کنهبي رتا رنگ
[/b] شايد ڪٿي اڳ لکيو هيم: ڪلاڪار جي من جو ماڻهو ڪنهن اهڙي سانول سائين جيان هوندو آهي جيڪو پل ۾ رسي ته پل ۾ پرچي. اهو پنهنجي مرضيءَ جو مالِڪُ هوندو آهي. سندس گس ۽ گھيڙ، پنڌ ۽ پيچرا، رند ۽ رستا پنهنجي مرضي موجب ۽ ضرورت پٽاندڙ پيا ڦرندا آهن، بدلبا آهن ۽ مٽبا آهن! اهو ڪنهن هڪ خاص يا ساڳئي رند ۽ راهه ــ گس ۽ گھيڙ (ڪلا ـــ کيتر) جو محتاج نه هوندو آهي، جيئن مست سنڌو وڻي ته ڀنيءَ ويل ننڊ ــ سپنن جو شهر مانجھندن کي منٽن ۾ ٻوڙي وڃي پار پوي يا ماٺ پريت ۾ بنا ڪنهن ڪريت جي، بنا گڙڻ ۽ گجڻ، پوڪجڻ ۽ شوڪجڻ يا لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ جي ڪاريهر جيان ڪر کڻي سنئين اوچي ڳاٽ واٽ وٺيو هلي وڃي....!!!
اهڙيءَ طرح هيلوڪي بسنت رت ۾ مدد جي من جي ماڻهو به رکي رکي، اچانگ ۽ اوچتو ڪو گھيڙ ڦيرايو آهي، ڪو دڳ بدلايو آهي، ڪو رند مٽايو آهي، ڪو پاسو پلٽايو آهي ۽ اندران ئي اندران کاٽ هنيو آهي ۽ ڦاٽ کاڌو آهي ۽ هو ڪهاڻي کيتر مان ڪر موڙي ڪوتا ــ گهر ۾ ٽپي پيو آهي.
ان ويل! جڏهن چوڏس چنڊ ڪوين کان سواءِ ڪوتا جي ڪومايل/اداس ڪاڪ راڻو راڻو پئي ڪري ۽ اهڙي وهاڻي ويلا ۾ مدد جو ڪوتا ــ گهر ۾ ڪڏي پوڻ اچرج جوڳو آهي ــ خاص طور انهن لاءِ جيڪي کيس ڇڙو ڪهاڻي ــ کيتر جي حوالي سان ڄاڻن ۽ سڃاڻن، پر مان ته کيس منڍ کان ئي سڃاڻان! مون کي خبر آهي ته هو شروع شروع ۾ ڪوتا ــ گهر ۾ ئي نپنو آهي. مولانا گرامي 1968ع کان سندس گيت ۽ غزل واري پابند شاعري ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيندو رهيو ”سانگي“ جي تخلص سان، پر مان ته کيس ڇڙو ڪلا ــ کيتر جي حوالي سان نه پر ذاتي طرح سڃاڻانس. سندس سوچن/آشائن/اميدن/منزلن ۽ ماڳن جي به چڱيءَ پر پروڙ اٿم.
مدد جو ڪهاڻيءَ جي ڪڪوريل ڪاڪَ کي ڇڏي، ڪوتا جي پابند ڪاڪَ کي اورانگهي ڪوتا جي ڇڙواڳ کيتر ۾ ڪاهي اچڻ جو سبب مٿي ٻڌايو اٿم ته ڪارڻ جيڪر ڏٺو وڃي ته اهو پاپ مدد جو نه پر سندس من جي ماڻهو جو آهي. سندس اندر جي ڪلاڪار جو ڪجهه ڪڇيو ۽ آڇيو آهي، آکيو ۽ ٻوليو آهي، ان لاءِ ايترو چوڻ ڇا ڪافي ناهي ته:
- لڳي ٿو مدد جي ڪوتا ڪنهن اداس اپسرا جي ڳولا ۾ ڀٽڪڻ جو ٻيو نالو آهي.
- لڳي ٿو مدد ڀٽڪي ڀٽڪي ٻيهر اچانگ ۽ اوچتو، اک ڇنڀ ۾ گم ٿي ويو آهي، ٻڏي ويو آهي، لهي ويو آهي ڪن نيرن گهرن نيڻن جي سمنڊ ۾ پاتال تائين ۽ ڀاسي ٿو هو غواص بنجي ميڙي آيو آهي اتان پنهنجي ڦاٿل جھول ۾ اڳ جيان ڪجهه دک ۽ پيڙا جي اداسي ۾ ويڙهيل ڪوتائون هڪ ڀيرو وري.
”....... ۽ تنهنجا سمنڊ جهڙا گهرا نيڻ (جيڪي منهنجي نس نس ۾ سمائجي ويا آهن)
هاڻ مان هڪ ڀيرو وري اداسيءَ جي انهيءَ سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهيان.“.... (نطم: ڪلپنا)
مدد جِتي سمنڊ جهڙن نيڻن ۾ پيهي ڪي موتي ميڙيا ۽ روليا آهن اُتي نئين سنڌي ڪوتا کي ڪي اڻمٽ اميجز Images پڻ ڏنا آهن ته ديو مالائي ٿاٽ کي پهريون ڀيرو روشناس به ڪرايو آهي.
ڪجهه مثال اميجزجا:
”..... ۽ منهنجي اندر ۾ ٻري پيو
يادگيرين جو اداس چند!“ (مند)
”..... تنهنجي يادن جا اداس ۽ کنبهي ــ رتا رنگ ــ“ (سانجھيون)
”..... پر اجھامي نه سگهيا
تنهنجا ۽ منهنجا
اڃايل نيڻ“ (نيڻ)
”..... مان تنهنجي جيون تي
رات سان گڏ لهي ايندس....!“ (تارو)
”...... اها منهنجي ڪلپنا هئي
ته توکي ڦري وٺان توکان.“ (ڪلپنا)
”..... دوستو ــ دشمنو
رات جي ڪاراڻ ۾
ڪا اميدن جي شمع ٻاريو!“ (دوستو ــ دشمنو)
مدد جو هي نو لفظو نظم نه رڳو مڪمل نظم آهي پر پرٿاٽ پڻ:
ڪاش!
مان به
هجان ها
تنهنجي
ڪائي اڻ ڇپيل
ڪوتا!
منهنجي راءِ آهي ته مڪمل ڪوتا لاءِ ٿاٽ آتما جو درجو ٿو رکي ۽ ردم سرير جو ــ مدد وٽ ٻئي ڳالهيون موجود آهن، ان ڪري سندس ڪوتا مڪمل آهي ۽ مون کي ته اها ڪنهن هالا ري رنگ مان رتل نئين کنبهي جهڙي ڀاسي ٿي.