردار موجود هُئا، تڏهن ڪو به نوجوان صحافت ۾ اڳتي وڌڻ ته ڇا پر صحافت جي ميدان ۾ گهڙڻ کان به ڪيٻائيندو هو ــ انهيءَ دؤر ۾ جيڪي نوجوان صحافت ۾ هن متعارف ڪرايا اهي اڳتي هلي صحافت جا هيرا ثابت ٿيا.
ڊائمنڊ جيستائين ڪوئلي جي کاڻ ۾ هڪ ڪوئلي جي حيثيت سان دفن ٿيل هوندو آهي، تيستائين ڊائمنڊ کي به خبر ناهي هوندي ته هو ڊائمنڊ آهي ــ هو پاڻ کي ڪوئلو ئي سمجھندو آهي. پر جڏهن ڪنهن هيري شناس جي نطر انهيءَ ڪوئلي تي پوندي آهي ته هو انهيءَ کي ڪڍي، ڪٽي، پالش ڪري هن کي ڊائمنڊ بڻائيندو آهي. اهڙي طرح ئي مدد علي سنڌي به هڪ هيري شناس آهي. هن ئي سول ڪورٽ جي هزارن فائيلن ۽ ميزن ڪرسين ۾ دٻيل محمد حسن دايي ڪلارڪ کي ڪڍي ڪٽي پالش ڪري ”سنڌ نيوز“ ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي دنيا ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ اڳتي هلي اهو ساڳيو ماڻهو ”حسن مجتبيٰ“ جي نالي سان هيرو بڻجي اڀريو، جيڪو هن وقت به نيويارڪ جي اوچين عمارتن ۽ ڊگهين گهٽين ۽ وسيع روڊن جي وچ ۾ هڪ ڊائمنڊ جيان چمڪي رهيو آهي.
انهيءَ وقت حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪ مخصوص لابيءَ جو ڪنٽرول هوندو هو. جيتوڻيڪ سنڌي ميمبر گهڻا هوندا هئا، پر اهي لکانن، بلوچن ۽ مجيدن جي اندروني ويـڙهه سبب، صدر ۽ سيڪريٽري جنرل جي عهدن لاءِ چونڊجي نه سگهبا هئا. مدد صاحب سڀني سنڌين کي گڏ ڪري هڪ پليٽ فارم تان پريس ڪلب جي چونڊ ۾ بيهاريو ته انهيءَ دؤرـَ کان وٺي هن وقت تائين پريس ڪلب سنڌي عهديدارن جي اڪثريت سان رهندي پئي اچي ۽ انهيءَ دور جا جمال، ڪمال، حسن ۽ عابد ڳولهيا نه ٿا لڀن.
هن جا پراڻا دوست چون ٿا ته مدد علي سنڌي جڏهن اقتدار جي ايوانن تائين پهتو ته هن پراڻن دوستن کي وساري ڇڏيو. اقتدار جو ماحول بيشڪ مومل جو منڊ آهي، جيڪو چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي گم ڪري ڇڏي ٿو. بيحد مصروفيتن يا وري پاور جي نشي ۾ متان مدد علي سنڌيءَ دوستن کي وساري ڇڏيو هجي، پر انهيءَ دؤر ۾ ئي هن جي ڪهاڻي. ڪاوش پبليڪيشن جي ”ڪهاڻي“ ڪِتاب ۾ پڙهي هئم ته اهو محسوس ٿيو هو ته هو ساڳيو مدد علي آهي جيڪو ”دل اندر درياوَ“ ۽ ”پنرملن“ جو خالق آهي، ڀلي ماڻهو هن کي ڪيئن به ڇا به چون پر هن جي اندر جو فنڪار مُئو ناهي. وري جڏهن تازو ڪراچيءَ ۾ پيرا ڊائيز هوٽل جي سامهون پراڻي ايراني ريسٽورينٽ ”ڪيفي پيراڊائز“ ۾ سنڌ جي جاکوڙي صحافي رکيل مورائيءَ سان ملڻ ويس ته اتي مدد علي سنڌيءَ سان ملاقات ٿي. اقتدار جي ايڏن وڏن ايوانن ۾ رهڻ جي باوجود هو مون کي اهو ساڳيو ”سنڌ نيوز“ وارو مدد صاحب نظر آيو. سلمان رشديءَ جهڙي ڏاڙهي ۽ چشمي سان ويٺل مدد علي سنڌي اهو ساڳيو شاگرد سياست وارو مدد علي نظر آيو جيڪو قميض جا سڀ بٽڻ کولي هلندو هو ۽ ويهندو هو. فرق صرف ايترو هو ته اڳي هن جي بٽڻ کليل ڳلي مان هن جا ڪارا وار نظر ايندا هئا ۽ هاڻي هن جي سيني جا وار اڇا ٿي ويا آهن. هن کي ڏسي مون يڪدم اهو سوچيو ته جيڪڏهن اقتدار جو نشو هن کي بدلائڻ ۾ ڪامياب وڃي ها ته هو ائين ڪڏهن به ”ڪيفي پيراڊائيز“ تي پنهنجي پراڻي دوست معصوم ٿريءَ، رکيل مورائيءَ ۽ موهن مدهوش سان گڏ ويهي دوڌ پتي چانهن نه پيئي ها.
جڏهن ايڏي وڏي عرصي جي سڃاڻپ، هن جي لکڻين، صحافتي ذميدارين، دوستن سان دوستيون نباهڻ، شاگرد ۽ پوءِ عملي سياست ۾ ڪردار نباهڻ ۽ وري صحافت ڏانهن موٽي اچڻ واري پس منظر ۾ اڄ به هن کي ڏسان ٿو ته هو مون کي مختلف رنگن جي ميڻ بتين جي بچي ويل ٽڪرن مان ٺاهيل هڪ اهڙي ميڻ بتي لڳي رهيو آهي، جيڪا اڄ به روشن آهي ۽ هن جي روشنيءَ ۾ انيڪ رنگ نظر اچي رهيا آهن. ڏسڻ وارن کي هن جي روشنيءَ ۾ صرف ڪو به هڪ رنگ نظر ايندو هجي، پر هنجي شخصيت جي مختلف پهلوئن جا رنگ اڄ به ڏاڍا گهرا ۽ چٽا آهن.