دل اندر درياهه
[b] مراد علي مرزا [/b]
سنڌي افسانو ارتقا پذير آهي. ان جو شمار فنون لطيفه ۾ ٿئي ٿو ۽ فنون لطيفه جو لاڳاپوذهن سان هوندو آهي، جيڪو نت نين حالتن ۽ ماحول جي اثر هيٺ لاڳيتو ارتقائي عمل ۾ رهي ٿو.
19 صديءَ جي آخر ۾ سنڌي افساني جي اوائلي نمونن جي شروعات ٿي ۽ ويهين صديءَ ۾ ان جي Form ۽ Contents ۾ انيڪ ۽ اڪيچار تجربا ڪيا ويا آهن؛ ان جي ننڍڙي Canvas تي موضوعن جا ڪيترائي رنگ ڀريا ويا آهن. جن جي ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ رنگا رنگيءَ جا نمونا ملن ٿا.
افساني جي ان رنگا رنگيءَ بابت هت هڪ اهڙي مثال جو ذڪر ڪندس، جيڪو پراڻو به آهي ته نئون به؛ انوکو به آهي ته عجيب به؛ دلچسپ به آهي ته ڇرڪائيندڙ به. اها رنگا رنگي خيال، فڪر يا سوچ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا ڪنهن فن پاري جي گهاڙيٽي Form ۽ مواد Contents تي اثر انداز ٿيندي آهي. فڪر جو اهو لاڙو يا رغبت پهرين پهرين ڪنهن هڪ تخليقي ذهن مان اُٿندي آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌندي ويجهندي، مقبول ٿيندي، وري ڪنهن ٻئي لاڙي جي لاءِ جاءِ خالي ڪندي، پنهنجي واري تي ٻيهر اُڀري اچڻ جي لاءِ پس منظر ۾ غائب ٿي ويندي آهي.
افساني جو اهو انوکو، عجيب، دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ مثال مدد علي سنڌيءَ جي افساني ”اُڀريو ڏينهن ڏکن جو“ ۾ ملي ٿو، جيڪو پهرين ”ناري“ پرچي ۾ (فيبروري . 1980ع) ۽ پوءِ هن جي افسانن جي مجموعي ”دل اندر درياهه“ ۾ ڇپيو آهي. افسانو هڪ خط جي Form ۾ لکيل آهي، جيڪو ”م“ نالي واري شخص، شايد پاڻ افسانه نويس، پنهنجي محبوبه کي لکيو آهي. افساني جي شروعات ۾ ئي فڪر جي ان لاڙي ڏانهن ٻه اشارا ملن ٿا: هڪ اشارو هيءُ ته مصنف ٻڌائي ٿو ته ”مون هڪ هيبتناڪ سپنو ڏٺو آهي“ ۽ ٻيو اشارو هيءُ ته ”اهو هيبتناڪ ۽ ڊپ جهڙو سپنو تنهنجي ۽ منهنجي ڪنهن اڳئين جنم جي دؤر جو هو“. اڳتي هلي افساني ۾ ان حقيقت جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته، ”ڪنهن جنم ۾ مان توکي هڪ مينهن وسندڙ رات جو سنڌو درياهه جي گهاٽ تي اڪيلو ڇڏي ويو هوس.“ وري اڳتي اچي ٿو ته، ”ڪالهه مون مٽيءَ جي هڪ مورتي ٺاهي. مورتي ٺهڻ کان پوءِ جڏهن مون ان مورتيءَ جي مک ۾ نهاريو ته الائي ڇو مون کي لڳو ته اها مورتي تنهنجي ۽ منهنجي گذريل جيون جي ڪا اتهاسڪ نشاني آهي“. ان کان پوءِ افساني ۾ انهن خوفن، خطرن ۽ انومانن جي اپٽار ڪيل آهي جيڪي هيرو کي پنهنجي ماڳ تي پهچڻ کان اڳ سندس دل ۾ واسو ڪن ٿا. نيٺ مصنف لکي ٿو ته، ”دل چوي ٿي ته اهو سپنو توکي نه ٻڌايان، پر الائي ڇو، نه چاهيندي به مان تو کي سپني جي هڪ هڪ ڳالهه لکي رهيو آهيان!“ ۽ پوءِ ڳالهه شروع ٿئي ٿي، جيڪا مدد علي سنڌي جي لفظن ۾ ”نائين يا ڏهين صديءَ جي دؤر جي پئي لڳي“، يعني خط جو لکندڙ يا افساني جو مصنف اڄ کان هڪ هزار سال اڳ جي زماني ۾ پهچي ٿو، جنهن جو ماحول کيس ۽ سندس لفظن ۾ ”جهڙوڪر ڏٺل وائٺل پيو لڳي“. هن شروع ۾ ئي لکيو آهي ته اهو هڪ سپنو آهي ۽ ان سپني ۾ کيس اها ساڳي ڇوڪري نظر اچي ٿي جنهن کي هن اهو خط لکيو آهي. ان ڇوڪريءَ کان هو سپني ۾ پڇي ٿو ته، ”تو ڪنهن ٻئي اجنبي شخص کي زندگيءَ جو ساٿي ڇو چونڊيو؟“ افساني جي آخر ۾ خط لکندڙ هيءُ خدشو ڏيکاري ٿو ته، ”هنن ڊپ جهڙن سپنن ڏسڻ کان پوءِ مون کي يقين آهي ته مان پنهنجين سڀني اميدن سان گڏ زندگيءَ جي هن رڻ ۾ شڪست کائي ويندس. اها ساڳي شڪست ڪنهن اڳئين جنم ۾ به مون تنهنجي هٿان هن ويڙهه ۾ کاڌي هئي.“.
مدد علي سنڌيءَ جي ان افساني جي ڪهاڻي هن ريت ٺهي ٿي: هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ نوجوان ڇوڪري آهن، اهي هڪ هزار سال اڳ پاڻ ۾ پيار ڪندا هئا، پر کين پيار ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿئي. هزار ورهيه گذرڻ کان پوءِ اهي ساڳيا ڪردار ساڳئي روپ ۾ ظاهر ٿين ٿا. هنن جو پاڻ ۾ پيار پڻ آهي. ڇا ان پيار جو هن ڀيري به اهو ئي نتيجو نڪرندو؟ افساني جو موضوع ننڍي کنڊ جي ان پراڻي فلسفي مان ورتل آهي ته هر انسان هن دنيا ۾ ايستائين جُوڻ بدلائيندو رهندو، جيستائين سندس اَتما کي پوريءَ طرح مُڪتي يا نجات حاصل نه ٿي آهي. ان فلسفي کي آواگون/تناسنح يا روح جو چڪر (Transmigration of Soul) چيو ويو آهي. اهو فلسفو ڪيتري قدر سچو آهي؟ ان بابت ڪوبه آخري راءِ ڏئي نه ٿو ڏئي سگهي، ڇالاءِ ته موت جي سرحد ۾ هڪ ڀيرو پير پائڻ کان پوءِ ڪوبه واپس موٽي نه آيو آهي. ان هوندي به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي ان فلسفي ۾ يقين رکن ٿا ۽ اهڙا واقعا به ٿيا آهن جن جي آڌار تي چيو وڃي ٿو ته آواگون/تناسنح جي فلسفي ۾ ضرور ڪانه ڪا سچائي آهي.
شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ادب ۾ اهو لاڙو پراڻو به آهي ته نئون به. اهو ان ڪري ته انسان ازل کان ئي پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ۽ اڄ جا سمورا علم ان ڪوشش جو ئي نتيجو آهن. ادب ۾ ان لاڙي جا ٻه مثال پيش ڪندس: هڪ قديم ۽ ٻيو جديد. پوءِ انهن جي تجزيي جي روشنيءَ ۾ مدد علي سنڌيءَ جي افساني جي پرک ڪبي. آواگون/تناسنح يا جُوڻ مٽائڻ جو ادب ۾ پهريون ۽ پراڻو مثال مهاراشٽري ٻوليءَ ۾ لکيل هڪ ناول ”ترنگوتي“ آهي، جنهن جي ليکڪ جو نالو ”پادلپت“آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ مطابق هڪڙو ماري، شڪار ڪرڻ جي لاءِ جهنگ ۾ وڃي ٿو. اتي کيس نيرڳي پکين جو هڪ جٿو نظر اچي ٿو. اتفاق سان شڪاري پکين جي ان جوڙي مان هڪ پکيءَ جو شڪار ڪري ٿو، جيڪو شڪار جي اصول جي بلڪل خلاف آهي، ان ڪري شڪاريءَ کي ڏاڍو ڏک ۽ پڇتاءُ ٿئي ٿو ۽ مئل پکيءَ کي کڻي ساڙي ٿو ڇڏي. اهو ڏسي ٻيو پکي به باهه ۾ اچي ڪري ٿو ۽ سڙي رک ٿئي ٿو. پکين جو اهو جوڙو پوءِ جوڻ مٽائي ڪؤسامبيءَ جي سوداگر خاندانن ۾ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ جي صورتن ۾ جنم وٺي ٿو؛ مائٽ ڇوڪريءَ جو نالو ترنگوتي رکن ٿا. ترنگوتي جڏهن سامائجي جوان ٿئي ٿي تڏهن هڪ ڏينهن باغ جو سير ڪندي کيس ڏکائتو ماضي ياد اچي ٿو. پوءِ گهر اچي هوءَ پنهنجي گذريل/اڳوڻي جنم جا واقع ۽ حادثا هڪ ڊگهي پردي تي چٽي ٿي. سندس ٻانهي وري اهو نقش ٿيل پردو کڻي گهر جي بالڪنيءَ تي ٽنگي ٿي ڇڏي.
ايتري ۾ ترنگوتيءَ جو عاشق اتان لنگهندي اهو پردو ڏسي ٿو ته هن کي پنهنجو اڳوڻو جنم ياد اچي ٿو. هوڏانهن ترنگوتيءَ جو پيءُ سندن پيار تي راضي ڪونهي. تنهن ڪري هڪڙي ڏينهن ٻئي گهر مان ڀڄي نڪرن ٿا، پر رستي ۾ ڌاڙيلن جي ور چڙهي ٿا وڃن. ڌاڙيلن مان هڪ نوجوان ڌاڙيل مٿن رحم کائي کين بچائي ٿو ۽ ٻئي موٽي گهر اچن ٿا. هاڻي ترنگوتيءَ جو پيءُ ڪو ٻيو چارو نه ڏسي سندن شادي ڪري ٿو ۽ زال مڙس ڏاڍي آرام ۾ سک سان زندگي گهارين ٿا. گهڻي وقت گذرڻ کانپوءِ هڪ ڀيري زال مڙس، جين مت جي هڪ ڀڪشو سان ملاقاتي ٿين ٿا، جنهن کي ترنگوتي پنهنجي اڳوڻي جُوڻ جي ڳالهه ٻڌائي ٿي. ان تي ڀڪشو ٻڌائين ٿو ته آءٌ ئي اهو نوجوان ڌاڙيل آهيان ۽ اڳين جنم ۾ پکين جي جوڙي مان هڪ پکيءَ کي شڪار ڪيو هو ۽ جڏهن اوهين ٻئي ڌاڙيل جي ور چڙهيا هئا ته مون کي پنهنجو اڳوڻو جنم ياد اچي ويو، جنهن ڪري اوهان کي آزاد ڪرايم.
جديد ادب ۾ تناسنح يا جوڻ مٽائڻ جي موضوع تي ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيون ويون آهن. ان موضوع تي اردو فلم ”محل“ ۽ ”قدرت“ بيحد اثرائتيون ۽ دلچسپ آهن. مغربي ادب ۾ جون گرانٽ (Joan Grant) جا لکيل ناول ”The Eye of Horns“ ۽ ”Winged Pharaoh“ ملن ٿا. انهن ناولن جي مصنفه ’جون گرانٽ‘ جي دعويٰ آهي ته انهن ناولن ۾ جن واقعن جو ذڪر ڪيل آهي، اهي سندس اڳوڻين حياتين جون تمام جهونيون ساروڻيون آهن. انهن ناولن کان سواءِ آرٿر گرڊ هام (Arther Guirdham) جو Cathars And Reincarnation ۽ اي ڊبليو ريال (E.W. Ryall) جو ناول Second Time Around اهڙا آهن جن ۾ تاريخ جي پس منظر ۾ جُوڻ مٽائڻ جا واقع بيان ڪيل آهن. انهن سڀني فلمن ۽ ناولن جي پلاٽن جو ذڪر ڪرڻ جي بدران، انهن جي فقط هڪ اهم ۽ بنيادي نقطي جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي. اهو نقطو هيءُ آهي ته جُوڻ مٽائڻ جي ساروڻي ڪردار کي ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن کيس اهڙي نشاني يا واقعو نظر اچي ٿو، جيڪو سندس گذريل جيون سان واسطو رکندڙ آهي، جئين ’ترنگوتي‘ ناول ۾ ترنگوتي کي پنهنجي اڳوڻي زندگي ان وقت ياد اچي ٿي، جڏهن باغ ۾ گهمندي هوءَ تار نيرڳي پکين کي ڏسي ٿي. پر ان نقطي جي بلڪل ابتڙ مدد علي سنڌيءَ جي افساني ۾ اڳوڻي جيون جو اشارو خواب ۾ ملي ٿو. عملي طرح ان جي وضاحت هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته ترنگوتيءَ کي شعور جي ذريعي لاشعور کي ڦولهڻو پوي ٿو، پر مدد علي سنڌيءَ جي افساني جي هيرو کي لاشعور جي وسيلي شعور تائين وڃڻو پوي ٿو. سگمنڊ فرائڊ خوابن جي باري ۾ چوي ٿو ته خواب انسانن جي خواهشن جي تڪميل هوندا آهن؛ يعني ڪا تمنا ڪا خواهش شعور کان لاشعور تائين سفر ڪندي آهي ۽ جڏهن شعور سمهي رهندو آهي ۽ لاشعور سجاڳ هوندو آهي. تڏهن اهو خواب جي ذريعي پنهنجو ڪرشمو ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي. تنهن ڪري مدد جي افساني ۾ موضوع جو بنياد هڪ غلط تصور تي رکيو ويو آهي.
هاڻي ڏسڻو آهي ته جُوڻ مٽائڻ جو نظريو ڪڏهن ۽ ڪٿان شروع ٿئي ٿو ۽ هن وقت نفسيات جي ماهرن جي ان باري ۾ ڪهڙي راءِ آهي سر راڌا ڪرشنن (مشهور هندو فيلسوف ۽ ڀارت جي سابق صدر) هندو مت تي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته جُوڻ مٽائڻ جو نظريو پهرين پهرين اُپنشد ۾ اچي ٿو، جيڪو 700 ق. ۾ ان وقت جي هڪ مفڪر ۽ پنچال قبيلي جي اڳواڻ ”جئه ولي پرواهن“، هڪ برهمڻ ”اروٽي گوتم“ کي سيکاريو هو. جيئن ته ان نظريي جو پرچارڪ گنگا ماٿر جو اڻ آريو هو، تنهن ڪري ان جي تبليغ ۽ سِکيا لڪ چوري ڏني ويندي هئي. پوءِ جڏهن اهو نظريو آهستي آهستي مقبول ٿيندو ويو، تڏهن برهمڻن به ان کي قبول ڪيو. ان نظريي مطابق انسان هن دنيا ۾ جيڪڏهن سٺا ۽ نيڪ ڪم ڪندو ته سندس ٻيو جنم ڪنهن سٺي ۽ اعليٰ روپ ۾ ٿيندو، پر جي ڪو انسان خراب ڪم ۽ ڏوھ گناهه ڪندو ته ٻئي جنم ۾ اهو انسان جي رتبي کان تمام گهڻو گهٽ، ڪنهن ٻئي جيوَ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو. اهڙيءَ ريت آتما يا روح جو اهو چڪر ايستائين هلندو رهي ٿو، جيستائين نيڪ ڪمن جي ڪري آتما پوريءَ ريت مُڪتي يا ڇوٽڪارو حاصل نه ڪندو.
جديد نفسيات جي ڪن ماهرن جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته تناسنح يا جُوڻ مٽائڻ جو اهو نظريو هڪ مفروضو آهي. سندن خيال آهي ته ننڍپڻ ۾ ٻار ڪيترائي اهڙا واقعا ڏسي ۽ ڳالهيون ٻڌي ٿو جيڪي سندس لاشعور ۾ ويهي رهن ٿيون، پوءِ جڏهن هو وڏو ٿئي ٿو ۽ ان قسم جا واقعا ڏسي ٿو يا اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿو، تڏهن کيس اهي پراڻا واقعا ۽ ڳالهيون ياد اچن ٿيون جن لاءِ هو سمجهي ٿو ته اهي شايد سندس اڳوڻي زندگيءَ جا واقع يا ڳالهيون آهن. هن سلسلي ۾ Genetics جي ماهرن جي تحقيق غور طلب آهي، جن جو وري هيءُ چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي بيماريون ۽ عادتون ماڻهو کي ورثي ۾ ملن ٿيون، منهنجي خيال ۾ اها تحقيق وڌيڪ وزنائتي آهي، ڇاڪاڻ ته، جيئن هاڻي ثابت ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪي بيماريون جهڙوڪ نزلو، سلهه وغيره نسل در نسل ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون، ته پوءِ ڪو به سبب ڪونهي جو اسين ان حقيقت کي قبول ڪريون ته يادگيريون به نسل در نسل ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون. (رنگ روپ، قد بت، وارن جو رنگ، اکيون، مهانڊا، هلت چلت، آواز وغيره ورثي ۾ ملن ٿا.) تنهن ڪري Genetics جي هن نظريي جي ڀيٽ ۾، جُوڻ مٽائڻ جو، نظريو هڪ مفروضو لڳي ٿو، جنهن جي ڪا به سائنسي حيثيت ڪانهي.
مدد علي سنڌيءَ جو افسانو ”اڀريو ڏينهن ڏکن جو“ يقيناً انهن يادگيرين بابت آهي، جيڪي کيس نسل در نسل ورثي ۾ مليون آهن ۽ جيئن ته تخليقي ذهن عام ذهن کان وڌيڪ سگهارو ۽ حساس ٿيندو آهي. ان ڪري مدد علي سنڌيءَ انهن ساروڻين کي ويساري جي لڙاٽ ۾ غائب ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. اهائي ان افساني جي خوبي آهي.
سائنسي تحقيقات جي قطع نظر، موت جي باري ۾ في زمانه ٻه عقيدا رائج آهن. هڪ عقيدي جي مطابق انسان عبارت آهي جسم ۽ روح جي مرڪب جي، ته جڏهن روح انسان جي جسم مان نڪري ٿو وڃي ته هُو مري ٿو وڃي. انهي عقيدي موجب انسان جهڙوڪ رٻڙ جي ڦوڪڻي يا کينون جهڙو آهي، جيڪو هوا نڪرڻ کانپوءِ بيڪار ٿيو وڃي، تڏهن جسم کي ته زمين ۾ دفن ڪري ٿو ڇڏجي، روح عالم ارواح ڏانهن هليو ٿو وڃي، پر قيامت ڏينهن جڏهن اسرافيل فرشتو صُور ڦوڪيندو ته سڀ مرده جيئرا ٿي پوندا ۽ حشر جي ميدان ۾ ڪٺا ٿيندا، جتي خدا سندن نيڪيون ۽ بديون توريندو ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪندو. پوءِ جن جي نيڪين جو پلڙو ڳرو هوندو تن کي جنت ۾ امر حياتي ملندي ۽ جيڪي بدڪار هوندا، سي جهنم ۾ اڇلايا ويندا. ٻئي عقيدي مطابق، انسان جو جسم هڪ عارضي مٽي آهي، پر سندس آتما امر ٿئي ٿي، اها ڪڏهن به نٿي مري، بلڪه پنهنجي ڪرم (اعمال) پٽاندر جُوڻ مٽائيندي ۽ نَون نَون جسمن ۾ حل ٿيندي رهي ٿي. آتما (روح) کي نرواڻ (نجات) تڏهن ٿو نصيب ٿئي، جڏهن اها خواهشن جي ڄار کان ٿي نڪري. آواگون يا تناسنح جو عقيدو اهو ئي آهي. انهي عقيدي جي پيروي ڪندڙ، پنهنجي مڙدن کي ساڙيندا ۽ سندن رک کي دريا ۾ لوڙهي ڇڏيندا آهن، ڇو ته جسم هنن لاءِ مرڻ کان پوءِ ڪڏهن به جيئرو نٿو ٿئي. حڪيم فيثاغورث ۽ هندن جو عقيدو به اهو ئي آهي.