شخصيتون ۽ خاڪا

اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

مدد علي سنڌيءَ جي فَنَ، فڪرَ، شخصيتَ، زندگي ۽ جدوجهد جي حوالي سان سنڌ جي جن جن قلمڪارن مختلف مضمونن جي صورتَ ۾ اظهار ڪيو آهي، هي ڪتاب انهن سمورن مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت ۽ سُڄاڻ شاعرَ حبدار سولنگيءَ تمام گهڻي محنتَ ۽ محبت سان مُرتب ڪيو آهي.
Title Cover of book اداس روح ازلَ کان (مدد علي سنڌيءَ جي  فن ۽ فڪرَ جو اڀياس)

ٻاجھارو شخص ۽ دلگير ڪوي

[b] ذوالفقار راشدي [/b]
سنڌي ساهت ـــ کيتر جو سڀ کان وڌيڪَ لِڪوڙ ماڻهو مان ئي آهيان. ٻالجتيءَ کان سنڌي ساهت ۾ قلمي جاکوڙ وسيلي جيترو ته رهي سگهيو آهيان، پر ڪن ڳاڻ ــ ڳڻين قلمڪارن سان واقفيت وڌائي ۽ بنهه هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن سان ئي سنگت جو سڱ ڳنڍيو هوند، ڇو ته گهڻن ماڻهن جا اندر ڪارنهن جا ڪُنا آهن، جن سان ويجھو وڃي رڳو داغ ئي پرائي سگهجن ٿا ـــ لڱن تي، لٽن تي ۽ روح تي،
هينئر به جن هيڪڙ ٻيڪڙ نالن کي مان پنهنجي ويجھن ۾ شماري سگهان ٿو، مدد جو نانءُ به اُنَ مختصر لسٽ ۾، چٽن اکرن سان لکيل چئبو. توڙي مدد سان مِلئي رُڳو 4,3 ڪلاڪَ کوڙ ٿيندا آهن.
مان سمجھان ٿو ته 1978ع جي سردين ۾ منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو هو ۽ اُتي منهنجي اڪيلي ورونهن پنهنجي ڳاڻ ــ ڳڻين ادبي يارن سان ادبي ڪچهريون ئي هئي، جن ۾ طارق اشرف، امداد حسيني، ظفر ۽ نياز همايونيءَ جا نالا اچي وڃن ٿا. اُنهن ڏينهن ۾، هڪ شامَ جو امداز چيم ته جيڪڏهن آءٌ گهران ته هو مونکي هڪ اهڙي همراهه سان ملائي، جنهن سان ملي مون کي پڪ ئي پڪ خوشي ٿيندي. آءٌ جھٽ پٽ، بنا سوچئي سمجھي هائو ڪري ويٺس. منهنجي من تي، اُنهن ڏينهن ۾، غمن جا هيڪاندا غبار، مونجهه ۽ ملولائيءَ جو ڪوهيڙو ڇانيل هو ــ ۽ آءٌ ڇوٽڪاري ۽ بچاءُ جا وجهه ۽ واٽون ڳولي رهيو هيس. اهڙيءَ ريت امداد جي وسيلي مدد سان ملاقي ٿيس. مدد جي پرپٺ، مدد بابت جيڪا اڻ پوري ڄاڻ مون وـٽ هئي، مان کيس اُنَ جي بنهه اُبتڙ ڏٺو. مون کي سندس چهري تي نرمي ۽ نِگاهن ۾ دک جا اولڙا نظر آيا. البت سندس ڳالهين مان، ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن ڪرانتيڪار جا ڀاوَ مليا پئي، پر مون هن جي منهن ۾ نرمي ۽ نِگاهن ۾ دک جي اولڙن کي چٽو پٽو ڏسي ورتو. پهرينءَ سٽ سهي ڪيم ته سندس من ڪنهن آرٽسٽ جو ئي دکي ۽ حساس من آهي ۽ هو بنيادي طرح هڪ تفڪرات ۾ وڪوڙيل فلسفيءَ جو روح ۽ ذهني انارڪسٽ ئي آهي ـــ مون وانگر.
پوءِ مان ”سهڻي“ ۽ ”مهراڻ“ ۾ مدد کي سندس ڪهاڻين جي ذريعي پڙهندو ۽ پرکيندو رهيس ته منهنجي پهرئين ڏيٺپي (Observation) ۽ رايي جي تصديق ٿيندي وئي. فرانزڪافڪا سان سندس قلبي لڳاءَ جو ڪارڻ به ڀانئيان اِهو ئي هجي ته اڄوڪين دکي ۽ ڊنل هيسيل پيڙهين جي وهمن، وسوسن، ڊپن ۽ اداسين جو ترجمان آهي. انهن واقفيت وارن ٻن ٽن ورهين ۾ مان مدد جون ڪجهه ڪهاڻيون ته ڏٺيون/پڙهيون پر پوءِ به مون کي اهو پرو ڪونه هو ته چپ چپاٽ ۾ شاعري (آزاد) تي به طبع آزمائي ڪري رهيو آهي.
ويجھڙائيءَ ۾، اوچتو جڏهن ٻڌم ته، مدد جي آزاد شاعريءَ جو مجموعو ”پنر ملن“ ترت پڌرو ٿيڻ وارو آهي ته مون کان هلڪڙو ڇرڪ نڪري ويو. ڇرڪيم ته سهي پر اهڙو عجب ڪونه لڳم جهڙو يوسف شاهين جي ”اندر ۾ اُهاءُ ٿيو“ ڏسي وسمهءِ ۾ پئجي ويو هيس ــ ڇو ته مدد جي ڪهاڻين مان هونءَ به مون کي شعر جي سرهاڻ محسوس ٿيندي رهي اهي. نثر (ڪهاڻيءَ) ۾ نظم جو سڳنڌ ملڻ ڪا بنهه نئين يا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي، ڇاڪاڻ ته انگريزيءَ جي جڳ پڌري ناول نِگار ۽ ٽيڪاڪار اي ــ ايم فورسٽر (E.M Forester) جي ٽيڪا ڪارن کي به سندس ناول جي اڻت ۽ عبارت ۾ ”ردم“ جو بڻ به مليو هو ــ ۽ بهرحال اهو هڪ وڏو ۽ گهرو گڻ آهي.
مدد جي آزاد شاعري سندس روح تي چڙهيل رهيا کَهيا پرت ۽ پوش لاهي ڦٽا ڪيا آهن ۽ هو آشا/نراشا جي وچ تي لٽڪندڙ/ڦرندڙ لاٽونءَ وانگر اسان جي آڏو اچي ٿو ـــ ۽ گهڻو ڪري وچٿرائيءَ کان به هٽي هُنَ جو جھڪاءُ نراشا جي پاتالن ۽ اُداسين جي پراسرار گهراين ڏانهن ٿيو وڃي:

اهو ته نه سوچيو هُيم،
شامَ منزل ٿي ويندي،
ڪڏهن تنهنجي منهنجي!
(منزل)
”اهو ئي سوچي
مان چپ آهيان
ته زندگي
پاڻ کي،
هر جنم ۾
۽ هر دور ۾
ڪيڏو نه دير سان
ملائيندي آهي،
۽ ڪيڏو نه جلد
جدا ڪندي آهي.“
(زندگي)

مدد نج پج نراسائين جو پرچارڪ به ڪونهي، پر اهو احمق جي جنت ۾ رهڻ کان به انڪاري اهي. هو اميدن ۽ آسرن جو سچار انت پائڻ ۽ رڳ رڳ ٺاري رکندڙ مردان جا حقيقي مزا ماڻڻ لاءِ تگادو (تگ ودو) ڪندڙ ڀٽڪندڙ روح آهي:
”رات جي ڪاراڻ،
تيزيءَ سان ڇانئجندي پئي وڃي،
دوستو ـــ دشمنو
ڪا ته روشني ٻاريو
(دوستو ــ دشمنو)

اڄ ته ٻيهر ملون،
وڇوي جا سمورا دک وساري
املتاس جي وڻ
هيٺان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل
اونداهي آڪاس هيٺان
(اچ ته ٻيهر ملون)

پيڙا ڀريل تنهاين ۾، اندر جي اونگهه ۾ ۽ احساس جي ولوڙ ۾ ولوڙجندي ــ هو هوريان هوريان ڪنجھڻ لڳي ٿو ۽ جھيڻي، ٻاڏائيندڙ لهجي ۾ شڪايت ڪري ٿو:
اڪيلائيءَ جي آگ ۾ جلندي،
مان اهو ئي سوچي رهيو آهيان:
خدا توکي ۽ مون کي
جدائيءَ جي هن جنم ۾،
جڏهن ڪوئي ڪنهن سان
ساٿُ ڏيڻ لاءِ به
تيار نه آ،
پيار جا احساس ڏئي
ڪيڏو نه وڏو
ظلم ڪيو آهه
(اڪيلائي)

مدد کي اُتاڇرو ۽ مٿاڇرو ڏسڻ وارن جو رايو آهي ته هو جيري خاطر ٻڪري ڪُهي وجھندڙ، رُسڻو ۽ ننڍيءَ گُجيءَ وارو دوست آهي ۽ هو هڪ ڀوائتو ۽ ڪٺور دشمن به ٿي سگهي ٿو ـــ مگر مان مدد جي روح جي اونهي کوهه ۾ لهي نهاريو آهي ۽ منهنجي (Study) مطابق هو رڳو هڪ ٻاجھاري ڪرانتيڪار ۽ دلگير ڪويءَ جو ڀٽڪندڙ روح آهي، جيڪو جلوتن ۾ گجندو ۽ خلوتن ۾ ڍنڍ ڪارون ڀري روئندو هوندو. هو ڪڏهن ڪڏهن ادبي ڦڏن فسادن ۾ (Involve) نظر ايندو آهي ته ان ۾ به سندس نيت جي کوٽ نه پر سندس تماشبين ۽ مهر جو (Adventurous) طبيعت جو تصور ٿئي ٿو. مان جڏهن مدد جي منچلاين جو پَلو ڪارڻ کيس ڇيڙيندو آهيان ۽ هو ٻارن وانگر مِٽون ڦوڪي، ماٺ ڪري رُسي ويهندو آهي ته مون کي ڏاٺو ”معصوم مڙو“ لڳندو آهي ــ ۽ مٿس هيڪاندي ٻاجهه اچي ويندي اٿم. اُنهيءَ مهل مون کان سندس سڀ اوڻايون پوڻايون، ارڏايون ۽ اوٿرايون وسري وينديون آهن. هو کل ڀوڳ سمجھي ڏاڍا بي ڪهلا ڪم ڪري وجھندو آهي، پر جڏهن احساس ڏياريو اٿس ته کلي دل سان مڃي ۽ پڇتائي به سگهندو آهي. لڳندو آهي ته هن جا سڀ شرير ڪم ۽ ڀڃ ـــ ڊاهه وارا ڏٺا ٻُڌا اعمال ۽ حرڪتون ڄڻ ته جيئڻ لاءِ جتن (Struggle for Existance) ۽ من تان مونجھون لاهڻ جا حربا هجنس، تازو حيدرآباد ۾ ڪنهن سڄاڻ سڄڻ مون کي ڪن ۾ ٻُڌايو:
”مدد سان کونسبازي ڪرڻ، سنڌي ادب ۾ ٽيرر (Terror) انوائيٽ (Invite) ڪرڻو آهي.“
مون کلي چيو:
”ائين به برابر آهي.“