مدد علي سنڌي ۽ پُنر مِلن جو هُڳاءُ!
روح جي ڀٽڪنا ۽ وجود جي وياڪلتا هر تخليقڪار جي سرشت ۾ سمائجي،تخليق جي تَپسيا جي جوهر مان بار بار پنهنجي مُڪملتا ۽ اَڻ پُورائيءَ جي پُورڻتا لاءِ جنم پئي وٺندي آهي.۽ جنمن جي جُستجو،جلندڙ جِيءُ جي جاڳ کي نون زاوين جي جوالا بخشي تخليقڪار جي تڙپ کي بي اَنت صحرا جيان ڦهلائي ڇڏيندي آهي ته روح ريت جي سُرمئي سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.۽ انتظاريءَ جون اُداس اکيون،لهرن جون سوين صورتون وٺي وٺي پيون دل جي ساحل کي ڀِڄائينديون آهي.۽ سموري پُر سوز فضا ۽ هوا ۾“پُنر مِلن” جو هُڳاءُ تحليل ٿي ڪري سڄي سرشٽيءَ کي نمڪين ڪري ڇڏيندو آهي.تڏهن اُن نمڪيات مان هڪ اُداس پر پُر اُميد ليکڪ بادلن جيان نروار ٿي پوندو آهي ته هڪ ئي تخليقڪار مان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر،مدد علي“سانگيءَ” کان مدد علي سنڌي تائين پنهنجي هڪ خاص سُڃاڻپ سان ادب جي منچ تي نمودار ٿي پوندو آهي.مهراڻ 1969ع جي شاعر نمبر ۾ناشاد لکي ٿو ته،“ مددعلي ولد الله بخش قُريشي،12،آڪٽوبر1951ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.اصل ڳوٺ سيوهڻ اٿس.هن وقت سچل آرٽس ڪاليج ۾ انٽر پڙهي رهيو آهي.1963ع کان هڪ حسين حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد طبيعت ۾ عجيب ڪيفيت رونما ٿيس.ردِعمل طور سندس ذهن شاعريءَ طرف موڙ کاڌو.ڪافي ڪلام لکيو اٿس.سندس شعرن ۾سوز و گُداز۽ زنده دلي موجود آهي.1968ع کان “سانگي”تخلص اختيار ڪيل اٿس.راڳ ۽ موسيقيءَ سان بيحد دلچسپي سبب باقاعده سکيا وٺي رهيو آهي.ڪوهياري،آسا ۽ راڻو سندس پسنديده سُر آهن.ڪلاسيڪي راڳ “مالڪوس”سان سندس روح جا رابطا قائم ٿيل آهن.ٻُڌڻ شرط مَٿس مَحويت جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.صوفين وانگر صاف دل ۽ فقير تن جوان آهي.زنده دلي ۽ وفا شعاري زندگيءَ جا آدرش بنايا اٿس.”اهڙي بُنيادي پس منظر کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته مدد علي سنڌي ڪهاڻي توڙي شاعريءَ ۾ تخليقي تازگيءَ جو احساس ڏياريندڙ هڪ اهڙو ته سگھارو رچناڪارآهي جنهن جومُطالعو ۽ مُشاهدو هميشه وهندڙ درياھ جي وهڪري وانگر سندس تخليقن جي آرسيءَ ۾چِٽو نظر اچي ٿو.مدد علي سنڌيءَ جي نثري شاعريءَ جو هي خوبصورت ڪتاب“پُنر مِلن”اڄ کان لڳ ڀڳ چوٽيهه يا پنجٽيهه سال اڳ جوڇپيل آهي.پراسان اڄ به جڏهن اُن کي پڙهون ٿا ته اُها شاعري ڄڻ ته اڄ جي دور ۾ ويهي لکيل ڀاسي ٿي.اهڙي تخليقي تازگيءَ جو احساس ٻُڌائي ٿو ته مدد علي سنڌي پنهنجي جوهر ۾ پَچي ڪُندن ٿيل شاعر آهي.“پُنر مِلن”۾ ڏنل شاعري کي وڇوڙي جي ورلاپن ۽ اڪيلائن جي احساس جنميوآهي.اُنهن رچنائن تي حُسين جو غم،محرم جي ڏهين جي ڪاري رات جهڙو ڇانيل آهي.اُن ڪري ڏُک جي علامت بڻيل شامِ غريبان جھڙي هي نثراڻي نوحن نُما شاعري،هر هڪ دل جي دوار تي ماتمي دستڪ ڀاسي ٿي.
”۽ شامِ غريبان،
جي هِن پل ۾،
جڏهن آڪاس،
اَڌ اُونداهو،
۽ دليون روشن آهن.
حُسين جي غم جيان،
تنهنجي وڇوڙي،
جو غم به،
اَڌ اُونداهي،
آڪاس۾،
گُم ٿيندو وڃي،
شامِ غريبان،
جي هِن پل ۾!“
هي درد جي غمناڪ ڪيفيت جڏهن روح ۾ ڪَرڪڻ لڳي ٿي ته دل ڀٽڪي ويل ڪونج جيان وڇوڙي جي رِڻ ۾ ڪنهن جي سُرهي سنگ کي سارڻ ۽ ٻارڻ لڳي ٿي. ته شاعريءَ جي ديوي مدد علي سنڌيءَ جي اندر ۾ ڪَر موڙي جاڳي پوي ٿي.۽ “پُنر ملن”جا خواب اوجاڳيل اکين ۾ اُڻجڻ لڳن ٿا.سنڌي غزل جي اهم شاعرذوالفقار راشديءَ “پُنر مِلن” ۾ مدد علي سنڌيءَ جي تعارف ۾ لکيو آهي ته“مان،مدد جي روح جي اُونهي کوھ ۾لهي نهاريو آهي ۽ منهنجي(Study)مُطابق هُو رُڳو هڪ ٻاجھاري ڪرانتيڪار ۽ دلگير ڪويءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي،جيڪوجلوتن ۾ گجندو۽ خلوتن ۾ڍُنڍڪارون ڀَري روئندو هوندو.”۽ اُهي لُڙڪن ۽ سُڏڪن جا پڙاڏا اِجهو اهڙن لفظن ۾تحليل ٿي وڃن ٿا.
”اهوئي سوچي،
مان چُپ آهيان،
ته زندگي،
پاڻ کي،
هر جنم ۾،
۽ هر دور ۾،
ڪيڏو نه دير سان،
ملائيندي آهي،
۽ ڪيڏو نه جلد،
جُدا ڪندي آهي.“
هي زندگيءَ سان نماڻائپ ڀري شڪوه ۽شڪايت نثراڻي نظم جي مُختصر ڪيئنواس تي ڪيڏي نه ڀِچي ۽ ٺهڪي بيٺي آهي.جو پڙهڻ سان اُها ساڳي درد ڀري ڪيفيت دل ۾ اُڀري اچي ٿي.اِن احساس ۽ درد ڀري “شُروعات” سان ته،
”تنهنجي،
۽،
منهنجي،
مُلاقات،
آ،
ڪنهن،
ڀيانڪ،
وڇوڙي،
جي،
شروعات!“
ائين مدد علي سنڌي پنهنجي بظاهر ننڍڙين ننڍرين ڪيفيتن ۽ احساسن کي به پنهنجي تخليقي زاويي مان گُذاري خيال جي هڪ دل آويز تصوير جوڙي ڇڏي ٿو.بلڪل “چنڊ”جيان
”مٿي آڪاس ۾ چمڪي پيو،
سرءُ جي مُند جو زرد چنڊ،
۽ منهنجي اندر ٻَري پيو،
يادگيرين جو اُداس چنڊ!“
مدد علي سنڌي “پُنر ملن”۾ جيڪا احساساتي ڦوٽو گرافي ڪئي آهي اُها پنهنجي منظر توڙي پس منظر ۾اصليت جي رنگن سان بي ساخته اُڀري آيل لڳي ٿي.۽ اُنهن ۾ ڪٿي به “سهل پسندي” ۽ “فيشن پرستيءَ” جو گُمان نه ٿو ٿئي. ڪتاب “پُنر مِلن” جي مهاڳ“ڪڏهن نه کُٽندڙ سفرجو آغاز”۾ سنڌ جو ناميارو شاعر امداد حُسينيءَ لکي ٿو ته“ورهاڱي کان پوءِ اِن قسم جي رچنائن کي هڪ صنف جي طور تي ٻيهر رواج ۾ آڻڻ جو سهرو اياز جي سِر سُونهي ٿو.اِن صنف جو وڪاس(Evolution)، نئين ڪهاڻيءَ وانگر وري به هند ۾ئي ٿيو آهي.اُن ڏس ۾ هريش واسواڻي ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ گھرا ۽ ڳنڀير تجربا ڪيا آهن ۽ اُهي ڪتابي روپ ۾ پڻ اچي چُڪا آهن ۽ هتي سنڌ ۾ مدد جو “پُنر ملن”اِن صنف تي پهريون مُڪمل ڪتاب آهي.”
مددعلي سنڌي جي “پُنر مِلن”۾مٿي ڏنل رچنائن کان علاوه ويساھ گھاتي،سُڪل وڻ،پيلو پن،سانجھيون،اُڌمو،اڪيلائي،چُپ، رات، ڏينهن ۽شام،شام جا پاڇا،اڪيلائي ۽شام،اجنبي ڇوڪري جي نالي،مس“الف”جي نالي،اڻپورو سپنو،منزل،رچنائون روح کي ڇُهي وڃن ٿيون.۽ اِهو شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته شاعري ڪنهن به صنف ۽ پابندي جي محتاج ناهي.اگر اوهان جي اندر ۾ هڪ فطري شاعر موجود آهي ته اُهو پنهنجي اظهار جا نوان نوان رستا پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو.بلڪل ائين جيئن مدد علي سنڌي جي روح جو ڪهاڻيڪار هڪ شاعر جو ۽هڪ شاعر هڪ ڪهاڻيڪار جو روپ ماڻي وٺي ٿو.۽“پُنرمِلن”جي روپ ۾ساڀيان ماڻي ٿو يا اِن اُميد ۽ آس تي “پُنر مِلن”جو مُنتظر آهي.“شام جا پاڇا”اهڙين احساسن جي تصوير ڪشي جو حسين اُهڃاڻ آهي.
”اسين جيڪي وڇوڙي،
۽ پُنر ملن جي ڦيري ۾،
ڏينهن ۽ رات جي گھيري ۾،
ڦِرندا رهون ٿا،
پل اَپل لاءِ،
بيهڻ چاهيون ٿا،
ٽِمڪندڙ ٽيڙن ۽،
چمڪندڙ تارن هيٺان،
هٿ ۾ هٿ ڏئي،
هلڻ چاهيون ٿا،
رات جي سانت ۾،
صبح جي روشني ۾،
۽ شام جي پاڇن ۾،
ڪڏهن به نه جُدا ٿيڻ لاءِ.“
اُميد جي اهڙي سگھاري سوچ ۽ سگھ عشق ۽ محبت جي دين آهي.جيڪا روح جي تند،روح سان جوڙي ڇڏي ٿي ته پيار ڪرڻ وارا وڇوڙي جي بيابانن ۾ به همت ۽ حوصلن سان فاصلن جا ڪشالا ڪٽي پُنر ملن جي منزل وڃي ماڻيندا آهن.مدد علي سنڌي شاعراڻين ڪيفيتن کي اُڻڻ جوهڪ پڪو ۽ پُختو تخليقڪار آهي.ڇاڪاڻ ته هو جيڪو به ڪُجھ چوڻ چاهي ٿواُهووڏي مهارت سان پيش ڪري وڃي ٿو.مُختصر لفظن ۾ هو پنهنجي روح جي پيڙا سمائي ڇڏي ٿو.ايئن شاعر مدد علي سنڌي ۾ هڪ زبردست ڪهاڻيڪار جو جنم به هڪ اهميت جو مالڪ آهي.جنهن جي ڪهاڻي ۾ شناخت جو بحران، نفسيات، جماليات وارو ماحول ۽ حُسن جي رنگن جا جلوه جابجا نظر اچن ٿا.بقول ناليواري نقاد ممتاز مهرجي جنهن پنهنجي مشهور ڪتاب “ويچار” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي.“هر باشعور انسان جي بُنيادي جُستجو هوندي آهي ته سندس پاڙون(Roots)ڪٿي آهن،سندس شناخت(Identity)جا ماخذ ڪهڙا آهن؟سنڌ ۾ انهن موضوعن کي انيڪ ليکڪن تاريخ/ فلاسافي/ نفسيات/ تهذيب/ ثقافت/ ميٿالاجي جي پس منظر۾سنڌ جي سماجي صورتحال کي آڏو رکي پيش ڪيو آهي.مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون اِن ڏس ۾ خاص درجو رکن ٿيون.شناخت جو بحران(Identity Crisis)سندس ڪهاڻين جو بُنيادي موضوع آهي.جيڪو مان سمجھان ٿو ته جديد ڪهاڻيءَ جو هڪ بُنيادي موضوع رهيو آهي.مدد علي سنڌيءَ جون ڪهاڻيون ڏاڍيون تهدار هونديون آهن.اُنهن ۾رومانٽڪ فضا به ملندي ته زمان ۽ مڪان(Time & Space)جا مسئلا پڻ.سندس ڪهاڻين ۾ خوبصورت شعري عڪس(Poetic Images) ۽ مُختلف حوالابه انيڪ ملندا.کيس ننڍي کنڊ جي تاريخ ۽ سڀيتا جي چڱي ڄاڻ آهي.قرت العين وانگر هُو پڻ اڄ جي انسان جي مسئلن کي(جن ۾ سياسي مسئلا پڻ اچي وڃن ٿا)قديم تاريخي پس منظر ۾ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.مدد علي سنڌيءَ ڪهاڻي کيتر ۾ٽيڪنڪ جا ڪامياب تجربا ڪيا آهن.مدد جي ڪهاڻين ۾ انسان هميشه دُک ۽ پيڙا سهندو رهيو آهي.مدد جي ڪهاڻين جوهڪ ٻيو خاص عنصر نفسيات ۽ جماليات وارو ماحول ۽ حُسن جون رنگينيون آهن.اُهو انساني حُسن جيڪو نيٺ فنا ٿي ويندو.”اهڙي طرح سان مدد علي سنڌيءَجي اندر جي آرٽسٽ جي سگھ ۽ اَئپروچ جو اندازو سندس لکڻين ۽ سندس لکڻين تي مُختلف ادبي شخصيتن جي ڀرپور راءِ مان پوي ٿو.۽ اِن ريت مدد علي سنڌيءَ طاقت ور ادبي تخليقي شخصيت پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ جي آڏو واضع ۽ چِٽي ٿي اُڀري اچي ٿي.هن مُختصر لکڻيءَ جي ڪيئنواس تي سندس ادبي وسعت کي سمائڻ مُشڪل آهي.پر پوءِ به مون مدد علي سنڌيءَ جي ادبي شخصيت کان مُتاثر ٿي ڪري،سندس لکڻين جي مانُ ۾ هي ڪُجھه دلي احساس تحرير ڪيا آهن.