سُرُ سهڻي
1
وَهَ تِکَ واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن تِکَ نرالي،
جِن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، خِلوَتَ خِيالي،
وارِئين سي والي!، هِنئڙو جِن هَٿِ ڪيو.
درياهه جي وهڪ ۾ تک آهي ۽ نهرن ۾ به تک آهي، پر جت عشق آهي تت تک ئي نرالي آهي. جن کي اونهي (وحدت) جو عشق آهي، سي هيڪلائيءَ ۽ حقيقي خيال ۾ محو آهن. اي سائين! شل تون انهن کي واپس آڻين، جن منهنجو هنئون پاڻ وٽ قابو ڪيو آهي.
2
واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اڳي ٿيو،
گهَرِ ويٺيون گهڻا ڪريو، سَرَتيُون! سڱ سنوان،
صُورت جا ساهَڙَ جي، سا جي ڏٺي آن،
هُوندَ نه پَليو مان، گهڙو سڀ گهڙا کڻي.
پاڻيءَ جا نوان نوان وهڪرا پيا وهن، پر تکي وهڪ اڃا به اڳاهون آهي. اي سرتيون! اوهين گهرن ۾ ويٺيون ڪانڌن جي سنهن جي ناتي جا دم هڻو. (اي سرتيون! اوهان سڀ گهر ويٺي مائٽي رويجهائپ ڏيکاري جي صلاحون ٿيون ڏيو) جي اوهان ساهڙ جي صورت ڏٺي هجي ها، ته جيڪر مون کي هرگز نه روڪيو ها، پر پاڻ ئي گهڙا کڻي درياهه ۾ گهڙي پئو ها.
3
ڪَنڌيءَ اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙ“ ڪَنِ،
ڪنين سانگو ساه جو، ڪي ”گهورِيَس“ ڪيو گهڙنِ،
ساهڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙنِ جي.
ڪنڌيءَ تي بيهي ڪيتريون ئي ”ساهڙ! ساهڙ!“ پيئون پڪارين. اُنهن مان ڪن کي پنهنجي جان جو اونو آهي ته ڪي ”مان ميس ته صدقو ٿيس“ چئي درياه ۾ گهڙيو پون. ساهڙ انهن جو آهي، جي مشڪندي اُونهي ۾ گهڙيو پون.
4
وڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچين ٿي ويلا ڪري،
گِهڙي گَهڙو هٿِ ڪري، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،
سيئي ڍونڍي سانگَ، جتي ساهَڙُ سپِريِن.
وڻن تي ڪانو وڃي آرامي ٿيا آهن ۽ سنجهان اچي سهڙي آهي. سهڻي سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ سڻي، گهڙو هٿ ڪري، درياه ۾ گهڙي پيئي آهي. هوءَ اُهي ماڳ ٿي ڏوري، جتي سندس محبوب ساهڙ آهي.
5
گهڙي گهَڙو هٿ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ،
”سُر در قلمِ يار فدا شد چه بجا شد،“ وَصلَ اِهو ئي وَنگُ،
راتِ جنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِئين.
سهڻي درياه جو پيچ چڱيءَ طرح جاچي گهڙو کڻي اندر گهڙي پيئي. ”دوست جي قدمن ۾ سر قربان ٿيو ته ڇا ٿيو.“ اهائي وصل (ميلاپ) ماڻڻ جي رمز آهي. اي ڌڻي! جن جي موج جي مهل رات آهي، سي شل پار اُڪارين.
6
گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ،
”وَاِمَامَن خَافَ مَقَاَمَ رَبِھ“، اِيُ لَنگهيائِين لَنگهُه،
سُڪَندِينِ کي سَيدُ چَئي، ڪِينَ جَهليندو جَهنگُ،
راتِ جِنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارئين.
سهڻي درياه جو پيچ چڱيءَ طرح جاچي گهڙو کڻي اندر گهڙي. ”جو پنهنجي رب جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄي ٿو:“ اِنهيءَ اڙانگي لڪ کان لنگهي ويئي. سڪ وارين کي ڪوبه خطري وارو (يا منجهائيندڙ) هنڌ (جهنگ) نه روڪي سگهندو. جن جي موج جي مهل رات آهي، سي شل پار اُڪارين.
7
گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪري، اِلاهي تُهارَ!
ڄَنگَهه ڄَرڪي واتَ ۾، سِسيءَ کي سيسارَ،
چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙِهيس وارَ،
لکين چُهٽيس لوهِڻيُون، ٿيلهيُون، ٿيلهيُون ٿَرَنئُون ڌارَ،
مِڙِيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!
سهڻي گهڙو کڻي ڌڻيءَ جي آسري درياه اندر گهڙي. سندس ڄنگهه ڄرڪي جي وات ۾ هئي ۽ سسي، سيسر جي حوالي. چوڙا چڪڻ ۾ چٻا ٿي ويس ۽ وار لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ پئي لڙهيس. لکين لوهڻيون ۽ ٿيلهيون پنهنجن ماڳن کان مڙي کيس چهٽيون ۽ هزارين مڇ اچي چوڌاري مڙيس. هاڻي سهڻي چيرجي ٻيرا ٻيرا ٿيندي.
8
گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، مَرُ چُور ٿِئي چُوڙو،
”طالِب المَوليٰ مُذکَرُ“، اِيُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾.
دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو، ڀل منهنجو چوڙو ڀڄي رتيون رتيون ٿي پوي. ”خدا جو طالب سچو مرد آهي“: اهو ئي ٻڏندڙن لاءِ ترهو آهي. ڏم ڪوڙهيو ۽ ڪوڙو آهي، منهنجي من ۾ ميهار ئي پيو وسي. (هتي ڏم مان مراد نفس آهي.)
9
گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجابُ،
واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ،
ساهَڙَ رِءَ صَرابُ، آئُون گهڻوئي گهورِيان.
دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو، مون لاءِ پاڻ اُهو هڪ (اٽڪاءُ) هو. منهنجي جيءَ ۾ واڄٽ پيو وڄي ۽ منهنجو روح خود رباب ٿي پيو آهي. ساهڙ کان سواءِ مان ظاهري پاڪائيءَ کي جيڪر گهوري ڦٽو ڪريان (جسم دلو آهي، واڄٽ نصيحت ڀريو لفظ آهي ۽ صواب آهي ديني فرض.)
10
گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، تان ڪِي تَرُ هِنيان!
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِيهاڻي ڏِيان،
ميهارَن مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو.
دلو ڀڳو ته صدقي ٿيو. اي دل! تون ڪي اُٿي تَرُ، مان پنهنجين اکين کي روز پليو پيئي پليان. ميهارن جي سردار مون کي درست واٽ ڏيکاري. (هتي ادب معنيٰ پرهيز ۽ سنئين واٽ ڏيکاريندڙ آهي روحاني رهبر.)
11
گهڙو ڀَڳو ته گهورِيو، آسَرَ مَ لاهيج،
”لاتَقنطوا مِن رحمتَہ الله“، تُرَهي اِن تَريج،
حَبيباڻي هيج، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو.
دلو ڀڳو ته قربان ٿيو، آسرو نه لاهج. ”ڌڻيءَ جي ٻاجهه کان نااميد نه ٿيو“ اُنهيءَ ترهي تي ترج. عاشقاڻي شوق ۽ سڪ جي وسيلي ئي تون ميهار جو مشاهدو (درشن) ماڻيندينءَ.
12
گهڙو ڀَڳو مُنڌَ مُئي، وَسِيلا وِيا،
تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻيءَ سَڏُ ميهارَ جا.
دلو ڀڄي پرزا ٿيو، سهڻي فنا ٿي ويئي ۽ سندس سمورا وسيلا ۽ واسطا ميسارجي ويا. تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا.
13
پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، وَسيلا وِسارِ،
لڙُ لَنگهائي سُهڻي!، پِرتِ وِجهنديءَ پاري،
سي تُرتُ لَنگهيِنديُون تارَ، اُڪنڍَ اَڳہُ جن سين.
اي سهڻي! پاڻ سان خودي نه کڻ ۽ سڀ ظاهري اُپاءَ ترڪ ڪر. توکي سچي سڪ اونهي مان اُڪاري پار ڪندي، اُهي سگهو ئي سير لنگهي وينديون، جن جو سونهون گهاٽو نينهن آهي.
14
پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِءَ وَسيلي وانءُ،
مَٿان سائر، پِرتِ وٺجي پانءُ،
نِينهن ڳِهندي نانءُ، وَنءُ پِريان جي پارَ ڏي.
پاڻ سان خودي نه کڻ ۽ بنا ڪنهن وسيلي جي اڳتي وڌ. اي سهڻي! مهراڻ جي مٿان پريت جو پير کڻي هلجي. نينهن جو ئي نالو وٺي، پرين جي پار ڏي وڃ.
15
ڪونهي آڳہ اَهڙو، جهڙي مُحبت من،
اڀيون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدي تِنِ نيِڙُ ٿئي، جي رِيءَ تُرَهي تَرَنِ،
سِڪَ رَساڻي سُهڻي!، اَصلِ عاشقَنِ،
سي جهليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي.
اهڙو ٻيو ڪو آڌار ڪونهي، جهڙو دل ۾ عشق. ڪوڙيون عاشقياڻيون ئي اورينءَ ڀر بيهي، ترهي جي پڇا ٿيون ڪن. تن لاءِ ندي هڪ ننڍي نهر ٿيو پوي، جي ترهي بنا ٿيون ترن. اي سهڻي! عاشقن کي اصل کان سڪ ئي هليو سپرينءَ وٽ رسائي، جن کي ميهار جي لنوءَ لڳل آهي، تن کي ڪنن ڪين روڪيو.
16
پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارُ،
تُرَهو تِنيِن بارُ، عشق جنيِن کي آڪِرو.
جن کي ميهار جي تار لڳل آهي، تن جي تار ميهار کي به لڳل آهي، جن جي محبت گهاٽي آهي، تن لاءِ ترهو به بار آهي.
17
ساهَڙُ، سا سُهڻي، سائر پِڻِ سوئي،
آهي نِجوئي، ڳجھه: ڳجهاندَرَ ڳالهڙي.
جو ساهڙ آهي، سوئي سهڻي ۽ سمنڊ آهي. اها ڳالهه هڪ نجو (خالص) ۽ ڳوڙهو اصرار آهي. (ڌڻي، انسان ۽ ڪائنات ٽيئي هڪ آهن.)
وائي
ڪهڙي مَنجھه حساب؟
هُئڻُ منهنجو هوتَ ري، لا!
گولي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ،
نڪي تفاوَتَ ۾، نڪي مَنجِھه رَبابَ،
خُدِيائي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ،
پليتُ ئي پاڪُ ٿئي، جُنبِيو منجِھه جناب،
سو نه ڪنهن شيءِ ۾، جيڪي منجھه تراب،
هوءِ جي جَرڪيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ،
هاديءَ سين هُنَ پار ڏي، رِڙهين ساڻُ رِڪابَ،
چنبو وجهي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقاب!
دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو، هلي مَنجِھه حِجابَ،
ڪَسرَتَ آهي قُرب ۾، اِدغامَ ۾ اِعرابَ،
فَنا وجهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَباب،
ڏي طَهُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ،
مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، جاوا سَڀ جَوابَ.
ڪهڙي ليکي منهنجو جيئڻ پرينءَ بنا ٿيندو. اي ٻانهي! گناهه کان پري ڀڄ، نيڪ ڪمن ۾ به ڪو ساءُ نه آهي (گناهه ۽ ثواب کان نيارو رهه)، نه ٻاهرين پاڪائي ۾ ڪي رکيو آهي، نه ساز سرود ۾، جي چپن کي کوئنر لڳائين (سُن اختيار ڪرين)، ته اندر ۾ سهڻو ٿي پوين. ائين ناپاڪ انسان به جيڪو پاڪ ٿي پوي، پوءِ هو کڻي ميرائيءَ ۾ مبتلا هجي. جيڪو مٽي ۾ آهي، سو ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي. هو جي پاڻي جي مٿان پيا چمڪن سي مڙئي ڦوڪڻا آهن. (ظاهري شين کي ڪا هستي نه آهي.) مرشد جي خذمت جي برڪت سان پرئين پار وڃي رسندين. اي تيز عقاب! تون اچي هن چور (نفس) کي چنبو وجهي، جهٽ. پردي (اڄاڻپ) اندر هلي، محبوب جو ديدار هٿان نه وڃاءِ. وصل ۾ ٻن هستين جو نهوڙجي پاڻ ۾ ملڻ ائين آهي، جئن ادغام ۾ ماترائن جو پاڻ ۾ ملڻ. وات ۾ فنا (ماٺ) وجهي، پرينءَ ڪاڻ پچي ڪباب ٿيءُ. طهورا (بهشت جو پاڪ شراب) انهن کي ڏي، جيڪي شراب لاءِ سڪندا هجن. بيماري ۾ هن مُٺيءَ اهي سڀ باتيون اجايون ڪيون آهن. (هي سخن ائين آهن جئن بيماريءَ جي غشيءَ ۾ گفتار. چون ٿا ته هيءَ وائي شاهه صاحب وفات کان اڳ اڪثر پيو چوندو هو.)
داستان ٻيو
1
ڪَر ڳلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتي جَرَ واڳُو جِئائِين،
پاڻُ اُڇلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين،
لَهريُون لَنگهِيائين، لطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
درياه ۾ جتي بيشمار ڪڙڪا، ڪولاهل، ڪُن ۽ واگهو هئا، تتي سهڻيءَ پاڻ کي پاڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. هوءَ ڌڻيءَ جي مهر سان لهرون لنگهي ويئي.
2
دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ،
سارِيان ڪانَ سرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ،
ساهَڙ ڄامَ سَتارَ!، سِگهو رَسجِ سِيرَ ۾.
جتي درياه جي اٿل جي دهشت ۽ زبردست سيسر آهن ۽ هزارين بلڪ، بيشمار واگهو پيا ورن، تتي اوهان کان سواءِ پنهنجي سرير ۾ ڪو ست نه ٿي سمجهان. اي ساهڙ ستار! (پردو رکندڙ) ترت اچي مون کي سير ۾ رسج.
3
دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري،
توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مٿان ويَر وَري،
آءُ، ساهَڙَ! منهنجا سُپرِين، پِرِتان پيرَ ڀَري،
هادي هَٿَ ڌري، اونهي مان اُڪارئين.
جتي درياه جي اُٿل جي دهشت آهي ۽ ڪُن ڪڙڪا پيا ڪن، تتي سهڻي درندن جي وچ ۾ آهي ۽ مٿائنس وير پيئي وري. اي منهنجا پريتم ساهڙ! تون پريت وچان پير ڀري اچ. اي رهبر! مون تي پنهنجا هٿ ڌري، مونکي اچي عميق مان پار اُڪار.
4
دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙِڪو،
آهيمِ اُنَهيِن پارَ جو، دِلِ اندر دَڙڪو،
ڀڃي سِڪَ سَيدَ چَئي، سِير سَندو سَڙڪو،
والي! ڪَج وَڙُڪو، ته ٻارِ لَنگهيان ٻاجھه سين.
جتي درياه جي اٿل جي دهشت آهي ۽ ڪُنن جو ڪولاهل پوي پوي، تتي مون کي انهيءَ پار جودل ۾ خوف آهي. درياه جي جوش ۽ جولان کي محبت مات ڪيو ڇڏي. اي ڌڻي! ڪو احسان ڪج، جو تنهنجي مهر سان درياه مان پار اُڪري وڃان. (سچي سڪ اڳيان بحر به بيوس آهي.)
5
دَهشَتَ دَم دَرياهَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ،
سَڄا ٻيڙا ٻارَ ۾، هَليا هيٺ وڃن،
پُرزو پئدا نه ٿئي، تَختو منجهان تِنِ،
ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ ۾، ويا ڪينَ وَرَنِ،
اُتي اَڻَتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تُون.
جتي درياه جي اٿل جي دهشت آهي ۽ جانورن جا آستان آهن. جتي آب جو انت ئي ڪونهي ۽ ملاحن کي گهرائيءَ جي سڌ نه آهي. جتي خونخوار جانور درياه ۾ واڪا ڪيو ويا ڦرن، جتي سارا ٻيڙا هيٺ ائين غرق ٿيو وڃن، جو اُنهن جو ڪو تختو يا پرزو ئي وري نه ٿو لڀي. جتي ڪنن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو پوي، جو اندر ويلن جو موٽڻ ئي ڪونهي. تتي اي ساهڙ! تون اڻتارن کي اچي سير مان پار اُڪارج. (هتي سمنڊ جي هيبتناڪ صورت وسيلي، انسان کي دنيا جي ڀو ساگر کان آگاه ڪيو ويو آهي.)
6
دَرَهَڙَ ڌَنس دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا،
سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿيا سِيڻايا سوڙا،
جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو.
جتي درياه جي اُٿل جي دهشت آهي ۽ لهرون وڏا هُل پيئون مچائين. جتي سوين سيڻاه وارا اچي حيران ۽ عاجز ٿيو پون، تتي ان کي (درياه کي) جيڪي اصل کان تارو هئا، تن هڪ ئي ٽپو سمجهيو. (ڪامل شخص دنيا توڙي طريقت جي خوفن ۽ خطرن مان ساعت ۾ پار لنگهيو وڃن.)
داستان ٽيون
1
تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گهِڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ڏَهَ ڏَهَ ڀِيرا ڏِينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،
عقُل مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينهَن نِهوڙِيا.
تڙ تان تڪڙ ۾ تار پاڻيءَ ۾ ڪاهي پوڻ، اهو غرض وارين (عاشقياڻين) جو ڪم آهي. ڏم ڏينهن ۾ مون کي ڏهه ڏهه ڀيرا مهڻا ٿو ڏئي. نينهن منهنجي عقل، هوش توڙي حياءَ کي نابود ڪري ڇڏيو آهي.
2
گهيڙان ڪَري نه گهُورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي،
جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، پُورَنِ مٿي پُورَ،
ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، وَهَمَن ِڪي وَهلُورَ،
جنهن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تنهن کي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾.
سهڻي گهيڙ تي پوري نظر نه ٿي ڪري ۽ تڪڙ کان تڙ (سلامتيءَ واري هنڌ) جي به جاچ نه لهي. جنهن کي ساهڙ لاءِ اُڪير آهي، تن کي پورن مٿان پور پيا پون. هن کي انڌاري رات جو ڪنن ۾ پورن حيران ڪري وڌو آهي. جنهن کي سپرين جو سور ساڻ آهي، تنهن جي نظر ۾ نديءَ کي ڪا هستي نه آهي.
3
جِئان گِهڙي تِئان گهيڙُ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
ڏَمَ سين جُسو ظاهِراَ، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ،
سا نَدي ڀانئي نيڙُ، جنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي.
جتان هوءَ (سچي عاشقياڻي) گهڙي ٿي، تتان ئي هن لاءِ گهيڙ ٺهيو پوي. ڪوڙيون ئي ڪنڌيءَ جي تانگهه ٿيون ڪن. ظاهري طرح سندس جسم ڏم سان آهي، پر سندس من ميهار سان مليل آهي. جنهن کي ساهڙ جي اُڪنڊ آهي، سا نديءَ کي ننڍي نهر ٿي سمجهي.
4
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَر پُڇَنِ ڪُوڙيون،
جن کي سِڪَ ساهَڙَ جي، گهيڙَ نه پُڇَنِ گهاٽَ،
جن کي عِشقَ جي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانئِينِ وِکَڙي.
جتان به درياه جي وهڪ آهي، تتان سهڻيءَ لاءِ واٽ آهي. ڪنڌيءَ جي تانگهه ڪوڙين کي ئي آهي. جن کي ساهڙ لاءِ اُڪير آهي، سي نه گهيڙ ڳولين، نه گهاٽ. جن کي عشق جي اڃ آهي، سي درياه کي هڪ وک ٿيون سمجهن.
5
ڪنهن جنهن گِهيڙَ گِهڙي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
سالُم ويئي سُهڻي، ڪُنَنِ ڪِينِ ڪَيوسِ،
اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، هُئي طالِبِ حَقَ جي.
سهڻي اهڙي ڪنهن گهيڙ مان گهڙي، جو هن لاءِ اڙانگو تڙ به سڻائو ٿي پيو. سهڻي سلامت لنگهي ويئي ۽ ڪنن کيس ڪي ڪين ڪيو. سندس اکين ۾ پرينءَ جي تجليءَ (نور) اچي واسو ڪيو. حق (خدا) طرفان ساڻس حق (انصاف) ٿيو، ڇوته هوءَ پاڻ به حق (ڀتار) لاءِ سڪندڙ هئي.
6
هُئي طالِبِ حَقَ جي، توڏي لاڪُون توڙَ،
نه مَلاحُ نه مَڪُڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻي پِنيءَ ٻوڙَ، سُهڻيءَ ليکي سِيرَ ۾.
سهڻي اصل کان ڀتار لاءِ سڪندڙ هئي. هوءَ نه ملاح ٿي پڇي نه ٻيڙي نه پتڻ لاءِ نوڙي. سهڻيءَ جي نظر ۾ سير ۾ گوڏي کان به گهٽ پاڻي آهي. (جن کي سچي محبت لڳل آهي، تن لاءِ ڪابه ڏکيائي نه آهي.)
7
توڏي توڙائين، نِينهن نوازي سُهڻي،
ڳِچيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو.
سهڻي اصل کان نينهن جي نوازيل هئي. هن نيٺ پريتم جو ٺاهوڪو هار (وصل جو سينگار) هٿ ڪيو. اُهو تڙ ڳولي لڌائين، جتي ساري جڳ جو آڌار يعني سندس محبوب هو.
8
توڏي! تُهائِين جي، سي هتي ڇَڏِ حِرصَ،
ساهَڙَ ڌاران سُهڻي! کوٽِيُون ڪَنِ کِرسَ،
وَڏي اِيَ وِرسَ، جيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذارِئين.
اي سهڻي! جيڪي حرص (ترشنائون) هرکائيندڙ آهن، تن کي هتي ئي ترڪ ڪر. ساهڙ (پرينءَ) کان سواءِ ڪوڙيون ئي ناز ۽ نخرا ٿيون ڪن. اها وڏي ڀل اهي، جو ڏم جي صحبت ۾ پنهنجا ڏينهن ٿي ڪاٽين. (هتي ڏم: نفس)
9
ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو سُهڻي!
طَرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي.
اي سهڻي! تون شريعت (مذهبي فرضن) جو سبق پهرين سک. طريقن (روحاني پنڌ جي واٽ) کان وڌيڪ جبرو حقيقت (حق پروڻ) جو سبق آهي. معرفت (خدائي علم) پرائڻ اصل کان عاشقن جو فرض آهي. (صوفين جون چار منزلون.)
10
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾،
جي واصلُ ٿيا وِصالَ ۾، سي ذرو ظاهرُ نه ڪَنِ،
وِييَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئڙا جنَ هَڄِي ويا.
شڪر وارن جي آستانن تي صبر ئي صبر آهي. (هو سچا صابر آهن) جي پرينءَ سان ملي، منجهس محو ٿي ويا آهن، سي تر جيترو به ظاهر نه ٿا ڪن. جن جا هنئان محبت ۾ هڄي فنا ٿي ويا آهن، سي بنا ڪنهن مدد جي ساگر تريو وڃن.
11
سِياري سِھَ راتِ ۾، جا گهِڙي وَسندي مِينهَن،
هَلو ته پُڇُون سُهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن،
جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئي مَنَ ۾.
تهه سياري جي رات ۾ ۽ مينهن وسندي، جا سهڻي درياه ۾ ٿي گهڙي، تنهن کان هلو ته محبت جي خبر پڇون. ڇو ته هن کي ئي سچي نينهن جي سڌ آهي. هن کي رات ۽ ڏينهن ميهار ئي من ۾ پيو وسي.
12
سانوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، هيءَ سَرَهي سِياري،
تَنُ وڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتي ماري، ڪونهي دادُ دَرياه ۾.
سانوڻ جي رات ۾ هرڪا درياه ۾ ٿي گهڙي، پر هيءَ (سهڻي) سياري ۾ پاڻيءَ ۾ گهڙندي بهار پيئي ٿئي. هن گهاٽي مينهن سبب ئي پنهنجو جسم تکي وهڪ ۾ کڻي اُڇليو. درياه وٽ ڪو نياءُ ڪونهي، سچن عاشقن کي ٻوڙيو فنا ڪيو ڇڏي.
13
واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻو،
سدا سانوَڻَ ڏينهڙَا، هِئن نه هُونداءِ،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لهي.
اي درياه! ڪنڌيون نه ڪيرياءِ، توکي پڻ حساب ڏيڻو آهي. تو لاءِ هميشه سانوڻ جا ڏينهن نه هوندا. صبح جو (ترت ئي) تنهنجون اهي اُٿلون غائب ٿي وينديون. (اِهو شاعر جو درياه کي سهڻو سراپ آهي. سياري ۾ درياه جو ڦوه جوڀن به ناس ٿيو وڃي.)
14
مُحبَتي ميهارَ جون، دِل اَندرِ دُونهيُون،
آڻيو وجهي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون،
جي ساهڙ جون سُونهيون، سِير سِراڙو تن کي.
منهنجي دل ۾ پريتم ميهار جي نينهن جا مچ پيا ٻرن. هي جلائو (جلائيندڙ يعني عشق)، جليلين (عشق جي آگ ۾ جليل عاشقياڻين) کي اچيو ڇوه ڀرئي تار پاڻيءَ ۾ اُڇلي. جيڪي ساهڙ جي سونهپ هيٺ آهن، (يا جن جي ساهڙ سان سڃاڻپ آهي)، تن لاءِ وچ سير به روهيءَ (لسي پٽ) مثل آهي.
وائي
مَدَتَ ٿِيُ، ميهارَ! يارَ!
ساهَڙَ! سائرَ سَيرَ ۾.
اُونها ڪُنَ، اُتانگَ تَڙَ، اولي هَڻُ، آذارَ!
ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهيان اَوهان ڌار!
ٻِڇَل ٻانڊي ٻارَ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ،
تِتي گهِڙي سُهڻي، آڳَھَ رِءَ آڌارَ،
”ڪاري راتِ ڪَچو گهَڙو“، تو ڏيءَ ڪِي تَنوارَ،
سَنڀُوڙو سِيڻاه سين، سِگهو رَسُ، سَنگهار!
اوراران آهون ڪَرِيان، پَهچان شل پرارَ،
سُڻِيو جهان جِهڄي هِنئون، سانڀارا سنڀار،
آيَم ريلي ريءَ سين، اَللهَ! تو آهار،
تارِ تَرندِيَسِ، لُڙَ لَنگهِينديَسِ، ويندِيَسِ وَٽ وڇار،
بُورِيندِيَسِ، پارِ مڻي، سَهَسين، جي سيسارَ،
گولي گهگهائي گهِڙي، جَکَنِ ٿا جانار.
اي جانب ميهار! اي ساهڙ! تون اچي گر (پاڻيءَ) سسير ۾ واهڙ ٿيءُ! اي منهنجا ڀروسا! ڪُن اونها آهن ۽ تڙ اوڙاهه جهڙا، تون اچي مون کي مدد ڪر. مان اوهان کان سواءِ ڏم سان ڏکيا ڏينهن پيئي گذاريان. تار درياه ۾ ڇوهه مان بنڊ لڙهندا وڃن ۽ اُت نهايت اُبتا وهڪرا آهن. اُتي سهڻي ڪنهن سونهي جي واهر بنا گهڙي پيئي. توڏيءَ (سهڻي) اُتي هيءَ مٺي پڪار ڪئي: ”رات ڪاري آهي ۽ گهڙو (دلو) ڪچو آهي.“ اي سنگهار! (ميهار!) تون ترت سيڻاهه سوڌو اچي مونکي رسج.
اورينءَ ڀر اهي ئي پڪارون پيئي ڪريان ته شال پرينءَ ڀر پهچان. اي ڌڻي! تنهنجي ئي آسري هن تکي وهڪ ۾ پاڻ وڌو اٿم. مان پار درياه تري ۽ ڪارونڀار لنگهي، ميهار وٽ پهچنديس. مان پرينءَ ڀر هلنديس، توڙي وچ ۾ سهسين سيسار (واگهه) هجن. هيءَ ٻانهي سانگو لاهي، مهراڻ ۾ گهڙي ۽ جانور کيس ڏسي جکن پيا.
داستان چوٿون
1
اَدِيُون! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ منهنجا چورِيا،
لارُنِ جا لَنوءَ لائي، سا ڪيئن آڇِيان عام،
لَڳِيَسِ جنهن جي لامَ، سو دلاسا دوست مُنجي.
اي سرتيون! ميهار جي گهنڊڻين منهنجا مڙيئي انگ لرزش ۾ آندا آهن. محبت، جا لار جي لغار (چڙي اندر وڄندڙ لار جي آواز) مون ۾ جاڳائي آهي، سا ڪئن مان عام ماڻهن سان سليان. جنهن جي آسري مان لڳي آهيان، سو سپرين مون کي دلاسا پيو موڪلي.
2
ڪارا ڪُنَ ڪاري تُڳي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا،
مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، اَچنِ دُپارا دَڙڪا،
ويندي ساهَڙَ سامهان، جهولَ ڏَنسِ جهَڙڪا،
کَرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِير ۾.
ڪارا ڪن ۽ ڪاري رات، جتي واسينگن جهڙا ڌڪائيندڙ (واسينگن وانگر الري ايندڙ) ڪڙڪاٽ پيا پون. مست مهراڻ ۾ ٻپارا (ٻنهي طرفن کان) خطرا پيا پسجن. ساهڙ ڏانهن ويندي، پاڻيءَ جي جهول، سهڻيءَ کي سٽڪا ڏنا آهن. کرڪن (چڙن) جا آواز ئي سير ۾ سندس رهبر ٿيا.
3
جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گڏجي؟
ويرو تارَ وُجودَ ۾، پِرِيُنِ جي پَچارَ،
سي سڄڻَ هُونِ نه ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿيا.
مونکي پرينءَ جي سار ئي جياريو آهي، پوءِ مونکي گڏجي هو ڇا ڪندا؟ اندر ۾ هميشه سپرين جي تات اٿم. اُهي دلبر جدا نه ٿيندا، جي دل ۾ سمايا پيا آهن. (عاشق جو ڌڻيءَ سان هڪ ٿيڻ ڏانهن اشارو.)
4
ٻيلي پارِ ٻُري، مان کي چَڙَنِ چورِيو،
مُحبتِي ميهارَ جي، سُتي شاخَ چُري،
مَٿي جهوڪَ جُهري، پوَندِيَس پاريچَنِ جي.
ٻيلي جي طرف وڄي، گهنڊن (چڙن) مونکي جنبش ۾ آندو. پريتم ميهار جو سانڍيل نينهن اچي جاڳيو. پرينءَ ڀر ويٺل محبوبن جي منزل تي وڃي ڊهي پونديس.
5
هُنَ ڀَرِ سُيمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَن جي،
چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جَئونڪَ ٿِيَڙَمِ جوءِ،
مُحبتِي ميهارَ جي، باللهِ پِيِيمِ بوءِ،
وڃي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميهارَ کي.
هن ڀر پرينءَ جي ستي، هُل ٻڌم. گهنڊن (چڙن) منهنجو چت اُٿاريو ۽ سندس ذوق (عشق) مون ۾ ديرو ڪيو. ڌڻيءَ جو قسم ته پريتم ميهار جي مون کي هڳساڻ آئي. مان شل وڃي محبوب ميهار جو روبرو ديدار ڪريان.
6
ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي؟
ڪِٿي دُونهي دوستَ جي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟
جنهن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيون.
ڪٿي آهي ميهار ۽ ڪٿي پيو گهنڊ (چڙو) وڄي؟. ڪٿي اهي محبوب جي دونهي ۽ ڪٿي آهي پرين ڪنڌي (ٻي ڀر)، جنهن لاءِ مون ساري ڄمار پاڻيءَ ۾ ڍومائون کاڌيون آهن؟
7
ميهاران مِرِڪَ، پِيتائين پِريمَ جي،
تنهن مُنڌَ مَتوالي ڪي، سَنديءَ ساءِ سُرِڪَ،
لَڳِيَسِ ڪام ڪِرِڪَ، لوهان تِکي لَطِيفُ چئي.
سهڻيءَ ميهار کان پريم جي اُها پڪ پيتي، جنهن جي ذائقي منڌ کي مست ڪري ڇڏيو. کيس لوهه (رڪ) کان ئي تيز عشق جو ڪان لڳو (جتي طالب کي مرشد کان مليل سرڪي ڏانهن اشارو آهي.)
8
مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿئي،
وَڇِنِ جي وَڇارُ جو، وِنگو ٿِئي مَ وار،
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي مِهڻو.
شل ميهار نه مري ۽ وٿاڻ سڃو نه ٿئي. شل منهنجي ميهار جو وار به ونگو نه ٿئي. ساهڙ منهنجي لاءِ سچو زيب (سينگار) آهي، جيتوڻيڪ ماڻهن جي نظر ۾ منهنجو ساڻس ناتو هڪ مهڻو يا عيب آهي.
9
چاهَڪَ چَري تارِ تَري، آيُون مَٿي ٻيٽَ،
لُڙَ لَنگهِينديُون ليٽَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
مينهون ڇيڪ (گاهه) پاڻي (گهڻي پاڻيءَ) ۽ اونهي مان اُڪري، اچي سڪيءَ (ٻيٽ) تي پهتيون. هو ڌڻيءَ جي مهر سان لڙ ۽ ليٽ لنگهي پار پونديون.
10
چاهَڪَ چَري تارِ تَري، آيُون مَٿي ڪُنَ،
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻَنديُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ،
مينهُون ساڻُ اَمنَ، پَرچي پارِ لَنگهنديُون.
مينهون ڇيڪ چري ۽ ڦوهه پاڻيءَ مان اُڪري، کوه تي (ڪن ڀرسان) آيون. ساهڙ جي سڏ تي سهسين اچي اوچي ڳاٽ سهڙنديون. مينهون راضي ٿي، خير سان پار اُڪرنديون. (ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿين ٻن بيتن ۾ اشارو پيغمبر جي شفاعت ڏانهن آهي.)
داستان پنجون
1
ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌي پار جي،
ڇَڪي ڇوليءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِي وِڙاهُ،
پَسيو ڏوهُ ڏَڪي هِنئون، آرَ مَٿي اَرِواحُ،
جي توهُ ٿئي تو ڏانهن، وِيرَ وَهِيڻو ناه ڪي.
ساندهه ئي ساندهه درياه پيو پسجي ۽ ٻي ڪنڌي نهايت پري آهي. هيءَ ديواني اُنهن لهرن ۾ گهڙي پيئي آهي، جتي جان جو خطرو آهي. وهه ۾ ساهه جي سوڙهه مهل، پنهنجا ڏوهه ساري، هنئون ڪنبيو وڃي. اي ڌڻي! جي تنهنجي طرفان مهر ٿئي ته ڪو به وير حوالي نه ٿئي.
2
سِڪَڻَ وارَنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرياهُ،
اوڙَڪَ اُنيِنِ جو نه رهي، آرَ بِنا اَرِواحُ،
ويندي ساهَڙَ سامهون، صَدقو ڪنديون ساهُ،
جن کي حُبَ اُنهِين جي آهِ، ساهَڙُ ساڻي تن جو.
توڙي درياه ڪنبائيندڙ هجي ته به عشق وارن لاءِ اُهو تري وڃڻ آسان آهي. اُنهن جو روح اَنت تائين پاڻيءَ بنا نه ٿو رهي. عشق واريون ساهڙ (پريتم) ڏانهن ويندي، پنهنجي جان قربان ڪنديون. جن کي ساهڙ سان نينهن آهي، تن جو ساهڙ واهرو آهي.
3
گِهڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئي،
مَئي مَتي مَهراڻَ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهارُ مليئي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سين.
اِئين اٿيئي ته جيڪي درياه ۾ گهڙيا، سي پار پهتا. تون تار درياه ۾ ٽپو ڏيئي، گهڙي پئو ته ميهار سيڻاهه سوڌو هڪيو حاضر مليئي. (جي سر جو سانگو نه ڪري، مشڪل راهه ۾ پون ٿا، تن کي اچيو ڌڻيءَ جو هٿ پهچي.)
4
اَکِيون مُنهن ميهارَ ڏي، رُکِيُون جن جوڙي،
رِءَ سَنڊَ سَيدُ چئي، تارِ گِهڙَن توڙي،
تنين کي ٻوڙي، سائُر سَگهي ڪِين ڪي.
جن پنهنجون اکيون ميهار ۾ کوڙيون، سي کڻي سيڻاهه بنا ڦوهه درياه ۾ گهڙن ته به ساگر تن کي ٻوڙي نه ٿو سگهي. (جن ڌڻيءَ تي ڀروسو رکيو، تن کي دنيا روپي مها ساگر ڪوبه نقصان نه ٿو رسائي.)
5
جيڏانهن چِتَ چاهُ گهڻو، آرُ به اوڏانهِين،
وڃي وَهُ واڪا ڪيو، تکو تيڏانهِين،
ميهارُ ملائِين لَهُرنِ، مَنجھه لَطِيفُ چئي.
جنهن طرف منهنجي هنئين کي ڪشش آهي، تنهن طرف ئي پاڻيءَ جي تک آهي. اُنهيءَ طرف ئي درياه زور مان گڙگاٽ ڪندو پيو وڃي. اي ڌڻي! تون شل مون کي لهرن ۾ ميهار سان مکاميلو ڪرائين.
6
پَلِيان پَلِيو نه رهي، نِرتُون نِينهُن نِبارُ،
گهِڙان گهورِيو ڄِندُڙو!، اُٿَلَ مُون اَپارُ،
جِنين مَنِ ميهارُ، هَلَڻُ تنِين حَقُ ٿيو.
منهنجو نج عشق منهنجي نظر کان پلڻ سان به نه ٿو پلجي. اندر ۾ نينهن جي جنبش اٿم. درياه ۾ گهڙان ٿي، جي جان قربان ٿي ته گهوري! جن جي من ۾ ميهار پوي وسي، تن لاءَ پرينءَ ڪنڌيءَ ڏانهن وڃڻ واجب آهي.
7
سَندو ڏَمَ ڏَهاڪارُ، هَڏهِين ڪونهي هِنَ کي،
هيءَ پاڻيءَ سين پانهنجو، پُسائي نه سِينگارُ،
ڪارَڻِ منڌ ميهارُ، ڪاريءَ راتِ ڪُنَ تَري.
سهڻيءَ کي ڏم جو ڏهڪاءُ هرگز نه آهي. هوءَ هن پاڻيءَ (دنيوي هوس) سان پنهنجي لباس جو زيب (پاڪائي) نه ٿي وڃائي. هيءَ عورت، ميهار ڪاڻ اونداهيءَ رات جو ڪن ترندي ٿي وڃي.
8
جيهَرَ لوڪُ جهپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ،
اوهيرَ اَچيو اَديُون!، پَھُ پِريان جو پوءِ،
جي ڪَچو چَوَنِمِ ڪوءِ، ته مَرڪُ ڀانيان مِهڻو.
جنهن وقت ماڻهو ننڊ ۾ آهن ۽ ذري به سجاڳي نه اٿن، تنهن وقت اي سرتيون! مونکي اچيو طعنا هڻن ته ان کي فخر ڪري ٿي سمجهان. (عاشقن لاءِ ملامت مرڪ آهي.)
9
ته ڪَرَ ڪِينءَ سُئي؟ جي سِير نه گهِڙي سُهڻي،
هِتِ حياتيءَ ڏِينهَڙا، هَڏَهِن تان نه هُئي،
چُڪيءَ تنهن چَري ڪَئي، جو ڏِنُس اُن ڏُهي،
سُهڻيءَ کي سَيَدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُهي،
هُنئهِن هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
جي سهڻي سير ۾ نه گهڙي ها ته سندس نالو ڪئن ڳائجي ها؟ هِت (هن دنيا ۾) ته هميشه حيات نه هجي ها. کيس جا ميهار محبت جي سرڪي پياري، تنهن کيس مست ڪري ڇڏيو. مرڻي ته هونئن به هئي. پر ٻڏي فنا ٿيڻ ڪري، ٻئي جهان موچارا ٿيس. (شهيد جو مان هتي توڙي هتي آهي. سچي عشق ۾ شهادت ملڻ وڏو شرف آهي.)
10
ڪا جا ڪُن ڪَرِين، ڀنيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻ ۾،
اَکيُون تنهن آبَ کي، آڌيءَ اُڪيرِين،
توڻي تِڪُون ڏيِنِ، ته به اُڃَ اُنيِن نه لَهي.
اسر ويل درياه جا ڪن اهڙي ڪا پاڻ ۾ سرپر (سرٻاٽ) ٿا ڪن، جو آڌيءَ رات جو منهنجون (سهڻيءَ جون) اکيون اُنهيءَ پاڻيءَ لاءِ سڪن پيئون. توڙي کڻي آُهي (سچا عاشق) ڳيتون ڏيئي پيئن، ته به سندس اساٽ ٻجهڻ جي نه آهي.
11
دائمِ جا دَرياهَ ۾، سا مَڇي ڪِني ڪوهُ؟
آهِس اِيُ اَندوهُ، پاڻي ڪِٿي ته پيان.
مڇي، جا هميشه درياه ۾ آهي، سا ڇو بدبوءِ واري آهي؟ ان کي فڪر آهي پاڻي ڪٿان پيئان! (انسان به اُنهيءَ ڪري ذليل آهي، جو هر هنڌ وسندڙ نور کي نه ٿو سڃاڻي ۽ وتي ڀٽڪندو.)
12
لَهرَ مِڙوئي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو،
اوٻهارا عَبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ،
ڪُنَ گهِڙي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُهڻي.
سهڻيءَ ڪاڻ درياه جي هر هڪ لهر لعلن سان پر آهي ۽ سمورو درياه مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار آهي. کيس پاڻيءَ مان عطر جون بيحد هٻڪارون پيئون اچن. انهيءَ ڪري ئي هوءَ (سهڻي) سپرينءَ جي سڪ ۾ ڪالهه ڪنن ۾ گهڙي.
13
جيڪي ڏٺُءِ تار ۾، ڪَنڌيءَ سو ڪَهيج.
جَرُ وڏو، جهاجھه گهڻي، پاندُ مَ پُسائيج،
ساهَڙُ ساڱاهيج، ته ثابِتُ لَنگهِين سِيرَ مان.
اي سهڻي! (اي سالڪ!) جيڪي تو ساگر ۾ ڏٺو، تنهن جو تون ڪنڌيءَ تي احوال ڪج. پاڻي اٿاهه آهي، پر تون پنهنجون پلاند نه پسائج. ساهڙ جي ساڃهه رکج ته وچ سير مان سلامت لنگهي وڃين.
14
جا هَڙَ اَندَرِ جِيَ، ساهَڙَ ڏِني ساهَ کي،
ساهَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جي، سا هَڙَ ساهَڙَ رَيَ،
ساهَڙَ مِيڙِ سَمِيعَ!، ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جي.
جا محبت جي ڳنڍ، ساهڙ منهنجي جيءَ کي ڏني آهي، سا جان جي ڳنڍ ساهڙ بنا نه کلندي. اي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ! (اي ڌڻي) مونکي ساهڙ ملاءِ ته اُها ساهه جي مونجهه (جان جي مشڪلات) لهي.
وائي
اَکيُون پيرَ ڪَري، وڃجي، وو! وڃجي،
سُپيرِيان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪِينَ ڪَجي،
لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَهڙي ڳوٺِ نِجي،
مُحَبَتيءَ ميهارَ جو، سُورُ نه ڪنهن سَلِجي.
پرينءَ ڏانهن وڃجي ته اکين کي پير ڪري وڃجي. (اکين سان پنڌ ڪجي). محبوب جي پچار ڪنهن سان ڪين ڪجي. اُن کي ماڻهن کان لڪائي، پنهنجي ڳوٺ (نجهري يا گهر ۾) نجي. ساهڙ سپرينءَ جي سڪ جو سور ڪنهن سان به نه سلجي. (شاه هميشه عشق کي اندر ۾ سانڍڻ جي هدايت ٿو ڪري.)
داستان ڇهون
1
ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکِيا اَڳي هُئا،
نڪا ڪُن فَيَڪُونَ هئي، نَڪا ٻي پَچارَ،
مَلڪَنِئان مَهَند هئي، توڏيءَ جي تَنوارَ،
مُحبَتَ ساڻُ ميهارَ، لايائِين لَطِيفُ چئي.
ساهڙ (حقيقي محبوب) جو حسن ۽ جمال (سندرتا) تقدير، جي انگ لکجڻ کان ئي اڳي موجود هو. اڃا ”ڪن فيڪون“ (ٿيءُ ۽ ائين ٿي پيو) جي وائي ڪانه هئي ۽ نڪا ٻي وارتا هئي، بلڪ فرشتن جي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي، سهڻيءَ جي مٺي لات پئي ٻڌڻ ۾ آئي. هن اُنهيءَ دم ميهار سان پرت جو پيچ اَڙايو هو.
2
گهيڙَ لَنگهيو گهاري، مَيثاقان ميهارَ ڏي،
اَلَست بِرَبِڪُم، قَالُوابَليٰ، پَر اِها پاري،
ڏِسيو ڏيکاري، پِرت پِريان جو پيچِرو.
سهڻي ازل کان ئي درياه جا ور ۽ پيچ سڃاڻي ڇڏيا هئا. اُنهيءَ ڏينهن ڌڻيءَ روحن کان پڇيو هو ته ”نه آهيان مان اوهان جو رب؟“ ۽ روحن جواب ڏنو هو ته ”ها“. سهڻي به اهو ئي قول پيئي پاڙي. هوءَ پاڻ پرينءَ جو پيچرو ڏسي، ٻين کي پيئي ڏيکاري.
3
اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چيائُون،
ميثاقا ميهارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون،
سو موٽي ڪيئن پانهُون؟ جو محفُوظان معافُ ٿِيو.
ازل جي ڏينهن، جڏهن ڌڻيءَ روحن کان پڇيو هو ته (”نه آهيان مان اوهان جو رب؟“) تڏهن کان ئي مون (سهڻيءَ) ميهار سان سڱ ڪيو هو. جيڪي ڀاڳ ۾ لکيل هو، سو ڪئن پٺتي هٽندو؟.
4
اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ،
هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سهڻيءَ سِڪَڻَ سَڌَ،
دِلو دَئورَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ،
جيڪي آيَسِ ڏانهن عَهدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
الست جي ڏينهن، جڏهن ڌڻيءَ روحن کان سوال پڇيو هو، تڏهن کان سهڻيءَ جو لاڙو ساهڙ ڏانهن هو ۽ کيس ساڻس نينهن اڙائڻ جي آرزو هئي. لکئي سندس دل کي درياه جي وهه ۾ ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. جيڪي ازل کان سندس باري ۾ رٿيل هو، تنهن جي پوئواري هن عورت اونهي پاڻيءَ ۾ ڪئي..
5
اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَنئِين راهَ، سَيَدُ چئي، سوٺائُون سَبِيل،
وحدتَ جي واديءَ ۾، ڪوڙين ڪِي قَلِيلَ،
درِياهَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهَوارا ڪيا.
الست جي ڏينهن، جڏهن شان واري ڌڻيءَ روحن کي سجاڳ ڪيو، تڏهن هنن سنئين راهه يعني خدائي واٽ ڳولي لڌي. پوءِ هيڪڙائيءَ جي ماٿر ۾ ڪروڙن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا. دنيا جي وهمي ساگر لکن کي لوڙهي ڇڏيو. (دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ اِنسان اُها سرت ڀلجي ويو ۽ حرصن جي درياه ۾ لڙهي ويو.)
6
کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
تَنَ ۾ تَؤنس پِرِيُنِ جي، پِيان نه ڍاپان،
جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائي نه ٿئي.
کامان، سڙان، پڄران ۽ ڦٿڪان پيئي ۽ پرينءَ کي ڏوريان به پيئي. اندر ۾ پرينءَ جي سڪ جي ايتري اُساٽ اَٿم، جو پيئڻ سان به پياس نه ٿي ٻجهيم. جي سارو سمنڊ کڻي وات ۾ اوتيان ته به مون لاءِ جيڪر هڪ ڍڪ به ڪين ٿئي.
7
ڪاري راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيھَ اُونداهي،
چَنڊ نالي ناهِ ڪو، دَرِياهَ دَڙَ لائي،
ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
اِيُ ڪَمُ اِلاهي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرُ گِهڙي؟
اُڻٽيهين تاريخ جي اونداهي رات آهي ۽ سهڻيءَ کي ڪچو دلو ساڻ آهي. چنڊ جونشان به ڪونهي ۽ درياه ۾ ڪڙڪا پيا پون. سهڻي، ساهڙ ڪاڻ آڌيءَ رات درياه تي آئي آهي. اِهو سڀ ڌڻيءَ جي امر موجب هو، نه ته جيڪر ڪير هيئن ڪنن ۾ ڪاهي پوي؟.
8
ڪَاري راتِ ڪَچو گَهڙو، نڪا سِيڻھَ ساڻُ،
وجهي ويرَمَ نه ڪري، پِريان ڪارَڻ پاڻُ،
محبت کي مَهراڻُ، سُڪي سَڀُ پَٽُ ٿيو.
رات اونداهي ۽ ڪچو دلو، نڪا ڪا سيڻاه ساڻ اٿس. هوءَ ذرو نه ٿي ترسي ۽ پاڻ کي محب خاطر کڻي آب ۾ ٿي اُڇلي. نينهن اڳيان ساگر سڪي پٽ (ميدان) ٿي پيو (سچو عاشق مهراڻ توڙي جبل توڙي رڻ کي مات ڪيو ڇڏي.).
9
اورار نه پَرارِ، ويچاري وه وِچَ ۾،
سُڪيءَ ڏنيءَ سُپِرِين، ٻيو مِڙوئي تارِ،
تون گِهڙُ ڪيِمِ نِهارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجهُون ڪري.
ويچاري سهڻي نه اورينءَ ڀر آهي، نه پرينءَ ڀر آهي، پر وچ سير ۾ آهي. بس سندس سپرين ئي، سڪيءَ ڪنڌيءَ تي آهي ۽ سڀ رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. اي سهڻي! (اي سالڪ!) تون هيڏانهن هوڏانهن نه نهار، پر اندر گهڙي پئو. ڌڻي ٻڏندڙن تي مهرون ٿو ڪري.
10
هِن پارِ نه هُنَ، ويچاري وَهَ وِچ ۾،
نِيڇُ نِهاري نه گِهڙي، تنهن ۾ پيسن تُنَ،
اَلله! ساڻُ اَمُنَ، آران ڪنهن اُڪارِئين.
سهڻي دريا جي نه هِن پار نه هُن پار آهي، پر ويچاري وه جي وچ ۾ آهي. هوءَ نيڇ نهاري ٿي، جنهن ۾ تن پيل اٿس. اي ڌڻي! سهڻي کي هن آر مان امن سان اڪارجانءِ.
11
سَهسين سائرَ گَجَنِ، توءِ سَهَجَ نه مَٽي سُهڻي،
ته ڪي نِينهَن ڇِڄَنِ، پَرِ تَهِين پِرِيُنِ جي؟.
انيڪ ساگر گجگوڙون ڪن ته به سهڻي پنهنجو سڀاءُ مٽائڻ واري نه آهي. اِنهيءَ ريت ڪي محبتون ڇڄڻ جون آهن؟ (سچو عشق ڪهڙين به مصيبتن هيٺ نه ٿو ڇڄي.)
12
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏي! هٿُ مَ لاءِ،
صُباح تو چونداءِ: ”اسان تو اُڪارِيو.“
اي ٻڏندڙ منڌ! محبوب جي آڇيل ترهي کي نه ڇهه. سڀاڻي (آخرت ۾ يا پڇاڻي ڏينهن) توکي چوندا ته ”اسان توکي پار اُڪاريو.“
13
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِين توءِ مَ لڳُ،
جي ڀانئِين پِرينءَ مِڙان، ته پُورَ اُبُتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجهُرو.
جي تون ٻڏين ته پرينءَ جي ترهي کي پنهنجو آڌار نه ڪر. جي چاهين ته محبوب سان ملان ته اوڀارو وڃ (وهڪري جي سامهون تر). پير اوڏانهن کڻ، جيڏانهن ڪو سلامتيءَ جو ماڳ نه سجهي.
14
سُڪيءَ ٻُڏنِ جي، ساهَڙُ ساڻي تن جو،
لَهرنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني،
جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تن اُماڻي اورَهُون.
جيڪي سڪيءَ ۾ ٿا ٻڏن (جي درياه ۾ گهڙڻ کان اڳيئي پنهنجي جان تان هٿ نه ٿا کڻن)، تن جو مددگار ساهڙ (ڌڻي) آهي. هو اُنهن کي پنهنجن ڪلهن تي چاڙهي، لهرن مٿان اُڪاري ٿو وڃي. جي پرين منزل جو ٿا پڇن، تن کي اُتي اِئين وڃيو رسائي، ڄڻ اها اوريان هئي.
15
سُڪيءَ جي سانباهَ ۾، ٻُڏيِن توءِ ٻُڏُ،
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺيون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نڪو ساهَڙَ سَڏُ، نڪا سُڄي سُهڻي.
سُڪيءَ ڪنڌيءَ تي پهچڻ (ساهڙ وٽ رسڻ) جي سانڀاهي ۾ جي ٻڏين ته ڀل ٻڏ. ڪک ۽ ڪانڊيري جون ڪاٺيون ميڙي، ترهو نه ٻڌ. پوءِ نه ساهڙ جو ڪو سڏ (آواز) ٻڌبو، نه سهڻيءَ جي ڪا وائي.
16
جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ،
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي.
جي تو بيت سمجهيا، سي آيتون (روحاني هدايتون) آهن. اُهي من کي وڃيو محبوب (ڌڻيءَ) جي طرف لڳائين.
داستان ستون
1
ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تون ڌڻي! ٻئي جو دعويٰ رَسي نه دَمُ،
هِن منهنجي حالَ جو، ميهَرَ تي معلَمُ،
رکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جو اَچي پيو اَجهور ۾.
اي ڌڻي! اِنسان کي ٻوڙين به تون، تارين به تون، ٻئي جي هت نه حجت ٿي هلي نه هام. منهنجي هن حال جي ميهار کي سموري ڄاڻ آهي. اي ڌڻي! تون هن دلي جي لڄ رکج، جو اَچي اُجهاڳ پاڻيءَ ۾ پيو آهي.
2
ڪانڌي ڪنگَ ٿياس، وَهَڻُ جَنازو سُهڻي،
ٻگها جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تن ڏناسِ،
اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.
سهڻيءَ جا ڪانڌي ڪنگ پکي ٿيا ۽ درياه سندس جنازو (ڏولي يا کٽولو) ٿيو. ٻيٽ تي رهندڙ ٻگهن کيس ڪلها ڏنا. اکين سان حساب پڇندڙ فرشتا (منڪر ۽ نڪير) ڏٺائين، ته به سندس من جو لاڙو ميهار ڏانهن هو.
3
اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري،
اَئون پڻ وِجهان هَٿَڙا، اَئِين پڻ وِجهو ڄارُ،
گهوريُون ڪارُونڀارُ، مان مِلَنِئُون سُپِرِين.
ميهار، تڙپي بيهي، ميربحرن کي سڏ ڪري پيو چوي ته ”آءُ به هٿ ٿو وجهان ۽ اوهين به پنهنجا ڄار وجهو. اچو ته هن اونهي پاڻيءَ ۾ ڳوليون. من اسان کي محبوب (سهڻي) هٿ اچي.“
4
ڪنڌيءَ جَهليو ڪانَهن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري،
تو ڪِيئن ٻوڙي سُهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانَهن،
دَرِياهَ! توتي دانهَن، ڏِيندسِ ڏِينهَن قِيامَ جي.
ڪنڌي تي سرن (گاهه) کي جهلي، عاشق (ميهار) بيٺو ورلاپ ڪري چوي ته ”ٻيلي درياه! تو ڪئن منهنجي سڱ واريءَ سهڻيءَ کي ٻوڙيو؟ توتي مان قيامت جي ڏينهن فرياد ڪندس.“
5
جتي پيرَ ڀَرنِ، ڀَريُون پَون ڀَواريُون،
تانگھه نه لَڌي تارُئين، مَپُ نه ماٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌيءَ اُڀا ڪيترا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ،
تون ڪيئن تَن تَڙَنِ، اَچيو اَساري! گهڙِين؟
جتي گرداب (ڪُنَ) پيا ڦِرن ۽ ڀوائتيون ڀڪون پيئون ڪرن، جتي تارن، تري جي سُڌ نه لڌي ۽ ماٽي تي ترندڙن (ملاحن) کي اونهاڻ جي ڄاڻ نه پئي. جتي ڪنڌيءَ تي سيڻاهه وارا به بيٺي ڪنبيو وڃن، اهڙن هنڌن تي اي وسوڙي! (سهڻي) تون ڪئن اچي ٿي گهڙين؟
6
سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: ”آءُ“،
هڪ تِکوئي تارِ وهي، ٻيو لُڙُ لَهريُون ۽ واءُ،
ساڻي جن اَللهُ، ٻُجهان سي نه ٻُڏندِيُون.
سامهين پار کان بيهي سپرين سڏ ڪري پيو چوي ته ”اچ“ هڪ ته درياه تکو ۽ تار پيو وهي ۽ ٻيو ته پاڻيءَ ۾ لڙ ۽ تيز لهرون آهن ۽ طوفان لڳو پيو آهي. جن جو سائين همراهه آهي، سي هرگز (يقين سان ڄاڻان ٿو) نه ٻڏنديون.
7
هاري! حقُ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو،
خوابَ، خيالَ، خَطرا، تَنَ کي تَرَڪُ ڏِئيجِ،
اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيج،
اِنهيءَ راهَ رَميج، ته مُشاهِدو ماڻئِين.
اي نادان ناري! سامهين ڀر تي بيٺل ساهڙ جي شناس رکج. مڙيئي وهم، وسوسا ۽ خوف جيڪي دل ۾ اٿيئي، تن کي ترڪ ڪج!. پنهنجي قلب کي آرسيءَ جيان اوجل ڪري اندر ۾ اُهو پرين پسج. انهيءَ واٽ تي هلج ته سندس ديدار ماڻين.
8
سانڀارا سيئي، تُنِ جنيِن جو طالِبُو،
مَنُ ڀريان نيئي، پڳهِيو پاڻ ڳري.
اُهي سپرين سامهون آهن، جن جي لاءِ تن سڪندڙ آهي. پرينءَ منهنجو من ڇڪي پاڻ سان جڪڙيو آهي.
داستان اٺون
1
ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجهَنِ،
پسُو لَڄَ لَطِيفُ چئي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ،
توڻي ڪَنڌيءَ ڪَنِ، ناتِ ساڻنِ وڃن سِيرَ ۾.
ٻڏڻ ويل، ڪي عقل ۽ حرفت وارا گاه جي ٻوڙن کي هٿن ۾ ٿا پڪڙين. ڏسو ته ڪکن کي ڪيڏو نه حياءُ ۽ مرم آهي، جو اُهي ٻڏندڙن کي وڃيو يا ڪنڌيءَ تائين رسائين، نه ته اُنهن سان گڏوگڏ سير ۾ سندس ساٿي ٿا وڃن.
2
ڪَچي ڪاني ڪانَهن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارَ مان،
يا لَنگهائي لَطِيفُ چئي، يا ڌُريان ڪري دانهَن،
ڪَما حَققہُ ڪَکَنِ جي، آهي ڳالھ اَڳانھَ،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتِ ساڻنِ وڃن سِير ۾.
سَرَ جو ڪچو ۽ ڪمزور ڪانو ٻڏندڙن کي اونهي پاڻيءَ مان ٻاهر ٿو ڪڍي. يا ته سير مان پار ٿو اُڪاري يا ته منڍ ۾ ئي درد جي دانهن ٿو ڪري. ڪکن جي ڳالهه مشهور آهي، جئن واجب آهي. يا ٻڏندڙن جي ٿا ڪن، يا ته ساڻن گڏ سير ۾ ٿا وڃن.
3
آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو،
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئي، جَهليا جُنگَ جُواڻَ،
اُونهي تَڙِ آگَهٽِيا، آڏي پائي آڻَ،
جي پيا مُنهن مَهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي.
توکي آخر هتي (ٻي دنيا ۾) وڃڻو آهي، تون اونهي پاڻيءَ ۾ ترهو ٻڌ. هنن لهرن ۽ لڙن، جبرن جوانن کي روڪي ڇڏيو. اُهي اڳيان آڻ مڃي، اونهي گهيڙ ۾ روڪجي بيهي رهيا. جي ساگر ۾ گهڙيا، تن پانڌڙين کي ٻيٽ (سلامتيءَ جو هنڌ) نه ٿو وڻي.
4
ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇِي نه سُهڻي،
لَنگهيو، لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وڇارَنِ وَهي،
سا ڪئن نِينهن نَهي؟ جنهن کي نِينهَن نَڌُو کڻي.
سهڻي ڪچي دلي سان ئي ٿي درياه ڏي وڃي ۽ پڪي دلي ڪاڻ نه ٿي ڪڍي. هوءَ لُڙ مان لنگهي ميهار (پنهنجي سپرينءَ) ڏانهن پيئي وڃي. سا ڪئن نيهن کي قابو ڪري، جنهن کي نيهن قابو ڪيو آهي.
5
ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسي خالَ خوش ٿِئي،
پاڻيءَ چِٽَ پُسائيا، ڌاءَ نه جَهلي ڌَمالَ،
سُپَڪَ ڀانيا سُهڻيءَ، جوڀَنَ جي جَمال،
آڪي جا اَحوالَ، مَعلُمُ ٿيا مَهراڻَ ۾.
جي چٽ ڪنڀر دلي تي چٽيا هئا، تن کي ڏسي سهڻي خوش ٿي. پاڻيءَ اُهي نقش ميٽي ڇڏيا ۽ رنگ به سٽ نه جهلي. جوانيءَ جي حسن جي نشي ۾، سهڻي اُن کي پڪل دلو سمجهيو. کيس ڪچي دلي جي ڪيفيت (حالت) جي ڄاڻ درياه ۾ پيئي.
6
ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِرِيُنِ جو،
ساهَڙُ منهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئي ڏوهُ،
جي ڇَٽو جي ڇوهُ، ته پُورِينديَس پارِ مَڻي.
جي دلو ڪچو آهي ته ڇا ٿيو؟ محبوب جي نظر پڪي ۽ پختي آهي (جي ڌڻيءَ جي لطف آهي ته پوءِ وسيلو ڪهڙو به ڪمزور هجي ته فڪر نه آهي.). ساهڙ منهنجو پريتم آهي، ڏم کي ڏسڻ ئي گناهه آهي. جي تيز طوفان هوندو يا ڇوهه درياه ته به پرينءَ ڪنڌيءَ ڏانهن وينديس.
7
ڪَچي ڪَٽُ نه جَهليو، ڀيلو پيو ڀُري،
سارَ ڇڏِيائِين سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُري،
لَٽي لهريُون ويئِيُون، چوڌاري چُري،
هِنئڙي مَنجھه هُري، ماهِيَتَ مَلَڪَ اَلمَوتَ جي.
ڪچي دلي پٽيءَ ڌڪ ته جهليو، اَڻ پڪل گهڙو ڀُري رتيون ٿي پيو. سهڻيءَ ٻانهن کان ساڻي ٿي، سمورو ست سير ۾ ڇڏي ڏنو. لهرن چئني طرفن کان کيس لٽي وڪوڙي. سندس دل ۾ هاڻ موت جي فرشتي (عزرائيل) جي ڏيکاري سُجهي آئي.
8
ڀيلي ڀُلائي، پَسي چِٽَ چَري ٿئي،
”ٻَرِ! ٻَرِ! ٻُڏي سُهڻي!“ وِيرُن ۾ وائي،
ڪَچي ڪيرائي، لال لَهرنِ وِچ ۾.
سهڻيءَ کي ڪچي دلي ڀُلايو، هوءَ اُن جي گلڪاري ڏسي چري ٿي پيئي. ويرن مان اُهائي تنوار آئي ته ”هيءِ! هيءِ! سهڻي ٻڏي ويئي!“. ڪچي دلي هن لال جهڙي سندريءَ کي لهرن وچ ۾ ڪيرايو.
9
پڪو کَڻجِ پاڻَ سين، چڱو چِٽائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلالِ کي، مُنهن تي موٽائي،
سوسُڻُ هِنئين سين سُهڻي!، جيڪي فائق فرمائي،
موجُون مُنجهائي، مارِينئي مهراڻ جون.
اي سهڻي! (اي سالڪ!) تون پاڻ سان پڪو دلو، چڱيءَ پر رڱائي کڻج. ڪچو دلو بروقت ڪنڀار کي منهن تي موٽائي ڏج. اي سهڻي! جيڪي ڌڻيءَ فرمايو آهي، سو دل سان هنڊاءِ، نه ته توکي ساگر جو لهرون منجهائي مارينديون. (ڌڻي به ٿو چوي ته پڪو وسيلو هٿ ڪري، پوءِ مون تي رکو، نه ته پريشان ٿيندا.)
10
ڀُر ڀَلِيرا سُپِرِين!، ڀَلا ۾ بيراهَ،
تو رِءَ تاري ناهِ ڪا، والي! تو رِيءَ واهَ،
ساهَڙَ جي صلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان.
اي ٻاجهارا سپرين! تون ور ۽ اچي اوجهڙ ۾ رس. اي مالڪ! توکان سواءِ مونکي نه وسيلو آهي نه واٽ. ساهڙ جو راضپو ئي تارِ پاڻيءَ مان ٿو تاري. (ساهڙ مان مراد آهي ”هادي“ يا ”ڌڻي“.)
11
تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلحُ ساهَڙَ جو،
اُت آڏو اَچي ڪِينَ ڪي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو،
ميهَرَ! ڪَج منهنجو، ڪو اوڪرُ ڪَنهِين آر تان.
ساهڙ جو راضپوئي سرير کي سير مان ٿو اُڪاري. اُتي ٻئي ڪنهن جو ساٿ ڪم نه ٿو اچي. اي ميهار! تون ئي هن درياه مان منهنجي ڪم جو ڇوٽڪارو ڪج. (هن جهان ۾ ڌڻيءَ جو لطف ئي گهرجي.)
داستان نائون
1
جَرِ ٿَرِ تک تنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائي هيڪڙي،
سَڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار،
هَمَہَ مَنصُور هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟
پاڻيءَ توڙي ڌرتيءَ تي (هر هنڌ) اِهائي پرجوش تنوار پيئي ٻڌجي ۽ وڻ ٽڻ ۾ اِهائي وائي پيئي سڻجي. (”انالحق“ يعني مان حق آهيان.) سڀيئي وستو، اِنهيءَ حساب سان موت جي سزا جون لائق آهن. (جيئن منصور حلاج سان ٿيو.) هزارين بلڪ مڙيئي شيون منصور آهن، ڪنهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهي ڪنهن کي چاڙهيندين؟.
2
سَڀَتِ پَچارَ پِرِينِ جي، سَڀَتِ هوتُ حُضورُ،
مُلِڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُهي ڪُهِندين ڪيترا؟.
سڀني هنڌن تي محبوب جو ذڪر جاري آهي ۽ هر جاءِ محبوب موجود آهي. سارو جهان منصور آهي، تون ڪيترا ڪُهي ڪيترا ڪُهندين؟
3
لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪڙو،
اُونهي تنهن عَمِيقَ جي، واري ڇڏ وِماسَ،
جِت ناهي نِهايَتَ نِينهَن جي، کوءِ اُتِ پنهنجي کاسَ،
تَڙَنِ جي تلاسَ، لاهِ ته لالَن لڳ ٿئين.
لهرن کي لکين روپ ۽ ويس آهن، پر پاڻي ڏسڻ ۾ هڪ آهي. اِنهيءَ اونهي سمنڊ (درياه) جي سوچ ئي دل تان لاهي ڇڏ. جتي محبت جي ڪا حد ئي ڪانهي، تتي تون پنهنجي سموري خواهش نابود ڪري ڇڏ. تڙن (سلامتيءَ وارن هنڌن) جي تلاش ڇڏي ڏي ته محبوب جي ويجهو ٿئين.
4
وڃان ڪِينَ وَري، هُوندَ رِءَ چَئي رهي رَهان،
دُونهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهِين پَئان مَري،
صورَتَ نه سُنهن ڪا، ڪَيسِ چِتَ چَري،
وِصالان فِراق جي، سُڄي ڳالھه ڳري،
تيلاهِين تَري، مُنهن ڳِنِيو موٽيو وڃان.
سهڻي ٿي چوي ته ”مان جيڪر وري موٽي گهر ڪين وڃان ۽ ميهار جي چوڻ کان سواءِ ئي وٽس رهي پوان، بلڪ محبوب جي دونهيءَ جي ڀر ۾ ئي هوند دم ڏيان. مون کي ڪو هروڀرو محبوب جي صورت يا حسن حيران نه ڪيو آهي، پر مون کي پنهنجي من جي ذوق ئي مستان ڪيو آهي. مون کي گڏجاڻي جي ڪا گهڻي سڪ ڪانهي پر مون کان وڇوڙو سٺو نٿو ٿئي. (جيڪي جدائيءَ ۾ آهي، سو گڏجاڻيءَ ۾ نه آهي.) اِنهيءَ ڪري ئي ڪنڌ ورائي، تري موٽيو ٿي وڃان.
5
جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپَرِين،
تِهان پَري سُڄَن، واڌايُون وِصالَ جون.
جي پرين مون کي قيامت جي ڏينهن ملن ته به ڄڻ ويجها چئبا. ميلاپ جون مبارڪون اُن کان به پري پيئون ٻڌجن. (حقيقي محبوب سان هڪ ٿيڻ مشڪل ۾ مشڪل ڳالهه آهي.)
6
آئون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِهڙي جوکو ٿئي،
قَضا جا ڪَرِيمَ جي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪڍيو ڪِيئن؟
هِڪُ لِکِئي ٻئي نِينهَن، آڻي اَوِلَيسَ اول ۾.
مون کي ڪهڙي ڄاڻ ته پاڻيءَ ۾ گهڙڻ ڪري جان کي جوکو رسندو. جو ڌڻيءَ جو امر آهي، تنهن کان ڪئن نٽائبو. هڪ قسمت (نصيب) جي انگ ۽ ٻيو عشق، مون کي ڌڪي اچي آر ۾ هنيو.
7
نه ڪانيءَ ڪانهِن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتيئي لِکِيُو، جِتِ نه رَسي ٻانهَن،
ڪَنهن کي ڏيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وهائيو.
نه ڪانيءَ (جنهن ۾ قلم ٺهيو) جو ڏوهه آهي، نه قلم جو ۽ نه وري ڪپ جو، جنهن اُن کي گهڙيو. تقدير اُتي لکي ويئي، جتي ڪنهن جو به هٿ نه ٿو پهچي. (ڪوبه اُن کي ڊاهي نه ٿو سگهي.) جنهن صورت ۾ تقدير (ورڌاتا) خود قلم هلايو، تنهن صورت ۾ ڪنهن کي شڪايت ڏيان؟.
8
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻي پاڻَ لَهي.
نه درد کي حد آهي، نه سڪ کي، عشق جي ڪٿ ئي نه آهي. عشق ئي پنهنجو انت پاڻ ڄاڻي. (نينهن ڪهڙو به گهاٽو هجي ته به اڻپورو آهي. اُن جي پڄاڻي لهڻ مشڪل آهي. عشق بي اَنت آهي.)
9
عَدَدُ ناهِ عِشقُ جو، سُڻي ٿِيُ ساڻي،
ڪانهي پُڄَاڻي، مَهَندان مُنڌَ! ميهارَ جي.
عشق جو انت کي ڪونهي، اهو ٻڌي نينهن ڀيڙي ٿيءُ اي منڌ! اڳيان وري ميهار جو به انت نه آهي.
10
سِڪَ تنهنجي، سُپِرِين! اَندر ٿي اَجَهلَ،
ٻَر ڪيو ٻاهر نڪري، کُوري کانئي کَلَ،
رءَ سِيراهيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سَڄَڻين.
اي محبوب! تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ اٿاهه آهي. منهنجي کُوري ۾ جليل چمڙيءَ مان اُها اٻڙڪا کايو ٻاهر پيئي نڪري. پرينءَ مون ۾ سيراهيءَ بنا ئي سوراخ ڪيا آهن.
11
ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سِگهان ڪي سگھه،
آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مون هيڪليءَ وَلَها!.
ڪي مان پنهنجي سر ٿي تران، ڪي تون مونکي تار، ڪي پنهنجي سر ٿي پتوڙيان، ڪي تون مون کي پتوڙ ۾ واهر ڪر. اي ڪانڌ! تون منهنجي آڏو ڪا رنڊڪ اچڻ نه ڏجانءِ.
12
ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيام، ڪوهُ ڄاڻا ڪهڙا پَرِين؟
سَهسين سِجَ اُلَهي، واجهائيندي ويامِ،
تنين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نه سَهان.
محبوبن کي ڏٺي مون کي ڪئين ڏينهن ٿي ويا آهن. ڪئن ڄاڻان ته اُهي ڪهڙا آهن؟ اُنهن لاءِ واجهائيندي بيشمار سج لهي ويا آهن. تن کان سواءِ سال (ورهيه) گذري ويا اٿم، جن کان سواءِ هڪ پل به جيڪر نه گهاري سگهان.
ابيات متفرقہ
1
ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، نِسوري ناپاڪَ،
نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنيِن جي اوطاقَ،
هوءِ جي کيرَ پِياڪَ، پاسي تنيِن پاڪَ ٿئي.
ساهڙ کان سواءِ سهڻي ناپاڪ آهي. هوءَ هن (ميهار) جي آستان تي ئي پنهنجي ناپاڪائي وڃائيندي. هو جي کير پئندڙ (معصوم ۽ پاڪ) آهن، تن جي ڀر ۾ ئي هوءَ پاڪ ٿيندي.
2
ساهَڙَ ڌاران سُهڻي، هيءَ تان جُنبي جوءِ،
هِنَ پاڻيءَ سين پانهنجو، مُور نه مٿو ڌوءِ،
جي پِرين پاسي هوءِ، ته ڪَر توڏيءَ تَڙُ ڪيو.
ساهڙ کان سواءِ هيءَ عورت (سهڻي) مٿي ميري (ناپاڪ) آهي. هوءَ هن پاڻيءَ (ڏم يا دنيا جي پاڻيءَ) سان هرگز مٿو نه ٿي ڌوئي. جي پرينءَ جي ڀر ۾ هجي ته ڄڻ سهڻيءَ تڙ ڪيو.
3
ساهَڙَ ڌاران سُهڻيءَ، هِيءَ هِي تان جُهڪي زال،
توڏيءَ تَپُ شروع ٿيو، هَيءَ! هِيڻيءَ جي حالَ،
جَڏي رِءَ جَمالَ، اَگهي ٿي آهُون ڪري.
ساهڙ کان سواءِ سهڻي، هڪ ڊٺل عاجز (ضعيف) آهي. افسوس آهي هن هيڻيءَ جي حال تي، جنهن کي تپ اچي شروع ٿيو آهي. هيءَ جسم ۾ جڏي، سونهن ۽ صحت وڃايل، درد جون دانهون پيئي ڪري.
4
ساهَڙَ ڌاران سُهڻيءَ، آهي ۾ آزارُ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏيءَ سَندي تَنَ جي، دوام ۾ ديدارَ،
جي پَسي مُنهن ميهارَ، ته سِگهيائي سَگهي ٿئي.
ساهڙ کان سواءِ سهڻي اگهائي ۾ ورتل آهي. ڏم جي ڀر ۾ هن لاءِ عليلائي (اگهائي) آهي، ميهار وٽ هن لاءِ سگهائي آهي. سهڻيءَ جي سرير جي سُتي ساهڙ جي مشاهدي ۾ آهي، جي ميهار جو منهن ڏسي ته ترت ئي نوبني ٿئي.
5
ڏِيهاڻي ڏَمَرُ ڪري، مٿي مُحبَت مُون،
تنهَن کي اَچي تون، پِرِيمَ! ڪوهُ نه پَلئِين؟
سڪ ڏهاڙي مون تي شوخي پيئي رکي. اي پرين! تون ڇو نه ٿو اچي اُن کي روڪين ۽ جهلين؟ (هيءَ نازڪ خيالي آهي. محبت جي مچ تي ٺار تڏهن ٿو پوي، جڏهن محبت درشن ڏئي.)
6
جان جان هُئي جِئَري، وِرِچي نه ويٺي،
وَڃي ڀون پيٺي، سِڪَندي کي سَڄَڻين.
سهڻي جيسين جيئري هئي، تيسين ڪڏهن به ڪڪ ٿي ويهي نه رهي، سپرينءَ لاءِ سڪندي، نيٺ وڃي پاتار ۾ پيئي.
7
جان جان هُئي جِئَري، ويٺي نه ويساندِ،
لُڙهي لَهرِن پاندِ، ميائي ميهارَ ڏي.
سهڻي جيسين حيات هئي، تيسين آرام ۾ نه ويٺي. مئي کان پوءِ به هوءَ لهرن جي پلاند ۾ ميهار ڏانهن لڙهندي ويئي.
8
ورُ اُونداهي راتڙِي، کوءِ چانڊُوئيءَ چنڊان،
اوري ميهاران، مُنهن مَ پَسان ڪو ٻيو!
ڀل ته اونداهي رات هجي، چنڊ جي چانڊاڻ ٻن پوي. ميهار کان اوري شل ٻئي ڪنهن به شخص جي شڪل نه ڏسان.
9
سائرَ ٻوڙي سهڻي، نه ڍوري نه ڍَنڍَ،
اَکين مَنجھه اڪَنڍَ، ميائي ميهارَ ڏي.
سهڻيءَ کي درياه ٻوڙيو، نه ڪنهن نهر يا ڍنڍ. مئي کان پوءِ به هوءَ اکين ۾ اُڪير رکي، ميهار ڏانهن لُڙهندي ويئي.
10
سانوَڻَ لَهرِيُون، ٿَرَ واري تِروار،
اِنهان ئي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا.
سانوڻ جي رت ۾ جيتريون درياه جون لهرون آهن. ٿر جي واريءَ ۾ جيترا ڪڻا آهن، تن مڙني کان وڌيڪ يعني اَڪيچار ڀلايون مون سان ڀلي (ڀلاري) ڪيون آهن.
وائي
منهنجُون سڀيئي، آيَلِ! مَنَ مرادُون پُنيُون،
جهڙي پِرَيان ڳالهڙي، تهڙي ٻي نه ڪاءِ،
ڪجي تان ڪوڏُ ٿئي، سُڄي تان سيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جنهن جُڳاءِ،
ڪانهي حَدَ حَمَدَ جي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتريُون، وَڏيُون وَڏاياءِ؟
سو مُون هَٿان نه ٿئي، جيڪي تو جُڳاءِ،
تو سَڄِيُون تو سَنديُون، سِڪَن توهِين ساءِ،
اُڃَ تُنهنجي اُڃِيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ،
دِلِ دانهُنِ ريءَ نه رهي، مون ماٺِ جُڳاءِ.
اي جيجل! منهنجي دل جا سڀ مطلب پورا ٿيا. جهڙي سهڻي، پرينءَ جي پچار آهي، تهڙي ٻي ڪابه نه آهي. اها ڪجي ٿي ته خوشي ٿي ٿئي، جي ٻڌجي ٿي ته وڻي ٿي. تون اُنهيءَ ڏاتار جي در تي سئن هَڻُ، جنهن جو شڪر ڪرڻ جڳائي. اُنهيءَ ساراهه جي حد ئي ڪانهي، جا محبوب (ڌڻيءَ) جي باري ۾ ڪجي. تنهنجون وڏيون وڏايون ڪيتريون ڳڻي ڪيتريون ڳڻيان؟، جيڪي تنهنجي باري ۾ ڪرڻ جڳائي، سو منهنجي هٿان ٿي نه سگهندو. تنهنجون سڪايلون تنهنجي ويجهو تنهنجي صحبت جي لطف لاءِ پيئون سڪن. اُنهن کي تنهنجي ئي اُڃ اُڃايو آهي ۽ توکي ئي پيئون ڳولين، منهنجي دل دانهن کان سواءِ نه ٿي رهي، پر مون کي صبر ڪرڻ جڳائي.