جيءُ جيئاريندڙ ڪهاڻين جو خالق:
ڀوڳنا انسان جي شعور جي پيدائش آهي ، هر ماڻهو نه ٿو ڀوڳي ، سمجهه وارو ڀوڳيندو آهي ، ڀٽائيءَ به تڏهن ئي ته چيو هو ، ”الا ! ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
جيڪو ماڻهو جيتري وڌيڪ سمجهه رکي ٿو، اهو اوترو وڌيڪ ڀوڳي ٿو. ڀوڳنا کان آجا صرف چريا ۽ جانور هوندا آهن. هر فرد پنهنجي ڀوڳنا جو رد عمل پنهنجي سمجهه آهر ظاهر ڪري ٿو. عام ماڻهو پنهنجي رد عمل کي ڪروڌ جي صورت ۾ رشتن ، سسٽم ۽ سماج کان لاتعلقي ڪري ٿو يا وري نفرت ڪندي پلاند وٺي ٿو . خاص ماڻهو پنهنجي ڪروڌ کي طاقت ۾ تبديل ڪري حالتن ، سسٽم ۽ روين جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ ان سموري انقلابي عمل لاءِ هو منظم ٿئي ٿو ، ڪنهن فڪر کي جنم ڏئي ٿو يا اڳواٽ موجود ڪنهن فڪر ۽ نظريي جي چونڊ ڪري ٿو ۽ پوءِ ڪنهن دڳ لڳي ٿو. سماج ۾ اهڙي تبديليءَ لاءِ جتي سياست اهم مورچو آهي اتي ادب ۽ آرٽ به سياست جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهن.
ادب زندگيءَ جي گئراج به ثابت ٿيو آهي ، جتان سماج جي ارتقا ۽ تبديلي جي بنيادي محرڪ سياست به اتساهه ورتو آهي ۽ پنهنجو قبلو به درست ڪيو آهي.
مدد علي سنڌي رڳو اديب ڪونهي ، ان کان اڳ هو سياسي ورڪر رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هر اديب لاءِ سياسي ورڪر هئڻ ضروري ڪونه هوندو هو پر هر سياسي ورڪر لاءِ ادب جو شاگرد هئڻ لازمي هوندو هو. ڪيترين ئي سياسي پارٽين وٽ اسٽڊي سرڪل اندر انقلابي ناول ، آتم ڪٿائون، فسلسفي ۽ سياسي ادب جا ڪتاب سياسي ڪارڪنن جي تربيت لاءِ اهم ۽ ضروري هوندا هئا.
مدد علي سنڌي، سنڌ جي قومي وحدت لاءِ جاکوڙيندڙ قومي ڪارڪن ٿي اڀريو ۽ پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙين حالتن کائنس سياسي سفر ۾ اڻوڻندڙ فيصلا ڪرايا.
مدد علي سنڌي بحيثيت ڪهاڻيڪار مون لاءِ وڏو اتساهه آهي ، هن جون ڪهاڻيون پڙهي پوريون ڪيم ته مون سان هن جي ڪهاڻين ڳالهايو. مدد علي سنڌي ڏاڍو ڀوڳيو آهي، هو ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهي، هن ماٺ ناهي ڪئي ، هن جي اندر ۾ ڪروڌ جي آنڌ مانڌ آهي، ڪروڌ هن جي اندر ۾ ڪڙهندو رهيو آهي ۽ هن ڪڙهندڙ ڪروڌ کي اندر مان ڪڍيو آهي، تخليق جو سهارو وٺي، جنهن کي ڪهاڻي چئجي ٿو. هن جون ڪهاڻيون هن جي پنهنجي ذات جون وڪيل به آهن، ڄڻ هن جي شعور اڳواٽ ڪا آگهي رکي هئي ته مستقبل هن کان ڪجهه پڇندو ۽ هن اڳواٽ انهن سوالن جا جواب لکي محفوظ ڪري رکيا هئا.
”وقت سدائين پنهنجي دور جي ڪنهن نه ڪنهن جهونجهار کي شڪست ضرور ڏني آهي.“
”زندگي ۽ وقت هر انسان سان پل پل کان پوءِ ڪا نه ڪا ويساهه گهاتي ضرور ڪندا آهن.“
”اسان سڀني کي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي جنهن سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڪجهه دک گهٽ ٿي سگهن.“ ( ڪرانتيڪار ڪهاڻيءَ مان چونڊ جملا )
مدد علي سنڌي، سنڌ جي انهن سينئير برجستن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن جون ڪهاڻيون خود ڪهاڻيءَ جي هيئت ، اسلوب ۽ ڪهاڻيءَ جي فن کي سمجهڻ لاءِ نموني طور ڳڻائي سگهجن ٿيون ، ان ڪري مون تنقيد نگار جي بدران ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ لاءِ هڪ شاگرد جي حيثيت سان سندس ڪهاڻين کي ڇهيو آهي. مدد علي سنڌيءَ جون اڪثر ڪهاڻيون طويل آهن، طويل ڪهاڻيءَ لاءِ نجم عباسيءِ چيو هو ته ، ”اڄوڪي ڪهاڻيءَ ۾ واقعن سان گڏ منظر نگاري ، ڪردار نگاري، ڊگهي گفتگو، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻي، ڪردارن جي ذهني سوچ ۽ نفسياتي ڪيفيت جو ذري پرزي احوال ۽ هنن جي منهن مهانڊي جو تفصيل پڻ ڏجي ٿو، ان کان سواءِ پلاٽ منجهيل ۽ ور وڪڙ ٿئي ٿو ۽ ڪن حالتن ۾ ته پلاٽ ٿئي ئي ڪو نه ، اهي ڳالهيون ڪهاڻيءَ جي رفتار ۾ رڪاوٽ وجهن ٿيون ۽ واقعي جو سلسلو هر هر ٽٽي پوي ٿو.“
ڪهاڻيءَ ۾ طويل پڻو پڙهندڙ کي ٿڪائيندو آهي ۽ ڪهاڻي پنهنجي رس چس وڃائي ويهندي آهي ، پر امر جليل جيان مدد علي سنڌي وٽ طويل ڪهاڻي ۾ لفظن ، موضوع ۽ تشبيهن جو هڪ اهڙو ڄار آهي جيڪو پڙهندڙ کي ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تائين پاڻ مرادو گرفت ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ وقت ڪٽيل لغڙ جيان گذرندو اڳتي وڌندو وڃي ٿو، ڪهاڻي پنهنجو رس چس قائم رکي ٿي ۽ پڙهندڙ ۽ ڪهاڻيءَ جي وچ ۾ هڪ اهڙو تعلق جڙي پوي ٿو جيڪو سياري جي رات ۾ هڪ ئي سوڙ اندر ٻن ڌڙڪندڙ دلين جي ڀاڪر جيان آهي.
هونءَ به بهترين ڪهاڻي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ دوران ماڻهوءَ جو انگ انگ ڪهاڻيءَ جي سحر ۾ سانت ٿي ڪردارن سان گڏ کلي، روئي، سوچي ۽ ڀوڳي ته پوءِ اها ڪهاڻي ئي لازوال هوندي آهي.
ڪهاڻيءَ جو مقصد شروع ۾ رڳو پڙهندڙ کي تفريح فراهم ڪرڻ هئي جنهن سبب قصا، داستان ۽ واقعا جوڙيا ويندا هئا، ان دوران ڪهاڻين جا موضوع به جَنَ، پريون، ديو، راڪاس، بلائون، وڻ، پکي ۽ جانور هوندا هئا. پر وقت سان گڏ حالتن ۽ سماجي مسئلن ڪهاڻيڪار تي هڪ ذميواري عائد ڪئي ، جنهن سان ڪهاڻي فرد جي تفريح سان گڏ سماجي تبديليءَ لاءِ اتساهڻ جو ڪردار به ادا ڪيو.
نجم عباسي چواڻي ته، ”ڪهاڻي ايئن نه هجي جو پوري ڪرڻ کان پوءِ پڙهندڙ محسوس ڪري ته هن ڪا پرولي پڙهي آهي ۽ بيزاريءَ مان پڇي ته هن ڪهاڻيءَ جو آخر مطلب ڇا آهي ؟“
ڪهاڻيءَ کي سماج ۽ زندگيءَ جو آئينو چئو يا سماج ۽ زندگيءَ تي تنقيد، پر ڪهاڻي هاڻي ڪهاڻيڪار جي ذاتي ، داخلي ڪيفيتن جي ڪٿا کان گهڻو اڳتي نڪري اجتماعي ۽ بيمار سماج جي”سي ٽي اسڪئن“ جهڙي ٽيسٽ رپورٽ جيان ٿي پئي آهي.
هن وقت سنڌي ڪهاڻي پنهنجي اوسر جا ڏاڪا ٽپي گهڻو اڳتي بين الاقوامي معيار تي مضبوطيءَ سان اڳتي وکون وڌائي رهي آهي. هاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ جا موضوع سماجي قدر، طبقاتي فرق، غلامي، استحصال، رويا، ڏاڍ، جبر، غير صحتمند لاڙا، قومي تضاد، بنياد پرستي، مذهبي انتها پسندي، غير مهذب ريتون رسمون، ناانصافيون، بک، بدحالي، ظلم۽ فرد جي داخلي ڪيفيتن جي ڀڃ ڊاهه پڻ رهيا آهن. مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون ان جو خوبصورت مثال آهن.
مدد علي سنڌي جون ڪهاڻيون منفرد اسٽائل جي ڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. هن جو انداز ئي پنهنجو آهي. سندس ڪهاڻي، ”ڪرانتيڪار“ پڙهيم ته هڪ ڪهاڻي ئي مڌ وٽيون پيئاري ڇڏيون. هن ڪهاڻيءَ ۾ آيل ڪردار زندگيءَ جي تلخين کان وٺي سماجي مسئلن تائين اسان جي سماج جو البم آهن، جنهن ۾ تاريخ ڳالهائي ٿي. ڪهاڻي پڙهندڙ ماڻهو پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو ڪردار ڀانئي ٿو، پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي وهڪري ۾ ماضيءَ جي پولار تائين هليو ٿو وڃي. ڪهاڻيءَ جي اهڙي اُڻت ، ڪهاڻيءَ جي طويل پڻي جو احساس وساري ٿي ڇڏي، ايندڙ لمحن ۽ واقعن جي اڻ تڻ، آس پاس جي ماحول کان بي نياز ڪري ساهه کڻڻ به وساري ٿي ڇڏي. مدد علي سنڌي جي لکڻيءَ ۾ اها سگهه آهي جو بي جان شين جو ذڪر اهڙي انداز سان ٿو ڪري جو انهن ۾ روح پئجيو وڃي. وڻ، هوا، سمنڊ، ديوارون، ساهه کڻڻ لڳن ٿيون، اهي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارين ٿا. پڙهندڙ کان پنهنجو ڏک وسري وڃي ٿو ۽ هو ڪردارن جي ڪيفيت تي ٿڌا ساهه ڀري، چاهي ٿو ته جيڪر ڪلهي تي ڪنڌ رکرائي آٿت ڏجي.
مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ پڙهيم ته ايئن لڳو هي ڊڪشن، تشبيهن جو انداز، ڪردار نگاري، منظر نگاري، فرد جي داخلي ڪيفيتن جو احساس ، ڊائلاگ ۽ جماليات جو حسن مون اڳ ڪڏهن ڪٿي ڏٺو ئي ڪونهي. هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار راهول حال ۽ ماضيءَ تي جڏهن ڳالهائي ٿو ته سنڌ ، تاريخ ۽ وقت جي اکين ۾ نير وهي ٿا پون. جڏهن راهول چوي ٿو ته، ”قمر، مان ۽ هي نيرو گهرو اونداهو سمنڊ هڪ هزار سالن جو ڪيتو ڏيئي رهيا آهيون، وقت جي ڪنهن يُڌ ۾ ڪنهن جهونجهار جي هار سان هڪ پراچين اتهاس جو انت اچي ويو ۽ عجب جهڙي ڳالهه آهي ته هتي جي هر جهونجهار سدائين ڪنهن نه ڪنهن اونداهي شام مهل پنهنجي ڇاتيءَ تي ڪوئي ٻارڻ کاڌو آهي.“
هن ڪهاڻيءَ ۾ مدد علي ڪيڏي نه ڪمال سان ڪردار جي احساس لاءِ تاريخ جي تڙپندڙ تشبيهن جو سهارو ورتو آهي، هي خوبصورت احساس ئي ڏسو، ”هن پنهنجي هٿن کي ڏٺو، جيڪي هٿ ٻيڙيءَ ۾ ائين کتل هئا، جيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ کپي ويندا هئا، يا ڪڏهن ڪڏهن ارغونن سان وڙهندي وڙهندي ترار جي مُٺيي ۾ کپي ويندا هئا، هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ ليٽي پيو، ڪارڙو ميربحر ڌيري ڌيري ونجهه هلائي رهيو هئو ۽ هن جي ڇاتي ڄڻ دولهه دريا خان جي اها ڍال هئي جا هزار وار سهڻ کانپوءِ به پنهنجي ڌڻيءَ کي بچائي نه سگهي هئي، هن کان ٿڌو ساهه نڪري ويو هو.“
سچ ته اهو آهي ته مدد علي جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ٿيو آهي ته هي اهي ڪهاڻيون آهن جن آڏو ڪوبه نقاد ايئن شفيق ٿي پوندو جيئن ڪو قتل جو ارادو رکندڙ شخص پنهنجي نشاني جي وڏائيءَ آڏو پنهنجا هٿيار سندس پيرن تي رکي ، گوڏا کوڙي ، ڪنڌ جهڪائي سوچيندو هجي ته شل پنهنجي هٿن سان مون کي مٿي ڪري ڇاتيءَ سان لائي مرڪي پوي.
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس پڙهندڙ کي پنهنجي دل جي آڳر تي ڪيترن ئي پيارن جي چچريل وجودن جي لاشن جهڙي منظر اڳيان اچي بيهاري ٿو، جتي دل درد مان دانهون ڪري بي اختيار روئي پوي ٿي ۽ پڙهندڙ پاڻ کي ڌرتيءَ تي بچيل آخري اڪيلو فرد سمجهي چوطرف نهاري ڪنهن ڪلهي کي تلاشي ٿو ، جنهن تي ڪنڌ رکي هو روئندو رهي. پنهنجي ڪردارن جي لاءِ پڙهندڙ جي دل ۾ پيار ،پيدا ڪرڻ جو اهڙو فن صرف مدد علي سنڌي وٽ ئي آهي.
”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻيءَ ۾ قمرالنساءِ جي ڪينسر سبب راهول جي جيون جو درد ۽ سندن گفتگو پڙهڻ کانپوءِ مون وٽ مدد علي سنڌيءَ سان مخاطب ٿيڻ لاءِ منهنجا پنهنجا لفظ ذهن جي ڪمري جي ڪنڊ ۾ منهن مونن ۾ ڏئي سڏڪندي ، رانڀٽ ڪري روئي رهيا آهن، ان ڪري مان مدد علي سنڌيءَ کي سندس ئي ڪهاڻيءَ جي ڪردار قمرالنساءِ کان احساس اڌارو وٺي ٿو چوان ته، ”مان الائي ڇو ايئن پيو محسوس ڪريان ته مان تنهنجي اندر جي شهر ۾ گهڙندي ئي ڪوئي رستو وڃائي ويٺو آهيان.“
ڪهاڻيءَ لاءِ واقعي جي چونڊ ، ڪردارن جا مزاج ۽ سوچڻ جو ڍنگ ، ٻولي ۽ ڪلائيميڪس اصل ۾ ڪهاڻيڪار جي شعوري ۽ نظرياتي بيهڪ جو به تعين ڪندا آهن. ڪهاڻيڪار جنهن سماج مان ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار کڻي ٿو پاڻ به ان ئي سماج جو حصو آهي ان ڪري اڪثر ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار پاڻ موجود هوندو آهي، هن جا پنهنجا تجربا، داخلي احساس ۽ خواهشون ڳالهائينديون آهن. مدد علي سنڌي جنهن دور جو ڪهاڻيڪار آهي تنهن دور جي سندس همعصر ڪهاڻيڪارن سان ۽ ان دور جي سماجي حالتن جو جائزو وٺبو ته سندس بيهڪ هڪ ساڃاهوند ، ذميوار ۽ فرض شناس سنڌ دوست ڪهاڻيڪار جي بيهندي .
ان دور ۾ سندس همعصر ڪهاڻيڪارن ۾ نجم عباسي، امر جليل، علي بابا، نسيم کرل، جمال ابڙو، سراج، ماڻڪ، طارق عالم ابڙو، اخلاق انصاري ۽ زيب سنڌيءَ سميت ڪيترائي اهم نالا اچي وڃن ٿا.
ان ڏهاڪي جي ڪجهه ڪهاڻيڪارن انفراديت ۽ جديديت جي سحر ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ڪي نوان تجربا به ڪيا، جنهن ۾ ڪهاڻي تجريديت ۽ علامت نگاريءَ واري انداز سان لکي وئي . جنهن لاءِ نجم عباسي لکيو آهي ته ، ”هتي تجريدي ڪهاڻي يورپ ۽ آمريڪا جي نقل طور ۽ فيشن سمجهي لکي ٿي وڃي ۽ نه ارتقائي عمل طور ......... ترقي پسند ڪهاڻيڪار انسان جي ڏکن ، سورن، مايوسين ۽ محرومين جو سبب سماج کي سمجهي ٿو، اهو سماج جو طبقاتي آهي ، جنهن ۾ پنگتي ناانصافي آهي ، اڻبرابري آهي، طبقاتي پرماريت آهي ۽ راڄنيتي ظلم آهي.“
پر مدد علي سنڌي اهڙي انفراديت ۽ جديديت جي رومانس کان آجو ٿي ترقي پسند قومپرست ۽ تاريخ جي ڄاڻو ليکڪ طور ڪهاڻيءَ جي ڪردارن کي تاريخي انقلابي هيروز ۽ تاريخي واقعن ۽ اڄ جي جديد مسئلن سان ڀيٽيندي ، احساساتي ٻولي ، تشبيهن ۽ ڪردارن جي جيءَ ۾ جايون ٺاهيندڙ مزاج جي اڻت سان اهڙيون ته شاهڪار ڪهاڻيون لکيون آهن جو سندس ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردارن سان محبت ٿيو پوي ۽ پڙهندڙ ڪردارن سان گڏ ڀوڳي ، روئي ۽ ڪڏهن کلي به پوي ٿو.
سندس لکڻي جو اهو به ڪمال آهي جو ڪردارن جي وچ ۾ مذهبي ويڇن جون سرحدون کلي پون ٿيون ۽ هڪ سيڪيولر سماج ساهه کڻي ٿو. اها هڪ صوفي منش، انسان دوست ۽ عالمگيريت جي جذبي واري ليکڪ جي نشاني آهي.
ڪهاڻي ”ڀڪشو“ جا ڪردار ڪانتا ۽ پروفيسر به مزاج ۾ ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ جي ڪردارن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هي ڪردار به سماج جا ميچوئر ڪردار آهن جن جي گفتگو ۾ سنڌ ، تاريخي ورثن ۽ انهن جي مستقبل لاءِ الڪو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ دل ڇهندڙ گفتگو ۽ ضمير کي چهنڊڙي هڻندي پڙهندڙ کان وٺي سڄي سنڌي سماج جي توجهه ڇڪرائڻ لاءِ جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪردارن کان ڪرائي وئي آهي اها مدد علي سنڌيءَ جي حب الوطنيءَ واري جذبي جو اهڃاڻ آهي. هي جملو ئي ڏسو ، ”ڇا هڪ ڏينهن ماضيءَ جي اتهاس جا هي کنڊر به انسان جيان مٽجي ويندا ؟“ ...... ”ڪڏهن ڪڏهن قومن جي اتهاس ۾ ڪن فردن جي مرڻ ڪري انهن قومن جو شاندار اتهاس برباد ٿي ويندو آهي ........ هن ننڍي کنڍ جو اتهاس سدائين اوچتو حادثن مان ٺهندو رهيو آهي. هتي سدائين فرد ئي قومن جي تقدير ٺاهيندا ۽ بگاڙيندا رهيا آهن“
ڪردارن کان هن انداز ۾ گفتگو امر جليل کانپوءِ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ ملي ٿي. پنهنجي همعصرن ۾ مدد علي سنڌي ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڌرتي ڌڻين ۽ وطن جو ڪيس بڻائي جيڪو اتهاس لکيو آهي ان کي هر هر پڙهڻ جي ضرورت آهي. الائي ڇو مدد علي سنڌيءَ کي بحيثيت ڪهاڻيڪار منهنجي راءِ آهي ته ادبي لڏي ، ادارن ۽ نقادن منهن موڙي سندس ڪهاڻين کي وساري ڇڏيو آهي. !؟
هيتريون شاندار ڪهاڻيون سياري جي چانڊوڪي ۽ ڪکاون گهرن جي سونهن جيان اکين کان اوجهل رهيون آهن!؟
منهنجي راءِ آهي ته ، سنڌي ڪهاڻيڪارن ، نقادن ۽ پڙهندڙن مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون نه پڙهي ۽ ان جي ڪهاڻين تي تبصرو ۽ انهن جو حوالو نه ڏئي مدد علي سنڌيءَ سان نه پر اصل ۾ پنهنجو پاڻ سان ، ادب سان ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ سان بي واجبي ڪئي آهي.
”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ مون جڏهن مدد علي سنڌيءَ کي هي ميسيج ڪيو ته ، ”سائين اوهان جي ڪهاڻيءَ جي خمار ۾ آهيان. اوهان جون ڪهاڻيون موکيءَ جا مٽ آهن ، جن مان چُڪيءَ جي سرور آڏو ٻي ڪهاڻي پڙهڻ جي سگهه ئي نه ٿو ساريان.“
تڏهن موٽ ۾ سائين مدد علي سنڌي فون ڪري چيو هو ته ، ”ادا اوهان جا قرب ، پر هتي ته گهڻا حيران ٿي پڇندا آهن ته اوهان ڪهاڻيون به لکيون آهن ڇا !؟“
هي آهي الميو هڪ تخليقڪار سان ڪنهن عام ماڻهو نه پر سندس ئي ٽهيءَ جي اديبن جو !
مدد علي سنڌيءَ جا ٻه ڪهاڻين جا ڪتاب ، ”دل اندر درياو“ ۽ ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان ۾ “ ڇپيا آهن .
”ڀڪشو“ ڪهاڻيءَ ۾ هي خوبصورت خيال ڏسو ته ، “ ماضيءَ کان دور ڀڄندڙ ماڻهو ، دريا جي ڪپر جيان هوندا آهن ، جن کي پاڻي پيو ڌيري ڌيري کائيندو آهي.“
اهو ئي سبب آهي جو مدد علي جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جو حال ماضيءِ سان ڳنڍيل آهي. مون مدد عليءَ جي ٽين ڪهاڻي ،”مند نه وسندا مينهن“ پڙهي، جيڪا سال اڳ ”سارنگا“ ۾ ڇپيل آهي ته مرڪي ڏنو، 1980 ۾ لکيل ڪهاڻي ”ڪرانتيڪار“ کان وٺي 2013 ۾ لکيل ڪهاڻي ، ”مند نه وسندا مينهن“ جي وچ واري 34 سالن جي سفر کان پوءِ به مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻي ءَ جو قد ۽ جوڀن جيئن جو تيئن سلامت آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هو ادب ۽ ڪهاڻي کان ڪٽيل ناهي رهيو ، ڏات هن تي اڄ به اڳ جيان مهربان آهي، توڙي جو سندس همعصرن ۾ ڪيترائي وڏا ڪهاڻيڪار اڄ ڪنڊائتا ٿي ويا آهن ۽ ڪهاڻيءِ جي ديوي کانئن رسي وئي آهي. ڄڻ ته هنن کان هاڻي ڪهاڻي لکڻ وسري وئي آهي. پر مدد علي سنڌي ماٺ ناهي ڪئي ، هن پنهنجي اندر جي آواز کي شاعري ، ڪهاڻي ۽ ڪالم جي روپ ۾ پڙهندڙ تائين پهچايو آهي.
مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جا موضوع ، ڪردار ، ٻولي ۽ تشبيهون سندس هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪن ٿيون.
سنڌ اندر ڪيتريون ئي درسگاهون آهن پر انهن مان سنڌ يونيورسٽي جي سڃاڻپ ايتري ته منفرد ۽ رومانوي آهي جو سنڌي ادب ۾ شاعري توڙي ڪهاڻين ۽ ناول تائين يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رومانس جي واقعن جاءِ والاري آهي. طارق عالم ابڙو جو ناول، ”رهجي ويل منظر“، عبدالرزاق شيخ جو ناول، ”يونيورسٽي جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل خواب“ ، منير چانڊيو جا ٻه ناول، ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۽ ”تو پڄاڻان“ سميت ڪيترن ئي ليکڪن (ان موضوع ۽ پس منطر تي خود ممتاز لوهار جي ڪهاڻي ”اڻپورا وُجودُ نهايت اهم ڪهاڻي آهي ـــ (مُرتب) جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ اڄ به مقبول آهن . مدد علي سنڌي به ،”مند نه وسندا مينهن“ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ پريمي جوڙي جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ دل جي اڪيلائي جي حال کي ماضيءَ جي يادن سان ملائيندي شاهڪار ڪهاڻي لکي آهي. هن ڪهاڻي پڙهڻ دوران ، ڪردارن جي مزاج ۽ ٻولي ۽ ڪهاڻيءَ جي اسٽائل تي سچ ته طار ق عالم ابڙو جي ياد اچي ٿي وڃي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍا خوبصورت احساساتي جملا آهن جيئن،
” هُوءَ سندس حياتيءَ جي ناول جو وڃايل هڪ باب هُئي .“
”جيڪو ڏک ڏئي ان کي ڇڏي ڏي، جنهن کي ڇڏي ڏي ، ان کي ڏک نه ڏي.“
”عشق چوماسي جي برسات وانگر هوندو آهي، جنهن تي وسندو آهي ته پوءِ بس نه ڪندو آهي.“
”ايئن پنهنجي نظريي ۽ سوچ لاءِ ، ٻين کي ڇو آزاريندا آهيون.“
سچ ته اهو آهي ته مدد علي سنڌي ڪهاڻيءَ جي دنيا جو ڏاڍو سگهارو نالو آهي ، جنهن جي ڪهاڻي ڪلهه به پنهنجي منفرد اسٽائيل سبب شاندار ڪهاڻي هُئي ۽ اڄ به جديد ڪهاڻيءَ طور پنهنجي منفرد اسٽائيل سان شاهڪار ڪهاڻي طور ڳڻي سگهجي ٿي. مدد علي سنڌي پيار ڪندڙن جو سفير ڪهاڻيڪار آهي. هڪ ڪهاڻيڪار ۽ پڙهندڙ جي حيثيت سان مان سائين مدد علي سنڌي کي آخر ۾ هڪ گذارش اها به ڪندس ته سنڌي ادب ۾ شاهڪار ناول جي اڻاٺ کي سامهون رکندي ڪنهن ناول تي ڪم ڪري جلد سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار ناول جو اظافو ڪري.