سُرُ مارئي
1
’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.
”ڇا، نه آهيان، مان اوهان جو رب؟“ جڏهن اِهي سخن منهنجي ڪنن تي پيا، تڏهن مون دل و جان سان اُتي چيو: ”هائو“ اِنهيءَ مهل مون جهانگين (پنهنجن مائٽن) سان سچائيءَ جو واعدو ڪيو هو.
2
جَڏهِن ’ڪُن فَـيَڪُونُ‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛
تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟
هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!
جڏهن ڌڻيءَ امر ڪيو ته ”ٿيءُ“ ۽ ڪائنات پيدا ٿي، تڏهن کان منهنجو هنئون مارن سان اڙيل آهي. اي عمر سومرا! تون ڪئن ٿو منهنجي جسم کي زنجيرون وجهين؟. اميرن (عمر ڏانهن اشارو) منهنجي جسم کي اجايو زنجيرون وڌيون آهن.
3
نَڪا ’ڪُنۡ فَــيَڪُون‘ هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!
اڃا ڌڻيءَ ڪائنات کي رچڻ جو امر ئي نه ڪيو هو ۽ چنڊ جي تصوير ئي نه هئي. (اڃا چنڊ ئي پيدا نه ٿيو هو) نڪا ڪنهن کي نيڪيءَ جي خبر هئي نه وري ڪنهن جو گناهه سان واسطو هو. جڏهن رڳو ڌڻيءَ جي نسوري هيڪڙائي هئي، تڏهن مارئيءَ اتي ڳجهي پرولي پروڙي. اي جانب! منهنجي نيڻ ۽ قلب کي اُها تنهنجي شناس هئي.
4
’قَيدُالۡـماءِ‘ ٿِيومِ، هِتِ اَڙانگي گھارِيان؛
’هِناڪَ جِسۡمِيۡ وَالۡـفُؤَادُ لَدَيۡڪُمۡ‘، هِنئون هُتِّ سَندومِ؛
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙاڪو سِين مارُئين!
قسمت پاڻيءَ (ان جل) جو قيد آهي. مان ”هت (بند ۾) نهايت ڏکيائيءَ ۾ ٿي گهاريان. منهنجو بت هت ۽ هنئون اوهان وٽ آهي.“ شل ڌڻي سگهارو مارن سان منهنجو ميلاپ ڪرائيندو!.
5
جَهِڙو ’ قَيدُالۡـماءِ‘، تَهِڙو بَندُ نه ڪو ٻِيو؛
’جَفَّ الۡـقَلَمُ بِـمَا هُوَ ڪائِنٌ‘، لَـهي نه تِـرُ تِئاءِ؛
عُمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائي ٿِئي آجِڙين!
جهڙو ان جل جو قيد آهي، تهڙو ٻيو ڪو به قيد ناهي. ”جيڪي ٿيڻو هو، سو قلم لکي سُڪي ويو.“ اُن ۾ هڪ رتيءَ جو به فرق نه ٿو پوي. اي عمر! شل تنهنجي هٿان ٻڪرارن جو (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن ۽ مارن ڏانهن اِشارو) ڇوٽڪارو ٿئي.
6
رِءَ اِعرابِيُـنِ هِتِّ، گَھنگَھرُ گھارَڻُ مون ٿِيو؛
’بَڪَتِ الۡـعَيۡنَانِ فِـيۡ هَوَاڪَ دَماً‘، پُڄان ساڻُ پِرِتِّ،
مَنُ، اَکِــيُون، تَنُ تِتِّ، جِتي جَنَبُ جيڏِيـين.
جهانگيئڙن کان سواءِ مون کي هتي مونجهاري ۾ گهارڻو پيو. ”تنهنجي سڪ ۾ ٻنهي اکين رت رنو.“ شل اهڙو نينهن نباهيان. منهنجو هنئون، نيڻ ۽ جام اُتي آهن، جتي منهنجي سرتين جو جنم (منهنجو من ملير ۾ پيو وسي.) ٿيو.
7
هي هَنڌَ، ڀيڻِيـُون هاڻِ، ساڙِيان سڀِ ڏيهِيُـن ري؛
’ڪُلُّ شَيءٍ يَرجِعُ اِلىٰ اَصلِہٖ‘، ٿي جِھڄان جھانگِــيُـنِ ڪاڻِ؛
ڀِرِي پَنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلِڪُ مَلِيـرَ جو!
مان هي مڙيئي هنڌ ۽ مڪان، پنهنجي وطنين بنا، جيڪر جلائي خاڪ ڪري ڇڏيان.”سڀڪا شيءَ پنهنجي اصل ڏانهن ٿي موٽي.“ مان جهانگين لاءِ وجهلان پيئي. مان شل پنهنجي ماڳ تي موٽي، وڃي پنهنجو وطن ملير ڏسان!.
داستان ٻيو
1
نَڪو ايرُ نه ڀيـرُ، نَڪو اوٺِي آيو؛
مون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائِران ڀَري پيـرَ؛
ڪِتابَتُون ڪيـرُ، آڻي ڏِيندُمِ اُنِ جُون؟
نڪو ڪو سماءُ آڻيندڙ، نه ڪو پانڌي ۽ نه وري ڪو اوٺي (اُٺ تي نياپو آڻيندڙ) ئي آيو آهي. مون وٽ ڀائرن (ذات ڀاين) وٽان ڪو پير ڀري نه آيو آهي. مون کي هنن جا خط پٽ (خبرون چارون) ڪير آڻي ڏيندو؟.
2
اوٺِي! ڳوٺِي آڻِئين، ڪو هُتي جو هِتِ هيـرَ؛
ته ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِــيَنِ سَرها سيرَ؛
آءُ ته اکِيين اُگھان، جي پائُرِ ڏِنَءِ پيرَ؛
اللهَ لَـڳِ لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ؛
ڪوٺِيين گهاري ڪير؟ مَحَلين مُنجھي مُون هِنئون!
اي اوٺي! تون ڪو هينئر هتي، هتي جو (ملير جو) ڳوٺائي آڻين ته ڪوٽن جا گس، جي بدبو هاڻا آهن، سي جيڪر خوشبودار ٿي پون. اچ ته تنهنجا پير، جي تو پائر (ٿر) ۾ گهمايا آهن، سي نيڻن سان اُگهي صاف ڪريان. خدا جي واسطي، تون ڪا دير نه لڳاءِ. هت ڪوٺين ۾ ڪير رهندي. محلن ۾ منهنجو هنيانءُ منجهي پيو.
3
جي اَمُرُ هَنيو اَڌَ ڪري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِيئَن؟
واڳِـــيُون جي وِصالَ سين، تنِين چاڙهي چِيهَن؛
رُئان راتون ڏِينهَن، جِئَن اُن جي وائِيءَ ۾ وَرَ گھڻا.
اُهي ورق ڪئن لکان، جي تقدير ڦاڙيو اَڌ ڪيو ڇڏي (لکئي کي ڪئن مٽايان.) تقدير، وصال (ميلاپ) ماڻيندڙ کي چکيا تي چاڙهيو، برهه جي باهه ۾ ٿي جلائي، راتيون ڏينهن انهيءَ ڪري ٿي رئان، جو مارن (ڪاملن) جي ڳالهائڻ ۾ گهڻا وٽ (ڳجهارتون) آهن.
4
ٿَـرَ ٿـرَ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ! ماروئَڙَنِ جا؛
لاٿائون لَطِيفُ چئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ؛
عُمَرَ! ڪَرِيو آکَ، پَهرِيو ٿي پَنَ چَران.
اي عمر! ٿر جي هر هڪ وسيءَ ۾ ماروئڙن جا ٿاڻا آهن. هنن ڏک وچان لوئيءَ مٿان لاک جو رنگ لاهي ڇڏيو آهي. اي عمر! تون حڪم ڪر ته مال کي پهرائي، وڃي چارو ڪرايان.
5
سَهَسين سيبا ڪَنجرِي، لوئِي ليِڙَ ٿِيامِ؛
اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَ ڪيامِ؛
جا ڍَٽَ ڍَڪِيامِ، تَنهنجو پَرِوَرَ! پَنَ رَهائِيـين.
منهنجي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آيل آهن ۽ منهنجي لوئي ليڙون ليڙون ٿي پيئي آهي. مون اَباڻن وٽ وڃڻ جي آسري تي، اُن جي ڪتيل لوئي نه پهري. جا لوئي ٿر ۾ اوڍيم، تنهنجو اي ستار! شل پردو ڍڪين!.
6
سَهَسين سيبا ڪَنجُرِي، لوئِي لِيڙُون لِيڙَ؛
واسي وارَ نه ويڙِهيان، مَرُ چَڳُون رَهَنِ چِيڙَ؛
مارُوءَ جي مُهاڙِ رِءَ، اَندَرِ ناهِ اُڪِيرَ؛
هَهِڙو حالُ هَميرَ، وٺي شالَ ويڙهِ وَڃان!
منهنجي چوليءَ ۾ سهسين ٽوپا آهن ۽ لوئي ليڙون ٿي پيئي اَٿم. وارن کي سرهاڻ مکي، چوٽي نه ٿي ڪريان. ڀل ته چڳون منجهيل رهن. ماروءَ جي منهن ڏسڻ ڌاران. ٻي ڪا به سڪ نه اٿم. اي همير سومرا! شل ههڙو حال ڌاري، جهنگ (وطن) موٽي وڃان.
7
سِبِي، سيبا ڏي، ڀورِي نِينهُن نه ڪَچوئي؛
کَٿِيءَ وَٽِــيُون کُٿِيـُون، سَتِي سِيڻي سي؛
مَڇُڻِ چَوَنمِ ڪي، ته لڄائِيُءِ ٿَرَ ڄائِــيُون!
هيءَ معصومڙي (مارئي) چوليءَ کي ٽوپا ڏيئي پيئي سبي ۽ پنهنجو نينهن نه ٿي گهٽائي. هيءَ ستياڻي، لوئيءَ جي کٿل ڪنارين کي ٽوپا پيئي ڏئي. چي: ”متان ڪي مون کي ائين چون ته تو ٿاريلين کي لڄايو.“
داستان ٽيون
1
پَٽولا پَنوَهارِيُون، مُورِ نه مَٿي ڪَنِّ؛
جهُ لاکَ رَتائُون لوئِــيُون، ته سالُنِئان سُونهَنِّ؛
اُنَّ ايلاچَنِئُون اَڳرِي، بَخِمَلَ بافتَنِّ؛
سَکَـرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِي کان کُنهِبَنِّ؛
جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهِيندي لَڄَ مَران.
پنوهاريون ريشمي ويس وڳا هرگز نه ٿيون پهرين. جڏهن لويون لاک ۾ ٿيون رڱين ته اهي شالن کان ئي وڌيڪ سهڻيون ٿيون لڳن. اُن مان ڪتيل لوئي، ريشمي ڪپڙن بخمل ۽ بافتن کان وڌيڪ بها واري ۽ زيبائتي آهي. اي عمر سومرا! مان پنهنجي کٿي، ڳاڙهن (راجائي) وڳن کان وڌيڪ ملهائتي ۽ سهڻي ٿي سمجهان. جا لوئي اباڻن ڏني اٿم، تنهن کي لاهيندي لڄ ۾ ٿي مران.
2
آرَمَ هَڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيرَ؛
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ؛
مارُوءَ سين شَلَ ماڻِيان، کَٿِــيُون جَهِڙيُون کِيرَ!
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرينءَ پنوَهارَ جِي.
مان ارمڪ (ريشمي ڪپڙا) ۽ پٽ پٽيهر هرگز نه پهرينديس. قيمتي پوتيون، بافتا ۽ آسماني رنگ جا نفيس لباس مان ٻن وجهان. شل مان ماروءَ سان (پنهنجي ورکيت سين) کير جهڙيون اڇيون ۽ اوجل کٿيون وڃي ماڻيان. مون کي پنهنجي اندر ۾ محبوب پنوهار جي پياس آهي.
3
سونَ بَرابَرِ سَڳِڙا، مارُوءَ سَندا مُون؛
پَٽولا پَنوَهارِ کي عُمَرَ! آڇِ مَ تُون؛
وَرُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنيامِ جا.
ماروءَ جي مڱڻي جا ڌاڳا مون لاءِ سون سما آهن. اي عمر! تون پنوهارڻ (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو) کي ريشمي لباس نه آڇ. جا لوئي اباڻن ڏني اَٿم، تنهن جي هر هڪ تند مون لاءِ نعمت آهي.
4
سونَ برابرِ سڳِڙا، لُون لُون بَرابَرِ لَکُّ؛
رُپو جنهن رَدِّ ڪَيو، ڪوڙ تَنهِين کي ڪَکُّ؛
مُون مارُوءَ جو مَکُّ، تيلُ نه لائِيان تُنهنجو.
مون لاءِ اُهي ڌاڳا سون سمان آهن ۽ لوئيءَ جي تند تند لک جي ملهه جي آهي. جنهن چانديءَ کي ترڪ ڪيو (جو لا طمع آهي)، تنهن لاءِ ڪروڙ رپيا به ڪک مثل آهن. مون کي ماروءَ جي مڱڻيءَ جي تيل جو مک ڏنل آهي، مان تنهنجو تيل، وارن کي هرگز نه لائينديس.
5
تيلُ نه لائِيان تُنهنجو، مُون مارُوءَ جو مَنِّ؛
ڪَرِيان ٻِي نه ڪَنِّ، آهَرَ اُنَهِين آهِيان.
مان تنهنجو تيل هرگز نه لائينديس. منهنجي هنئين کي ماروءَ جي محبت جو مک (رنگ) لڳل آهي. ٻي ڪا به وائي نه سڻنديس. مان هن جي ئي آسري تي ٿي تڳان.
6
ڪَرايُنِ ڪَڙورِ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِّ؛
سو مَرَڪُ مارُوئَڙنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
جن ماروئڙن کي ڪراين (ٻانهن) ۾ ڪوڙا (شيشي جا) چوڙا پيل آهن، تن کي اُنهن شين تي فخر ۽ ناز آهي، جن کان ماڻهن کي جيڪر لڄ اچي.
7
ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ؛
وَرُ جيڏِيُنِ سِين جُوعَ، فاقو فَرحَتَ ڀانــئِيان.
اسان کي ڪراين ۾ ڪارا ڌاڳا ٻڌل آهن ۽ سون اسان لاءِ ماتم جي نشاني آهي. سرتين سان بک به مون لاءِ نعمت آهي ۽ انهن جي صحبت ۾ لنگهڻ ڪڍڻ مون لاءِ فرحت آهي.
8
اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.
مارن جو اِهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ بدلائي ڇڏين. مان امر ڪوٽ ۾ اچي، اهڙي ڪڌي روش اختيار نه ڪنديس. اَباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم، سا محل جي ماڙيءَ سان هرگز نه مٽينديس.
9
وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
ويڙهيا گُھمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِّ؛
مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!
منهنجي وطن جون اُهي ناريون مبارڪ آهن، جن جو پردو ۽ پناهه برپٽ آهي. منهنجن اباڻن جو ڍڪ ۽ لباس گولاڙا (جهنگ جو ميوو) ۽ گگريون (کونر جا وڻ) آهن. جهنگ جا رهاڪو ”مارو“ ولين ۾ ويڙهيا پيا گهمن (سندن چؤگرد وليون ئي وليون آهن.) مون کي ماروئڙن ڏاج ۾، وڳن جي بدران، سڃ ڳڻي ڏني.
10
پَلُرُ پِيَڻُ اَوڇَڻُ اُنَّ، جن جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ؛
وِهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جِي اجوکِي اوطاقَ؛
پاڻُ نه پَسَنِ پاڻَ کي، ويچارا بي باڪَ؛
عُمَرَ! اُوءِ نه عاقَ، ڏُکِيا جِمَ ڏُکوئِيين.
جن جا پير صاف پٽن تي آهن (جي سڃن پوٺن تي پيا گهمن)، تن کي پيئڻ لاءِ مينهن جو پاڻي ۽ ڍڪڻ لاءِ رڍن جي اُن آهي. سندن رهڻ جي جڳهه، وڻن جي جهڳٽن هيٺ آهي ۽ سندن اجهي کي ڊهڻ جو ڪو به جوکو ناهي. هُو ويچارا بي فڪرا پنهنجي هستيءَ کي وساريو ويٺا آهن. اي عمر! اهي بي چيا (نافرمان) ناهن، اُنهن کي متان آزارين.
11
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا سان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ؛
سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.
اي عمر سومرا! جا تو وٽ عيد آهي، تنهن کي اسان ماتم ڪري سمجهيو آهي. ويچارا ماروئڙا، عيد جي خوشي ۽ خريداري بنهه ڀلجي ويا آهن. ملير جي مارن کي منهنجي اُڪير ئي ڪُهي ڇڏيو آهي.
داستان چوٿون
1
مينڍا ڌوءِ مَ مارُئِي، پييَسِ پَنوَهاريون چِتِ؛
راڄَ رُئاري، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجي هِتِ؛
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَــپَتِ؛
وينگسِ ويڙِيچَن رِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ؛
سُومِرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽيان نِڪَري.
مارئي وار نه ٿي ڌوئي، کيس دل ۾ پنوهاريون ياد آيون آهن. هيءَ هُتي جي (ملير جي مارئي) سڪ ۾ مارن جا راڄ پيئي روئاري. کيس ٿر جي پاسي جو وجهلڻ ۽ ڳاراڻو لڳل آهي. هيءَ سندري مارن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ٿي ٻڌي. اي عمر سومرا! تون سچائي ڏيکار ته مارئي ڪوٽ کان ٻاهر نڪري.
2
محلين ماندِي مارُئِي، ڏِٺِــيَمِ مُنهَن مَلُورَ؛
اَڻِڀا سَڻِڀا نه ڪري، سُونهَن وِڃايَسِ سُورَ؛
پِيَسِ لوهَ لَطِيفُ چئي، لَٿَسِ ڪوڏَ، ڪَپُورَ؛
چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪنديون.
مارئي محلن ۾ ويڳاڻي ۽ منهن ۾ اُداس ڏٺيم. هوءَ پنهنجن اَڻڀن وارن کي تيل لڳائي سڻڀو نه ٿي ڪري، مارن جي جدائيءَ جي درد سندس سوڀيا زوال ڪري ڇڏي آهي. کيس زنجيرون پيئون آهن ۽ سندس سموريون سرهايون ۽ سرهاڻيون ڪافور ٿي ويئون آهن. جن جون دليون درد کان زبون ٿيون پيئون آهن، سي تيل لائي ڪوڏ نه ڪنديون.
3
ڪريو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ:
”سُهِجُ سُورِي ڀانئِيان، سُومِرا! سَندوءِ؛
مِلڪَ مارُوءَ جِي آهِيان، جورِ نه ٿيان جوءِ؛
سو قَلَبُ ڪوٽ نه هوءِ، جو هُتيجَنِ هَٿِ ڪيو.“
مارئي، ملير ڏانهن منهن ڪري، رويو بيٺي چوي ته ”اي سومرا! تنهنجو سک (عيش) مان سوري ٿي سمجهان. مان ماروءَ جي ملڪيت آهيان، زوريءَ تنهنجي زال نه ٿينديس. اُها دل، ڪوٽ ۾ قابو نه رهندي، جنهن کي هتي وارن (ملير وارن يعني مارن) قابو ڪيو آهي.“
4
بَندي ٻِيا قرارِ، اسِين لوچُون لوهَ ۾؛
مٿي تَنَ ترارَ، سدا سانڀِيڙَنِ جي.
ٻيا قيدي آرام ۾ آهن، پر اسين زنجيرن ۾ ماندا آهيون. اسان جي جسم مٿان هميشہ سنڀاليندڙ (مارن) جي سڪ جي ترار لٽڪيل آهي.
5
لِنگڙِياري لوءَ ۾، جنِين لَءِ ٿِياسِ؛
تنِين تِـرَ جيترو، پَلَڪُ نه پُڇِياسِ؛
جَھروڪَنِ جھورِيو هِنئون، ڪوٺِــيُنِ آءٌ ڪُٺِياسِ؛
مارُنِ مُنجَّھ مُياسِ، ناتَ ماڙِيُنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِي.
جن لاءِ جهان ۾ ليڙون لوڏيندڙ ٿي آهيان، تن هڪ ساعت رتيءَ ماتر به مون کي نه پڇيو. ماڙين منهنجي قلب کي ضربيو آهي ۽ ڪمرن مون کي ڪٺو آهي. مان مارن جي مونجهارن ۾ مئي آهيان، نه ته عمر جي ماڙين مون کي ڪين ماريو آهي.
6
جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي، ته سڀاڳومِ سَنئون،
نِتُ نِتُ آهِ نَئون، مون کي پَسَڻُ پنوَهارَنِ جو.
جي مان پنهنجي ڪانڌ ڀيڙي ٿيان ته منهنجو سڳورو بخت چئبو. پنوهارن کي وري ڏسڻ، مون لاءِ نئون ديدار آهي.
7
آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.
اي سومرا! مان اُنهن پنوهارن جي سار کي ڪئن ترڪ ڪريان. جن جي محبت جي ميخ، منهنجي جان ۾ بنا ڪنهن لهار جي لڳي آهي. منهنجي دل ۾ سندن نينهن جا هزارين نيزا لڳل آهن. مون کي پکن ۽ پنوهارن کي ڏٺي، ڪيئي ڏينهن گذري ويا آهن.
داستان پنجون
1
سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا! مارُو مَسَ مَڃِينِ؛
ڏُنگا ڏاڏي پوٽِيين، ڪِنِ ڏنا، ڪي ڏِينِ؛
جي مان لوهَ لاهِينِ، ته ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.
اي سومرا! مون هتي اچي پنهنجي سوڀيا (اخلاقي سونهن) وڃائي آهي. هاڻي مارو مون کي مشڪل قبول ڪندا. (مارن جي نظر ۾ هوءَ ڪريل هئي.) منهنجين سؤٽين مان ڪن مون کي طعنا هنيا آهن ۽ ڪي هڻن پيون. جي منهنجون زنجيرون لاهي ڇڏين ته ڪوٽن ۾ نه هجان. (زنجيرون= دنيا جا دام. ڪوٽ= دنيا)
2
سُونهَن وِڃايَمِ سومرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ؛
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.
اي سومرا! مون پنهنجي سونهن وڃائي آهي ۽ منهنجو منهن ميرو ٿي پيو آهي. مون کي وڃڻو اُتي (اُنهيءَ ولايت ۾) آهي، جتي سونهن (اخلاقي جمال) بنا هلي نه ٿو سگهجي.
3
سُونهَن وِڃايَمِ سُومِرا، ٿيندِيَسِ ڪِئن قَـبُول؟
ڪونهي سُهڳُ نه سُولُ، پُوچي مُنهُن پنوَهارَ سين!
اي سومرا! مون هتي اچي پنهنجي سونهن وڃائي آهي. مان ڪئن مارن وٽ قبول پونديس؟ (هو مون کي اخلاقي طرح ڪريل سمجهي قبول نه ڪندا.) هن ڪوجهي منهن سان پنوهار (کيت سين) جو سهاڳ ۽ سندس صحبت جي راحت حاصل ٿيڻي ناهي. (کيت=مرشد ڪامل)
4
تِنِ مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرُ جنِين ماڳ؛
ناقِصَ نوازي گَھڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ؛
اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ تي هِيئَن ٿِيو.
تن مارن جا چهرا نوراني آهن، جن جي رهڻ جو هنڌ ملير آهي. اُنهن جي نيڪ بختي گهڻن عيبدارن کي نوازيو ڇڏي. (هتي ڪاملن ڏانهن اشارو آهي، جن جي نيڪ صحبت، پٿر جهڙي انسان کي به گوهر ڪيو ڇڏي.) منهنجي انگ ۾ نڀاڳ لکيل آهي، تنهن ڪري ئي منهنجي سونهن هئن زبون ٿي آهي.
5
ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِين جو اَڀاڳُ؛
’قُلۡ لَّنۡ يُّصِيۡبَنَآ اِلَّا مَا ڪَتَبَ اللهُ لَنَا‘، اِيُ مَعذِرَتَ ماڳُ؛
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.
سواءِ ڌڻيءَ جي ٻيو ڪوبه سگهارو ناهي. بدقسمتي سندس ئي طرفان آهي. ”چؤ ته ڪابه مصيبت اسان کي نه رسندي، سواءِ اُنهيءَ جي، جا الله اسان جي حق ۾ لکي آهي“ اها ئي عذر جي واٽ آهي. مارئيءَ لاءِ مڙيائي تقدير (سنئين توڙي ڏنگي) هڪجهڙي آهي.
داستان ڇهون
1
جَھڙِي آيَسِ جِيئن، جي تهڙِي وَڃان تِن ڏي؛
ته لالائِيءَ جا، لَطِيفُ چئي، ڪَرَ مُندُنِ اُٺا مِينهَن؛
ماڙِيءَ لَـڳُمِ مِهڻو، سڀَ ڄَماندَرَ سِيئَن؛
ٿِــيَسِ ڪاڻِياري ڪانڌَ جِي، هِتي اَچي هِيئَن؛
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئن، مَنهَن مارُوئَڙَنِ جي؟
جهڙي ئي پاڪدامن هتي آيس، تهڙي ئي جي تن (مارن) ڏي موٽي وڃان ته اُتي هوند لالاڻ (منهن ۾ خوشيءَ جي چمڪ) جا مندائتا مينهن وسي وڃن. مون کي ساري عمر لاءِ محل جي ماڙيءَ جو مهڻو لڳو آهي. هتي اچي ڀتار جي نظر ۾ هئن قصور وار ٿي آهيان. ماروئڙن جي پکن ۾ مان ڪئن منهن مٿي کڻنديس؟.
2
هيڪُ جِئن نه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مران؛
گَھنگُھرُ گَھڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.
هڪ ته جيڪر نه ڄمان ها ۽ ٻيو ته هوند ڄمڻ سان ئي مران ها. مان ڄمي ماروئڙن لاءِ پريشاني جو ڪارڻ ٿي آهيان.
3
سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومِرا! مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ، مِيرَ!
ٿورين گَھڻين ڏِينهَنڙين، وِيندِيَسِ هُتِ هَمِيرَ!
مَڇُڻِ مَنجِھ مَلِيرَ، ڪَنڌُ مَٿانهون نه کَڻان.
اي سومرا حاڪم! مون کي ست (عصمت) ڀڃڻ جي صلاح نه ڏج. اي اَمير! مان ٿورين گهڻين ڏينهن موٽي هت (ملير ۾) وڃڻي آهيان. متان ملير ۾ منهن ئي مٿي کڻي نه سگهان.
4
مَ سَپَـنِي مارُئِي! مُئِي! مَ ڄائِي؛
جنهن اَچِي عُمَرَڪوٽ ۾ لوئي لڄائي؛
جا سانگِــيُنِ سِيڏائِي، سا ڪِينَ مَرڪي ماڙِيـين!
شل مارئي پيدا ئي نه ٿي ها، شل مري وڃي ها، شل ڄمي ئي نه ها! جنهن امر ڪوٽ ۾ اچي پنهنجي لوئيءَ کي لڄايو (پنهنجي سيرت تي ٽڪو لاتو). جا سانگين (مارن) تي فدا آهي، سا ماڙين ۾ ويهي، هرگز مرڪ (فخر) نه ڪندي.
5
اَلا! اِئَن مَ هوءِ، جيئن آءٌ مران بَندَ ۾!
جُسو زنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينهان روءِ؛
پَهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَنڙا!
اي الله! ائين نه ٿئي، جو مان قيد ۾ ئي مري وڃان! منهنجو جسم زنجيرن ۾ قابو هجي ۽ مان راتو ڏينهان روئندي رهان. مان پهرين پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڀل منهنجا ڏينهن پورا ٿين.
6
آءٌ بَندِياڻي بندَ ۾، ڪِ ڪي پِيَسِ بَند؟
مُنهِين لڳو مَهڻو، ڪِ مُنهِين ڪَڙو ڪَنڌِ؟
مَران جي هِنَ هَنڌِ، ته نِجانءِ مَئِٿُ مَلِير ڏي.
مان ڪنهن ڏوهه جي ڪري هن بند ۾ قابو ٿي آهيان يا بي قصور بند ۾ پيئي آهيان.؟ اها مان ئي آهيان ڇا، جنهن کي طعنو (بد اخلاقيءَ جو داغ) لڳو آهي ۽ مان ئي آهيان ڇا، جنهن کي ڳچيءَ ۾ لوهه جو ڳانو پيو آهي.؟ اي عمر! مان جي هن هنڌ (بند ۾) مري پوان ته منهنجو لاش ملير ڏي کڻي هلجانءِ.
7
واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساهُ؛
بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاهُ؛
پَرَڏيهِياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاهُ؛
ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاهُ؛
جي پويون ٿِئي پَساهُ، ته نِجانءِ مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
ساڻيهه (وطن) لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي جي مان دم ڏيان ته منهنجو جسم قيد ۾ قابو نه ڪجانءِ. هن پرديسياڻيءَ (مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو) کي سندس جانب (کيت سين) کان پري نه رکجانءِ. هن مُئيءَ جي مٿان (منهنجي لاش مٿان) ٿر جي ٿڌي واري وسائجانءِ. جي منهنجا پساهه پورا ٿين ته منهنجو لاش ملير ڏانهن کڻي هلجانءِ.
8
واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ساهُ ڏِيان؛
هِيُ سِرُ ساڙيہَ سامُهون، مُنهِنجو نِج، ميان!
مُقامِياڻي مارُئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
جي ساڻيهه لاءِ سڪندي ۽ اُن کي ساريندي دم ڏيان ته اي امير! هي منهنجو سر، وطن طرف کڻي هلج. (منهنجو لاش ملير ڏي نج.) مان شل ٿر ۾ وڃي مارن جي وچ ۾ دفن ٿيان. جي منهنجو لاش ملير ۾ وڃي ته (مان) مئل به جيئري چئبيس.
9
واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.
ساڻيهه لاءِ سڪندي جي هت مران ته، اي سومرا! منهنجي قبر پنوهارن (مارن) وٽ ٺاهج. اباڻي وطن جي ولين مان مون کي واس ڏج. جي منهنجو لاش ملير وڃي ته ڄڻ مري جيئري ٿيس.
10
ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زيريُون ۽ زنجيِرَ؛
پَيڪَڙا پَيرنِ ۾، ڪوٺِــيُن اندَرِ ڪِيرَ؛
چارِي چؤگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ؛
ڇَنِ نه ڇَڄي آهيان، اهڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ؛
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَنوَهارِ کي.
ڳچيءَ ۾ لوهه جا ڪڙا پيا اٿم ۽ هيٺان ڪڙيون ۽ زنجيرون پيرن ۾ ٻيڙيون پيئون اٿم ۽ ڪوٺين اندر ڪلا لڳا پيا آهن. ايوانن ۾ جاسوس پيا ڦرن ۽ وزير چوڪسي پيا رکن. اهڙي نموني ڪوٺيءَ ۾، هن زنجير ۾ جڪڙيل بت سان خوش نه آهيان. اي ملير جا مارو ڄام! تون اچي هن پنوهارڻ جي ڪا سار لهج.
11
زيرِيـين ٻيڙِيـين لوهَ ۾، ڳَٽَنِ ڪَيَسِ ڳاهُ؛
سَنڪي سَندي سُومِري، هَڏِ نه چاڙهِيُمِ ماهُ؛
سَرَتِيُون! دُعا ڪَجاهُ، ته ڀَـرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي.
لوهه جي ٻيڙين، زنجيرن ۽ بند جي ڪڙن کيس (مارئيءَ کي) چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. مارئي چوي ٿي ته، ”عمر سومري جي فڪر ۾ پنهنجي جسم تي هرگز ماس نه چاڙهيو اٿم. (ڳري ڪنڊا ٿي ويئي آهيان.) اي جيڏيون! دعا ڪجو ته شل لوئيءَ جي پت رهجي اچي.“
12
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهي، جَنهِن ۾ اڇِي اُنَّ؛
ته پڻُ ويٺي وِنڌِيان، توڙي پَوَنـِسِ تُنَّ؛
غافِلُ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجِھ اَمُنَّ؛
سَرتِــيُنِ ساڻُ سَمُنَّ، آهِمِ اُٺي مِينهَنڙي.
شل اُنهيءَ لوئيءَ جي پت رهجي اچي، جا اڇي اُن مان ڪتيل آهي. توڙي منجهس ٽنگ ٿي پون، ته به اُن کي ويٺي رفو ڪنديس. اي عمر! هن مسڪين معصومڙيءَ کي سلامتيءَ ۾ رکج (سندس ست سالم رکج) سرتين سان، مينهن وسندي (سانوڻ جي مند ۾) ملڻ جو واعدو اَٿمِ.
داستان ستون
1
پنوَهارَنِ پاٻوهِيو، وَرِيا واهُندا؛
سارِيَمِ سيڻَ سَيَّدُ چئي، گاڏيلِيُون گُندا؛
ڀِٽُن ڀَرِ هُندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
بهار جون هيرون موٽي آيون آهن ۽ پنوهارن خوشيءَ ۾ مرڪيو آهي. مون هينئر پنهنجا سڄڻ، مال جا گس ۽ سندس ڦرن جون جايون ياد ڪيون آهن. منهنجي موچاري ڪانڌ جا پکا هينئر ڀٽن جي ويجهو هوندا.
2
پَنوَهارَنِ پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُندَنِّ؛
لَٿو سِيُّ لَطِيفُ چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦرَنِّ؛
اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئَرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِّ؛
عُمَرَ! اُنَّ اَگُندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِّ؛
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَنِ نوراپَنِّ؛
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِّ؛
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِّ: ”مَلِيرِ گُهرجي مارُئِي!“
بهار جي مينهن وسڪار ڪئي آهي ۽ پنهارن خوشيءَ ۾ مرڪيو آهي. هينئر هنن مٿان فڪر لٿو آهي ۽ چوپائي مال جي ڦرن (ٻچن) جا پير پختا ٿيا آهن. اي جيڏيون! هُو (مارو) گهيٽن جي پٺن تان نرم اُن ويٺا ڪورين. اي عمر! هو (ماروئڙيون) ڀتارن جي ڀر ۾ ويهي، بي فڪرائيءَ سان اُن ويٺيون ڪتين. پائر (ٿر) ۾ ڌائيندڙن ٻچن به پٺين تان اُن ڏني آهي. کائر (ٿر) ۾ سٺيون ۽ اوچيون کٿيون ٿيون اُڻجن. ماروئڙين پيڄي ڪڍي (لوين کي هڻڻ لاءِ) پيئون چون ته ”ملير ۾ مارئي گهرجي!.“
3
آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڻِي، سُومِرا!
سَٿا ڪَيو، سَيَّدُ چئي، سائُون سُڪائِينِ؛
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چئي، چائُرَ ڪَيو چاڙهِين؛
پُلاءُ نه پاڙِين، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
اي سومرا! ماروئڙا روز جو روز ڏٿ (جهنگ جو ان ۽ ميوو) گڏ ڪري آڻين ۽ اُن تي گذران ڪن. هو سائون گاهه ڍڳ ڪيو ٿا سڪائين. هو لنب جي گاهه مان چانور ڪڍيو ٿا رڌين. اي عمر! هُو پلاءَ کي به آراڙيءَ (اڇن گلن واري گاهه) جو مٽ نه ٿا سمجهن.
4
تِن وَنِهيَنِ ويڙِيچَن ۾، سَدائِين سُڪارُ؛
چُنڊِيو، آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ؛
جن جو ويڙِنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هوُنِ نه ڏُٻِرا.
هنن سکين ويڙهيچن وٽ هميشہ سڪار آهي. اسين ڏؤرن جون ٽاريون آڻيون، اُنهن مان ڏؤنرا چونڊيو رڌيون. جن ڏوٿين جو جهنگ سان وهنوار آهي، سي ڪڏهن به اڻ هوند وارا نه ٿا ٿين.
5
ٿوري قُوتَ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِّ؛
کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اهَڙِيءَ ڀَتِّ؛
پَنوَهارَڪِي پَتِّ، پيهِي پُڇُ مَلِيرَ ۾.
هو ٿوري کاڄ تي راضي آهن ۽ هميشہ سگها آهن ۽ سيل ۾ ٿا گهارين. هو کٿيءَ ۾ ويڙهجي ۽ دز ۾ لُٽجي، اهڙي پر گهمندا وتن، تون پنوهارن جي عزت ۽ آبروءَ جي پرک وڃي ملير ۾ لهه.
6
نَڪا جَھلَ نه پَلَّ، نَڪو رائُــرُ ڏيهَه ۾؛
آڻِيو وِجَھنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گُلَّ؛
مارُو پاڻَ اَمُلَّ، مَلِيرُونِ مَرڪَڻو.
ٿر ملڪ ۾ نه ڪنهن قسم جي جهل آهي نه ڍل. ماروئڙا، ڳاڙها گل، ٽارين تان پٽيو، اچيو آهرن ۾ وجهن. مارو پاڻ اَملهه (بي بها) آهن ۽ سندن ملير ٻهڪندڙ (تجمل ۽ شان وارو) آهي.
7
مَٿِنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندڙا اَچَنِ؛
کُڙِيُون کيہَ ڀَڪُلِيُون، پَگَھرُ سِرِ پيرَنِ؛
اِي وَڙَ ويڙِيچَنِ، مُون لوڏان ئي لَـکِيا.
سندن سرن تي وڏا توڙي ننڍا کارا آهن ۽ هو پگهر چڪائيندا ٿا اچن. سندن کڙيون ڌوڙ سان ڀريل آهن ۽ سندن پيرن مٿان پگهر پيو وهي. اهي اُهڃاڻ جهانگين جا آهن، مون کين سندن لوڏ مان ئي سهي ڪيو.
8
دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو؛
ڪوڙِيـين اَڏِيان ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تو؛
جي مُلِ نه آيا، مارُئِي! تنِين رَڙُ مَ رو؛
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پنوَهارنِ ۾.
عمر، مارئيءَ کي هرکائي چوي ٿو ته هاڻي هتي تنهنجي لاءِ محل جا دورازا ۽ دريون جوڙايان ۽ تنهنجي مٿان سهسين تنبو اڏايان. اي مارئي! جي مارو تو وٽ پٽيءَ نه آيا، تن لاءِ روڄ راڙو نه ڪر. پسيءَ تي گذران ڪندڙ پنوهارن سان ڪا مڙيوئي ويڌن آهي، جو توکي پڇڻ نه ٿا اچن.“
9
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛
ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛
هِنئو مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛
پَکَنِ منجِھ پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
مارئي ٿي چوي ته ”منهنجو روح ماروءَ سان نينهن جي سنهي سئيءَ سان سبيل آهي. اي عمر سومرا! مان گولاڙا ۽ گاهه ويٺي ياد ڪريان. منهنجو من هُتِ (ملير ۾) آهي ۽ هت مٽيءَ جو بت ۽ ماس اٿم. منهنجي جان پکن ۾ آهي ۽ جسم ڪوٽ ۾.“
10
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين منُّ؛
هَڻِي کَڻَ حِلِمَ جا، تَہَ وِڌائِين تَنُّ؛
ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِي اِبرَ ري؟
منهنجو من ماروءَ سان محبت جي سنهي سئيءَ سان سبيل آهي. هن حليمائيءَ جا ٽوپا ڏيئي، منهنجو بت (ڪپهه وانگر) تنهن ۾ ويڙهيو آهي. اباڻي سُئيءَ کان سواءِ مان ڪئن پنهنجا ڪن ٽوپائينديس؟ (جو تنهنجا ڳهڻا پايان.)
11
پاڇاهِي نه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ؛
ڍَڪي اُگھاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪيائِين پاڻُ!
ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اَوصافَ کي!
اي سرتيون! مان بادشاهيءَ کي به سئيءَ جي مٽ نه ٿي سمجهان. هوءَ ننگن کي ڪپڙا ٿي پهرائي، پر پاڻ ڪجهه نه ٿي پهري. تون ٻيو دفعو ڄمي (مرڻ کان اڳ مري ۽ وري جيئرو ٿي) سئيءَ جي گڻن کي پروڙ.
داستان اٺون
1
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
’ڪَنان عَهدَ اَلَسۡتَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري؛
’لَمۡ يَلِدۡ وَ لَمۡ يُوۡلَدۡ‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري؟
اَڄُ ڪِ ڪالهه مَري، ساري سانڀِيَڙَنِ کي!
هُو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا. انهن کي وسارڻ جي ڪريان ته اُن مان نه ڪي وري، نه ڪي سري (هُو هرگز نه ٿا وسرن). اُهي الست جي انجام کان وٺي منهنجي من ۾ پيا وسن يا اُنهيءَ کان به اڳي! ”هو يعني خدا نڪي ڄڻي ٿو، نڪي ڄائو آهي.“ مارئي ڇا ڪري؟ (منهنجو محبوب خدا ئي آهي.) هوءَ (مارئي) پنهنجن مائٽن کي ياد ڪندي، اڄ يا سڀان مري ويندي.
2
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري!
جن ٿي پَي پِياريو، مَنجھان سِڪَ سَري؛
وَنهِيَنِ ويڙِيچَن جي، سِٽائُنِ سَري؛
ٿَرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِيَڙا اُڪِري.
هو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا. انهن کي وسارڻ جي ڪريان ته اُن مان نه ڪي وري، نه ڪي سري. اُنهن مون کي سڪ جي چشمي مان اوجل جل (يا کير يا لسي) ٿي پياريو. هوءَ (مارئي) شاهوڪار (سکين ستابن) جهانگين جي پکن کي ساري پيئي تڳي. هو پنهنجن ماڳن تي سامان سڙو ڇڏي ، مينهن جي مند ۾ ٻاهر نڪري هليا ويا.
3
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪينَ وَرَنِّ؛
’لَـيۡسَ ڪَمِثۡلِہٖ شَيۡءٌ‘، پَسَڻُ ناهِ پِريَنِّ؛
پَکا پَنوَهارنِّ، نيئِي اَڏِيا ناهِ ۾.
هو منهنجي من ۾ پيا هرن ۽ وسن. مان پنهنجي پرين کي ڪين وسارينديس. (مارئي عزت وچان ور يعني ڀتار بابت جمع جي صورت ۾ ٿي ڳالهائي.) ڪابه شيءِ هن (الله) جهڙي ناهي. افسوس، جو مان اهڙي محبوب کي پسي نه ٿي سگهان. پنوهارن پنهنجا جهوپڙا وڃي سڃ ۾ اڏيا آهن.
4
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ؛
اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي موهَ؛
ويرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ؛
وَرُ سي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيہَ جا!
هو منهنجي من ۾ هُرن ۽ وسن پيا ۽ هميشہ روح ۾ سمايا پيا آهن. مينهن جي مند ۾، ماروئڙا پٽن (ساون ميدانن) تي نڪري ويا. اسر جو، کير ولوڙڻ جو مهلون گهڻو ياد ٿي ڪريان. اُهي وطن جا کارا کوهه مبارڪ آهن، جن مان پاڻي ٿي ڪڍيم.
5
بِيـَرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَهُون؛
سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ وير وَهُون؛
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون؛
ڏِينهان ڏينهن نَئون، مُون کي وِرِهُ ويڙِيچَنِ جو.
هنن برپٽ ۾ کوهه کنيا ۽ ٻڪرين کي پاڻي ٿي پيارين. سٺ پره اونهن (ٽن سون فوٽن جي اونهاڻ وارن) کوهه مان، زالون اسر جو وڃيو پاڻي ڪڍن. هو ٻوڪن ۾ پاڻي وجهيو، خوشيءَ وچان چيهون پيئون ڪن. مون کي ماروئڙن لاءِ عشق نت نت نئون آهي.
6
آڌِيءَ اُٿَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارَ ۾؛
وارو ويسِرُينِ ڏِينهان ڪونه ڏِئي؛
مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوهَ کَڻِي وِيا!
هو (ماروئڙيون) آڌيءَ رات جو انهيءَ ڪري ٿيون اُٿن، جو کوهن جو پاڻي هيٺ پاتال (اوڙاهه) ۾ آهي. ڏينهن جو سست عورتن کي پاڻي ڀرڻ جو وارو ڪو به نه ٿو ڏي. (ڏينهن جو مردن ۽ ڍورن جي پيهه هوندي آهي.) مون ڪميڻيءَ کي، کوهه تان زوريءَ کنڀي کڻي ويا.
7
سَرِتِيُنِ سِنجَڻُ ڇڏِيو، سَتِيُنِ ڳالِھ سُئِي؛
ماريچِي ماڙِيُنِ ۾، ڪَڏَهِن ڪانَ هُئِي؛
عُمَرَ! آءٌ نه مُئِي، ان اوڀالِيان اَڳَهِين.
سرتين کوهن تان پاڻي ڀرڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڇو ته اُنهن ستين مارئيءَ جو کڄي وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي. ڪنهن ٿر ڄائيءَ ماڙين ۾ اڳ ڪڏهن به گهاريو هو. اي عمر! مان انهن مهڻن سهڻ کان اڳيئي ڇو نه ٿي ميس!
8
ڀِـنِيءَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُـڻِڪو نه سُڻانِ؛
سِنجَڻَ وارِيون سُتِيُون، وڃِي ويڙهِ وَرَنِّ؛
پِيا سيٽَ سَڙَنِّ، تَرَهي ٻِنهي ڪنڌِيين.
جي اسر جو اُٿي کوهه تي ڀيرا ڏين يا ڀُوڻ ڦيرائي پاڻي ڪڍن، تن جو پره ڦٽيءَ جو ڀڻڪو نه ٿي سڻان. پاڻي ڀرڻ واريون وڃي ويڙهه ۾ پنهنجن ڪانڌن وٽ ستيون آهن. کوهه جي ٻنهي ڪنڌين تي رسا (نڪما ٿيا) پيا سڙن.
9
عُمَرَ! ٿِـيَمِ اَپارَ، وِرَهُ وَٽِيان ڪِنِ سين؟
ڏوٿِـيَڙا ڏُورِ ٿِيا، تَڳان جِن تَنوارَ؛
سِٽائُون سَنگھارَ، کُوهَنِ تان کَڻي وِيا.
اي عمر! منهنجا مارو پنهنجي ورت ۾ ئي رڌل آهن، مان ڪن سان نينهن ونڊيان؟ اُهي ڏوٿيڙا، جن جي تنوار (مٺي لات) دل تي آڻي پيئي تڳان، سي مون کان پري آهن. مارو پنهنجا مانڊاڻا، کوهن تان کڻي هليا ويا. (هو مينهوڳيءَ ۾ جهنگن ۾ هليا ويندا آهن.)
داستان نائون
1
جُھڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا؛
هِنَ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرُ نه ڪيڻانِ؛
جيڪُسِ آءٌ وِسِرِيانِ، مارو قُوتَ قَرارِيا.
جتي مينهن جو وسڪارو ٿئي. تتي مارن وڃي پنهنجا پکا اڏيا. کين هن منهنجي حال جو قدر (احساس) ئي ڪونهي. شايد مان ڏٿ تي راضي رهندڙ مارن کي وسري ويئي آهيان.
2
جُھڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيها، چِلُڙَ چِڪَ؛
اَندَرُ ٿو اُڃَ مري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ؛
پِيَهُون شالَ پَهيُون ڀري، تِئان ڏيئي تِڪَ؛
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائي گھورِيا!
مارن مٿان جت برسات وسي آهي، تت گاهه، گپ ۽ چڪ آهي. منهنجو قلب اُنهن جي پياس ۾ مري ٿو، منهنجي جان اُنهن جي سڪ ۾ جهڄي ۽ جهري ٿي. شال اُتان وٽيون ڀري، ڳيتون ڏيئي پيئون! پرينءَ سان هڪ سرڪي به نعمت آهي، ٻيا پيالا ئي گهوريا.
3
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهِيَنِ مارُوئڙَنِ جا؛
پائُـرُ سَڀِ پَچِي پِيو، گَھرِ گھارِيندي ڪيرَ؛
ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِنئون.
ڍٽن پٽن تي سکين ستابن مارن جا پکا اڏيل آهن. سارو ٿر آباد ٿيو آهي. هاڻ گهر ۾ ڪير ويهي رهندي.؟ مون کي ڪوٺين ۾ زنجير لڳل آهي ۽ محلن ۾ منهنجي دل ماندي آهي.
4
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِهين وَڳَ وارِينِ؛
ڇَڇِيا ڇيڪاريو ڇيلِڙا، پَٽين پَهرائِينِ؛
نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي، جَھجھو جَرُ هارِينِ؛
تاڙا تَنوارينِ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ ويڙهين ۾ پنهنجا ڌڻ پيا ورائين. هو تراين تي ڇيلڙا ڪاهيون اُنهن کي ساون پٽن تي پيا چارين. منهنجو اکيون انهن لاءِ ڳچ آب پيئون هارين. تاڙا پيا تنوارين، هينئر برساتون وسنديون. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.
5
هِنَ مُندَ مارو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشِحالَ؛
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَـڻِي، جيڏِيُون! آڻِنِ جالَ؛
سَتِيءَ جِي سَيَّدُ چئي، ڪا ساڙيہَ مَنجِھ سَنڀالَ؟
لِڱَنِ تان، لَطِيفُ چئي، لوئِي لاهِ مَ لالَ!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ ٿر ۾ آسودا آهن. سرتيون سائون، سيارڇ ۽ مکڻي (گاهه ۽ ولين جا قسم) گڏ ڪري، جام ٿيون آڻين. هن ستياڻيءَ (مارئيءَ) جي (شاهه صاحب ٿو چوي) وطن ۾ ڪا ڪنهن کي يادگيري آهي؟ اي لال! (مارئي!) پنهنجي بت تان لوئي نه لاهج. ڌڻي سڳورو ڀلايون ڪندو. هاڻي برساتون ٿيون وسن. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.
6
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَـرَ ڍارَ رَهَنِّ؛
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکي پاندِ پِيَنِّ؛
هِنَ کي لوهَ لَطِيفُ چئي، هُوءِ کائُرَ مَنجِھ کِلَنِّ؛
کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينهَن وَسَندا موٽُ تُون.
هن رت ۾ مارو سرها آهن ۽ لوڙهن جي ڀر ۾ ٿا گهارين. ميدانن تي جام پاڻي آهي ۽ مارو پکن جي ڀر ۾ ئي پلر پيا پيئن. هن (مارئيءَ) کي زنجيرون پيل آهن ۽ هو (مارو) ٿر منجهه خوشيءَ ۾ ٽهڪ پيا ڏين. هينئر ٿر ۾ مينهوڳيءَ ۾ کاٽونبڙا پيا کاڄن. اي مارئي! تون موٽي ماڳ وڃ.
7
سَدا جِنِ پَرياڻُ، پانڌِي پَکي لَڏَ سين؛
مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِيَڙا ٿَرِ اُڪِرِي!
جن ڳڻوان مارن جا اُهڃاڻ اِهي آهن، جو هو پکن ۽ لڏن سميت پنڌ ڪندا وتن، سي ڪنهن ڏورانهين ٿر تي نڪري ويا آهن.
8
پاسا پولِڙِيُنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئِي؛
اَکِيون، نَڪُ اَريجَ ري، ٽِمايَمِ ٽيئِي؛
ڏُورِ ٿِيا ڏيهي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!
جتي ڦولڙين ۾ پاسا ورائيندي هيس ۽ ٻئي ٻانهون مٿي هيٺان رکيو سمهندي هيس، تنهن ٿر لاءِ ٻه اکيون ۽ ٽيون نڪ وهايا اٿم. (ٽنهي مان پاڻي پيو ٽمي). منهنجا ڏيهي سڄڻ مون کان پري ٿر ۾ آهن.
9
ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَھلَّ، پِپُون پائُـرَ وَٽِ ۾؛
سيئِي سارِيو، سومِرا! اَچي آبَ اُڇَلَّ؛
سانڀِيَنِ ڏِنَمِ سَلَّ، ڏِٺي جِن ڏِينهَن ٿِيا.
هينئر ٿرن ۾ ڪچهريون لڳيون پيئون آهن ۽ ٿر ۾ پپون جام پيدا ٿيون آهن. اي سومر! اُنهن (مارن) کي ياد ڪيو، اکين مان ڳوڙهن جي اڇل پيئي اچيم. جن مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا اٿم، تن منهنجي دل ۾ سوراخ ڪري ڇڏيا آهن. (انهن جي جدائيءَ ۾ ڦٽ ٿي پيا اٿم.)
10
جُهران جِهڄان تي، جِئَن پَسَڻان پَري ٿِيا؛
اَلا! اوٺِي آڻِيـين، جو کِينءِ جِي خَبَرَ ڏي!
مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِه جو!
مان انهيءَ ڪري پيئي وجهلان ۽ ڳران، جو مارو ڏسڻ کان (منهنجين اکين کان) پري آهن. اي الله! تون شل ڪو اوٺي (اُٺ تي چڙهي ايندڙ قاصد) آڻين، جو خير جي خبر اچي ڏئي، جئن منهنجي دل مان وطن جو روڄ راڙو لهي.
داستان ڏهون
1
اُٺي ٿِي وَراڻِ، کِينءَ واڌايُون آيُون؛
لَٿِي لوئِڙِيارِيـين، مِڙَنِي مُنهَنِ ڪاڻِ؛
صُلحُ وارِيو سُومِري، چَئِي پَنوَهارَنِ پاڻِ؛
هَمِيرَنِئُون هاڻِ، مُهتُ لَهَندِينءَ مارُئِي!
مينهن جي مند ۾ ٿر ۾ سرهائي ٿي آهي ۽ خير جون مبارڪون آيون آهن. لوئي پهريندڙ (مارن) جي ملولائي غائب ٿي آهي. عمر سومري از خود پنوهارن کي صلح جو سنيهو موڪليو آهي. اي مارئي! هاڻ تون امير (عمر) کان عزت ۽ مان حاصل ڪندينءَ.
2
اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيَ کَرِي؛
وِساريجِ مَ وَرَ کي، پَــئِجِ مَ مُنڌَ! مَرِي؛
ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينهُن آهِين ڪوٽَ ۾.
اُتان (ملير مان) اوٺي هيءَ سچي خبر کڻي آيو آهي: ”اي عورت! تون ڀتار کي نه وسارج ۽ جهري نه پئج! اُتي (ٿر ۾) تون واپس ويندينءَ، هاڻي ڪوٽ ۾ باقي ڪو ڏينهن آهين.“
3
ڪو ڏِينهُن آهِئين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاهِ؛
ڪامَڻِ! اَهِجي ڪُرَ جي، اَڏِ وَڏائِي آهِ؛
هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪِڙو، پائُرَ جي پَساهَ؛
سَتِي! سِيلُ نِباهِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
”تون ڪوٽ ۾ باقي ڪو ڏينهن آهين. لوئي هرگز نه لاهج. اي سندري! اوهان جي ڪل (خاندان) جي خاص وڏائي پيئي ڳائجي. ٿر ۾ جو دم گذاريندينءَ، تنهنجي مٽ هتي (ڪوٽ ۾) هڪ به پساهه نه سمجهج، اي مارئي ستياڻي! تون پنهنجو ست قائم رکج، تون موٽي ملير ويندينءَ.“
4
سي ساهيڙِيُون ساريِنِ تو، سِيلُ جنِين جو سَچُّ؛
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.
”اهي سرتيون تو کي ياد پيئون ڪن، جن جو گڻ ”سپت“ آهي. ماروءَ کان سواءِ پنهنجي بت تي ماس نه چاڙهج. سون جي زيورن کي شيهي جھڙو سمجھج. ( سون کي تڇ سمجھج. )“
5
ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچ جِنِين جو سِيلُ؛
نَڪو قالُ نه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبَ ۾.
” اهي سرتيون توکي ياد پيئون ڪن، جن جو گڻ ” سپت“ آهي. انهن جي حق ۾ (سيل ۽ ست جي باري ۾ ) ڪو به حرف نه ٿو چئي سگھجي. ( ڪو به شڪ يا گمان نه ٿو آڻي سگھجي.)“
6
جو ڏيہَ ڏاڏاڻِيان آيو، ڏِنُمِ تَنهِن طَعنو:
”پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو؛
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئي، کانءِ مَ خَزانو؛
سَرتِيُنِ سِيلُ چَوايو، جورِ هَڻِي جانو؛
ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي هيڪِڙي.“
جو پانڌي اباڻي ديس کان آيو، تنهن هي طعنو آڻي ڏنم: ”ڳچيءَ ۾ ڳهه پائي، پلنگن تي نه ويهج. جو چيلهه مٿان خزانو (يعني لوئي) اٿيئي. تنهن کي کوهي نه ڇڏج. (لوئيءَ کي املهه چيز سمجهي، اُن کي سالم رکج يعني سيل نباهج.) سرتين، زور سان جانو ڀري، چوائي موڪليو آهي ته ست ۽ سيل تي پوري رهج، توکي هڪ لحظي ۾ مانائتو سڏ ٿيندو.“ (توکي ترت ئي تنهنجا مارو شان مان ساڻ وٺي ويندا.)
7
مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪَهڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون؟
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِيَنِ رَتَ ڄَيُون؛
نيڻين نِنڊَ وِهُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون؛
هِتي جي هُيُون، ته سُڌِ پِيـيَنِ سِيلَ جِي.
مارئي سانگيءَ کي جواب ٿي ڏئي: ”مون سان ماروئڙيون ڪهڙِيءَ پر رسنديون؟ منهنجي چوٽيءَ ۾ مٽيءَ هاڻيون ڳنڍيون ٿي پيئون آهن ۽ وارن ۾ سنهڙيون جون پئجي ويئون اٿم (جي رت پيون پين). ڄار جي وڻن کي ياد ڪري، نيڻن ۾ ننڊ ئي زهر ٿي پيئي آهي. جي هتي هجن ها ته سيل نباهڻ جي ڪل پين ها.“ (سرتين کي خبر پوي ها ته ست تي قائم رهڻ ڪهڙو نه ڏکيو ڪم آهي.)
8
”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِھه گُهرجي ڳَچُّ؛
وَڍِيو، چِيرِيو، چِچِرِيو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُّ؛
ساڻُ اَمانَتَ اَچُّ، ته ٿِئين سَمانِي ساڙيہَ ۾.“
سانگي، مارئيءَ کي ورجائي ٿو چوي: ”اي ستي! اڃا به تنهنجي ست ۽ سيل ۾ گهڻو ڪي گهرجي. (اڃا به قربانيءَ جي درڪار آهي.) تون ڳجهو ئي ڳجهو پنهنجي نفس کي وڍي، چيري، چچري، پاڻ ئي پچاءِ. تون پنهنجي امانت (ست) بچائي اچ ته وطن ۾ مانائتي ٿئين.“
9
جانڪِين سَتِيُنِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾؛
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نه نِيرُ؛
جِئَن هُوءَ اَبرَ آسِري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ؛
کائُـرَ پِيَنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
مارئي ٿي چوي: ”جيسين ستين ۾ سيل آهي، تيسين مان ڪوٽ ۾ نه وهنديس. سپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي اهي، ته به نه ساگر جو ۽ نه نديءَ جو پاڻي پيئندي آهي. جئن هوءَ ڪڪر جي تات ۾ وهندي آهي. تيئن ملير منهنجي من ۾ پيو وسي. جي هيءَ امانت (مارئي) ٿر ۾ موٽي وڃي ته اُتي مارو هوند خوشيءَ ۾ کير پيئن.“
10
جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، آهِينِ اَبرَ آسِري؛
جِئَن ڪُنجُون سارِينِ روهَ کي، مُون تَنَّ اندرِ تِيئَن؛
هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتِ نه ڀانيُمِ هِيئَن؛
ڪوٺيُنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نه هُئان؟
جئن سپون جل ۾ هوندي، ڪڪر جي آسري تي وهنديون آهن. جئن ڪونجون جبل کي ياد ڪنديون آهن، (جو سندن رهڻ جو هنڌ آهي ۽ جتي ٻچا اٿن)، تئن منهنجي اندر ۾ ملير پيو وسي. هُت (ملير ۾) وڃڻ جو اقرار ڪيل اٿم. هت (بند ۾) مون ائين نه سمجهيو ته مون سان هيءَ ڪار ٿيندي. جي پهري هيٺ بندياڻي نه هجان ته ڪوٺين ۾ جيڪر ڪيئن ڪاٽيان.؟
11
سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبرُ آساروسِ؛
ٻاڙو پِئي نه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنهِن لَڳوسِ؛
ماڻِڪُ تي مِڙيوسِ، جِئَن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.
سپ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي، پر سندس آسرو ڪڪر ۾ آهي. هيءَ ٻن پڙن واري (سپ) سمنڊ جو کارو پاڻي نه ٿي پيئي ۽ ندي جو مٺو پاڻي نه ٿو آئڙيس. کيس موتي انهيءَ ڪري ٿو حاصل ٿئي، جو اونهي پاڻيءَ ۾ به اُڃون ٿي سهي.
12
سِکو سَڀِ، سَرتِيُون! سِپُنِ مُلان سيرُ؛
ٻِيو مَٽائي نيرُ، اُڀِيون اَبرَ آسِري.
اي سرتيون! اوهين سڀئي سپن کان ست سيل جو سبق سکو. اُهي ٻيو پاڻي سرڪ ڪري، ڪڪرن جي آسري تي سر اُڀو ڪري ٿيون بيهن.
داستان يارهون
1
مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو؛
وَرِيا واهارُو، هاڻُو سَڀِ هِيڻا ٿِيا.
ملير مان مارو (پانڌي) ڪوٽ ۾ پيهي آيو. مددگار اچي رسيا، هاڃو رسائيندڙ بيحال ٿيا.
2
پَهِي سُکَ پيرَنِ کِيہَ! ڪو نِينهَن نِياپو مارُئين؟
اَتِ اُڪَنڍِي آهِيان، تَنهِن آتَڻَ، تَنهِن ڏيہَ؛
سَندِي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿُوري ڀانـئِيان.
مارئي ٿي سانگيءَ کي چوي: ”اي پانڌي! شل سکي هجين! شل پيرن تي دز (وطن جي خاڪ) چڙهيل هجيئي! مارئيءَ لاءِ قرب ڀريو سنيهو آندو اٿيئي؟ مان انهيءَ آتڻ (ڪتڻ جي جاءِ جتي سرتين سان سٽ ڪتيندي هيس) ۽ پنهنجي ساڻيهه (وطن) لاءِ نهايت سڪان پيِئي. وطن جي جا خاڪ آهي، تنهن کي مان مشڪ ڪري ٿي سمجهان.“
3
سَکَرِ سيئي ڏِينهَن، جي مُون گھارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن؛
واجھاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تَهِوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو.
اُهي ڏينهن موچارا هئا، جي مون قيد ۾ ڪاٽيا، محل جو ماڙين ۾ اکين مان وڏ ڦڙي مينهن وانگر لڙڪن جي برسات وسايم. جئن جئن ميلاپ لاءِ سڪيس ٿي، تئن تئن ڇيهون ڇيهون ٿي ٿيس. منهنجي محبت، زنجيرن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. (زنجيرن کي صفا ٽوڙي ڇڏيو.) هيءَ دنيا به قيد آهي. جنهن کي ڌڻيءَ سان نينهن آهي، تنهن جون نفساني زنجيرون ڀڄي ڀورا ٿيو پون.
4
عُمَرَ! اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهيِن ڏيہَ جا؛
پاراڀا پِرِيُنِ جا، اُڀِي اُن چَيامِ؛
لهِي لوهَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
اي عمر! اڄ مون کي انهيءَ ديس (ٿر) جا سانگي گڏيا. انهن بيٺي مون کي پنهنجي سپرينءَ جا سنيها سڻايا. ڌڻيءَ جي مهر سان منهنجون زنجيرون ۽ ٻيڙيون لهي ويئون.
ابيات متفرقه
1
جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين ڀَرِ رَهَنِّ؛
مارُو منجِھ ٿَرَنِّ، رَهِي رَهَندا ڪيترو؟
مارئي عمر کي شرمائي چوي ٿي: ”جڏهن اُهي (حاڪم) ئي ايذائيندڙ ٿيا، جن جي آڌار تي مارو رهيا پيا آهن. تڏهن (مارو) ٿر ۾ ڪيترو رهي ڪيترو رهندا.؟
2
جُه سي لوڙائُو ٿِيا، جنِين سندِيءَ ڌِيرَ؛
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنهِن دَرِ ڏِيندا دانهَنڙِي؟
جن جي ڀروسي تي مارو رهيا پيا آهن. سي ئي ايذائيندڙ ٿيا ته هو ويچارا مسڪين ڪنهن جي در تي دانهن کڻي ويندا؟
3
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران!
پاڻِي واري پانهِنجو، ويندِيائِي وَران!
ٿورو مَنجِھ ٿَران، هُندَ لَڳي لوئَڙيارِيـين!
مان شل ملير ۾ ماروءَ جي ڀر ۾ ميراڻ ڌوئي دم ڏيان!. مارئي عمر کي عرض ڪري ٿي چوي: مان جيڪر پنهنجي بت تي وطن جو پاڻي وجهي، ويندي شرط واپس وران! اهو جيڪر ٿر ۾ لوئي ڍڪيندڙن (مارن) تي احسان ٿئي.!
4
ڪانڌُ نه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿيروئِي خُوبُ؛
ميروئِي محبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.
مان ٻيو ڪو ڀتار نه ڪنديس، منهنجي لاءِ کٿو پهريندڙ ماروئي موچارو آهي. منهنجو جانب مارو، ڀل ميرو ئي هجي، پر اُهو اسان جي من ۾ هميشہ پيو وسي.
5
مُنهُن مُنهِنجو سُومِرا! مَرُ ميروئِي هوءِ!
متان مارُو چوءِ، ته ڌوتوءِ ڌوراڻَنِ ۾.
اي سومرا! منهنجو مُنهن ڀل ته ميرو ئي هجي. متان مارو مون کي ائين چون ته ”تو محلاتن ۾ اُن کي ڌوتو.“
6
جِت کَـرَڙَ، کَٿا ۽ کاهِيُون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَّ؛
سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، حاضُرُ پاسي حَقَّ؛
مارُوئَنِ سين ماڻِيان، شالَ مُندائتِي مَڪَّ؛
کِنڪارِيان خَلَقَّ، جا ٿَـرَ ڄائِي ۾ ٿوُهَرين.
جت اوني فراسيون، کٿا، ڏاس جا ٻورا، جهوپڙا، لال ڏونرا ۽ پڪل پپ آهن. تتي اُهي سرتيون خوش آهن، جي ڀتارن جي ڀر ۾ حاضر آهن. شل مان مارن جي صحبت ۾ کٻڙ جو لال ميوو مند تي ماڻيا. جي هيءَ ٿر ڄائي ٿوهرن (ڪنڊن وارن وڻن) جي وچ ۾ هجي ته هوند ساري خلق کي کيڪار گڏجان.
7
جي هِتِ هُئِي مارُئِي، ته لَڌِيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ؛
ارداسِيُمِ عُمَرَ کي، ويجھو ٿي وَٽانسِ؛
جي نه ڇَڏِيائِين ڪِ جَھليائِين، ته پنهنجو اَنگُ آڇِيانسِ؛
لاهي لوهَ لَطِيفُ چَئي، هِتان هُندَ هَلانسِ؛
موکي مَلِيرَ سامُهِين، وَٺِي ٻانهَن وَڃانسِ؛
رَهِبَرُ ٿِي ريڙِهيانسِ، سُنهاري ساڻيہَ ڏي.
شاه صاحب ٿو چوي: ”جي مارئي هتي هجي ته وڃي سندس سار لهان. عمر وٽ ويجهو وڃي، کيس منٿ ڪريان. جي کيس نه ڇڏي ۽ بند ۾ رکي ته هوند عيوض ۾ پنهنجو بت آڇيانس. هتان جيڪر زنجيرون لاهي وٺي هلانس. کيس آزاد ڪرائي، ٻانهن کان ملير ۾ وٺي وڃانس. سندس سونهون ٿي جيڪر کيس سندس سهڻي وطن ڏانهن وٺي هلان.
8
جِئَن ڳَنڍِيُون مَنجِھ ڳَنڍِيرَ، تِئن مُون مَنِ مارُوئَڙَنِ جُون؛
ڏِنيُون لَسَ لَطِيفُ چَئي، هِنئڙي کي هَمِيرَ؛
وَڃِي مَنجِھ مَلِيرَ، سَڀِ ڇوڙِينديَسِ سُومِرا!
جئن ڳنڍير گاهه ۾ ڳنڍيون هونديون آهن، تئن منهنجي من ۾ مارن لاءِ نينهن جون ڳنڍيون آهن. همير سومري (عمر) مون کي لسين ڳنڍين سان ٻڌو آهي. (عمر جون زنجيرون ڇڄي پونديون، پر منهنجو مارن لاءِ نينهن نه ڇڄندو.) اُنهن سمورين ڳنڍين (عمر جي آسان ڳنڍين) کي ملير ۾ وڃي ڇوڙينديس.
9
سُڻِي ساڻيہَ ڳالَھڙِي، لَهِي وِيا لوهَ؛
اَندَرَ جا اَندوهَ، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا.
وطن جي ڳالهه ٻڌي، زنجيرون لهي ويون. اندر جا غم ميٽجي ويا. سمورا درد لهي ويا ۽ سکن منهن ڏيکاريو.
10
توکي توڙائِين لِکِي، عُمَرَ! اَڇائِي؛
جنهن تو سامائِي، مامَ نه ڀَڳي مارُئين.
اي عمر! توکي ازل کان ئي پاڪائي لکيل هئي، جو تو مارن جي ساماڻل لڄ (مارئيءَ) جو ست نه ڀڳو.
11
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ؛
تو تان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ؛
پَهُچَندِينءَ پَنوَهارِ، سِگِھي سنگھارَنِ کي.
اي مارئي تون نڪيءَ روءُ، نڪي رڙ ۽ نه ڳوڙها ڳاڙ، تو تان قيد معاف ٿيو، تون زنجيرن کي جلائي ڇڏ. اي پنوهارڻ! تون جلد ئي سانگين وٽ وڃي رسندينءَ.
12
اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛
سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛
مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا.
اڄ پڻ سکين مارن جي جدائيءَ جا ڦٽ ڪڙهيم. اي سومرا! منهنجي اندر ۾ دردن اچي اوتارو ڪيو آهي. ماروءَ جي وڇوڙي، منهنجا هڏ (لڱ ۽ عضوا) وڍي وڌا آهن.