دل اندر اڪيلائي جو درياو
گوتم نيلمبر فلسفي جو وديارٿي آهي ۽ هن کي اڪيلائي کان ڊپ لڳندو آهي. ”گوتم خوف جي جذبي جو اڪثر ڇيد ڪرڻ چاهيو. زندگي جو خوف، موت جو خوف ، زندهه رهڻ جو خوف. هن کي ڊپ لڳندو هو ڇو ته هو اڪيلو هو. ان ڪري جيڪو اڪيلو هوندو آهي، ان کي ڊپ لڳندو آهي. پوءِ هن سوچيو ”مون کانسواءِ ٻيو ڪير موجود ڪونهي ته پوءِ مون کي ڊپ ڇا جو آهي؟ ڇو ته تنهائي ۾ اُداسي هوندي آهي ۽ اُداسي کان ڊپ لڳندو اهي. مون کي پنهنجي اُداسي کان ڊڄڻ نه گهرجي.“ گوتم نيلمبر پنهنجو پاڻ کي چيو.“
قرة العين حيدر: آگ ڪا دريا
انسان جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو، پنهنجي وجود سان اڪيلائي جو احساس به ساڻ کڻي آيو. اڪيلائي ڪڏهن به، ڪنهن به دور ۾ هن کان ڌار نه ٿي آهي. وحشي جيوت کان وٺي ويندي مذهبي دور ۾ اڪيلائي جو ڊپ انسان جي وجود ۾ واسيل آهي. موجوده سائنسي يا جديد رو ۾ جِتي انسان مادي طور بي انتها ترقي ڪئي آهي، اوترو ئي بي انتها اڪيلائي جي احساس ۾ وڪوڙجي ويو آهي.
مدد علي سنڌي کي ويجھڙائپ کان ڏسسي ۽ سندس ڪهاڻين کي پڙهي لڳندو آهي ته هن جو روح اتهاس جي ڪنهن پراچين دور سان لاڳاپيل آهي. هو الائجي ڪيترن جُڳن جون اڪيلائيون ڀوڳندو هيستائين پهتو آهي. هن جي من اندر اڪيلائي جو درياوَ سوجزن آهي ۽ ان جي لهرن مان سندس ڪهاڻين جا ڪردار اڀرندا، ٻڏندا ۽ ترندا رهن ٿا.
مهاتما ٻڌ چيو هو ته ”سروم دکم دکم“ (سڀ دک ئي دک آهي). پوءِ وري چيو هئائين ”سروم ڀيم ڀيم“ (سڀ ۾ ڊپ ئي ڊپ سمايل آهي).
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻي ”سروم دکم دکم“ جو ڪردار راحيل ان ڪري دکي آهي ته هو اڪيلائي جي ڊپ ۾ ورتل آهي. راحيل جيڪو سماج کي بدلائڻ جا خواب کڻي يونيورسٽي ۾ آيو هو. سماج کي بدلائڻ جي اڙانگي سفر ۾ اڳتي هلي هن کي محسوس ٿيو: ”انسان زندگيءَ ۾ بيحد اڪيلو آهي، تنها آهي. تنهائي اڄ جي انسان جو مقدر بنجي چڪي آهي، پر سڀ کان وڏي ڳالهه ته اها تنهائي به انسان کي ميسر نه آهي. پر پوءِ به انهيءَ تنهائي ۾ انسان جو بهترين ساٿي ان جو پنهنجو ماضي آهي، ماضي جنهن ۾ ڪيترين ئي يادگيرين جا ڄار پکڙيل پيا هوندا آهن جنهن کان انسان پنهنجي ڪڏهن به جند ڇڏائي نٿو سگهي.“
مدد علي سنڌي جي ڪهاڻين ۾ انسان جي ان ابدي ۽ ازلي اڪيلائي جو بيان (narrative) آهي. هن جي اڪثر ڪهاڻين جو مُک ڪردار اڪيلائي جو احساس کڻي جيئي ٿو. هو اڪيلائي کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڪنهن جي ساٿَ ۾ پناهه وٺڻ چاهي ٿو. ماڻهو سڄي دنيا کان ڀڄي سگهي ٿو، پر پنهنجو پاڻ کان ڀڄي نٿو سگهي. اڪيلائي ته هن جي روح ۾ واسو ڪري ويٺل آهي. هن جي وجود جو حصو آهي ۽ ماڻهو پنهنجي وجود کان فراريت حاصل ڪري نٿو سگهي.
مدد جي ڪهاڻين ”ڀڪشو“ جو ڪردار اتهاس جو پروفيسر آهي جيڪو ليڪچر ڏيندي محسوس ڪري ٿو ته ڄڻ پاڻ هڪ اتهاس آهي. هڪ رات کنڊرن ۾ سرن جي ڍير تي ويٺي هن کي خيال اچي ٿو: ”۽ هو به ڪنهن اونڌاهي راتڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ انهن شخصن مان هو جن جا اندر اڌ هوندا آهن جيڪي سدائين اداسي جي اوڙاهه ۾ ٻڏندا ۽ ترندا رهندا آهن.“
تڏهن اوچتو هو پريان ڪنهن سنک جو آواز ٻڌي ٿو ۽ سوچي ٿو: ”صدين کان هِتي جو انسان شايد پنهنجي من جي اڪيلائي کي مارڻ لاءِ هيءُ سنک جوڙيو هوندو ۽ پوءِ صدين کان هي سنک ڪير نه ڪير وڄائيندو اچي. ڪوئي نه ڪوئي وڄائيندو رهندو، جيون جي رڻ پٽ ۾، من جي سنسان ۽ هيبتناڪ خاموشيءَ کي لڪائڻ لاءِ......“ سنک جي آواز جيان پروفيسر جي من جي اڪيلائي ۾ اوچتو ڪانتا داخل ٿئي ٿي. پر وقت وڏو بي رحم آهي ۽ هر ساٿ عارضي ۽ وقتي آهي. ”اسين زندگي ۾ ساٿُ فقط پنهنجي پاڇولي جوئي حاصل ڪري سگهندا آهيون.....“
ڪانتا جو ساٿُ به هڪ ڏينهن اونڌاهي راهه ۾ گم ٿي ويو انهن کنڊرن ۾ سندن ڀرسان ڌيري ڌيري گهلندڙ هوا ۾ هو ڪانتا جو سڏ ٻڌي ٿو: ”هن ڇرڪي هوا ۾ اڏامي ويندڙ آواز کي ڄڻ سوگهو جھلڻ چاهيو پر آواز، پاڻي جيان سندس هٿن جي وچ مان وهي ويو......“
”اجنبي بنجي جيئڻ کان پوءِ“ ڪهاڻي جو ”مان“ ڪردار لڳاتار سوچيندو رهي ٿو. هن جون سوچون ئي سندس اڪيلائي جون ساٿي آهن. پر هن جي زندگي ۾ اڪيلائيون سدائين ڪونه هونديون هيون. زندگي ۾ ڪيئن دلچسپيون آيون ۽ هليون ويون. ائين رابيل به هن جي اڪيلي زندگيءَ ۾ آئي ۽ هلي وئي. ”مان“ ڪردار جو وجودي ۽ ان جي سڃاڻپ گم ٿي وڃن ٿا ۽ هن کي انهن جي بي معنيٰ ڳولا آهي.
سنڌ ۾ جڏهن جديديت (Modernism) جو اولڙو ڪهاڻيءَ ۾ آيو ته مدد علي سنڌي به اڳتي هلي ان سٿ ۾ شامل ٿي ويو ”احساس ۽ جذبن جو موت“ ان دور ۾ لکيل سندس جديد ڪهاڻي آهي. انسان جي اڻپورين خواهشن ۽ اميدن، ڪڏهن ساڀيان نه ٿيندڙ سپنن ۽ بي معنيٰ جيئندڙ زندگيءَ جي ڪهاڻي.
”انسان......؟ (!) + ؟ + ؟ + ؟ + ؟!
زندگي
خواهشون
وقت
انسان (معنيٰ ڪنهن به چيز کي ڪانهي).“
”مان“ ڪردار کي نفرت آهي پيءُ جي نالي رکندڙ انسان کان نفرت ڇو هئي، ڪڏهن کان هئي، اهو کيس ياد ڪونهي. هن کي لڳي ٿو ته رشتا ۽ ناتا پنهنجي معنيٰ ۽ اهميت وڃائي رهيا آهن فقط اڪيلائي آهي جيڪا هن جي وجود سان واڳيل آهي. ”رات ڊگهي ۽ اونڌاهي آهي، جنهن جي سانت ۾ ڪيترائي آواز گم آهن. ۽ ”مان“ اڪيلو اڪيلو هان اونڌاهي رات کي ڀوڳڻ لاءِ موجود آهيان. موجود رهيو آهيان ۽ موجود رهندس. هن رنگ ڀوميءَ جي ڪا ڪنڊ اهڙي ناهي جِتي ”مان“ ڪجهه دير لاءِ پناهه وٺي سگهان.“ هن لاءِ پناهه فقط اڪيلائي ۾ آهي.
”پيلا گل سرنهن جا“ ڪهاڻيءَ تي پيلاڻ جو رنگ ڇانيل آهي. جِتي پيلي رنگ ۾ بسنت رت جي خوبصورتي ۽ موج مستي ڪانهي، پر پيلو رنگ اڪيلائي، مايوسي ۽ دک جي علامت آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ان ڪردار جي جيون ۾ فقط مايوسي آهي، دک آهي، پٿر آهن ۽ اڪيلائي آهي. جيون جي هن اٿاهه سمنڊ، هيڏي ڀيڙ ۾ پنهنجي چوڌاري ڪيترا ماڻهو هوندي به هو پنهنجو پاڻ کي اڪيلائي جي ڪُنَ ۾ ٻڏندو ۽ ترندو محسوس ڪري ٿو.
اسين سڀ اڪيلا آهيون.گهر جي سمورن فرد، ماءُ پيءُ، ڀائرن ڀينرن، زال ۽ٻارن سڀني جو پنهنجو الڳ وجود آهي. هرڪو پنهنجي الڳ وجود، پنهنجي ذهن ۽ پنهنجي سوچن سان جيئي ٿو. شايد اڪثر ماڻهن کي اهو احساس نه به هجي، پر اسين سڀ اڪيلائي کان لاشعوري طور ڊڄون ٿا. ڇو ته اڪيلائي خوفناڪ آهي، اڪيلائي موتمار آهي. ان ڪي اسين ڪنهن نه ڪنهن جي ساٿ ۾ پناهه وٺون ٿا. پر هر ساٿ عارضي آهي. ماڻهو ملندا آهن جدا ٿيڻ لاءِ. ”کنڊر“ اهڙين ئي ڪيفيتن جي ڪهاڻي آهي. ”ڪنهن جي وڃڻ سان ڪوئي فرق به ته نٿو پوي. پر خال به نٿو ڀرجي سگهي.“ اهو خال پوءِ وڌندو وڌندو سڄي زندگيءَ کي کنڊر بنايو ڇڏي. اهي ماڻهو کنڊر بڻجي ويل من ساڻ جيئندا رهن ٿا.
”دل اندر درياوَ“ ڪهاڻي ۾ يادگيرين وڇوڙي ۽ اڪيلائي جو وهڪرو آهي. ”۽ خدا يا هي ڏينهن مون کي اڏوهي جيئن کائي رهيا آهن.“
ڪهاڻي ”هستيءَ جا اجاڙ ايوان ۾“ جو ڪردار يونيورسٽي جو شاگرد آهي، پر سياسي ۽ مالي حالتن سبب هن جي پڙهائي بند ٿي چڪي آهي. هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ هو يونيورسٽيءَ ۾ وڃي ٿو. يونيورسٽي ۾ هاڻي هن لاءِ ڪجهه رهيو ئي ڪونهي سواءِ ڌاريائپ ۽ اڪيلائي جي هن کي لڳي ٿو ته: ”هو زندگي جو تنها مُسافر هو (پر منزل ڪٿي هئي!) اهڙو مُسافر جنهن کان ڪا ريل ڇٽي وئي هجي ۽ پوءِ هو اڪيلو اڪيلو اجاڙ ۽ سنسان اسٽيشن تي بيٺو هجي پر ريل اچڻي نه هئي.....“
”هينئرو ڪچي تند جيئن“ نه رڳو مدد علي سنڌي پر سنڌي ادب جي بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ننڍي ٻار جي يادگيرين جو بيانيه آهي، هڪ خوبصورت عورت بابت. ٻار جڏهن پهريون ڀيرو ان عورت کي ڏسي ٿو ته کيس لڳي ٿو هن ماءُ جي واتان جيڪي آکاڻيون ٻڌيون هيون انهن قصن ڪهاڻين جي شهزادي پنهنجي سموري سونهن، ڪوملتا ۽ سينگار سان سندس آڏو هئي. ان عورت جو سروقد، ڊگها ڪارا وار، گهرا ۽ نيرا نيڻ، بيضوي مکڙو، گلاب جي گلن جهڙا ڳاڙها چپ ٻار جي ذهن ۾ هڪ تصوير جيان فريز ٿي ويل آهن. هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خصوصيت اها آهي ته ان ۾ ڪٿي به اڪيلائي جو نه ذڪر آهي ۽ نه وري اهو لفظ ڪٿي لکيل اهي.
پر اڪيلائي Under-Current آهي سڄي ڪهاڻي ۾. آپا مهناز جي خوبصورت شخصيت ۽ جنهن سجايل ڪمري ۾ رهي ٿي ان سڀ تي اڪيلائي جا پاڇا ڇانيل آهن. آپا مهناز پنهنجي چوڌاري اُڻيل ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي، اڪيلائي کي ٽوڙڻ جي لاءِ ننڍڙي، مڌو جو ساٿُ وٺي ٿي. هن جي مرضي بنا ڪرايل، بيجوڙ شادي ۽ اڻ وڻندڙ مڙس سان زندگيءَ ۾ پيدا ٿيل نا آسودگيون ۽ پيڙائون سندس ڪولمتا کي آهستي آهستي ڪومائينديون رهن ٿيون. نيٺ هوءَ ڪينسر سبب گذاري وڃي ٿي. هيءَ ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻيءَ تائين پهچندي پهچندي پڙهندڙن جي من تي اُداسي ۽ اڪيلائي جي هڪ گهري ڇاپَ ڇڏي وڃي ٿي.
مدد علي سنڌي جون ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اڪيلائي جي اڻ کٽ سفر جون ڪهاڻيون آهن. هو انهن اٿاهه اڪيلائين جو اڪيلو ڪهاڻيڪار آهي.