دل جي درياهه جو ڪهاڻيڪار
سنڌي ڪهاڻي نادر بيگ مرزا کان منور سراج تائين تخليق جو ڪارائتو سفر طئه ڪيو آهي. ان عرصي ۾ ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ بيشمار فڪري ۽ فني تجربا به وجود ۾ آيا آهن.
ڪهاڻيءَ جي ان طويل تخليقي دور ۾ هڪ دور ”ماڊرن سنڌي ڪهاڻي“ جو به آيو. سنڌ جي سنڌي ڪهاڻيڪارن مان شوڪت شورو، مشتاق شورو، ماڻڪ، نور الهديٰ شاهه، عبدالحق عالماڻي، فاروق سولنگي ۽ مدد علي سنڌي ان دور جا مڃيل ۽ نمائنده ڪهاڻيڪار ليکيا وڃن ٿا.
ماڊرن سنڌي ڪهاڻيءَ وارو دور ڪهاڻيءَ جي تخليقيت جو فڪري طور انتهائي سگهارو، روشن ۽ معنوي جوهر وارو دور آهي. جنهن ۾ فرد جي وجود جي پيچيدگين اڪيلاين ۽ تصورن جو انوکو بيان آهي. جنهن ۾ فن جي جدت جو به گهڻو عمل دخل آهي.
مدد علي سنڌي به ان دور جو مڃيل ڪهاڻيڪار آهي. جنهن وٽ فرد جي اڪيلاين رولاڪين ۽ تصورن جي تپسيا جو نئون جهان دريافت ٿيل آهي. مدد علي سنڌيءَ جون ڪ هاڻيون تخليق جي روشنيءَ سان وهنتل ۽ فڪري طور بيحد ڀرپور ڪهاڻيون آهن. ٻاهرين سماج جي کوکلائپ بدران، اندرئين ماحول (داخلي) ۽ تصوراتي ويڳاڻپ ۽ ڀوڳنا جو عنصر سندس ڪهاڻين ۾ گهڻو ملي ٿو.
ناميارو شاعر ۽ نقاد رکيل مورائي، مدد علي سنڌيءَ بابت لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ نثر جي ٻين شاخن ۾ مدد هڪ قصاگو ليکڪ طور اڀري ايندو آهي، پر حيرت جي حد تائين سندس ڪهاڻين ۾ مٿين ڳالهه جي ابتڙ هڪ اداسي ۽ هڪ اهڙي پُراسراريت اُڀري اچي ٿي، جيڪا اڃان تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کان گهڻو پري آهي ۽ ان ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، سنڌي ڪهاڻيءَ جي فهرست کان الڳ، پنهنجي هڪ نجي فهرست جوڙي بيهن ٿيون. جنهن فهرست ۾ سندس ڪو به همعصر يا هم عمر نه آهي. سندس ويجھو شوڪت شورو، ممتاز مهر، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نوجوانن ۾ ڪيهر شوڪت، اخلاق انصاري ۽ ڪجهه ٻيا به هوندا پر هو ڪنهن جي ويجھو ناهي، يا هن جي ڪهاڻي ڪنهن جي ويجھو ناهي، فقط سندس شخصيت جي ويجھو آهي. اهڙو اعزاز مدد لاءِ سنڌي ادب ۾ مخصوص آهي.“
دُک جي بي انت سفر جون سمرتيون، لمحن جي لڇندڙ رڳن جو درد ۽ من جي مٽيءَ جا سورن ڀريا سُر مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ۾ موجود آهن. هو لفطن جو ڪهاڻيڪار ناهي، هو جذبن جو ڪهاڻيڪار آهي! اهي جذبا جيڪي دردن، خواهشن، تصورن ۽ احساس تي دارومدار رکن ٿا. هن وٽ پهچي ڪهاڻي پنهنجي ڀوڳنائن جا سڀ ڀريل پَلو کولي ڇڏي ٿي ۽ پوءِ تخليقيت جو انوکو هڳاءُ ڦهلجي وڃي ٿو.
”ڪرانتيڪار“ ڪهاڻيءَ ۾ رولاڪين جو عجيب سفر آهي، احساسن جي پُراسراريت آهي، جيڪا پڙهندڙ جي من کي عجيب سحر ۾ قابو ڪري ڇڏي ٿي، ”مون سدائين انسانن جي قافلن کي گهرن، ماڳن ۽ ديسن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي ڏٺو آهي.“
”تاريخ جو تسلسل زندگيءَ جو تسلسل، وڻ وڍي واٽون ڪريان...... اونداهي....... اونداهي ۽ ٻيڙي ڪنهن ڪُنَ ۾ وڃي ڦاٿي هُئي!....
۽ هُو ڦيراٽيون کائيندو، تاريخ ۽ وقت جو مسلسل سفر ڪري رهيو هيو!“
”مان الائي ڇو ايئن پئي محسوس ڪريان ته مان تنهنجي اندر جي شهر ۾ گهڙندي ئي ڪوئي رستو وڃائي ويٺي آهيان.“
مجموعي طور هي ڪهاڻي محبت جي ادسين جي تاريخ آهي.
”ڀڪشو“ ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ جو وجود پراچين اتهاس جي گهٽين ۾ ڀٽڪندو ٿو رهي، جِتي محبت جون سمرتيون رقص ۾ آهن.
”انسان مريو ٿا وڃن پر انهن مري ويل انسانن جا آواز، هلندڙ هوائن ۾ سدائين انسانن جو پيڇو ڪندا رهن ٿا.“
”منهنجي ڇاتيءَ تي دُکن جي هڪ ڊگهي اتهاس جو ڪوئي جلوس آهي، جيڪو ڌيري ڌيري گذري رهيو آهي ۽ مان چپ چاپ ان ويندڙ اتهاس جي پويان هلي رهيو آهيان.“
”ماضيءَ کان دور ڀڄندڙ ماڻهو، درياهه جيان هوندا آهن، جن کي پاڻي پيو ڌيري ڌيري کائيندو آهي.“
”دل اندر درياهه ۾“ پيار جو مٺو مٺو درد سمايل آهي، ڄڻ اڪيلي ڪمري ۾ چندن جلي رهيو آهي. ان کان علاوه سندس ٻيون ڪهاڻيون ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا“، ”ٽٽل زندگيءَ جي اڻپوري گهاٽي“، ”سپريان جي ڳالهڙي“ وغيره به نهايت ڀرپور ڪهاڻيون آهن، جن ۾ لفطن بجاءِ زندگيءَ جا اُهي لمحا آهن، جن لمحن ۾ جذبن جو دردُ آهي، ۽ درد جو درياهه آهي. مدد علي سنڌي دل جي درياهه جو تارو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن دل جي لهرن جون ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪو احساس جي ڇولين ۾ ڇليو آهي، جنهن ڪري سندس ڪهاڻين ۾ عجيب بي چيني، اداسي ۽ پُراسراريت آهي.