شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مُهاڳ

[b] ڌنڌ ۾ ويڙهيل آسمانَ جو ستارو
[/b]
سنڌي ادب ۾ ڪنهن حد تائين ان راءِ سان هم خيال ٿي سگهجي ٿو ته ”جديد سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڀرپور تنقيد نه ٿي سگهي آهي.“ مگر اهو الميو رڳو سنڌي ادب جو ناهي، اِهو هڪ عالمي مسئلو آهي؛ ان کي ڪنهن به هڪ ٻوليءَ جي ادب تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي.
آمريڪا جي نوبل انعام يافته اديب ارنيسٽ ملر هيمنگوي جو پهريون ڪِتاب “Three Short Stories and Ten Poems” جڏهن ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته ان تي ڪير به تبصري ڪرڻ لاءِ تيار نه هئو؛ جيڪي به هن بابت رايا آيا اُهي سڀ منفي هيا. جڏهن ته سندس دؤر جو مڃيل اديب ايذرا پائونڊ اڳ ئي سندس تعريف ڪري چُڪو هئو.
نوبل انعام يافته ليکڪ جان اسٽين بِڪ جڏهن ”ٽورٽيلا فليٽ“ ناول لکيو ته پوءِ نقادن کي سمجهه ۾ آيو. ان کان پوءِ انهن سندس پهريان ڪِتاب اٿلايا. اِها هر عظيم ليکڪ سان ناانصافي ٿي آهي ته سندس شروعاتي تخليقون نقادن جو قلم نه سڃاڻي سگهيو آهي. خود پائلو ڪوئيلهو جنهن جو ”الڪيمسٽ“ ۽ ”بريڊا“ دنيا جا وڌ کان وڌ ڇپجندڙ ڪِتاب ليکيا وڃن ٿا. ”الڪيميسٽ“ جون ٽي ڪروڙ ڪاپيون کپي چُڪيون ۽ اُهو ناول ستهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ان ليکڪ جو پهريون ڪِتاب ڪنهن به پبلشر کي سمجهه ۾ نه آيو ۽ واپس ٿيندو رهيو ۽ پوءِ مشڪل سان ڇپيو. ان تي ڪنهن به نقاد تنقيد نه ڪئي ۽ ڪنهن به ان ليکڪ جي ”عظيم“ هجڻ جي اڳ ڪٿي نه ڪئي. اخبار ۾ ڪِتابن متعلق آيل صحافتي بيانن کي ٻئي ايڊيشن ۾ بيڪ ٽائيٽل ڪري ڇپيندا رهيا آهن ۽ اها دنيا جي سڌريل ٻولين جي وڏن ليکڪن جي حالت آهي. انهن جي مقابلي ۾ اسان وٽ وري به جاندار تنقيدي تسلسل آهي.
اسان جي ويجھين ٻولين مان اڙدو ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان چڱي ترقي ٿي آهي، مگر انهن وٽ تعريف جو عنصر وڌيڪَ آهي. هو پنهنجي معمولي ليکڪ کي به ”عصرِ نو ڪا عظيم شاعر“ چوندي نه ٿا ڪيٻائن.
سنڌ ۾ تنقيد بابت ڪا به ترتيب ڏئي تاريخ نه سهيڙي وئي آهي، يا ائين چئجي ته تنقيد تي ڪا به تحقيق نه ٿي آهي، جنهن ڪري تنقيد جي اڻاٺ محسوس ٿي رهي آهي. نه ته اسان وٽ گربخشاڻيءَ کان گراميءَ تائين ۽ تنوير عباسيءَ کان تاج جويي تائين، ادبي تنقيد جو هڪ ڀرپور ڪئنواس آهي. اڄ ڪلهه جيڪو اسان وٽ تنقيد جي حوالي سان بحث هلي رهيو آهي ته ”سنڌي ادب ۾ ڪا به تنقيد نه پئي ٿئي.“ اهو منهنجي راءِ مطابق هڪ جذباتي رويو آهي؛ اها اصل ۾ لاعلمي آهي جنهن کي مان وڏي افسوسَ سان ”اجتماعي لاعلمي“ چوندس ته غلط نه ٿيندو. اصل ۾ اسان جي ٽهيءَ جا ۽ اسان جا سينيئر ليکڪ ۽ نقاد مطالعو نه ٿا ڪن. (اگر موجوده ادب جيڪو تازو ڇپجي پيو اهو پڙهن ٿا ته ڪلاسيڪل ۽ ويهين صديءَ جي جديد سنڌي ادب تي ٿيل فني ۽ فڪري تنقيد نه ٿا پڙهن). اڄ جيڪي اسان جا ماهوار رسالا، اخبارن جا هفتيوار مئگزين ۽ ٽماهي پرچا، ادبي اڀياسن سان ڀريا پيا آهن. انهن جي سهيڙ جي ضرورت آهي. ان کان علاوه هر ڇپجندڙ ڪِتاب پاڻ سان گڏ هڪ مفصل مهاڳ ۽ ڪجهه رايا ساڻ کڻي اچي ٿو. اسان جي نوجوان دوستن مان تمام ڪي ٿورا اهڙا دوست هوندا جيڪي ڪِتابن کي مُهاڳ سميت پڙهندا هوندا. ٻيو ته تنقيدي ڪِتابن کي ڳڻيو نه ٿو وڃي. مثال طور ڊاڪٽر فهميده حسين جي ناياب ڪِتاب ”اديون آنءٌ اڄاڻ“ بابت مون ڪٿي به ڪو حوالو ناهي ڏٺو ۽ اهو ڪِتاب ۽ ان جو ٽائيٽل مضمون ڪلاسيڪل ادب تي شاهه لطيف جي حوالي سان بلڪل نئين تنقيد آهي. اهڙي طرح تاج جويي جو ڪِتاب ”استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر“ جنهن ۾ جديد دؤر جي عظيم ۽ رهبر شاعر استاد بخاريءَ بابت سندس سترنهن لازوال مضمونَ موجود آهن، افسوسَ سان چوڻو ٿو پئي ته ڪنهن فورم تي مون سندس ڪِتاب بابت ڪا تفصيلي راءِ ناهي ٻُڌي. اهڙي طرح رئوف نظاماڻيءَ جي ڪِتاب ”گل گل هٻڪار“، چندر ڪيسواڻيءَ جي ڪِتاب ”نئون ادب، نيون ڳالهيون“ ۽ نصير سومري جي ڪِتاب ”ادبي ويچار“ تي به مفصل بحث ٿي نه سگهيو آهي. ائين ئي امر اقبال جو سهڻو ڪِتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ به بظاهر شيلف ۾ بند پيل آهي، مگر ڪو به محقق انهن ڪِتابن جي جڏهن تاريخ سهيڙيندو ته اهي ڪِتاب ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهندو. ان جو سبب جيڪو مون کي تڪڙو سمجهه ۾ اچي ٿو، اُهو هي آهي ته تحريڪون ماٺيون ٿي ويون آهن، اسان جي قوم به سرڪاري ادارن تي ڀاڙيون ويٺي آهي. اسان کي هن وقت ننڍڙا ننڍڙا فورم متحرڪ ڪرڻ کپن ۽ وڏن توڙي نوجوان اديبن کي مجبور ڪجي ته اهي اسان جي فورمن ۾ اچن، اُهو انقلابي تحريڪن وارو نقصان پورو ڪرڻ کپي ته جيئن هڪ نئين کيپ تيار ٿئي. هنن ڪِتابن کي پڙهائڻ لاءِ ڪو عملي تحرڪ پيدا ڪرڻو پوندو.
اڄ جيڪو ڪِتاب منهنجي سامهون پيو آهي اهو حبدار سولنگيءَ سهيڙيو آهي ۽ اسان جي سينيئر ٽهيءَ جي نمايان ۽ برجستي ليکڪ سائين مدد علي سنڌيءَ متعلق مضمونن جو ڪِتاب آهي. مدد علي سنڌي ان حوالي سان ڀاڳوند آهي ته ايترن سارن ليکڪن جي شعور مان سندس فن ۽ فڪر ٻيهر گذريو آهي ۽ انهن پنهنجي قيمتي راءِ سان مدد علي سنڌيءَ لاءِ هڪ مَقام مقرر ڪيو آهي. انهن لکڻين جو مکيه محور سندس منفرد ڪهاڻي، شاعري، سفرنامو ۽ ٻيون تصنيفون آهن. (اتي اِهو ضرور لکندس ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ اهم نالو علي بابا جو به آهي، مگر مون اڄ ڏينهن تائين علي بابا تي ڪو به ڀرپور تنقيدي مقالو ناهي پڙهيو.) مدد علي سنڌيءَ بابت هن ڪِتاب ۾ شامل مضمونَ به منهنجي لاءِ وڏي اتساههَ جو سبب آهن، ڇو ته مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ڇپجڻ جي وچ تي تمام وڏو وقفو هوندو آهي. ڪنهن به مخزن ۾ مدد علي سنڌي ريگيولر نه ڇپيو آهي. سندس لکڻ جي رفتارَ سندس طبيعت وانگر آواره (Bohemian) رهي آهي. مدد علي سنڌي الائي ڇو مون کي ڪڏهن به ڏات جو محتاج نه لڳندو آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي، ته هو جڏهن به چاهيندو ته ڪهاڻي سندس قلم مان آبشار جيان ڦٽي نڪرندي. سندس ڪهاڻي لساني تڪلفات (گرامر) جي به محتاج ناهي نظر ايندي. سندس لکڻيءَ جو انداز ۽ جملن جي جڙت احساس تي آڌارڪ آهي. جِتي ڪردار انتها کي پهچي سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو، اُتي مدد علي سنڌي ”ڊاٽ ڊاٽ“ ڏئي ٿو ڇڏي...... پاڻ پنهنجي پاران ڪمينٽس نه ٿو ڏئي، پر اڪثر ڪردار سان گڏ گڏ هلي ٿو. جڏهن ليکڪ پاڻ کي مائينس ٿو ڪري ڇڏي ته ڪردار ۽ پڙهندڙ روبرو اچي ٿا وڃن. جڏهن هُو پاڻ ٿو ڪردار جي حالت بيان ڪري ته ڪردار جي ذات ۾ داخل ٿي ٿو وڃي ۽ ڪيفيتن جي مصوري ڪرڻ کان پوءِ، ڪردار ڳالهائي ٿو. ”هاءِ حياتي... هاءِ حياتي“..... ته پڙهندڙ به ان درد جي درياهه جي وهڪري جو حصو بڻجي ٿو وڃي. سندس ڪردار حالتن جا ماريل/ڏکويل ڪردار هوندا آهن، ڇو ته هو هڪ حقيقت پسند ۽ اندر ۾ لهي ويندڙ ليکڪ آهي. داخلي درد کي بيان ڪرڻ تي کيس دسترس آهي. سندس هر ڪهاڻيءَ جي ڪُک ۾ درد جو هڪ ڪانُ ٽنبيل هوندو آهي.
مدد علي سنڌيءَ گهڻيون ئي صنفون لکيون آهن. شاعري، ڪهاڻي، ناول، سفرنامو، مضمون (تجزيا/تنقيدون) ۽ تحقيق وغيره، مگر سندس لکيل سڀني صنفن مان مون کي مدد علي سنڌي هڪ ڪهاڻيڪار طور بيحد پيارو آهي. مون سندس ڪهاڻي ”هستيءَ جي اُجاڙ ايوان ۾“ پڙهي هئي، مگر ان وقت کان اڄ تائين ان ڪهاڻيءَ جي اثر مان نه نڪري سگهيو آهيان. ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي لکيل هئو ته: ”آڱرين ۾ ڪاشيءِ سڙيس ته ڇرڪ نڪري ويس. هٿ ۾ جھليل سگريٽ دُکي پورو ٿي ويو هو.“ يا سندس ڪهاڻي ”پکا پکن سامهان اوري اچي اڏ“ ۾ ڪملا جو ڪردار ۽ اها رات جڏهن هُو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي رهيا هئا. ڪملا جنهن کي گُلَ ٽاريءَ کان ڇنڻ سُٺو نه لڳندو هئو، مگر ان موڪلاڻيءَ جي رات (ڪچڙو صبح) هئو. هُو گل ڇني سندس چوٽيءَ ۾ ٽاڪي ٿو، ته سمجھي ٿو ڪملا کانئس موڪلائي رهي هئي، ته ان وقت هُنَ محسوس ڪيو ته واقعي گُل ٽاريءَ مان ڇنڻ کيس ڇو برو لڳندو هئو.
مدد علي سنڌيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل آهن. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته مدد علي سنڌيءَ ورهاڱي کي ذهني طرح قبول ئي نه ڪيو آهي... ۽ جيڪو ماڻهو قرة العين حيدر جي ڪهاڻي ”ڪڙا ڪوٽ ڀڳاس، ته ملڪِ نه مارو ساڳيا“ پڙهي (سمجھي) ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو، اُهو اِنَ ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
اهڙيءَ طرح مدد علي سنڌيءَ جي ڪجهه ڪهاڻين جو پس منظر يونيورسٽي لائيف ۽ پوسٽ يونيورسٽي لائيف پڻ آهي. انهن ساروڻين ۽ نوسٽيلجيائي وارتائن کي تخليقي سليقي سان مدد علي سنڌيءَ جيئن سنواريو آهي، اهڙو ڀاڳ گهـٽ ليکڪن جي ڀاڱي ۾ آيو آهي. ڇو ته مدد علي سنڌيءَ جي جوڀن واري زماني ۾ ڪهاڻيءَ جي حوالي سان موضوع Prominent هئا، مگر سندس اهم ڳالهه آهي ته اهڙن موضوعن تي به هن جاندار لکيو آهي. ورهاڱي، يونيورسٽي لائيف ۽ اندر جي ويچارن ۽ ڀاونائن جي موضوع تي سوين افسانه لکيا ويا، مگر مدد علي سنڌيءَ جيڪو لکيو پنهنجو لکيو. هو ڪٿي به تقليد جو قائل نظر نه ايندو، اها هڪ سچي Genuine ليکڪ جي نشاني آهي. باقي سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو هڪ سڄاڻ فرد جو درد آهي.چون ٿا ته عُمر خيام کان سندس ماءُ پڇيو هئو ته: ”پٽ! تون هي ڇا پي رهيو آهين؟ ان مئه ۾ اهڙو ڪهڙو مزو آهي، جو تون مجبور ٿي ويو آهين؟ هڪڙو ڍُڪ مون کي به پيار ته مان به پي ڏسان“. عمر خيام کيس پيالي ۾ هڪ ڍُڪ ڀري ڏنو. سندس ماءُ اهو پي، ٿوڪاري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي، ”پُٽ! هيءَ ته زهر جهڙو ڪڙو آهي. تون ڪيئن ٿو پئين هي؟“ تنهن تي عمر خيام کيس وراڻيو ته: ”امان! هي دنيا ان زهر کان وڌيڪَ ڪڙي اهي.“ سائين مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين ۾ موجود درد جو پڻ سماج سان گهرو واسطو آهي. هر سڄاڻ فرد ناموزون سياسي، سماجي حالتن ۾ ڀوڳي ٿو. ذاتي طرح مدد علي سنڌيءَ جن حالتن ۾ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هئي، اُهي ناڪام جمهوري ۽ نام نهاد مارشلائي حالتون هيون. انهن حالتن ۾ مدد علي سنڌيءَ جيڪو ڀوڳيو آهي؛ اهو احوال پڻ هن ڪِتاب ۾ عبدالقادر جوڻيجي، مشتاق شوري، شوڪت شوري، اخلاق انصاري، غلام حسين رنگريز، نصير مرزا، ۽ پير عبيد راشديءَ لکيو آهي. مدد علي سنڌيءَ جي ادبي ڪم جي حوالي سان هِتي امداد حسيني، ذوالفقار راشدي، نور الهديٰ شاهه، شوڪت شوري، ممتاز مهر، مبارڪ لاشاري، بخشل باغي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، لياقت رضوي، مختيار ملڪ، ابرار ابڙي ۽ ٻين جاندار ۽ صحت مند تنقيد ڪئي آهي.
ان قسم جي عملي تنقيدي مضمونن جو هي مجموعو يقينن سنڌي ادب ۾ قابلِ قدر اضافو آهي، ۽ هنن مضمونن کي مجموعي جي شڪل ۾ ڏسي مون کي ان لاءِ به ذاتي طرح خوشي محسوس ٿي آهي، ڇو ته انهن مضمونن منجھان ڪجهه مضمون مون مختلف رسالن ۾ وقت بوقت پڙهيا به آهن ۽ سائين مدد علي سنڌي منهنجو پسنديده رائيٽر آهي ۽ مدد علي سنڌيءَ تي ڪِتابي شڪل ۾ هي هڪ پي.ايڇ.ڊيءَ جهڙو دستاويز آهي. هن ۾ سائينءَ جي فن ۽ شخصيت، ٻنهي حوالن سان ڀرپور ۽ جامع نڪتئه نظر پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪِتاب جو سمورو ڪريڊٽ حبدار سولنگيءَ ڏي ٿو وڃي، جنهن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت سان هن مسودي کي مختلف دور جا رسالا تلاش ڪري سهيڙيو آهي. ڪِتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ بار بار پروفنگ ڪري، ترتيب سيٽ ڪئي آهي ۽ ڪجهه نقادن کان هن خاص طور تي به هن ڪِتاب لاءِ مقالا لکرايا آهن.
حبدار سولنگي ڳيريلي جهڙي ڳوٺ نما شهر ۾ رهي ٿو، جِتي ڪا به پبلڪ لائبريري ناهي (ڳيريلي ۾ 1978ع ۾ لائبريري هئي، مگر هاڻي اها تاريخ ۾ حوالي طور موجود آهي). اهڙين حالتن ۾ رهي حبدار هي ڪِتاب ڪيڏي نه محنتن سان ترتيب ڏنو هوندو. (حبدار جي جن ٻين ڪِتابن جي مون کي خبر آهي جيڪي هن سهيڙيا آهن، انهن ۾ شاهه لطيف تي مقالا، شيخ اياز تي مقالا، ادل سومري تي مقالا، ايازگل تي مقالا، طارق عالم تي مقالا، روبينا ابڙو تي لکيل مقالا ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ بابت مضمونَ ۽ مقالا شامل آهن. سائين مدد علي سنڌيءَ تي هن ڪِتاب کان علاوه حبدار سولنگيءَ ڳيريلي جي شاعرن تي ڪِتاب ”روشنيءَ جون ريکائون“ پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي).
هن ڪِتاب ۾ شامل هندستان جي معتبر ليکڪ گنو سامتاڻيءَ مدد صاحب لاءِ لکيو آهي ته: ”توکي ڏٺو ته نه اٿم، پر ڄاڻان ٿو، ته تون به هران ان ڪلاڪار وانگر آهين، جن جي ڪلا ۾ سچائي/شڪتي ۽ وشواس آهي.“ ۽ گنو سامتاڻيءَ جو هي پيراگراف ان لاءِ به ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان ته جيئن هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمون جو ڪانٽينٽ سامهون اچي سگهي. گنو سامتاڻي لکي ٿو ته: ”اهو چاهيندس، تون به ڪافڪا وانگر بنا ڪنهن ڏوهه جي زندگي جي ڪنهن ٽرائل تي چڙهين. نه البيئر ڪاموجي ”مٿ آن سيسفس“ جيان بار ڍوئي نرارٿ پهاڙ تي چڙهڻ لهڻ جي سزا ڀوڳيندو رهين، نه سيموئيل بيڪيٽ جيان، جيڪو ڪڏهن به نه اچڻو آهي ان گوڊوٽ جو انتظار رکندو رهين، پر الائي ڇو لڳي ٿو، چاهيندي به ڀانيان ٿو، تون به مون وانگر ڪهاڻيءَ جي ڪراس تي بار بار چڙهندو رهندين.“
گنو سامتاڻيءَ جي ڏک ڀرين سٽن ۾ جيڪو درد آهي، ان جو هم درد هو مدد علي سنڌيءَ کي سمجھي ٿو، جنهن کي هُنَ ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي ۽ حيدرآباد جي شهر لاءِ لکي ٿو ته: ”هي منهنجو شهر آهي، مگر هاڻ منهنجو نه رهيو آهي.“ هڪ سرحد پار ويٺل ڪهاڻيڪار پنهنجي جنم ڀوميءَ جي سڪ ۾ ڄڻ مدد علي سنڌيءَ ۾ پاڻ کي سڃاڻي ٿو. سندس ليک پڙهي مان سالن کان شيخ اياز جي نه سمجھي سگهيل سٽ سمجھي ويس ته:

پرڏيهيءَ سان پيار ڪري، مون پنهنجو ڏيهه ڏٺو

هي منهنجو مختصر پيپر اهڙي وڏي شخصيت جي فن ۽ فڪر جو ڪاٿو ته نه ٿو ڪري سگهي، ڇو ته مدد علي سنڌي رڳو ڪهاڻيڪار ئي نه آهي پر تحقيق جي معاملي ۾ پاڻ ذميوار ليکڪ آهي. هو جڏهن ”حيدر ڪلوچ سنڌ جو مشهور فارسي گُو شاعر“ عنوان سان تحقيقي مقالو ٿو لکي ته حيران ڪري ٿو ڇڏي. هو پنهجويهن ڪِتابن جا حوالا (reference) لکي ٿو، جن ڪِتابن ۾ تاريخ معصومي، تحفة الڪرام، قديم سنڌ ۽ ان جا ماڻهو، تذڪره مشاهير سنڌ، تذڪره لطيفي، تذڪره پوراني سادات، تاريخ باب الاسلام وغيره ۽ انهن مقدس سنڌي ڪِتابن جو مطالعو به پيش ڪري ٿو. مدد علي سنڌيءَ جو اهو تاريخي ڪم ڪنهن اعليٰ محقق جي ليول جو آهي. اهڙائي سندس تنقيدي مضمونَ به آهن جيڪي پاڻ ذميواريءَ سان، حوالن سان ۽ ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جي روشنيءَ ۾ لکيا اٿس. اهڙي جامع ليکڪ جي فن ۽ فڪر تي هن ڪِتاب جي ليکڪن جا رايا يقينن اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ به هڪ اهم تحفو ثابت ٿيندا. مدد علي سنڌي صاحب لاءِ مون اڳ به لکيو هئو ۽ اڄ به لکان ٿو ته هو ڌنڌ ۾ ويڙهيل آسمان جي ستارن منجھان آهي، جڏهن ڌنڌ هٽندو ته وقت سندس اهميت پاڻ طئه ڪندو.

رحمت پيرزادو
جوهر موڙ ڪراچي