شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

ڊائننگ ٽُو رائٽنگ ٽيبل

[b] نصير مرزا [/b]

وڪٽوريا هلڻ شروع ڪيو ته مان گاڏيءَ جي پوئين دريءَ جو چمڙو کڻي رستي کي ڏسڻ لڳس... اُنهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي رستن جي ڳالهه ئي ’اور‘ هئي.
- ڪهاڻي:”هينئڙو ڪچي تند جيئن“، مان ڪوريل سٽون.
- ۽ زندگي... جيڪا اُنهن ڏينهن وارن رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾، اسين گهاري آيا آهيون، ڪيڏي نه پُراسرار، ڪيڏي نه خوشگوار ۽ ڪيڏي نه دلگداز هئي مدد...!!۽ هونئن ته، ماضيءَ واري هيءَ حيدرآباد ئي ڇا، سڄي سنڌ بابت اسان جا درد مشترڪ ئي آهن. پر پهرئين، ’پکي پير‘ واري درگاهه سامهون... هڪڙي سنهي گهٽيءَ ۾ اوهان جي بيٺڪ ’آشرم‘ ۽ ان جي آڏو... اوهان جي وڏي ادا ممتاز وارَي ٺهرايل ان تاج محل نما گهر جو ذڪر... جنهن ۾ توهان جي خاندان جي ڪائي بزرگ خاتون اڪيلي ۽ تن تنها رهندي هئي.۽ جنهن جي ٽائلس جي فرش واري اڱڻ ۾.... ڪنڊ سان... مون بيگاهه وقت اڪثر هڪڙي لالٽين کي ٻرندي ڏٺو هو. ۽ اُها بزرگ خاتون... لالٽين.... ۽ لالٽين جو ديوار تي ٺهندڙ پراسرار پاڇولو... اڄ تائين آئون وساري نه سگهيو آهيان مدد.... پوءِ ان ان ننڍڙي ’محل نما‘ گهر جو ڊرائنگ روم... جنهن ۾ جنڊيءَ جي پاون واري هڪڙي شاندار ڇپر کٽ رکيل هوندي هئي ۽ ان جي سيرانديءَ کان نرم، پشمَ نما ڪپهه جا وهاڻا ۽ بخملي بلينڪٽ... يقين ڪريو مدد! ڳاڙهن ۽ ساون زيرو وارن بلبن جي جهيڻي روشنيءَ ۾ انهيءَ رنگين پاون واري کٽ کي جڏهن جڏهن به مون ڏٺو. مون کي ڀٽائي صاحب جي سُر سارنگ مان هي بيت سدائين ياد پيو.
ٻهر تازي، اڱڻ ڪنڍيون پکا پٽ سُهن
سُر هي سيج پاسي پرين، هاڻي مر پيا مينهن وسن
اسان ۽ پرين شل هون، برابر ڏينهڙا

اجهو ان ڊرائنگ روم جي اڳيان ڊائننگ روم... ۽ اهو به وال ٽو وال ڪارپيٽيڊ... ڪنڊ سان فل سائيز فرج رکيل ۽ سامهون ٻاهر ڏانهن کلندڙ دري جي ڀرسان ڊائننگ ٽئبل... جنهن تي سائين جي ايم سيد، سوڀي گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، تنوير عباسي، آغا سليم، ولي رام ولڀ، طارق اشرف، شوڪت حسين شوري، سائين نثار حسيني، نور الهديٰ شاهه، طارق عالم... ۽ پوئين دور ۾ ته مون ناچيز به ان ٽئبل ڀرسان ويهي ڪيئي ڀيرا طعام ۽ ڪلام جا لطف ماڻيا هئا، هونئن بظاهر هي سڀ کائڻ پيئڻ جو انتظام ڪيڏو نه آرسٽوڪريٽڪ لڳندو هو، پر ڊائننگ ٽئبل تي موجود هي سڀ هستيون ڇا ته قوم پرست، اهلِ دل، عوام دوست، ٻولي، ادب، ثقافت ۽ سنڌ پرست پيون نظر اينديون هيون. ها! ياد پئم... هڪ ڏينهن منجهند ڌاري اٻالن حالن ۽ پن جي ٻيڙي ڇڪيندڙ ابنِ حيات پنهور سان، آشرم واري گهٽي ۾ مون اوهان کي ڪچهري ڪندي ڏٺو ته بي سبب، غالب جو هي شعر چپن تي اچي ويو هئم.
جنھیں حقیر سمجھ کر بجھا دیا ہم نے
یہ ہی چراغ جلیں گے تو روشنی ہوگی
پر هي توهان جي ’آشرم‘ واري فرشي نشت کي به آئون ڪيئن وساريان، جنهن ۾ ڪامريڊن ۽ سنڌ پرست ڪارڪنن جا لڏن جا لڏا اچي لهندا هئا ۽ مٿان ماڙي تان... ’گورڪي‘ جي ماءُ وانگر، توهان جي امان مانين مٿان مانيون موڪليندي رهندي هئي. تڏهن ياد اٿم ان زماني ۾ توهان کي الائي ڪيئن ’ستار‘ ساز سکڻ جو شوق اچي جاڳيو هو. ۽ ان زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن طارق سان اُن سوڙهي گهٽي مان لنگهندي ساز جي آواز تي دريءَ مان اندر جهاتي پائيندو هوس ته، ستار اوهان جي ڪلهي سان ڏسي ڪيڏو نه مزو ايندو هو... جتي ستار نواز عابد حسين ٻئي ستار تي راڳ ملهار ڇيڙي اوهان کي درس پيو ڏيندو هو. ۽ پوءِ انهي دور ۾ جڏهن مون اوهان جون هڪ هڪ ڪري ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون، ته ڀانئيم... اوهين انهن جي اُڻتڪاري پويان به جهڙوڪر ”ستار“ ئي ته وڄائيندي نظر ايندا هئم. (جي ها! روح جون تارون ڇيڙي ڇڏيندڙ ستار) تڏهن ياد اٿم مدد!... اُهي به توهين ئي ته هُئا، جيڪي ان ڪچي اَوستا ۾ بارها مون سان ’ميراجي‘... ’ميرا ٻائي‘... ’اوڌو‘.... ’ڪاليداس‘ ۽ ’چندي داس‘ جون ڳالهيون ڪندا هئا ۽ نهايت جلد، پوءِ آئون به اوهان جي سڀاءُ جي انهيءَ رنگ ۾ رنڱبو ويو هوس. ۽ هي صرف آئون ئي ڇا؟ دوست قيس ابڙو، طارق عالم.. ۽ مان... سڀ ڄڻ اوهان جا وديارٿي.... يا ڄڻ سڌارٿ جا ڀِڪشو ۽ چيلا بڻجي ويا هئاسين. تڏهن هڪ زماني تائين اسان سڀني جي ڳچين ۾ ”ميرا جيءَ“ وانگر مڻڪن جي مالها ۽ پيرن ۾ چاکڙي اچي وئي هئي ۽ اُها ته پوءِ مون پنهنجي يونيورسٽي واري سموري پيرئڊ تائين پيرن ۾ پاتي هئي.
اڇا هتي ياد آيم.... شايد هي 76-1975ع وارو زمانو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ واري سياسي اندولن سبب اوهان روپوش ٿي ويا هئا، ۽ ان زماني کان اڳ ڇاڪاڻ ته سائين نثار حسينيءَ سان گڏ آئون اوهان سان آشرم ۾ ملي ۽ اڪثر ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ گاڏي کاتي وارن سيڪينڊ هينڊ ڪتابن جي ريڙهن تي اوهان کي ڏسي به چڪو هئس. ۽ علاوه ازين ليکڪن شاعرن جي دنيا ۾ اٿڻ ويهڻ جا هي منهنجا ابتدائي ڏينهن هوندا هئا... تڏهن انهن ئي ڏينهن دوران سائين نثار حسيني توهان جي ماڙي واري گهر ڀرسان ڌاڳي جهڙي هڪ گهٽيءَ ۾، ڊٺل گهر اندر هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ توهان سان اوچتو مون کي ملرايو هو. تڏهن ٽئگور جهڙي اوهان جي ڏاڙهي هوندي هئي ۽ بدن تي ڪامريڊن وانگر کاڌيءَ جي قميص جيڪا اڪثر کيسي وٽان ڦاٽل هوندي هئي... تڏهن خبر پئي هئم، توهان ان ڪوٺيءَ ۾ قيد تنهائي جي زندگي ڪاٽي رهيا آهيو.
۽ اهو زمانو گذري ويو... ته ان کان پوءِ هاڻي توهان کي هر سال ستين محرم تي آئون ايلي ڪارٽ واري جُهولي سان گڏ ۽ اٺين محرم تي گل شاهه واري مينديءَ ۾ به سال به سال ڏسڻ لڳو هوس، بدن تي ڪارو يا نيرو، پهراڻ پير اگهاڙا، وار ڇڙوڇڙ ، گريبان چاڪ ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ”يا حسين... يا حسين“. تڏهن مون ان زماني ۾ شبِ عاشور... سيوهڻ ۾ درگاهه لال سائين جي دروازي وٽ ثابت علي شاهه جون زاريون پڙهندي ڪي قريشي بزرگ ڏٺا هئا ۽ پوءِ انهن پراسرار پوڙهن بابت اوهان کي هڪ ڏينهن ٻڌايو هئم ته اوهان يڪدم ئي چيو هئو... اُهي يگانا مولائي مرثيه خوان منهنجا مائٽ آهن نصيرَ... ۽ پوءِ اوهان مون کي هي به ٻڌايو هو ته اوهان جي ناناڻن جو تعلق به سيوهڻ شريف سان ئي آهي.
۽ مدد! دغاباز ۽ هن چالباز دنيا سان اٿندي ويهندي، ۽ سياست جا گورک ڌنڌا ڀوڳيندي، بي وفا دوستن جا عذاب سهندي... پنهنجيءَ معصوميت کي پوءِ به اوهان ڪيئن نه سنڀاليندا ۽ بچائيندا پئي آيا آهيو. ۽ ان جو ثبوت هتي هي ڏيان، ته ادا ممتاز واري ”قيصر سئنيما“ ۾ جڏهن پرديپ ڪمار ۽ مينا ڪماري واري فلم ’نورجهان‘ لڳي هئي، تڏهن اها فلم طارق عالم ۽ مون کي اوهان محض هڪڙي ’سين‘ لاءِ الائي ڪيترا ڀيرا هلي ڏيکاري هئي. ۽ ياد اٿئو... ته اُهو ’سين‘ڪهڙو هئو؟ جي ها! بلڪل اُهو جنهن ۾ شهزادو جهانگير تڪڙو تڪڙو اچي... نورجهان جي ٻنهي هٿن ۾ هڪڙو هڪڙو ڪبوتر پڪڙائي... ۽ هي اجهو وري ساڳين پيرن تي موٽي اچي سندس هڪ هٿ ڪبوتر کان خالي ڏسي ٿو، ته پڇيس ٿو: "میرا کبوتر؟" تنهن تي نورجهان معصوميت سان وراڻيس ٿي: وہ تو اڑ گیا... کیسے؟۔ هُو پڇيس ٿو... تڏهن نورجهان ٻئي هٿ ۾ پڪڙيل ڪبوتر کي معصوميت سان هوا ۾ ڇڏيندي.. مرڪندي چويس ٿي: ’عالم پناه! ایسے‘. ۽ مون کي چٽي طرح سان ياد آهي مدد... ته بار بار اُن سينَ کي ڏسڻ جي باوجود، هر ڀيري هڪڙي هڪڙي لمحي لاءِ اوهين ساهه روڪي اهو منظر ايئن حيرت سان ڏسڻ لڳندا هئا، ڄڻ پهريون ڀيرو پيا ان کي ڏسو....
۽ هاڻي مدد! ٿورو ذڪر توهان جي ڪهاڻين جو به... جن بابت شوڪت شوري صاحب ڪيڏو نه درست لکيو آهي ته: ”مدد! منفرد اسلوب رکندڙ ڪهاڻيڪار آهي. هن جو اسلوب جهرڻن ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر مڌر ۽ ستار تي وڄندڙ هڪ اهڙي ڌيمي سُر وانگر آهي جنهن ۾ لُطف به آهي ته من کي اداس ڪري ڇڏيندڙ ڪيفيت به“. ۽ مدد! يقين ڄاڻو، مون ته جڏهن جڏهن به توهان جي انهن تحريرن کي پڙهيو... منهنجي لاءِ اُهي هميشه ايئن هيون ڄڻ ڪنهن رستي جي پاسي کان بيٺل ڇايا دار بڙ ۽ پپر جا وڻ.... جن منجهان ڇانوَ به مون کي ملي پئي ته لطف ۽ سڪون به... ۽ هي آئون ان معاملي ۾ به ڪيڏو نه خوش نصيب آهيان مدد... جو مون وٽ اوهان جا سڀ ڪتاب... اڄ به باقائده هٿيڪا رکيا آهن: ”دل اندر درياوَ“، ”پنر ملن“، ”شهر صحرا ڀانيان“... ۽ عيني آپا وارو اوهان جو ترجمو ڪيل ڪهاڻي، مجموعو ”قلندر“. ۽ اجهو تازو... اوهان جا اِهي سڀ ڪتابَ هاڻي جڏهن ”ڪُليات“ جي صورت... ڪمپائل ٿي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي چڪا، ته انهن جي پهرئين ڪاپي به بورڊ جي اسٽال تان مون ئي ڊوڙي وڃي خريد ڪئي هئي. ۽ پڪ ڄاڻو مدد! ته ان ڪُليات جي مالڪ بڻجڻ بعد ڄڻ هڪ پورو زمانو آهي،. جنهن جو هاڻي آءٌ وارث بڻجي چڪو آهيان. ۽ اجهو اڄ به ان ڪُليات کي آئون بار بار ايئن پيو پڙهندو آهيان، جيئن عيني آپا جي ناول ’آگ کا دريا‘: ’ کارِ جہاں دراز ہے‘ يا هرمن هيس جي ناولٽ ’سڌارٿ ‘ کي پڙهندو پيو آهيان ۽ اهي سڀ پُستڪ! آءٌ جڏهن جڏهن به پڙهندو آهيان ته ڀاسندو اٿم، اجنتا ايلورا جي گفائن... اروڙ وارن پهاڙن ۾ موجود ڪالڪا مندر... هنگلاچ ۾ ڪالي ماتا... يا ڪربلا معليٰ ڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان ۽ مددَ! دل ڪيڏو نه چاهي ٿي ته عيني آپا جي ” کارِ جہاں دراز ہے“ يا سوامي رام ٿيرٿِ جي آتم ڪٿا جهڙو ڪوئي ’زندگي نامو‘ هاڻي توهين تحرير ڪيو ۽ يقين ڄاڻو مددَ! توهان اهڙو ڪتاب جنهن ڏينهن به لکي ورتو، ته آءٌ قدم گاهه مولا علي تي يا ’محفلِ حسينيءَ‘ ۾ حاضريءَ واري هڪڙي مجلس ضرور وڃي منعقد ڪرائيندس.
۽ مدد... منهنجي لاءِ توهان جون سڀ سڀ ڪهاڻيون ايئن ئي فيوريٽ رهيون آهن، جيئن سهگل ۽ ثريا واريون ڪلاسڪ فلمون. يا جيئن پنا لال گهوش جي بانسري يا جيئن گيتادت ۽ پارول گهوش جا ڳايل اداس گيت. ۽ ياد اٿم مدد... ڪنهن وقت سوڀي گيانچنداڻيءَ جي تحريرن ۾ شانتي نڪيتن جو مون تذڪرو پڙهيو هو، ته خواهش ڪئي هئم، ”اي ڪاش ڪڏهن آءٌ به ان آرٽ يونيورسٽي ۾ وڃي پڙهان ۽ پوءِ جڏهن توهان جي ڪهاڻين جي ’دل اندر درياوَ‘ ۾ لٿو هوس ته انهن جي لهرن نما سِٽن ۾ لهندي هر دفعي ڀانئيم ڄڻ شانتي نڪيتن ڏانهن ئي ته ترندو وڃان پيو... بلڪل ايئن، جيئن ’آگ ڪا دريا‘ ناول جي پهرئين صفحي تي ’گوتم نيلمبر نديءَ‘ ۾ ڇلانگ هڻي... سهج سڀاءُ ’ٽيڪشيلا‘ ڏانهن ترندو پئي ويو ۽ جنهن کي پاڻي ۾ ڇپاڪي سان ترندو ڏسي چمپا هڪ نظر ان ڏانهن کڻي ڏٺو هو ۽ پوءِ غير محسوس انداز ۾ دل ۾ چيو هو! ”ويچارو وديارٿي!“
۽ هاڻي آخر ۾ مدد....هن خط ۾ هي به آءٌ چوڻ ٿو چاهيان ته ڪنهن وقت ۾ اوهين ڪيڏا نه انوسينٽ هوندا هئا. ۽ ياد اٿم... آشرم ۾ ويٺا هوندا هئاسين ۽ ٻاهر گهٽيءَ مان... گهر جي ڪاٺ واري ڏاڪڻ وٽ بيهي مٿان ڪا شئي گهرائڻ لاءِ اوهان.... امان... امان... پڪارڻ لڳندا هئا، ته... لڳندو هئم اُهي صرف اوهين نه آئون به آهيان جيڪو دور کان پنهنجي ماءُ کي سڏي رهيو آهيان. ۽ يقين ڪريو مدد... ماضيءَ ڏانهن مُڙي اوهان جو اُهو آواز اڄ به ڪنايان ٿو ته اکيون ڀرجي ٿيون اچنم... ۽ مدد...! هي توهان ۽ اسان جون اُهي مائون به ويچاريون ڪيڏيون نه معصوم هونديون هيون... ۽ ڪيڏا نه اسان جا انگل آرا پيون کڻنديون هيون ۽ پوءِ بلاآخرهڪ ڏينهن چُپ چاپ زمين ۾ لهي قبرَ بڻجي ويون... ۽ الاس! ڪيڏا نه بيوفا پٽ آهيون اسين... جو انهن وفادار مائُن وٽ هاڻي بس عيد براد تي ئي ويندا آهيون، تڏهن اهڙي ڏينهن تي هُو پنهنجون سڀ رنجشون ڀلائي اُن وقت اسان کي تصور ئي تصور ۾ دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڏينديون آهن، خير... ياد پيو اچيم ته اُلهندي ڪچي واري ان بلڊنگ مان اوهين پوءِ تلڪ چاڙهيءَ لڳ موما محل ۾ به ڪجهه وقت لاءِ وڃي رهيا هئا، تڏهن اڳوڻي ڪاٺ ماڙيءَ واري گهر جيان ان محل جا سنگ مرمر وارا اڇا اُجرا ڏاڪا به آئون چڙهيو هوس. هونئن هي محل به ڇا ته، عاليشان هوندو هو... وسيع اڱڻ... ٽائلس وارو فرش... پوءِ خوبصورت ڪشادا ورانڊا، جنهن ۾ شيشم جي ڪاٺ وارو هڪڙو زبردست پينگهو رکيل... علاوه ازين ساڳوان جا بهترين ڪٻٽ، ديوارن تي وڻندڙ پينٽنگس... پوءِ کليل کليل آسمان هيٺان موما محل جي ڇت جنهن تان هڪ رات توهان اسان کي دور ڄام شوري واري پُل جون روشنيون ڏيکاريون هيون ۽ حيدرآباد جي شاهي بازار وارو مارڪيٽ ٽاور پڻ... ۽ مدد! ڪڏهن ڪڏهن... اُلهندي ڪچي واري اِن ماڙيءَ (جنهن ۾ امان بابا، ادا ممتاز... ان جا ٻار... ۽ ادا مشتاق.. رهندا هئا) يا هاڻي ڪڏهن ڪڏهن تلڪ چاڙهيءَ واري موما منزل وٽان منهنجو گذر ٿيندو آهي، ته انهن گهرن ۾ رکيل وڪٽورين اسٽائيل وارو فرنيچر... ۽ ان گهر جا رهواسي... سڀ ڪيڏو نه شدت سان مون کي ياد اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ گڏوگڏ، ادا ممتاز جي ڊرائنگ روم جا نيرا... ڳاڙها.... ساوا زيرو وارا بلبَ (ڇا اهي هن وقت سڀ فيوز ٿي چڪا هوندا) ۽ فرنيچر تتروتر ٿي ويو هوندو...۽ موما محل کان پوءِ خبر پئي ته توهان جي خاندان جو هڪ حصو ٽنڊي جهانيان ڏانهن شفٽ ٿي ويو آهي ۽ اتي جي ئي هڪ گهر ۾ جنهن ڏينهن مٺي امان گذاري وئي هئي، ته مون ان بنگلي جي ورانڊي ۾ جنڊيءَ جي پاون واري هڪ کٽ تي سفيد ڪفن ۾ چُپ چاپ ستل هُن کي ڏٺو هو (۽ مدد! پنهنجيءَ هن مختصر زندگيءَ دوران اسان پنهنجن اکين سان ڇاڇا نه ڏٺو آهي. دوستن جا وڇوڙا ۽ عزيزن جون جدايون ۽ ٻيو به الائي ڇاڇا...؟) افسوس! توهان هاڻي پنهنجي فيملي سميت عارضي طرح سان ئي سهي، دُور ڪراچي ۾ وڃي آباد ٿيا آهيو... يعني هڪ قاتل شهر ۾ ...۽ آءٌ؟ حيدرآباد شهر ۾... جيڪو پڻ قتل ٿيڻ لاءِ هاڻي تيار پيو نظر اچي. ۽ مدد! هاڻي ان شهر جي ڳلين ۾... جڏهن طارق ڪونهي، سائين نثار ڪونهي... توهان به هليا ويا آهيو... تڏهن سِرَ بختَ جو خير گهرندو يا علي مدد.... المدد ۽ نادِ علي پڙهندو، ان جي ياترا تي نڪرندو آهيان ته تصور ئي تصور ۾ اداس صورت شيخ اياز صاحب مون کان پڇڻ لڳندو آهي ته:


ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو
سانجهي ٽاڻي ڪارا ڪڻڇي آکيري آيا
پرڙا کولي پيار پکيئڙا ڪنهن کي ڳولين ٿو

ڪاري رات ڪتيءَ ڏي ڪرڪي ڪائي ڪونج اڏي
پيارا! تون به تڪيندي تارا ڪنهن کي ڳولين ٿو



شايد تون ئي پاڳل پوري پاڳل خاني ۾
پاڳل گڏجي تو تي کِلندا ڪنهن کي ڳولين ٿو

ڪو به نه ايندو ڪو به نه ايندو ڪو به نه تنهنجي دوار
بند ڪري ڇڏ هي دروازا ڪنهن کي ڳولين ٿو

خاڪ اڏاڻي ڪاڪ ڪِري پئي، پوئين پهر ’اياز‘
ڪهڙي مومل منهنجا راڻا، ڪنهن کي ڳولين ٿو.