شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

هستيءَ جي اُجاڙ ايوانن جو ڪهاڻيڪار.....

[b] لياقت رضوي [/b]

مدد عليءَ جي فن، ڪهاڻين يا ٻين تخليقن جي ادبي، تنقيد ۽ اوک ڊوک ڪرڻ مشڪل عمل آهي.
منهنجي خيال ۾ سنڌي ادبي تاريخ مدد جي شخصيت غير تڪراري آهي. حقيقت آهي ته هو سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. سندس سموريون لکڻيون عام طرح ۽ سندس ڪهاڻيون خاص طرح هڪ ادبي انفراديت رکن ٿيون. جن ۾ مدد علي جو هڪ ليکڪ يا تخليقار طور پنهنجو نرالو ۽ يگانو آواز آهي. پيار ۽ پيڙا، اداسي ۽ ابديت، مقصد ۽ بي معنويت، محبت ۽ مايوسي يا درد ۽ دلربا، سندس ڪهاڻين جا ڪئنواس آهن. جن ۾ لفظن جي جديد ترتيب، ابهام ۽ رمزيت سان ڀريل فني سِٽاءُ، اهڙا نوان تجربا آهن، جيڪي مدد عليءَ کان اڳ سنڌي ادب ۾ اڻلڀ آهن. مدد علي سنڌي ڪهاڻي کي، پيڙا، درد، ويڳاڻپ، اڪيلائي ۽ بي معنويت ۾ ڀوڳيندڙ فرد جي زبان ڏني. ۽ ائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي روايت جي ڌٻڻ مان ڪڍي، نئين جمالياتي جذبي ۽ اندروني احساسن جي ٺهندڙ- ڊهندڙ ساختيات کي ڪهاڻيءَ جو موضوع بنايو.
انهيءَ ڳالهه چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر جي تاريخ ۾ مدد علي سنڌيءَ جو نالو هميشه اعتماد سان ورتو ويندو. انهيءَ ڳالهه سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي ته هاڻي مدد علي ڪهاڻيون لکي ٿو يا نه؟
پر سندس اڳ لکيل سموريون ڪهاڻيون، سنڌي ڪهاڻي جي روايت ۾ نه رڳو نئون بااعتماد آواز ٿي اڀريون، بلڪه ان آواز اڄ به گهڻو بااعتماد، گهڻو نٺر، گهڻو نااميد ۽ بلڪل انفرادي آواز آهي. مدد عليءَ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ماحول ٻولي، ٿيم، سِٽاءُ ۽ رويي کي نواڻ ڏيڻ سان گڏ، ان جي ڪهاڻي پڻي ۾ پڻ جدت آندي. 1980ع ۾ جڏهن مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب، ’دل اندر درياوَ‘ ڇپيو هو، تڏهن مدد جون ڪهاڻيون، اسان دوستن جي بحثن جو، هفتن تائين موضوع رهيون.
سندس ان مجموعي ۽ ان کانپوءِ ڇپجندڙ ڪهاڻين، مون کي ڪهاڻي لکڻ ۾، انمول اتساهه ڏنو. مان ڪنهن به ليکڪ کي ڪنهن به نظرياتي فريم ۾ ڏسڻ جي حق ۾ ڪونهيان پوءِ به هستيواد جي نظرئي جي اثرن کان، ادب کي بچائڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ جي به حق ۾ ناهيان. ڇاڪاڻ جو منهنجي نظر ۾، سمورو انساني ادب ۽ ادبي ورثو، رڳو اظهار جو بيان آهي. جنهن ۾ جيڪڏهن تاريخ جو مددي مواد، زندگيءَ جي تخليقي ترجماني، ٻولي جي سونهن ۽ نزاڪت جي اوسر ۽ خيال يا تصور جو جادو ئي طسلم شامل آهن ته اهو سڀ ثقافتي سطح تائين اڻٽر آهي. ۽ اسان جي تهذيبي ورثي جي تقدير آهي. تنهن ڪري مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين تي به اهڙا فلاسافيڪل اثر، سڌيءَ طرح يا اڻسڌي طرح محسوس ٿين ٿا. ليڪن سندس ڪهاڻين کي ڪنهن نظريي يا مايوسيءَ جي سانچي سان سوچڻ سراسر ادبي زيادتي چئبي. ڇاڪاڻ ته مدد علي سنڌيءَ کي نه ڪافڪا سان ڀيٽي سگهجي ٿو. نه جئمس جوائس سان. توڻي جو مدد علي ۽ ٻنهي مٿين اديبن ۾ هڪجهڙايون ٿي سگهن ٿيون. جيئن ڪافڪا جي ويڳاڻپ يا جوائس جهڙي هڪڙي ساعت کي ننڍڙيءَ ابديت ۾ تبديل ڪري سگهڻ جي طاقت. پوءِ به مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين تي. مدد علي سنڌيءَ جي شخصت حاوي آهي. مون کي مدد علي جون ڪهاڻيون نه ته ڪافڪا جي نثر جهڙيون ٿيون لڳن نه وري جوائس جي اثر هيٺ نظر اچن ٿيون. انهن جي پنهنجي انفراديت آهي. جن جي ٻولي شاعراڻي، سِٽاءُ رومانوي ۽ تاثر اهڙي بيباڪ ويڳاڻپ سان ڀريل آهي. جو پڙهندڙ، مدد علي سنڌيءَ جي هر ڪهاڻي پڙهندي پاڻ کي هڪ ابدي اداسي جي تجربي مان گذرندي محسوس ڪري ٿو. سندس ڪهاڻيون پڙهندڙ کي، عشق ۽ آجپي جو اهڙو انوکو ڄار محسوس ٿينديون جنهن کي انتهائي مهارت سان اُڻيو ويو آهي. انهن ۾ درد ۽ اداسيءَ جو ايڏو عروج آهي جو يقين ٿيڻ لڳي ٿو ته انهن ڪهاڻين کي لکيو وڃڻ دوران ليکڪ ڪيترو گهڻو ڀوڳيو هوندو. ۽ اها ڀوڳنا ٽيٽيهه سال اڳ اسان لاءِ، يعني مون ۽ منير شاهه جي لاءِ ڄڻ تخليق جو آبشار هوندي هئي. مان ۽ منير تڏهن مدد علي سنڌيءَ، نور الهدى شاهه، امرجليل ۽ خيرالنساءِ جعفري جو نه رڳو گڏيل مطالعو ڪندا هئاسين. بلڪه انهن مان پنهنجي پنهنجي پسند جا جملا لکي هڪ ٻئي سان ڀيٽائيندا هئاسين. هيءَ به اٽڪل 1979ع جي شروعاتي مهينن جي ڳالهه آهي ته منير وٽ مون اهو مهراڻ پڙهيو هو، جنهن ۾ مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي، ’کنڊر‘ ڇپي هئي. مون منير کي چيو هو، ’جهڙيءَ طرح نٽشيءَ فن (آرٽ) کي فلسفي ۾ مرڪزي حيثيت ڏني هئي ۽ هيڊگر اها حيثيت شاعريءَ کي ڏني هئي. مان اها حيثيت نثر کي به ڏيان ٿو. جنهن جي شاهديءَ ۾ مان ’کنڊر‘ ڪهاڻي پيش ڪيان ٿو.‘ تڏهن منير نه رڳو مون سان متفق ٿيو هو بلڪه چيو هئائين، ’ڪهاڻيءَ (کنڊر) ۾ مدد نه رڳو لفظن کي ڪيترن ئي معنائن ۾ ڪتب آندو آهي، بلڪه؟ ، ! ۽ + جي نشانين کي پڻ هڪ بامعنى اهڃاڻ طور ڪتب آندو آهي. جيڪا ڳالهه کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان منفرد ڪري ٿي.‘ پوءِ اسان ٻنهي ’کنڊر‘ ڪهاڻي وري پڙهي هئي ۽ عادت موجب، ان مان الڳ الڳ پنهنجي پسند جا پنج جملا چونڊيا هئا ۽ پوءِ اهي جڏهن ڀيٽايا هئاسين ته اتفاق سان ٻنهي ساڳيا جملا چونڊيا هئا. يا پسند ڪيا هئا. ’کنڊر‘ ڪهاڻيءَ جا اهي پنج جملا هن ريت هئا:

1. نه هئڻ جو احساس به ته ڪجهه هئڻ جو احساس آهي.
2. هر شام پاڇي جيان اسان سان گڏ آهي
3. موت به ائين اچي ٿو جيئن تون اچي وئي آهين.
4. چريائپ جي حقيقت جي به ته ڪنهن کي خبر ناهي.
5. مان منتظر هئس پر انتظار ڪنهن جو ڪونهي.

پوءِ انهن پنجن جملن کي کڻي، اسين ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سنڌي، اردو ۽ هندي ادب کي لتاڙي، اچي فلاسافيءَ ۾ پهتا هئاسين. اسپنوزا، هيڊگر، شوپنهائر، سارتر ۽ رجنيش (منير جي تن ڏينهن ۾ تازي دريافت. پوءِ جيڪو گرو ۽ ڀڳوان رجنيش ٿيڻ کان پوءِ اوشو طور مشهور ٿيو) کي اسان اهي پنج جملا ٻڌايا هئا ۽ پوءِ انهن کي ويهي ٻڌو هوسين.
اها ته هئي هڪ پراڻي ياد- هاڻي جي حقيقت هيءَ آهي ته (شايد) مدد علي سنڌيءَ ڪهاڻي لکڻ ڇڏي ڏني آهي. ليڪن پوءِ به منهنجي نظر ۾ هو نه رڳو ڀلو ڪهاڻيڪار، ناول نگار يا برجستو صحافي آهي، بلڪه هو هڪ بهترين سياحت نگار به آهي يا ائين کڻي چئو ته سفرنامي لکڻ ۾ به کيس هڪ ادبي انفراديت حاصل آهي. ’شهرُ صحرا ڀانيان‘ سندس سفرنامي جو عنوان آهي. پڙهندڙ ڏسي سگهي ٿو ته ان عنوان ۾ ڪيڏي اداسي ۽ اُٻاڻڪائي ڀريل آهي. شهر کي صحرا سمجهڻ، منٽ کي مهينا سمجهڻ يا ساعت کي صدي سمجهڻ، نٽشي جو پسنديده مشغلو هو. ليڪن مدد علي سنڌيءَ هڪ سفرنامي جو اهڙو اداس عنوان رکي، ڄڻ ته پنهنجي ادبي تخليقيت جو تسلسل برقرار رکيو آهي. انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مدد علي سنڌي جي نالي کانسواءِ سنڌي ادبي اوسر جي تاريخ اڌوري رهندي.