ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز....
طوفان لڳو،
۽ ڪري پيا
وڻن مان ساوا ۽ سڪل پن.
ٻاهرين طوفانن جي ڌونڌاڙ سان پن ٽار سڀ اچيو پٽ پون. ٿڙ پاڙان پٽجيو وڃن، اهڙا ئي طوفان اندر ۾ به لڳندا آهن.
تيز ڪيڏي نه هوا،
من بن ۾
رڳو ٽڙڪاٽ هئا
سڀ تن ۾.
ٻاهريان/اندريان طوفان. ڏک/سک. لڙڪ/مرڪ. آشا/نراشا ۽ ائين داخلي/خارجي ميلاپ سان ئي ڪلا جو سرجڻ ٿئي ٿو. شمشير جي آفاقي ’لاٽ‘ جي هيءَ پهرين سٽ منهنجي مقصد کي وڌيڪ اجاگر ڪري ٿي.
حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي
۽ داخلي/خارجي رت ريت مٽجندي/مٽجندي رهي ٿي.
بهار (جي مند) ايندي ئي
رابيل جا گل ٽڙي پيا آهن
ائين روايتن سان به ساڳي ڪار ٿيندي رهي ٿي. مٽجڻ/مٽجڻ واري، پر هڪ ريت/روايت، جيڪا ڪنهن به سچي ڪلاڪار لاءِ ڪڏهن به نٿي مٽجي/مٽجي سا آهي، پن ڇڻ ۾ بسنت رت جي ورڻ جو اَمٽ ويساهه-اڻٽيهينءَ جي گهگهه اونداهين ۾ به اوشا جي آشا.
پر اجهامي نه سگهيا،
تنهنجا ۽ منهنجا،
اڃايل نيڻ.
’پنرملن‘ جي رچنائن لاءِ هڪ سڌي سنواٽي سِٽ ته اهائي آهي ته، ’اهي وڇوڙي جا ورلاپ آهن ۽ اڪيلائيءَ جي احساس انهن کي جنميو آهي. توهان انهن رچنائن کي شعري- نثر/نثري- شعر سڏي سگهو ٿا. هونئن سنڌي ادب ۾ اها ڪا نئين شيءِ نه آهي، ورهاڱي کان اڳ ’سدا گلاب‘ ۾ اچي چڪي آهي.‘
ورهاڱي کان پوءِ ان قسم جي رچنائن کي هڪ صنف جي طور ٻيهر رواج ۾ آڻڻ جو سهرو اياز جي سر سونهي ٿو ۽ اياز جون اهي رچنائون سڀ کان پهرين ’نئين دنيا‘ ۾ ڇپيون هيون. تڏهن دادا ملڪاڻيءَ انهن کي شاعريءَ مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ انهن رچنائن کي ’نظماڻو نثر‘ سڏيو هو پر ائين چوڻ سان انهن رچنائن جي اهميت گهٽي نٿي، نه ئي دادا ملڪاڻيءَ جو ڪو اهو مقصد هو.
موجوده دور ۾ به ڪيترائي نالا آهن، جيڪي ان صنف ۾ لکي رهيا آهن، پر انهن جي گهڻائي ’سهل پسنديءَ‘ ۽ ’فيشن پرستيءَ‘ جو شڪار آهي- ان صنف جو وڪاس (Evolution)، نئين ڪهاڻيءَ وانگر وري به هند ۾ ئي ٿيو آهي. ان ڏس ۾ هريش واسواڻيءَ ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ گهرا ۽ گنڀير تجربا ڪيا آهن ۽ اهي ڪتابي روپ ۾ پڻ اچي چڪا آهن ۽ هتي سنڌ ۾ مدد سنڌيءَ جو ’پنرملن‘ ان صنف تي پهريون مڪمل ڪتاب آهي.
هتي منڍ ۾ ئي هڪ سوال ٿو اڀري ته جڏهن ڪنهن به ليکڪ/ڪلاڪار وٽ اظهار لاءِ نثر جهڙو وسيلو موجود آهي ۽ اهو به ڪهاڻيءَ جهڙو سگهارو وسيلو، تڏهن هن کي نثري-شعر/شعري- نثر ۾ لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن ته نثر ۾ به شعري تاثر هڪڙو هوندو آهي، خاص طور تي مدد جهڙي لکيڪ وٽ. تڏهن اهڙي صنف ۾ لکڻ، جيڪا بهرحال نثر کي وڌيڪ ويجهي آهي، جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي؟ هتي منهنجو مقصد اهو ڪڏهن به نه آهي، ته ڪلا جي هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ صنفن سان نڀائڻ ڪا اڻ ٿيڻي آهي. پر ان کي ٿيڻي بڻائڻ جوکم جو ڪم ضرور آهي. سنڌ ۾، هند جي سنڌي ڪوتا (نثري-شعر/شعري-نثر) جي روايت سان ئي سلسلو جوڙيو ويو آهي. (سنڌ جي نئين ڪهاڻيءَ سان به ساڳيو مسئلو آهي)
جيڪڏهن ڪنهن به رچنا (نثري توڙي شعري) ۾ لفظن/گهاڙيٽي/معنا (تاثر) جو رچاءُ/سنگم آهي ته پوءِ اسان جون اکيون ٿڌيون.
سپنا سمورا
ساڀيا جي پنڌ ۾
ڪڻو ڪڻو ٿي ويا.
۽ انهن لفظن جو جڙاءُ نج نثر کان نج شعر کي وڌيڪ ويجهو آهي.
هتي هڪ ٻي ڳالهه به ڪري سگهجي ٿي ته، نثري-شعر/شعري-نثر ڪٿي پابند شاعريءَ (عروض/ڇند تي) کان اڻ ڄاڻائيءَ جو نتيجو ته نه آهي، ڇوته سنڌي اتهاس جون پاڙون ته وري به پاتال ۾ کتل آهن. ساڳي وقت ڇند/بحر تي آڌار رکندڙ شعر خيال/جذبي فڪر تي پابنديون مڙهي ٿو. ڪڏهن قافيي/رديف کي نڀائڻو آهي ته ڪڏهن وري رڪنن/ماترائن جي ڳڻتي... ۽ ائين ان روايت سان بغاوت ڪري سگهجي ٿي. ۽ جڏهن توهان اهو جوکم کڻو ٿا، بي قافيي نظم ۽ آزاد نظم کي به ٻرانگهه سان اورانگهڻ چاهيو ٿا. تڏهن توهان جون ذميواريون به وڌي وڃن ٿيون. پابند شاعري ۾ ته وزن/ردم/ليءَ کي برقرار رکڻ لاءِ زائد اکر اچي ئي ويندا آهن. پر نثري-ڪوتا ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي. جيئن مون ص17 جي رچنا ۾ ’ڪن‘ لفظ ۽ ص16 تي ’جي مند ڏنگين ( ) ۾ ڏنا آهن.
مدد جون هي رچنائون گهڻي ڀاڱي تاثراتي ۽ ذاتي انڀو تي آڌارڪ آهن. بنيادي ڪيفيت ساڳي آهي. دک. وڇوڙي کان پوءِ جو دک ۽ وڇوڙو ضروري آهي ٻيهر ملڻ لاءِ- هي رچنائون مختلف ڏسن کان ان جي روپ- ريکا آهن.
مدد ’ملاقات‘ کي هڪ ڀيانڪ وڇوڙي جي شروعات ٿو سڏي پر مون وٽ، ان رچنا جي ناتي، اهو ڀيانڪ وڇوڙو ڪنهن مڌر ملن جي اوسيئڙي جو آرنڀ آهي. يادگيرين جي ڪڏهن نه کٽندڙ سفر جو آغاز.
مٿي آڪاس ۾ چمڪي پيو
سرءُ جي مند جو زرد چنڊ
۽ منهنجي اندر ۾ ٻري پيو
يادگيرين جو اداس چنڊ.
مدد جي هنن رچنائن تي هئڊ رنگ هاريل آهي. اداسيءَ جو رنگ.
۽ منهنجي هستيءَ مٿان
ڌيري ڌيري ڇانئجي رهي آهي
صدين جي ڪائي پراچين شام.
۽ اهڙي ئي شام، جڏهن سورج اجهامي ويندو آهي. تڏهن ’پنرملن‘ جو ڪوي ڦلهار مان چڻنگون ڦلهورڻ لڳندو آهي. ۽ پوءِ اهي ئي چڻنگون لفظ لفظ ٿي سِٽون بڻجنديون آهن جيڪي تيز هوائن ۾ به نه اجهامنديون آهن نيڻ وانگي اڃايل نيڻ. اهوئي ڪارڻ آهي، جو ٿڪائيندڙ ڏينهن ۽ اداس سانجهين ۾ به مدد وٽ روشنين جي پياس جو گهرو شعور موجود آهي.
اداسيءَ جي هن گهري رات ۾
سنڌو جي ڪناري
نرت ڪندا رهنداسين
۽
سوجهري جو انتظار
ڪندا رهنداسين.
ان ڏس ۾ مدد جي رچنا ’صبح‘ جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. پنهنجي دور/ذات جي دک جو ورنن ضروري آهي. پر ان کي وشال/آفاقي بنائڻ ان کان به وڌيڪ ضروري آهي. خاص طور تي سنڌي قوم لاءِ. ڪنهن به ڪلاڪار جو بنيادي ڪردار وري به باک جي ساک ڏيڻ واري جوئي هوندو آهي ۽ مدد ان ڳالهه کان واقف آهي:
اهو وقت به ايندو
اهو صبح به ٿيندو
۽ ’شام غريبان‘ ۾ به هو:
۽ دليون
روشن آهن
حسين جي غم جيان
’پنرملن‘ جي هر رچنا هيٺان ڪانه ڪا تاريخ درج ٿيل آهي. جنهن مان ڪن خاص حالتن/واقعن/حادثن جو ڏس ملي ٿو. پر هتي جيڪا ڳالهه چوڻ پئي چاهيم. سا اها آهي، ته اهي حادثا/واقعا/احساس/ڪيفيتون جيترو شديد آهن. مدد انهن کي اوترو ئي سهج سڀاءَ سان چوڻ چاهيو آهي.