دريا دِل: مدد علي سنڌي
ڪي ماڻهو جامع صفتن جا مالڪ ٿين ٿا ۽ مون کي اهڙن ماڻهن مان جنهن شخص سان اٿاهه اُنسيت رهي اُنهن مان ساڻس قريبي تعلق رهندو آيو آهي. مون هُن کي ذاتي تعلق جي لحاظ کان ٻاجهارو ۽ ناتو نڀائيندڙ ڏٺو. مون هُن کي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي ۾ سندس شاگرديءَ واري دؤر دؤران شاهه محمد شاهه، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اسماعيل وساڻ ۽ ٻين سان گڏ ورانڊي ۾ نعرا هڻندي به ڏٺو. مون کيس سائين جي.ايم.سيد جي فڪر کي رسالي ’اڳتي قدم‘ ذريعي ڦهلائيندي به ڏٺو. مون کيس حيدرآباد جي بسنت هال ۾ ’روح رهاڻ‘ جي سالياني ميڙن ۾ به ڏٺو. مون کيس قومي سياست ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي به ڏٺو. مون کيس صحافت جي ميدان ۾ به سرگرم ڏٺو. مون کيس سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي هفتيوار گڏجاڻين ۽ ٻين ادبي تقريبن ۾ به متحرڪ ڏٺو. ساڻس يادن جا سوين حوالا آهن جن جو تفصيلي بيان وڏو وستار بنجي پوندو. انهي ڪري اختصار کان ڪم وٺندي سندس شخصيت کي سياسي حيثيت، ادبي ۽ صحافتي پورهئي، وطن دوستي ۽ يار ويسيءَ جي حصن ۾ ورهائيندي اظهارِ خيال ڪندس.
مدد ۽ شاگرد سياست:
سنڌ ۾ کاٻي ڌُر جي خيالن جي نمائندگي ڪندڙ شاگرد تنظيم نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن هئي. جنهن تي مهاجر اڳواڻن جو غلبو هئو. انهي ڪري قومي مسئلن تي اُنهن جو نقطه نظر چٽو نه هئو. انهي ڪري شاهه محمد شاهه پنهنجي دوستن سان گڏجي اُن کان الڳ ٿي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٺاهي جنهن ۾ مدد علي به شامل هئو. اها اسٽوڊنٽس فيڊريشن به اختلافن جو شڪار ٿي ويئي ۽ پوءِ مدد علي ۽ شاهه محمد شاهه وارن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو. مدد علي سال 1973ع ۾ فيڊريشن جو سيڪريٽري جنرل هئو. اُنهي دوران 28 اپريل 1973ع تي سنڌ يونيورسٽي جو ڪنووڪيشن ٿيو ۽ ان دؤر جي وزير قانون عبدالحفيظ پيرزادي کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ واري معاملي تي جساف سخت احتجاج ڪيو ۽ انهي هنگامه آرائي دوران عبدالحفيظ پيرزادو اسٽيج تان هيٺ لٿو ته شاگردن گهيري ورتس. ۽ پاڻ شاگردن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين. جنهن تان اسماعيل وساڻ کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍي. ۽ ڪنووڪيشن ميدانِ جنگ بڻجي ويو. ۽ هڪ پوليس آفيسر دل جي دوري سبب لاڏاڻو به ڪري ويو. پوليس اهو ڪنووڪيشن ڪيس داخل ڪيو ۽ يونيورسٽي اختياري وارن مدد علي، شاهه محمد شاهه، يوسف جکراڻي، عزيز ڀنگوار، نذر محمد جوڻيجو کي ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا هئا.
صدر: يوسف جکراڻي
جنرل سيڪريٽري: عزيز ڀنگوار
جوائنٽ سيڪريٽري: نذر محمد جوڻيجو
انهن عهديدارن جي حلف برداري جي عظيم الشان تقريب ٿي جنهن ۾ سائين جي.ايم.سيد کانئن حلف کڻايو. ۽ اهو حلف نامو مدد علي سنڌي لکيو هو. اُن جي ابتدا هن ريت هئي:
”اسان اروڙ جي ڀنل مِٽي ۽ راجا ڏاهر جي خون جو قسم کڻي عهد ٿا ڪريون ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنداسين.“
سائين جي.ايم.سيد شاگردن کي خطاب ڪندي کين پنهنجي تعليمي حاصلات ڏانهن خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. شاگردن جي هلچل چوٿين مارچ 1967ع ۾ چوٽ تي هئي. جڏهن حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور الحسن سنڌي شاگردن تي لٺيون وسرايون هيون جنهن ۾ اُن وقت جي يونين جي صدر يوسف لغاري جو مٿو ڦاٽي پيو هو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا هئا. انهي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف چوٿين مارچ 1969ع تي هڪ عظيم الشان جلوس به نڪتو هو ۽ اولڊ ڪئمپس ۾ جلسو به ٿيو هو جنهن کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي (مرحوم) يوسف ٽالپر، مسعود نوراني ۽ اقبال ترين خطاب ڪيو هو. هن جلسي ۽ جلوس ۾ مدد علي سنڌي اسان سان گڏ پرجوش انداز ۾ شريڪ هو.
مدد علي سنڌي سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ نهايت سرگرم شاگرد ڪارڪن ۽ اڳواڻ رهيو. ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ دوران هن ڪافي عذاب ڀوڳيا. پر کيرٿر جيئن اِسٿر رهيو. مدد علي کي 24 ڊسمبر 1972ع تي بغاوت جي ڪيس ۾ قلم 124-A، 123-A ۽ 153-A تحت نوابشاهه پوليس حيدرآباد مان گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو. اهو ڪيس هڪ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ داخل ڪيو ويو جنهن جو عنوان هو، ’اسان سنڌي ڇا ڪريون؟‘ مون مدد علي سنڌي جي گرفتاريءَ تي هڪ آزاد نظم لکيو جيڪو ’اڳتي قدم‘ جنوري-فيبروري 1972ع جي بئڪ ٽائٽل تي سندس تصوير سان گڏ ڇپيو ويو. اهو پرچو جي.ايم.سيد نمبر هو. جنهن ۾ منهنجو مضمون، ’سيد لکيو‘ به شايع ڪيو ويو. اهو آزاد نظم هيءُ آهي:
مدد علي سنڌي جي گرفتاري تي...
اي اهلِ فڪرو نظر اهلِ فن،
زهر جا ڍُڪ پيئو چُپ رهو
۽ چَپن کي سُبو-
ڪُجهه ڪُڇو جي قصيدا لکو
ورنه فڪرو نظر کي ڌَريو ڌُوڙ ۾
ڪَچُ قبوليو ۽ سُوريءَ تي سچ چاڙهيو
اي اهلِ قلم، اڄ قلم جو ڀڃو ڪنڌ هٿ سان
پنن تي سياهيءَ کي هاري ڇڏيو
خيالن ۽ جذبن کي ماري ڇڏيو
جيئو پر جنازن جيان
چُرو جي ته پاڇن جيان
ورنه هر چوڪ تي چوڪسي
هر ڳلي دار هوندي
۽ اهلِ نظر پابجولان
قطارن ۾ ايندا
۽ زندان کُلندا
۽ زندان ڀربا.
مدد علي سنڌي جيئي سنڌ تحريڪ جو هڪ اهم، ذميدار فرض شناس رُڪن رهيو. ۽ انهي ڪري سدائين حليم باغي چواڻي،
اسان جئين، ڪوئي جيئي هن جهان ۾
سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾
17 جنوري 1974ع تي انٽرنيشنل هاسٽل سنڌ يونيورسٽي ۾ سائين جي.ايم.سيد جي سالگره واري تقريب ۾ به مدد پيش پيش رهيو. چوٿين مارچ 1973ع واري تقريب مسلم هاسٽل حيدرآباد ۾ ٿي جنهن جي صدارت سائين جي.ايم سيد ڪئي. اُنهي جي انتظام ۾ به هيءَ اڳڀرو رهيو.
7 آڪٽوبر 1973ع جو انٽرنيشنل هاسٽل ۾ شاگردن درميان جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻه شاگرد قتل ٿي ويا ته انهي الزام ۾ يوسف جکراڻي، مدد علي سنڌي، شاهنواز شاهه، عبدالحڪيم لاکو، ديدار بلوچ ۽ ٻين کي پنجن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو ۽ مدد علي جي گهر تي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپو هنيو. پر هو هٿ نه چڙهي سگهيو. مدد علي سنڌي جو گهر اسٽيشن روڊ تي واقع هو. جنهن کي هو مجيب محل سڏيندا هئا. سائين جي.ايم.سيد سال 1969ع ۾ سنڌ متحده محاذ ٺاهيو جنهن ۾ سنڌ جي مکيه سياسي شخصيتن شموليت ڪئي ۽ اُهو اجتماع مخدوم محمد زمان طالب المولى جي بنگلي تي حيدرآباد ۾ ٿيو هئو ۽ مدد علي پهريون ماڻهو هئو جنهن پنهنجي گهر تي جيئي سنڌ متحده محاذ جو ٽه-رنگو جهنڊو هڻي حڪمرانن کي للڪاريو هو.
انهيءَ دؤر ۾ ايوب خان خلاف تحريڪ به عروج تي هئي ۽ جنرل يحيى خان 25 مارچ 1969ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي چونڊن جو اعلان ڪيو. چونڊن جي مهم دوران عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ڇهه نقاطي پروگرام پيش ڪيو جنهن ۾ سواءِ پنجاب جي باقي سڀني صوبن جي حقن جي حاصلات به هئي ته سلامتي به. سنڌي قوم پرستن کي مجيب جي ڪاميابيءَ ۾ سندن پنهنجي ڀلائي ۽ فتح نظر آئي. سائين جي.ايم.سيد سنڌ متحده محاذ طرفان ڇهه نقاطي پروگرام جي نه رڳو زباني حمايت ڪئي پر سائين هڪ پمفليٽ ذريعي ڇهن نقطن جي وضاحت به ڪئي. مدد علي سنڌي انهي پروگرام جي دل و جان سان حمايت ڪئي. سال 1970ع ۾ عوامي ليگ جو مرڪزي سيڪريٽري قمرالزمان سنڌ جي دوري تي آيو ته مدد جي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي (مرحوم) جي دعوت تي محترم قاضي فيض محمد سان گڏ مدد وارن جي گهر ڊنر Dinner ڪيائين. مدد علي عوامي ليگ حيدرآباد جو ڊويزنل آرگنائيزر ۽ عوامي ليگ سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو. سنڌ جي مهانَ شاعر شيخ اياز به عوامي ليگ ۾ شرڪت ڪئي. سال 1970ع واري عام چونڊن ۾ بنگال مان شيخ مجيب کي ايڏي وڏي اڪثريت حاصل ٿي جو هُو اڪيلي سر اڪثريت سان پاڪستان جو وزيراعظم ٿي رهيو هو جيڪا ڳالهه پنجابي فوجي اسٽيبلشمنٽ کي نه آئڙي ۽ هُنن ذوالفقار علي ڀٽي کي پاڻ سان ملهائي بنگال ۾ فوجي آپريشن ڪيو. ۽ 30 لک بنگالين کي قتل ڪيائون جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. ۽ گرفتار ٿيل مجيب الرحمان کي آزاد ڪري بنگلاديش روانو ڪيو ويو ۽ باقي بچيل پاڪستان يعني پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهرائي ويئي. ڀٽي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ پنهنجو پهريون نشانو سنڌي ۽ بلوچ قوم پرستن کي بنايو. هُن سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابنديون مڙهيون ۽ قوم پرستن کي بغاوت جي ڪيسن ۾ جيل ڀيڙو ڪيو.
جيئن ته سنڌ ۽ مرڪز ۾ ڀٽي جي پارٽي اقتدار ۾ هئي ته سرحد ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۽ جمعيت العلماءِ (هزاردي) جون گڏيل حڪومتون هيون. ڀٽي بلوچستان ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي حڪومت ختم ڪئي ته سرحد ۾ مفتي محمود به وزارتِ اعلى تان احتجاجاً استعيفى ڏيئي ڇڏي ته سرحد اسيمبلي به ٽوڙي ويئي. ۽ نعپ تي 10 فيبروري 1975ع تي بندش وجهي ولي خان ۽ سندس ساٿين تي بغاوت جو مقدمو دائر ڪيو ويو. جنهن جو سربستو احوال ولي خان جي ڪتاب، ’اور بيان اپنا‘ ۾ موجود آهي. نعپ تي بندش وجهڻ کان پوءِ اُن جي آفيسن کي سيل ڪيو ويو. ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن موقعي تي به مدد علي جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي رات جي وقت ڇاپو هنيو ويو.
انهي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي هڪ مهاجر وزير بديع الحسن زيدي جي مبينه اغوا جي واقعي ۾ مدد علي کي شامل ڄاڻائي رات جو به ڇاپو هنيو ويو. جيڪو ناڪام رهيو ته ٻي ڏينهن صبح جو 8 وڳي ٻيهر ڇاپو هنيو ويو ۽ مدد علي جي غير موجودگيءَ ۾ سندس 86 سالا پيرسن پيءُ الهه بخش کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو. پوليس سندس والده کي به گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اُها گهر ۾ موجود نه هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهي ۽ پوليس گهر جو الو تلهو ٻُهاري سڀ سامان کڻي ويئي. جولاءِ 1976ع ۾ پوليس خفيه اطلاع تي اٺن ٽرڪن سان گهر جو گهيرو ڪري تلاشي ورتي پر مدد علي هٿ نه چڙهي سگهيو.
مدد علي اديب ۽ صحافي جي حيثيت ۾:
مدد علي جي سُڃاڻپ فقط سياست نه آهي. هو هڪ صاحبِ فڪر ۽ اهلِ دل به آهي. سندس گهر جي پاسي واري گهٽي ۾ هڪ ڪمري واري ننڍڙي اوطاق هئي جنهن کي اسان ’مدد علي آشرم‘ جو نالو ڏيئي ڇڏيو هو. جتي سدائين شاگردن، سياسي ڪارڪنن، اديبن، صحافين ۽ شاعرن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. مون جهڙا ڪيترا دوست حيدرآباد ايندا هئا ته رات به اتي ٽِڪندا هئا.
مدد علي ’اڳتي قدم‘ رسالو 1970ع کان جاري ڪيو جيڪو ادبي ۽ سياسي نوعيت جي لکڻين تي مشتمل هوندو هو. انهي کان اڳ ’اڳتي قدم‘ جي نالي سان 1946ع ۾ شيخ اياز رسالو ڪڍيو هو. هيءُ رسالو سائين جي.ايم.سيد جي قومي فڪر جي ترجماني جو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ محترم عبدالواحد آريسر رسالو ’پيغام‘ ڪڍندو هو. اهي ٻئي رسالا فڪر سيد جا ترجمان رهيا. مدد علي جا لائق ڀائر ممتاز علي ۽ مشتاق علي نه رڳو مدد جي مالي سهائتا ڪندا هئا پر سندس دوستن کي به گهڻي عزت ڏيندا هئا.
ادبي لحاظ کان مدد ڪهاڻيڪار، شاعر، مترجم ۽ اديب رهيو آهي. صحافت جي دنيا جو به سير ڪيو اٿس. ان جو به وڏو تجربو اٿس. سندس هيٺان ڪتاب شايع ٿيل آهن:
1. ڪهاڻين جو ڪتاب، ’دل اندر درياوَ‘ سال 1980ع ۾ ڇپيو.
2. نثري نظمن جو ڪتاب، ’پُنر ملن‘ سال 1982ع شايع ٿيو.
3. قراة العين حيدر جي ڪتاب جو ترجمو، ’قلندر‘ به ڇپيل آهي.
4. سندس سفرنامو ’شهر صحرا ڀانيان‘ به مارڪيٽ ۾ آيل آهي.
تازو سنڌي ادبي بورڊ سندس مڙني لکڻين کي گڏي هڪ ڪتاب ’دل اندر دريا‘ جي نالي سان شايع ڪرايو آهي.
مدد علي سنڌي اهو ليکڪ آهي. جيڪو عملي انسان به آهي ۽ جاکوڙ سندس فطرت ۾ شامل آهي. وقت جي لاهن چاڙهن کان اڃان هار نه مڃي اٿس،
هي ماڻهو وِهَه جو ڍُڪَ ٿيا، جئن لُڪَ لڳي تئن رُڪَ ٿيا
اڄ آزاديءَ جي نعري سان، سڀ درد ويا دلگيرن جا.
مدد علي سنڌي جڏهن اخبار ’بختور‘ جو چيف ايڊيٽر هو ته هڪڙي ڀيري بٺورو آيو ۽ چيائين، ’مون کي سومرن جي تختگاهه ’محمد طور‘ جو سير ڪرائي. آئون ساڻس گڏجي کيس ڳوٺ شاهه ڪپور جيڪو جاتي چوڪ کان جاتي ويندڙ رستي جي اوڀر ۾ واقع آهي، وٺي ويس جتي جي شاهن اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هن محمد طور (ڪِن مورخن چواڻي اهو اصل ۾ ’مهاتم تور‘ نالو هو) جا ميلن ۾ ڦهليل کنڊر ڏٺا ۽ شاهه ڪپور ۾ اهي اُڀيون قبرون به ڏٺيون جهڙيون چوڪنڊي ۾ آهن. اهي آثار آرڪيالاجي کاتي جي عدم توجهي سبب مِٽجندا پيا وڃن.
مدد صحافتي ميدان ۾ اخبار سنڌ نيوز جو به شروع ۾ ايڊيٽر رهيو ۽ اُنهي کان علاوه اخبار عبرت ۽ عبرت مئگزين سان به لاڳاپيل رهيو.
هن جا دروازا دوستن احبابن لاءِ هميشه کليل رهندا هئا. اسان ڪڏهن ڪڏهن رات جو حيدرآباد جي مُشڪبو هوائن جو مزو ماڻڻ لاءِ ٻاهر گهمڻ ڦرڻ نڪرندا هئاسين ۽ اڪثر هندن جي ڇڏيل جاين جي ڏاڪڻين تي ويهي ورهاڱي جي الميه تي رت روئندا هئاسين. مدد علي هڪ دريا جيئن وشال دل جو مالڪ آهي، اهوئي ڪارڻ آهي ته هُن پنهنجي ڪتاب جو نائو ئي ’دل اندر درياوَ‘ رکيو.