ٿڪل ــ اڌ پنڌ جا ڪي لفظ
”رات جي ڪاراڻ تيزيءَ سان ڇانئجندي پئي وڃي دوستو!
دشمنو!
ڪا روشني ته ٻاريو
هيءَ اُماس جي رات
هن اداسيءَ جي شهر کي اونداهو ڪري ڇڏيندي
پوءِ ڪوئي ڪنهن کي ڳولي نه سگهندو
هٿ هٿ کي ڏسي نه سگهندو
دوستو ـــ دشمنو!
رات جي ڪاراڻ ۾ ڪا اُميدن جي شمع ته ٻاريو“
(مدد علي سنڌي جي ڪوتا)
”۽ هڪ سچو ڪلاڪار (او ــ لوڪو!!) تنهن پل ڏات ڪنوار جو گھوٽ بڻبو آهي جڏهن هن جا سرجيندڙ ه هٿ ڏات ڪنوار جي سڪل ٺوٺ چپن کي سُرخ ڪندا آهن ـــ اوهو.... لپ اسٽڪ جو رنگ ته هرگز ناهي جو چپ چپ کي ڇهئي ته رنگ ڌنڌلو پئجي وڃي. جُڳن پڄاڻان به جرڪندو رهندو آهي اهو رنگ ـــ انگ.“
۽ ـــ او ــ ٻڌو!! ـــ اُهو پيلو پن، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻيو آهي، هن پل ــ (ڪڏهن ته سائو هيو اُنَ جو رنگ ــ انگ ۽ سندرتا هئي هن جو ڀاڳُ) هن پل به اوترو ئي موهن آهي. ڇڻيل پيلا پن سندرتا جون ساروڻيون آهن ــ من درپن ۾ سجائي رکو انهن کي“.
۽ مدد علي سنڌيءَ جو ڪهاڻيون پڙهي، من جي اندر رڻ پٽ ۾ انيڪ پيلا پن اُڏرندا ڀاسندا آهن مون کي. (ڇڻيل پيلا پن سندرتا جون ساروڻيون آهن. من درپن ۾ سجائي رکو انهن کي) ۽ ڪجهه پيڙائون آهن جيڪي مدد عليءَ جي ڪهاڻين کي پڙهڻ سمئهءِ من ۾ واسو ڪرڻ لڳنديون آهن ۽ جھونگاريندو آهي من (سروم ـــ دکم ـــ دکم)“
مدد علي سنڌي لمحن جو ڪهاڻيڪار نه پر جڳن جو ڪهاڻيڪار آهي. جڳ، جيڪي آدجڳاد کان سفر ڪندڙ ماڻهوءَ جي پويان رهجي ويندا آهن ۽ جڳ جيڪي اڃا اڳتي ڦهليا پيا آهن (حياتيءَ جو هڪ وشال ساگر آهي، جنهن جو ڪوئي انت ڪونهي) بلڪل ائين مدد عليءَ جي ڪهاڻين جي به ڪائي پڄاڻي ڪانهي. پڄاڻي، جنهن کان اڳتي ڪجهه به ناهي.
۽ ــ او سائين!
”آوازن کي جيڪي پڙلاءَ آهن، مدد عليءَ جون ڪهاڻيون به اُنهن پڙلاءَ سمان آهن. آوازن جي اُجھامڻ کان پوءِ به لمحن جي دائري ۾ گونجنديون رهنديون (لمحا ــ جن جي دائري منجھان صديون ڦٽي نڪرنديون آهن) ــ ۽ ـــ آوازن سمان ڪلاڪار جون هٿ آڱريون آهن ـــ مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن جيڪي انهيءَ لاءِ (۽ ـــ اهو به حياتيءَ جو آهي دکي ڪندڙ هاڃو ـــ سرجندڙ هٿ ڇو مٽيءَ ۾ کوئجي ويندا آهن!) پر پڙلاءُ سمان جڳن جو سفر ڪندي آهي هڪ سچي ڪلاڪار جي ڪلا.“
”او ــ دوستو!! ــ ماڻهوءَ جي من جا ڀاوت هر جڳ ۾ هڪ جهڙائي رهيا آهن. تڏهن به هر جڳ ۾ نڪور رهندو پي آيو آهي. انهن ڀاونائن جو ڪومل روپ ـــ ۽ مدد عليءَ جي ڪهاڻين جو ڪنوارپڻو اُجھامڻو ناهي. ان لاءِ جو انهن ڪهاڻين منجهه مدد عليءَ جون بانورو من ڌڙڪي ٿو. ان لاءِ جو اهي ڪهاڻيون من اندر جون وارتائون آهن. (درد ۽ سپنن جا سڀئي پاڇولا، من اندر جي وشال دائري ۾ احساسن ۽ جذبن جو روپ ڌاسري جنم ـــ جنم کان پيا ڀٽڪندا آهن) ـــ مدد عليءَ جون ڪهاڻيون پڙهي هن جي من اندر جي احساسن جو دائرو ڪيڏو وشال ۽ گهرو آهي انهيءَ جي سُڌ پوي ٿي) هڪ سچو ليکڪ پنهنجي ذات اندر ڪائنات آهي ــ اُنَ ڪائنات جو سرجڻهار ليکڪ پاڻ ئي ته آهي ــ ۽ ــ ساٿي!!ــ اُنَ ڪائنات جا سڀ روپ سروپَ ليکڪ جي هٿ آڱرين جي سُندرتا آهن.“
”هر هڪ پل ۾ حياتيءَ جو ڊگھهو (مبهم) فلسفو سمايل آهي. جڳن جنمن تي ڦهليل هيءَ حياتي بس هڪڙي پل جي ڪهاڻي/اڪهاڻي آهي. ۽ ــ اهو هڪڙو پل کنڊرن ۾ ــ لمحن جي رهجي ويل نشانن ۾ ـــ ڌرتيءَ ۽ وقتَ جي اتهاس ۾ جُڳن جو سفر ڪري ٿو جُڳن جو اهو سفر ڪنهن هڪ اُداس پل جي ڄار ۾ ڦاسي حياتيءَ جو مختصر تهائين مختصر پل بڻجيو پوي ـــ مدد عليءَ حياتيءَ جي اُنَ دکي ڪندڙ فلسفي تي لمحن ــ لمحن جو ماتم ڪيو آهي.“ (هاءِ حياتي ــ هاءِ حياتي ــ آڪاس ۾ ٽنگيل پوئين پهرَ جو اُداس چنڊ) ڪرانتيڪار.
”اهي ڪهاڻيون آهن يا مدد عليءَ جون ڪوتائون آهن (سندس ڪهاڻيون پڙهڻ سمي اڪثر سوچيو هوندم) پر اهو به ڪو انڪشاف ناهي رهيو ته هو هڪ سندر ڀاونائن وارو ڪوي پڻ آهي ــ ۽ ڪهاڻيڪار، جيڪر ڪوتا سرجڻ جي ڀيڄَ ڀنيءَ جهڙيءَ پيڙا سان به لنگهندو هجي (ڪهاڻيون سرجڻ سهي) امرت رس جهڙا سپنا ڪر موڙي جاڳندا آهن اُنهيءَ جي ڪهاڻين کي تهائين مبهم ۽ سندر ڪري ڇڏيندو آهي.“
”رات اونداهي آهي، پر هر رات جي پويان به ته ڪوئي صبح ضرور آهي!
(۽ منهنجي هن جيون کي ڪوئي انت ناهي!!) پر انتظار ضرور آهي.
دور ڪٿان، هنن وڻن جي پويان جڏهن سورج شاخون ڪڍندو پر تون چپ ڇو ٿي ويو آهين؟
(هن منهنجي آوارا سوچن جو به ته ڪوئي انت ناهي!!)
صبح ٿيڻ وارو آهي!
ها، صبح ٿيڻ وارو آهي!
رات اونداهي آهي پر دور ڪٿان روشني ڦٽڻ واري آهي ۽ رستا ڊگها گهڻا ڊگها، گهاٽن وڻن ۾ گهيريل رستا!
(پر ــ منهنجي هن جيون کي به ڪوئي انت آهي؟؟)
جن شروع ڪئي منزل لاءِ جدوجهد، اهي حاصل نه ڪري سگهيا!!
(هن شروعات ۽ پڇاڙي جي وچ ۾ وڇوٽي هوندي آهي!) ۽ جڏهن ڳوليوسين ته ڪوئي سڏ ڏيڻ لاءِ به موجود ڪونه هو!!
(خاموشي)
زندگيءَ جي رنگ ڀوميءَ تي ــ خاموشي“ (کنڊر)
”هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ (درد جي اکٽ سلسلي ۾) آس جو هڪڙو ننڍڙو اُجھامندڙ ڏيئو ٻاري رکندو آهي (لوڪ آهي جو روشنيءَ جو اهو ننڍڙو ترورو به ٿو اُجھامڻ چاهي)
اُتان کان هن جي من جي اُڏام شروع ٿيندي آهي. سڀ جا پير پٿون آهن. هر ڪنهن جو موڳو من اُڏامڻ چاهيندو آهي.“
”وقت ته ڪنهن تيز گهوڙي جيان اڳيان نڪري ويو. اسين ته الائي ڪيترو پري رهجي وياسين ــ ۽ ــ ان کان پهرين آئيڊيل ها ــ زندگي رولاهي ۽ ڪجهه به نه هوندي ڄڻ ڪجهه هو ــ هيڪلي گهارڻ جي سگهه آهي. منزل ڏانهن وڌندڙ قدم تيز ۽ گهڻا تيز آهن. منزل ڏانهن ويندڙ ۽ وڌندڙ قدمن مان ڪي قدم مٽجي به سگهن ٿا. اونداهين ۾ صبح کي ڳوليندي ۽ منزل لاءِ رلندي، ڪي مارجي ويا ته انهن کي ڪيرُ ڳولي ــ ڪير ڳولي انهن اونداهين ۾ گم ٿيندڙ قدمن کي...... ۽ نرملا! سڀني اوسٿا ۾ نه گاڏيون ٿين ٿيون ۽ نڪي اُتي گهوڙا ۽ رستو آهي ــ هي ماڻهو سڀني ۾ رٿ گهوڙا ۽ رٿ لاءِ رستي کي ٺاهي ٿو. اُتي نه سک آهي نه آنند آهي ــ هي ماڻهو سپني ۾ آنند، سک ۽ پرمود کي رچي ٿو. سپني ۾ نه تلاءُ آهن نه نديون آهن. پر هي سپني ۾ نديون ۽ تلاءُ ٺاهي ٿو. هي سپني اوسٿا ۾ سڀ ڪجهه ٺاهڻ وارو ٿئي ٿو.“ کنڊر
۽ (ڪٿي ــ ڪٿي) پنهنجين ڪهاڻين ۾ هو مون کي حياتيءَ جي پاڳل خاني ۾ قيد اُهو پاڳل ڀاسندو آهي جنهن ۾ نيئر ڇنڻ جو ساهس ئي ناهي ــ يا هن جي ڌڙڪندڙ من ۾ ڪڏهين نيئر ڇِني پاڳل خاني مان ڀڄي نڪرڻ جا ڀاوَ ئي ناهن ڀليا ــ هن جيڪي ڪجهه به ڀوڳيو. سوچيو ۽ لوچيو آهي. اُهو انهن نيئرن ۾ ٻڌجي نيئرن جو اهو ڇمڪو ــ ڪنن جا پڙدا ڦاڙيندڙ پڙلاءُ سمان هن جي انيڪ ڪهاڻين ۾ (۽ ــ کنڊ جي لحاظ ۾) گونجندو محسوس ٿيندو آهي.
”پر ڇا
”او ــ لوڪو!
”ٻڌو!
”اسينن سڀ حياتيءَ جي ان پاڳل خاني ۾ جَڳن ڪنا ٻڌا پيا آهيون!! ــ پاڳلن جيان واڪا پيا ڪندا آهيون ۽ ديوارن سان سر ٽڪرائيندا آهن (دک اهو آهي ته انهن نيئرن جي چاٻي به اسان وٽ اهي ــ پر هٿ ڪپيا پيا آهن سڀني جا يا انهن نيئرن کي ڇنڻ جو ساهس ئي ڪونهي اسان منجهه) ــ هاءِ ــ ڪوئي آهي. جيڪو ان پاڳل خاني جون ديوارون ڊاهي، نيئر ڇني ۽آزاد ڪري وڃي اسان کي.“
(چريائپ زندگيءَ جي حقيقت آهي ــ هڪ ٻڌيمان لاءِ)
”کنڊر“
(زندگي فقط ڪڏهن ڪڏهن ملائيندي آهي اسان کي! هڪ ڀيرو ملندا آهيون جدا ٿيڻ لاءِ)
”پر هي سڀ ڪيڏانهن هليا ويا؟ ڪيڏانهن ٿا هليا وڃن سڀ آخر؟ مدت گذري ته هو سڀ اسان کي ڇڏي هليا ويا ــ جدا ٿي ويا اسان کان ــ جيڪي گم ٿي ويا اُهي وري ڪڏهن به نه ملندا ـــ پنر ملن زندگيءَ ۾ ٿيندو ئي ڪونه آهي.....)
”کنڊر“
”سندس ڪهاڻي کنڊر ۾، ذهن جي پاڳل خاني ۾ جنم ــ جنم کان قيد اندر جي پاڳل ماڻهوءَ درد جا اکٽ سلسلا طئه ڪيا آهن ــ مدد علي ائين ڀاسندو آ ڄڻ ڪهاڻين ۾ پاڳل ماڻهوءَ جيان واڪا ڪندو ٿو بن . بن ڀٽڪي ــ ۽ سندس هٿ ۾ اُجھاڻل مشعل آهي ــ پيڙائن جي (پر لوڪ به ته پاڳل آهي جو پويان پويان پٿر کنيو ٿو هلي).
”ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافڪا جي خطن جا حوالا ڏيڻ تي مٿس اهو الزام نٿو مڙهي سگهجي ته ڪو هو سنڌي ادب ۾ ڪافڪا ٿو بنجڻ چاهي يا هو لکڻ جي حد تائين متاثر ٿو ڏسجي Franz Kafka کان ــ (ڏاڍو روايتي ۽ بوگس الزام آهي اهو) اها الزام پنهنجن ذهين ليکڪن تي هڻي اسين سندن صلاحيتن کي مفلوج ڪرڻ جي ڪُڌي ڪوشس ڪندا پي آيا آهيون. هڪ ليکڪ (يا ڪو به ڪلاڪار) پيڙا جي جنهن سلسلي کي اڻپورو ٿو ڇڏي ڏي. ٻيو (پويان اچڻ واروآ) اُنَ سلسلي کي اُتان کان ئي ٿو شروع ڪري ـــ پُڄاڻي ۽ شروعات جي وچ واريءَ وڇوٽيءَ تي ڏات جو پنر جنم ٿيندو آهي“
”۽ ڪٿي ڪٿي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو پنهنجي ڪنهن Beloved سان ٿو مڌر ــ مڌر سرگوشيون ڪري پنهنجين ڪهاڻين ۾. (اهو آءٌ اڪثر چوندي آهيانس. موٽ ۾ مدد علي چپ چاپ چپن ۾ سگار اٽڪايو، ديوارن کي گهوريندو رهندو آهي ــ ۽ بس. اسان جي من اندر جون وارتائون پڻ آهن). مون سندس کليل هٿ تريءَ جون ريکائون ته ناهن ڏٺيون، پر شايد سندس هٿ تريءَ جي ريکائن ۾ دک ۽ وڇوڙي جو مها ساگر وهندو هجي ــ اهو مها ساگر هن جي هٿ تريءَ تان وهندو ايندو آهي. سندس ڪهاڻين منجهه (۽ آءٌ سوچيندي آهيان ته هو لکڻ سمي مُٺ ڇو بند رکندو آهي)“.
(پيڙائون سڀ تڪليف ڏيندڙ آهن. پر ههڙي پيڙا ڪابه ناهي، جو خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي واڄي وانگر ٿي وڄائي ــ قاضي قادن) دل اندر درياو
”مدد علي سنڌي!!
”پيڙائن جو ڪهاڻياڪار آهي
”پيڙائون، جيڪي اندر مان جنم وٺنديون آهن ۽ اتهاس جي سيني تي نشان بڻجي رهجي وينديون آهن.
”مدد علي سنڌي!!
”حياتيءَ جي پهاڙ جيڏن پنڌن جو ڪهاڻيڪار آهي ــ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ماڻهوءَ جي من جا اڻ ڳاتل آلاپ به جھونگاريا آهن (پيڙا جي پهاڙ هيٺان پيڙهجندي به هن روايتي قسم جا نعرا ناهن هنيا) هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جڳن جو جاپ آهي ڪيو. (جڳ لنگهي ويا آهن لوڪو!! ــ پر اڃا ڪنهن کي به جڳن جي انهيءَ جاپ جو حيلو ناهي مليو)“.
(...... مان جيون جي هن اونداهي ماٿريءَ کي تيزيءَ سان پار ڪري رهيو آهيان.... هلي رهيو آهيان، ڪنهن پيچري تان، ڪنهن اڻ ڄاتل منزل ڏانهن
منزل، جنهن جي ڪائي ڄاڻَ نه آهي....!!.....؟؟
.... منجھيل منجھيل بيٺو آهيان، اڪيلو اڪيلو، جيون جي هن ويران ۽ گٺل پيچري تي!!
.... هر طرف کان ڇانيل
اونداهي
مرتيو جو گھُور سناٽو
ان ۾ اُڏامندڙ
ڪيئن آواز ڪيئن سپنا
وڇوڙي جو عميق سمونڊ
جنهن ۾،
سڀ ڪجهه کوئجيو وڃي
سڀ ڪجهه لڙهيو وڃي
جنهن ۾،
ڪوئي سوجھرو نه
ڪوئي احساس نه
؟......؟......!!...!!؟؟“ (پيلا گل سرنهن جا)
”ليکڪ پنهنجي وقت جي اتهاس جو سرجيندر آهي ــ هو حياتيءَ جي داوَ ۾ رکندو آهي پنهنجيون پيڙائون (هار ــ يا ــ جيت!) پر موٽ ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيندو آهي، اهو ئي هن کي سموريءَ ماٿريءَ تي پيو نظر ايندو آهي. اهو ئي هن جي وقت جو اتهاس بڻبو آهي. اهو ئي هو پنهنجين رچنائن ۾ سمائيندو آهي“.
ٻڌو!!
ٻڌو!!
سچ صرف اهوته ناهي جيڪو ڪنهن اوچي نعري ۾ اچي ڏجي. ڪوئي هجي جيڪو اسان جي وات ۾ ڪا ڄڀ رکي وڃي ۽ ان جي ڪنن مان آڱريون ڪڍي سگهي. اهڙي سمي سچ اندر ئي پيو ٽڙندو آهي (نيري گهري ساگر جهڙو سچ).
”مدد علي سنڌي“
”اندر ۾ ئي تڙپندڙ سچ جو ڪهاڻيڪار آهي (ڪنهن ته جنم ۾ ـــ هن نعرا هنيا آهن سچ جا، جو هن جي ڄڀ پاڙان ڪپي پئي آهي) سچ ته اسان سڀني جي اندر ۾ تڙپي پيو ۽ ڄڀ ته اسان سڀني جي ڪپي پئي آهي.
(ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڪڏهن ڌرتيءَ تي نئين تهذيب ۽ نئين سچ ۽ نئين سک جا نوان گل ٽڙندا، ته اسين نه هونداسين. اسين نه هونداسين پر ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻَ ته اسان جي ئي رت مان ڳوهيل هنن چيڪي مٽيءَ جي پيچرن تان جڏهن انهن گلن جي مهڪار ڦهلجي ويندي ته ان مهڪار ۾ به اسين هونداسين!) دونهين ڌنڌ نه لاٽ.
”حياتيءَ جو هي گهنائونو جڳ، جنهن منجهه جيئندي (او ــ درد جي شهر جا واسيو! ــ ٻڌو ــ ٻڌو!) اسانجيون آتمائون کوئجي ويون آهن اسان کان ــ من اندر جا ڀاوَ ۽ اڻپورا سپنا حياتيءَ جي ڪنهن هڪ مختصر پل ۾ هزار ڀيرا ماريا ۽ جياريا ويندا آهن. لوڪ هٿان/پنهنجي هٿان (او خُدا! اسان جا سپنا موٽائي ڏي اسان کي ــ هاءِ ڪجهه ته اسين سجائي رکون من مندر جي چائنٺ تي!) ۽ مدد علي سنڌي انهن کوئجي ويل سپنن کي ڳولي ٿو (يا ڪهاڻيون لکي ٿو!!) هن سپنن جي ساڀيا ماڻڻ لاءِ ڏاڍا ڊگها ڊگها پنڌَ ڪيا آهن. هو وقت جي دز مان ڪنهن ڪنواري صبح سمان اُڀري نڪتل اڄ جو ڪهاڻيڪار/ڪوي آهي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن روبرو ملڻ سمي هو مون کي سنڌ جي اتهاس مان ليئاڪا پائيندر ڪو جڳ پُراڻو سنڌي ڀائيندو آهي. جنهن جا هَڏَ موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾ پگهري چُڪا، جَڳَ اَڳُ هُو ڪو سنڌي سِپاهي هُجي شايد، سَچَ جي ڪنهن ڇتيءَ ويڙهه ۾ مارجي ويو هُجي، بِنا ڪنهن انعام حاصل ڪرڻَ جي ۽ هِنَ جنمَ ۾ هُو جيڪو هِڪُ ناڪام سياستڪارُ ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي سو نه ڄاڻُ ايندڙ جنم ۾ ڪهڙو روپُ ڌاري.
”تنهنجو ۽ منهنجو ڪنهن اڳئين جنمَ ۾ ساٿُ هُيو، مونکي لڳندو آهي ته منهنجي تنهنجي ڪٽنبَ سان ڪوئي پُراڻو سُٻنڌُ آهي. سنڌ جي اتهاسَ ۾ به تنهنجي ڪٽنبَ جو به حصو رهيو آهي. مان ان دؤرَ ۾ به تنهنجي ڪٽنبَ وٽ سپاهي هُيس ۽ تو ان مهلَ به مون سان پيارُ ڪيو هيو، ڪوٽَ ۽ ڪڙا ان مهلَ به جبلن جهڙا اوچا هُئا“.
”ڪنڊيءَ جي وَِڻَ جي پاسي ۾، جيڪا ميرن جي صاحبيءَ واري دؤرَ جي جاءِ آهي، اُنَ کي ڏسي منهنجي مَنَ کي الاءِ ڪهـڙي سِڪَ ايندي آهي!، چون ٿا ته هِتي ميرن جي صاحبيءَ ۾ ميرن جو قيد خانو هو، ڪِٿي ائين ته ناهي ته اُنَ دؤرَ ۾ به مان هِتي قيدُ هُيس“. دل اندر درياءَ.
لوڪُ ته وقتَ جي سَچَ جي پويان پٿرَ کنيو پيو هلندو آهي، پٿرَ کُٽي پوندا آهن پَرَ ڇا سَچَ جي ڪائي پُڄاڻي آهي. آهي ڪو اَنتُ اُنَ مها ساگرَ جو!!
”پٿرن جا ماڻهون........ پٿرن جون دليون....... پَرَ توکي ۽ مونکي پٿر بڻجي ناهي جيئڻو. لوڪُ، جيڪو پٿرَ کنيو پويان پويان هلندو آهي هِڪَ لِڱا بي حد ڏُکَ منجھان ڳالهه ڪئي هُيم انهيءَ لوڪَ جي ....... هُو ڏاڍي سياڻپَ سان سمجھائڻَ لڳو...... ”هي بيمار ذهنن جو معاشرو آهي ادي! اسان معاف ڪرڻو پوندو لوڪَ جو دوش..... اوهان لکندا رهو انهن بيمار ذهنن جي ڀَوَ کان پنهنجا اِرادا ۽ عزمَ ناهن اُجاڙيا“ ۽ ائين هُو پاڻَ به پٿر لوڪَ جي وچ ۾ جيئندو آهي پٿرَ سهندو آهي ۽ موتَ به ڪاڻ لکندو آهي.
(اسين الاءِ ڇو سدائين من جي اُنهن ڀاونائن جي پوڄا ڪندا آهيون. جن مان ملندو صرف دک ئي آهي) .اڀريو ڏينهن ڏکن جو“
مدد علي سنڌيءَ حياتيءَ جي رڻ ۾ ڇڙيل ڇتي ويڙهه ۾، پٿر لوڪ جي پيرن هيٺان لتاڙجندڙ ماڻهوءَ جي سندر ڀاونائن کي، پيرن مان کڻي من ــ درپن جي چائنٺ تي سجائي رکيو آهي. اهي ڀاوَ رُڳو مدد عليءَ جا ناهن. سموريءَ انسانذات جا اهن. حياتيءَ جي ان ڇِتيءَ ويڙهه جو ڪو به انت ناهي ــ ماڻهوءَ جي سندر ڀاونائن کي، پيرن مان کڻي من ــ درپن جي چائنٺ تي سجائي رکيو آهي. اهي ڀاوَ رُڳو مدد عليءَ جا ناهن، سموريءَ انسانذات جا آهن. حياتيءَ جي ان ڇِتيءَ ويڙهه جو ڪو به انت ناهي ــ ماڻهوءَ جا سندر ۽ پوتر ڀاوَ انهيءَ ويڙهه ۾ اُجڙندا پئي رهيا آهن ــ پر ــ او ــ پٿرلوڪو! او موتيءَ من وارا لوڪو! ٻڌو!! وقت جو ڪو نه ڪو سورهيه، درويش، ولي، شاعر، ليکڪ، چترڪار، ڪ وئي پيغمبر، ڪوئي ڪلاڪار، عيسيٰ جو روپُ ڌاري، اهي ڀاوَ لوڪَ جي پيرن مان کڻي من درپن جي چائنٺ تي سجائڻ لاءِ جنم وٺندو پي رهيو آهي.
۽ مدد عليءَ وٽ ماڻهوءَ جي انهن پوتر ڀاونائن جو درجو اُتم آهي. (پر ڪير ڄاڻي ته هن جا پنهنجا ڀاوَ لوڪ جي پيرن هيٺان لتاڙجندا هجن!!)
(او دور تائين ڦهليل آڪاس!
جيون جي هن ڪشٽَ جو ڪڏهن انت ايندو!
مان ڪوئي ٻڌيمان ته ناهيان،
پر پوءِ به الائي ڇو قدم قدم تي
ڪي اڻ ڄاڻ دک
رستو روڪي ٿا بيهي رهن
(پر زندگيءَ جون هي قوتون الائي ڪيسين تائين،
ائين رلائينديون رهنديون؟؟؟) ٽٽل زندگيءَ جي اڻپوري ڪهاڻي.
”ڪنهن جنم ۾ شايد هو ڪو ڀڪشو رهيو هجي، سنک وڄائيندو بن بن ڀٽڪندي ڪنهن ويراني جي ڇاتيءَ تي سندس انت آيو هُجي. حياتيءَ جا پکراج جهڙا پل هن شايد ان ڪري ڇڏيا هجن، ڪنهن اڻ ڄاتي دک مٿان ــ نه ڄاڻان هو ڪنهن جنم جو آپگپت آهي ــ هن جنم ۾ مدد علي سنڌيءَ جو روپُ ڌاري آيو آهي ــ يا هن جي آتما اڄ به گيا (مهاتما ٻڌ جو جنم هنڌ) ۾ ڀٽڪندي هوندي.
”هو اڄ به دنيا تياڳڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي (هن وٽ سپنا ته آهن پر اُنهن جي ساڀيا ڪانهي) ـــ هڪ لڱا چوڻ لڳو ”ٿڪجي پيو آهيان ــ آپگھات ڪرڻ لاءِ ٿو سوچيان اڄڪلهه آءٌ.....
”پڇيومانس، ڇو ٿو آپگھات ڪرڻ چاهين!؟“ ۽ ـــ سوچيو هئم اسين حياتيءَ جي ڪنهن هڪ مختصر پل ۾ نه ڄاڻ ڪيترا آپگھات ڪندا آهيون!! پر ڇا هي آپگھات سندس آخري آپگھات هوندو؟!
”ويٺلن مان ڪنهن هڪ چيو هئس ”درياهه ۾ ڇو نٿو پاڻ ٻوڙين ـــ مدد علي!؟“ موٽ ۾ سندس اکين ۾ ڀَوَ جا ڀاوَ اُڀري آيا هُئا ـــ ڇِرڪي چيائين ”نه ــ نه، پاڻيءَ جو موت نٿو مرڻ چاهيان آءٌ ــ ٻيو ڪو آسان طريقو ناهي موت جو!؟“
”دک اهو آهي مدد علي سنڌي!! ـــ مرڻ تهائين اوکو بڻجي پوندو آهي، تڏهن ــ جڏهن جيئڻ جي رسم کان بغاوت نه ڪري سگهندا آهيون اسين ـــ نه ته مرڻ ۾ ڇا آهيـــ کن لاءِ اکيون پوريندين ته موت ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندئي.“
”هو پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي عجيب پراسرار ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي. ڪرانتيڪار ۾ جڏهن قمر النساءَ کي هڪ ڀوائتو چهرو ٿو ڏيکاري ڏي ــ هڪ ٻئي هنڌ ذاتي نوٽ بوڪ ۾ هن لکيو هو ته ”ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪوئي منهنجي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهي رهيو آهي ۽ منهنجو گلو ٿو گھٽي“ ــ آءٌ سوچيندي هيس هڪ جديد سوچن وارو ترقي پسند ليکڪ ڪيئن ٿو اهي سڀ پراسرار ڳالهيون سوچي!! جيمخانا (حيدرآباد) ۾ ويٺا هئاسون ـــ حيدرآباد جي بي حد خوبصورت رات ۾ ـــ لان ۾ بيٺل وڻ جھومي رهيا هئا ـــ وڻن جي پنن منجھان چنڊ اُڀري آيو هو. اسان جي سرد پيرن کي نرم ۽ خوبصورت بُجن واريون ٻليون ڇهنديون اڳتي وڌي ٿي ويون ــ نه ڄاڻ ڪيئن ڳالهيون نڪتيون هيون ماڻهوءَ جي اندر جي ڀوائيتن احساسن جون ـــ ٽيبل جي چوڌاري ڦهليل ڪرسين تي ويٺل اسان سڀ پراسرار ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئاسون ــ تڏهن اسان سڀني لاءِ اهو نئون انڪشاف هُيو ته مدد علي ڪيڏو ڊڄڻو آهي ــ ڀوجا ڪيڏا ڀاو هن جي اکين ۾ هئا ــ رهيو ـــ رهيو ٿي هن چيو ”پليز ــ هاڻ بس ڪيو ــ مون کي رات جو ننڊ نه ايندي“ ــ هو رات جو بتي ٻاري سمهندو آهي.... ۽ ان کي اهڙا ڀوائِتا احساسَ اڪيلائپ جي لمحن ۾ ستائيندا آهن. چوڻ لڳو، ”مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪوئي منهنجي سيني تي چڙهي ويٺو آهي ۽ منهنجو ڳلو گهٽڻ لڳندو آهي.“
”اوهان جو ويساهه آهي انهن ڳالهين تي؟“ حيران ٿي پڇيو هئم.
”ها ـــ الائي ڇو مون کي ائين لڳندو آهي، ڄڻ ظاهر ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اُنَ جي پويان ڪيترا ئي پراسراسر سلسلا ڦهليا پيا آهن ــ ها پر شايد ماڻهوءَ جو پاڻ کان اڻڄاتو ڊپ هجي. اهو سڀ لان جون ڏاڪڻيون لهندي هو ڳالهائيندو هليو . ڀوَ جي انهن ڀاونائن ۾ جڪڙيل مدد عليءَ جو من، پنهنجين ڪهاڻين ۾ به ڪنهن ڊنل ٻالڪ جي پتڪڙي من جيان زور زور سان پيو ڌڙڪندو آهي ــ هي ٻاهران سنڌي ٻوليءَ جو. خوبصورت ڪهاڻين لکڻ وارو ڪهاڻيڪار ــ سياست جي اسٽيج جو هٺيلو ڪردار (مدد علي سنڌي) اندران ئي اندران ايڏو ڊنل ۽ هيسيل، ڇو آهي!؟!! ڀوَ جا اهي ئي ڀاوَ هن کي حيايءَ جي هجوم ۾ پويان پيا ڌڪيندا آهن ــ دک اهو آهي ته هو ڪامياب هوندي به ناڪام رهيو آهي (موهن ڪلپنا پنهنجي ڪنهن خط ۾ ڪنهن کي لکيو هو ته مدد علي سنڌي محبت ۾ ناڪام ماڻهو آهي) ــ من ڀوميءَ تي ڇڙيل ڇتي ويڙهه ۾ هن جون وکون تهائين سست ٿي پونديون آهن ــ ان جو ڪارڻ هن جي اندر جو اُهو ڀڪشو آهي، جيڪو حياتيءَ جي ڊگهي سلسلي ۾ مٿس ڀاري پوندو آيو آهي ــ سندس من اندر جي، مسلسل شڪستن جي ڪهاڻي آهي، ڪرانتيڪار ــ ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ ۾ هو مون کي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ تهائين مٿاهون نظر آيو ۽ پنهنجي پر آشوب دور جو هڪ دکي ڪرانتيڪار ـــ“
”۽ او دوستو!!
”ٻڌو!!
(ڇو نه ٿا ڪنن مان آڱريون ڪڍو!)
”ماڻهوءَ جي ذات اندر سموريءَ انسانذات جا دک ڦهليا پيا آهن ــ اهو ننڍڙو پتڪڙو من آهي جنهن ۾ ست زمينون ۽ ست آسمان (۽ ماڻهوءَ جا ست جنم) ٿا پل ــ پل ڌڙڪن.
۽ هڪ ڪلاڪار جو من، من هوندو آهي يا ڪائنات!!! (پر ــ ڪائنات ته ڪلاڪار جي ڌڙڪندڙ بانوري من کان به تهائين ننڍڙي هوندي آهي). ڪرانتيڪار ۾ مدد علي (راهل) سنڌ ۽ ان کان اڳتي ڦهليل سموريءَ انسانذات جو دک بڻيو آهي، پنهنجي ذات جي حوالي سان ۽ دک جنهن جو ڪوئي انت ناهي.
دک جو مها ساگر ئي ته آهي، سنڌ جو اتهاس!
او، اُداس سنڌ جا دُکي من وارا واسيو!!
ٻڌو!!!، ٻڌو!!!
مون سنڌوءَ جي ڪپ تي سنڌ جي اتهاس جي آتما کي وار ڇوڙي روئندي ڏٺو آهي. پل ــ پل آپگهات ڪندو ڏٺو آهي. ان بانوري من واري بي حد ااداس ڪنيا کي، جنهن جو نانءُ سنڌو آهي.
(هاءِ حياتي ـــ هاءِ حياتي ــ حياتي آ ڪنهن املتاس جو وَڻُ) ڪرانتيڪار.
(هتان کان دور الائي ڪيترو دور،اهي انسان جن انساني هيءُ سهڻيون پياليون ۽ ٿانوَ جوڙيا هوندا، ڇا انهن ڪڏهن سڪون سان وڃي هيئن چڪن ڪارن سوپ پيتو هوندو؟ سڀ ڪجهه انسان مان ختم ٿي ٿو وڃي ــ ڪلاڪار ۽ انهن جا سرجندڙ هٿ، مٽي ٿي وڃن ٿا ــ ۽ مٽيءَ مان ڇا هر شيءِ جُڙي سگهي ٿي!؟) ڪرانتيڪار.
۽ اهو آهي دکي انسانذات جو جنم جنم جو الميو! انسان جي حياتيءَ جي سک لاءِ انيڪ سامان جوڙين ٿا پر اهي سک اُنهن سرجندڙ هٿن جو ڀاڳُ نه بڻبا آهن، مٽيءَ ۾ گم ٿي ويل سرجندڙ هٿن جي سرجيل پيالن ۾ چڪن ڪارن سوپ پيئندي ڪنهن سوچيو اهي ائين!!!؟؟؟ ماڻهو ڏاڍو اڀاڳو آهي ــ هٿ جن سان هو حياتيءَ جا سڀ سک سرجي سگهي ٿو، انهن هٿن تي هن جو ڪوئي اڌيڪار ڪونهي ـــ بس مٽي آهي انهن جو ڀاڳُ ــ (هاءِ حياتي ـــ هاءِ حياتي) دک جا اُهي پهاڙَ جن هيٺ اڀاڳو انسان پيڙهجندو ٿو رهي. حياتيءَ جي هر هڪ لمحي ۾ ـــ پنهنجين اکين جي سپنن تي به اڌيڪار ناهي رهندو ماڻهوءَ جو ــ وقتُ پويان درد جا بي انت سلسلا ڇڏي اڳتي وڌي ويندو آهي ۽ ماڻهو ــ درد جي ان بي انت سلسلي ۾، ڪلهن تي ڀاري صليب کنيو ڦرندو رهيو آهي، بنا ڪنهن احتجاجَ جي.
”وقت وڏو بيوفا آهي)، قمرا وقت تمام وڏو بيوفا آهي. انسان جي پاڇي جيان ڌرتيءَ جا ڦيرا توکي ڪٿان کان ڪٿان وٺي آيا آهن. هي ڌرتيءَ جا ڦيرا به ڏاڍا عجيب ۽ ظالم ٿيندا آهن ـــ انسان صدين کان لڏ پلاڻ جو ڊگهو سفر ڪري رهيا آهن ــ آخر هن ڊگهي سفر جو هي سلسلو ڪڏهن پورو ٿيندو ـــ صدين کان انسان ڳولا ڪئي آهي ته فقط سک ۽ سڪون جي“ ڪرانتيڪار
”دک اهو آهي لوڪوا ــ ماڻهو پنهنجن ئي سپنن کان وڇڙي ويندو آهي ــ پنهنجا ئي ڀريل گهر ــ جنم ڀوميءَ جي مٽي ــ جنم جنم جا ساروڻا ــ پنهنجن وڏن جا نِشان ــ پنهنجو اتهاس سڀ ڪجهه سياست ڪارن ۽ ڀيانڪ وقت جي چرنن تي دان ڪري هليو ويندو آهي ــ ڌرتيءَ جي پوڙهي ڇاتيءَ تان هيڪر پيرُ اُکري پون ته وري ناهي ڄمي سگهندا. بس ڀيانڪ وقت جو ڀوت آهي جو ٽهڪ ڏيندو رهندو آهي.
وقت جي جُوا ۾ کٽي ويل ڪردار آهي قمر النساءِ (ڪملا ــ شڪستن جو نشان ــ ڪلڪتي جي ڪنهن کوليءَ ۾ رهجي وئي پنهنجي انڌي پيءُ سان) ۽ راهُل (مدد علي سنڌي) سنڌ جي وقت جي دز ۾ کوئجي ويل ڪرانتيڪار آهي ــ ڪرانتيڪار جو اهو ڪردار ــ ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو پاڻ آهي. هو جو (حقيقت ۾ به) سنڌ جو ٿڪل اُداس ڪرانتيڪار آهي. مدد، جنهن کي گهر ۾ سڀ راهُل (يا راهيل) چوندا آهن. اداس لمحن جو ڪهاڻيڪار آهي ۽هن پل ــ ان ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي اندر ۾ رهجي ويل ڪهاڻي چٽي اٿس. هڪ نئين نڪور صبح جا سپنا نيڻن ۾ سجائي ڪرانتيءَ جو جھنڊو کڻي راهل (مدد علي) ڪاهي پيو هو سنڌ جي ڇاتيءَ تي ــ موٽ ۾ ڪڻس اهو سڀ ڪجهه ڀوڳڻو پيو، جيڪو وقت جو هر ڪرانتيڪار ڀوڳيندو آهي ــ جنهن جي ڇاتيءَ تي نيئر وڇايل هجن اُهي ڪرانتيڪار ڪپيل پيرن سان اڳتي وڌندا آهن (پيرن نيئرن ۾ ڦاسي ڪٿي رهجي ويندا آهن). نه ڄاڻان جو مدد علي (راهُل) ايڏو جلدي ٿڪجي ڇو ويهي رهيو آهي!! مون کي ائين ٿو ڀاسي ڄڻ هو اندر جي ڪرانتيڪار کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ ٿو ڪهاڻيون لکي. پر ڇا اهو اندر جو ڪرانتيڪار ته ناهي جو اونداهين راتين ۾ سندس سيني تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ سندس ڳلو گهٽڻ لڳندو آهي. هڪ لڱا سندس ڊرائنگ روم ۾ ڳالهه نڪتي هئي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي دُکن جي ـــ بس آئون ڳالهائيندي رهي هيس ــ سجايل سنواريل خوبصورت ڊرائنگ روم اڍائين ٽنن جي ائيرڪنڊيشنر ۾ برف ٿي ويو هو. نه ڄاڻان ڪيئن منهنجو من اُڏاري اچي ٿر جي دکيءَ ڌرتيءَ تي ڦان ٿي ڪريو هو اُنَ پل ــ منهنجي سامهون سنڌ جو ٿڪل اُداس ۽ هارايل ڪرانتيڪار (مدد علي سنڌي) ويٺو هو ــ منهنجي ڳالهين جي ڪا موٽ ڏيڻ بدران هو چپ چاپ سگار پيئندو رهيو ــ هلڻ سمي بس ايترو چيو هيائين ”مان ٿڪجي پيو آهيان ــ پر اڄ اوهان جون ڳالهيون ٻڌي اندر جو ڪرانتيڪار جاڳي پيو آهي ــ“
آئون سندس ٿڪجڻ جا ڪارڻ نٿي ڄاڻان پر مون کي سندس اندر جي هارايل ڪرانتيڪار جو بيحد ڏک آهي. آئون چاهيندي آهيان ته ڪنهن موڙَ تي هو جاڳي پوي.
(مون ڪيترائي ڀيرا هاڻ محسوس ڪيو آهي ته هتي جي حالتن ۾ هڪ فنڪار جو سياست ۾ هلڻ تمام ڏکيو آهي ــ هڪ فنڪار بيحد حساس طبيعت جو ٿئي ٿو ۽ جڏهن ته سياستدان سخت دل رکندڙ انسان آهن پر پوءِ به سب ڪانٽيڪٽ جو فنڪار سدائين پنهنجي ڌرتيءَ جي سک ۽ سلامتيءَ لاءِ ان بي حس سياستدانن جي درن تي ڌڪا کائيندو آيو آهي ۽ الائي ڪيسين تائين ڌڪا کائيندو رهندو! جيتوڻيڪ هڪ فنڪار نان ڪميٽيڊ هوندي به ڪميٽيڊ آهي پنهنجي ڌرتيءَ سان ــ ماڻهن سان ــ ۽ ماڻهن جي حالتن سان؟) دل اندر درياو.
۽ ــ دک اهو آهي ــ او ديس واسيو! ــ هن ديس جو ننڍو ۽ سچو سياست ڪار شڪستن واري راهه گذر تان لنگهندو آهي ۽ جنهن راهه گذر تي جيت جي مشعل تي ٻري ان کي سرمايه دار ڪوڙن، هٿ ٺوڪين وڏن سياست ڪارن جون نئين ماڊل جون ڪارون والاري ڇڏينديون آهن ـــ اها اداسي ۽ نراسائي هن کي ورثي ۾ ملي آهي ان جي شڪست جي راهه گذر تان ــ ان راهه گذر جي پڄاڻيءَ تي هن کي اندر جو حساس ڪهاڻيڪار گڏجي ويو آهي ـــ بلڪل ائين جيئن ڪنهن وڇوڙي جي رات مان وصل جو نڪور صبح اُڀري ايندو آهي ــ هن نئين سر نوان سپنا جوڙيا آهن (پر پراڻا سپنا هن جو پيڇو نه ڪندا هوندا!!؟؟) پر اندر جي اُها تلخي اُجھامي چُڪي هوندي، جيڪا هن کي سياست جي اسٽيج تان پلئه پئي آهي!؟. پر ائين ناهي ــ جنهن راهه گذر تي هن حياتيءَ جي انيڪ سالن جي مڪمل آزادي، سپنا، آدرش، سڪون، گهر ۽ تعليم سڀ دان ڪري ڇڏيو ۽ موٽ ۾ جتان هن کي شڪستن، مايوسين ۽ اُداسين کان سواءِ ڪجهه به ناهي پلئه پيو ــ اُها تلخي وک ــ وک تي هن جو پيڇو ڪندي آهي ــ مون کي مدد علي سنڌي سنڌ جو اتهاس جو بيحد دکي ڪندڙ اُداس ڪردار ڀاسندو آهي پر هو هيڪلو ناهي ڪيترا مدد علي ڪيترا راهُل آهن جي پويان رهجي ويا آهن.
(جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي، تيئن مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مان غور ۽ فڪر جي هڪ مُنافقي سمونڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان، مون کي هاڻ پنهنجي سياسي ساٿين جا منفقي ۽ مڪاري کان سخت نفرت ٿي وئي آهي. پر ڏوهه سياسي ساٿين جو نه پر هن ڪلاس جو آهي، پوءِ اڍائي ڪلاس جي فردن جو اهو ئي حال ٿيندو آهي ـــ اسين سياسي طور تي شڪست کاڌل قوم جا فردَ آهيون ــ ان ڪري اسان ۾ جيڪا مايوسي آهي اُها سڀاويڪ آهي. ڪلهه تائين جن ڌرتيءَ جا گيت چيا هئا، سي اڄ اُنَ ڌرتيءَ جي چيل گيتن جو ملهه وصول ڪري رهيا آهن. ڪرپٽ فقط سياسي ورڪر ڪونهي پر اُهو فنڪار به آهي، جنهن آئندي جون اُميدون ۽ سپنا ڏيکاريا هُئا)
دل اندر درياو
”ڪجهه به آهي پر اهو طئه آهي ته هڪ سچو ليکڪ به پنهنجي وقت ۽ اڳتي ڦهليل وقت جو سچو ڪرانتيڪار آهي. جنگ سچ جي آهي پوءِ اُها سياست جي اسٽيج تي وڙهجي يا ڪلا جي اسٽيج تي ــ هڪ سياست ڪار جا لفظ بس ڪجهه لمحن جو سفر ڪندا آهن، پر هڪ سمي ليکڪ جا لفظ جُڳن جو سفر ڪندا آهن ــ هن جي اندر جو سچ ناهي مئو. هو سچ جي ان ڇتيءَ ويڙهه ۾ اڄ به وڙهندو ٿو اچي. ۽ سندس انهن حالتن پيڙائن جي ڪهاڻي آهي، ”ڪرانتيڪار“. (۽ مون فقط پار ڪيو آئيڊيالاجيءَ کي! آدرش، آدرشي ديوار ــ سماج کي بدلائڻ جا سپنا ڏسندي هو پاڻ ان سماج جو کاڄُ بنجي ويو هو ــ ڪلهه جو ڪرانتيڪار اڄ جو خاموشيءَ سان گذرندڙ پلن جا سپنا ڏسندڙ اهو انسان هو، جيڪو ماضيءَ جا سپنا ڏسندي ڏسندي وڃي ڪنهن ڀيانڪ عميق کاهيءَ ۾ ڪريو هو) ڪرانتيڪار.
”وقت ۽ حالتن هٿان شڪست کاڌل ڪرانتيڪار جڏهن عام ماڻهوءَ جيان حياتيءَ جي هنگامن ۾ ٿو کوئجي وڃي ــ تڏهن حياتيءَ جي هنگامن مان به هن کي عام ماڻهوءَ جي نسبت وڌيڪَ دک ۽ اداسيون پلئه پونديون آهن ــ پر ــ او، اُداس لوڪو! ــ سچ جي پنڌ انسانن جو انبوهه آهي جو هر لمحي ڪاهي پوي ٿو.“
(سڪون ــ ذهني سڪون ــ هاءِ، من سڪون بن بن ڀٽڪايو آ اسان کي) ”ڪرانتيڪار“.
(پر زندهه باد ته پيٽ جا مفاد هُئا ــ زنده باد ته لوئر مڊل ڪلاس جا مُفاد هُئا ۽ هنن آوازن جي گونج ۾ گم ٿي، هو ڪرانتيڪار مان پيٽ جي پوڄا ڪندڙ ڪامورو بنجي اچي نوڪريءَ ۾ لڳو هو. پر دور ڪٿي سندس ساٿي اڃا سفر ۾ هئا.) ڪرانتيڪار.
”وقت جي حالتن هٿان شڪست کائڻ کانپوءِ هو ٻيهر اُڀري نه سگهيو آهي. سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجھي به هو اڪثر آس ۽ اُميدَ جو ڏيئو وسائڻ لڳندو آهي (جيڪي ڪنهن جڳ ۾ هن پاڻ ٻاريا هئا). هڪ سچو سياست ڪار (يا ــ ڪرانتيڪار) هر آس ۽ اُميدَ جي پڄاڻيءَ تي نوان گس جوڙيندو آهي. نيون آسون اُميدون تخليق ڪندو آهي پر هڪ حساس ڪلاڪار پهرين شڪست تي ئي اندران ئي اندران وڍجي اڌ ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي ڪپيل اڌ سان ڪلا جي اسٽيج تي دک جو رقص پيو ڪندو آهي ــ مدد علي سنڌي ٻن حصن ۾ ورهائجي رهيو آهي ــ هڪ ٿي نه سگهيو آهي ــ دوش هن جو نه پر لوڪ جو آهي ــ هن جو هڪڙو اڌ (ڪرانتيڪار) کانئس کوئجي چڪو آهي ــ هن جو ٻيو اڌ (ڪهاڻيڪار) پنهنجي پهرين اڌ کان سواءِ ــ ڀڪشو بڻجي بن بن ڀٽڪي ٿو.
(ائين نه ٿيڻ گهرجي، جيئن اسان وٽ ٿيندو آيو آهي ــ اسان سڀني کي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪرڻ کپي جنهن سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڪجهه دک گهٽ ٿي سگهن).
(”قمر! نسلن جا نسل مسلسل ڪيترن دکن جا عذاب ڀوڳي رهيا آهن. تون ۽ مان به ته ڪنهن اڳئين نسل جي پيڙا ڀوڳي رهيا آهيون. مان به ته ڪنهن اڳئين نسل جي پيڙا ڀوڳي رهيو آهيان. مان پنهنجي سوچيندڙ ذهن کان پريشان آهيان ۽ ذهن آهي جو مسلسل مون کي ڪنهن اونهي غفا ۾ ڦٽو ڪندو ٿو وڃي. مون اکين سان انسانن جا دُکَ ڏٺا آهن ــ مون سدائين انسانن جي قافلي کي گهرن ماڳن ــ ۽ ديسن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي ڏٺو آهي!“) ڪرانتيڪار.
”مون بيحد دک منجھان ان ڪهاڻيءَ جون هي سٽون پڙهيون هيون (۽ زندگيءَ جي قافلي جو هو اهو فرد جيڪو سڀ کان پهرئين ماڳ ڳولي وٺندو آهي، اهو ئي فرد حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو ماريو ويندو آهي). ڪرانتيڪار.
وقت ۽ حالتن جي مختصر پر ٿڪائيندڙ ۽ دکدائڪ سفر جي پڄاڻي ناهي. مدد عليءَ جو اڄ ــ پر ان ”اڄ“ جي سيني ۾ هن بس هڪ ئي سپني جا چپ چميا آهن ــ ۽ او ــ دوستو ۽ دشمنو!! ــ آدجڳاد کان بن بن آنند جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ انسان ــ بس سڪون جو هڪ پل ماڻڻ لاءِ ايڏا ڊگها ۽ لٽڪائيندڙ پنڌ ٿو ڪري ــ سپنا ٿو ڏسي ــ محنتون ٿو ڪري ــ جنگيون ٿو جوٽي ۽ ٿيندو ائين آهي ته سڪون جو پل هن جو نصيب بڻجي نه سگهندو آهي ــ پر اهو سڀ هلندڙ اهي ــ انت ناهي ان جو.
(نه ــ نه ــ مان هر دور ۾ ڪوئي اتهاسڪ ڪردار بنجڻ نٿو چاهيان ــ مان سک ۽ سڪون جو ڳولائو آهيان ــ مون کي ڪنهن به خوشي ۽ ڪنهن به دک جي ڳولا نه آهي ــ پر الائي ڪير چئي ويو آهي ته! دک کان سواءِ سندرتا جي ڪلپنا به نٿي ڪري سگهجي! هاءِ حياتي ــ هاءِ حياتي ــ حياتي آ سمرتين جو ڍير....!) ڪرانتيڪار.
”هو ڪنهن چارومتيءَ جو ڳولائو آهي ــ اُها چارومتي ڪير آهي ــ ڪٿي آهي ــ ان جي جيڪڏهن سُڌ هجيس ها ته شايد هو ايڏيون اُداس ڪهاڻيون به نه لکي ها ــ ڪهاڻي ڀڪشوءَ ۾ هو ساڳين اُداس ڀاونائن سان کنڊرن ۾ سمرتين جو ڍير ڦولوريندو ٿو هلي ــ“ اسان جو ڪو جنم اتهاس جي نشانن ۾ رهجي ويندو آهي. هلندي هلندي ڪي مبهم ساروڻا اسان جو رستو روڪي بيهي رهندا آهن ــ ڄڻ ڪڏهن اتان لنگهيا هجون ــ ڄڻ اهو سڀ اڳ به ڪڏهن ٿي گذريو هجي ــ ڄڻ ڪجهه آهي، جيڪو رهجي ويو آهي انهن پيچرن ۾ ــ ذهن ٿڪجي پوندو آهي ــ پر ڪو رنگ ڀرجي نه سگهندو آهي انهن ڀاونائن ۾“.
(اتهاس جي سڀ کان وڏي حقيقت ۽ سچ هيءُ آهي ته هزار سالن کان پوءِ وري هن اُداس شامَ جو جڏهن هي ڳاڙهو سورج سامهون هنن ميدانن ۾ لهي رهيو آهي ته هن قديم شهر جي کنڊرن ۾ تون ۽ مان موجود آهيون ۽ اتهاس جي انهيءَ پل کي پيا ياد ڪريون ــ جڏهن ڪلا ۽ گيان جي هن ڊگهي سلسلي جو ڪوئي نانءَ هو ــ لهندڙ سج لام جيان، اُهو نانءَ ڪانتا به سجاد به ٿي سگهن ٿا) ڀڪشو
(اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنهن اونداهيءَ رات ۾ مارجي وياسين!) ڀڪشو
۽ ــ او!!
ائين ڀاسندو آهي ڄڻ اسين ڪنهن گذريل ويل ڪردار جا پاڇولا آهيون ــ اُهو گذري ويل ڪردار ڇا هيو!!؟ اهو سڀ ڪوئي ڄاڻي نه سگهيو آهي ــ جنهن ڄاتو آهي اُنَ جي پلئه پيا آهن جڳن ــ جنهن جا دک ــ ۽ بس، جنهن نه ڄاتو آهي ــ اهو به ائين بن ــ بن ڀٽڪيو آهي ڄڻ پنهنجي آتما ڳوليندو هجي ــ مدد عليءَ جون ڪهاڻيون پڙهي کن لاءِ سوچيو هئم ــ
”ڇا هو ڄاڻي ٿو اتهاس ۾ ڪهرو ڪردار رهيو آ هن جو“!؟.
(ماضيءَ ۾ زندهه رهندڙ ماڻهو ڪڏهن به مري نه سگهندو آهي ۽ مان به فقط ماضي آهيان ــ منهنجو ڪوئي حال ۽ مست قبل ڪونهي ــ منهنجي من جي کيت ۾ ڪا به سائي سائي پوک ڪونهي ــ منهنجي ڇاتيءَ تي ته دکن جي هڪ ڊگهي اتهاس جو ڪوئي جلوس آهي، جيڪو ڌيري ڌيري گذري رهيو آهي ۽ مان چپ چاپ ان ويندڙ اتهاس جي جلوس جي پويان هلي رهيو آهيان). ڀڪشو
لوڪو!
پاڇولا آهيون اسان سڀ ــ هاءِ ــ اسان جا وجود کوئجي ويا آهن، اسان کان ــ اسانجين آتمائن جي سندرتا جو انت اچي ويو آهي ــ ڪير ڄاڻي ــ جڳ پوءِ ڪوئي ڪيئن ياد ڪري اسان کي ــ اسان جون ڪهاڻيون، اسانجين سمرتين جو ڍير آهن. او ــ جڳ پوءِ اچڻ وارا لوڪو! اسين ڏاڍا اُداس ماڻهو هئاسين. بس پنهنجا وجود ڳوليندي ڳوليندي مري وياسين ــ او ــ اسان کان پوءِ اچڻ وارا لوڪو! ــ اسان جنهن صبح لاءِ وڙهياسون اهو صبح بڻيو اوهان جو ڀاڳُ ــ اسان کان پوءِ اچو ۽ سنڌ جي سيني تان لنگهو ــ اسان جي پيرن جا نشان به نه هوندا پر اسان سان وابسته ڪجهه ته هوندو، جو اسان جي جوڙيل گهرن ــ ڪِتابن ــ ڪوتائن ــ ڪهاڻين جي ڍير مان ليئا پائي اوهان کي کيڪاريندو.
هڪ مدد علي سنڌي هو ــ سنڌ جي اتهاس ۾ ڀٽڪندڙ پاڇولي سان ــ پنهنجي وقت جو ٿڪل ۽ هارايل سياست ڪار ــ اُداس ڪهاڻيون لکڻ وارو ڪهاڻيڪار ــ ۽ اُداس من وارو ڀڪشو هو ــ ڪنهن جنم ۾ گيڙو ويس ڍڪي ننڍيءَ کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رليو هو ۽ بن بن ڀٽڪندي هن اشوڪا کي سک ۽ امن جو اُپديش ڏنو هو ــ سندس نانءُ اُپگيت هو اُنَ جنم ۾ ــ هو سنڌ جو رهواسي هو ــ ڪنهن ٻئي جنم ۾ هو ميرن جي قيد خاني ۾ سالن جا سالَ قيد رهي، هڪ سانوري شامَ جي اُداس لمحن ۾ مري ويو هو ــ ڪنهن هڪ جنم ۾ هو سنڌي سپاهي هو ۽ سچ جي ڪنهن ڇتيءَ ويڙهه ۾ وڙهندي مارجي ويو بنا ڪنهن انعام حاصل ڪرڻ جي ــ ۽ او ــ اسان کان پوءِ اچڻ وارا لوڪو! هي سنڌُ جو اُداس ڪهاڻيڪار شايد اوهان سنگ به سڪون جي ڳولا ۾ نڪتو هجي ــ اوهان جي اندر ۾ ــ اوهان جي آس پاس هجي پر سڪون ڪٿي به ناهي هن گول پرٿويءَ جي سيني تي دک آهي جو تنها رقص ٿو ڪري.
(اسين جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي، ڪنن اونداهي رات ۾ مارجي وياسين!) ڀڪشو
(اي رات تون ڪئين ڀيرا مون موٽ لڪي لڪي آئي آهين ۽ تو منهنجي روئيندڙ چهري کي لڪائي ڇڏيو آهي! اڄ جي شامَ منهنجي پيالي ۾ امرت پيو چمڪي! ۽ منهنجو پريتم منهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکي ستو پيو آهي اي رات!
اڄ جي رات!
جيستائين تنهنجي دل چوي،
مون وٽ رهي پئو! (ڪهاڻي ڀڪشوءَ جي پڄاڻي.)
”لڙيو سج لڪن ۾، راسيون رتائين،
مون کي ماريائين اديون اونداهي ڪري.“
(ڀٽائي)