سفر لاءِ سامان سڙي جي تياري
وڏي ڀاءُ سريندر ولاسائي سندس هڪ دوست وجيش پرتاب بابت ٻڌايو ته،
”وجيش پرتاب به شايد ساڳين تاريخن ۾ نيو يارڪ وڃي رهيو آهي، سو ان سان فون تي رابطو ڪري حال احوال ڪري ڏس، متان ڪا نئين ڳالهه يا ڪو آئيڊيا ملي وڃي.“
سو وجيش پرتاب سان فون تي رابطو ڪيم، حال احوال کان پوءِ پڇيم ته ڪيئن تياري آهي؟ جنهن تي هن تي ٻڌايو ته،
”جيڪڏهن واشنگٽن ۾ ڪنهن هاسٽل تي رهڻو اٿئي ته ڪجهه پڪل کاڌو، بسڪيٽ، ۽ نمڪو وغيره هتان وٺيو وڃ. ڪافي خرچ بچي پوندئي.“
سندس مشوري تي عمل ڪندي، ڪلفٽن واري علائقي ۾ ڪراچي جي پراڻي ۽ هر کيسي جي پهچ واري ريسٽورانٽ يعني اسٽوڊنٽ برياني جي برانچ تان چِڪن ڪڙهائي ۽ چِڪن قورمي جي پُڇا ڪيم. چيو ٿو وڃي ته صدر ڪراچي ۾ هن وقت جتي ٽي ماڙ اسٽوڊنٽ برياني ريسٽورانٽ موجود آهي ان جي جاءِ تي اڳي هڪ ريڙهو هوندو هو، بهتر ذائقي ۽ مناسب اگهه جي ڪري ان جي مقبوليت وڌندي وئي جيڪو هاڻي شهر جي مشهور برانڊ ”اسٽوڊنٽ برياني“ بڻجي چڪو آهي ۽ هن وقت ڪراچي شهر اندر به ڪافي برانچون کُلي چُڪيون آهن. ڪلفٽن واري برانچ تي موجود ڪيشئير پيڪيٽ جي تفصيل بابت ٻڌايو ته،
”چِڪن قورمو ۽ ڪڙهائي هڪ لوهي دٻي ۾ سيل ٿيل هوندا ۽ هڪ سال تائين استعمال جوڳا هوندا آهن. تيار ٿيل انهي ڪڙهائي ۽ قورمي کي فقط گرم ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.“
سو هڪ هڪ پيڪيٽ چِڪن ڪڙهائي ۽ چِڪن قورمي جو ورتم. ساڳئي طريقي سان نِمڪو، کاڄن، ڀُڳڙن ۽ بسڪيٽ جو به هڪ هڪ پيڪيٽ ورتم. هاسٽل جي سموري معلومات هُجڻ ۽ چانهه جو وچولي قسم جو موالي هجڻ ڪري نيس ڪيفي (Nescafe) جا 3 اِن 1 جا 20 کن پيڪيٽ ورتم. اهو نيس ڪيفي جو هڪ پيڪيٽ 30 روپين ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ کنڊ، کير ۽ ڪافي وغيره مناسب مقدار ۾ مليل هوندا آهن، فقط گرم پاڻي ۾ ملائي پيئو. اندازو هنيم ته 600 روپين ۾ هفتي کن جي چانهه جي ڪوٽا پوري ٿيڻ مهانگي ڪونهي. انٽرنيٽ تي ڏٺم ته واشنگٽن جي ڪجهه عام ريسٽورنٽن تي چانهه يا ڪافي جو هڪ ڪوپ به 4 کان 5 ڊالر جو پئي مليو، ان حساب سان مون جهڙي چانهه جي هاف موالي لاءِ اٺن کان ڏهن هزار روپين جي ته رڳو چانهه يا ڪافي ٿي وڃي ها. مشهور سفرناما لکندڙ جناب الطاف شيخ لکي ٿو ته ايئن ڪرڻ مناسب ناهي، جو اهي ساڳيون شيون ٻين ملڪن ۾ به ملي وڃن ٿيون، ان ڪري پاڻ سان ايترو سارو سامان کڻڻ مناسب نه آهي. پر آئون چوان ٿو ته جي هِتان کان 2000 روپين جون شيون وٺي وڃان ۽ ٻين مُلڪن ۾ استعمال ڪرڻ سان جيڪڏهن 15000 روپيه بچن ٿا ته پارسل ڪري شيون کڻي وڃڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي!
واشنگٽن جي موسم بابت حال احوال ورتم ته منهنجي ڪانفرنس وارن ڏهاڙن ۾ موسم خشڪ ۽ گرمي پد 25 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ٿيل هُئي. سو ڪجهه ٽِي شرٽون ۽ ٻه عدد شارٽس به وڌم ٿيلهي ۾.
وري واشنگٽن جي بسن، زيرزمين ٽرين ۽ ٽيڪسين جا ڪرايا وغيره بابت انٽرنيٽ تي ڳولا ڪيم ته پتو پيو ته پنڌ ڪرڻ خاطر احتياط طور هڪ ڀڄڻ ڊڪڻ وارو جوتو به ضروري هُجن کپي، سو اهو به کڻي وڌم ٿيلهي ۾. ڄامشوري ۾ ته برسات هروڀرو پوي به ڪونه، سو ڇٽڙي وغيره جو تصور ئي ڪونهي، ٻه ڏينهن جي برسات جو امڪان هو ته برسات جو مزو وٺڻ لاءِ ڇٽڙي نه کنيم، پنڌ ئي برسات جو مزو وٺڻ جي خواهش خاطر هڪڙي چپل به وڌم ٿيلهي ۾. هاسٽل تي رهڻ جو سُٺو تجربو هُجڻ ڪري هڪ ٽوٿ پيسٽ، ٽوٿ بُرش، ڦڻي، ٻه ٽي جورابن جا جوڙا، گنجيون، باڊي اسپري، تيل جي شيشي ۽ ٻيون ڪجهه استعمال جوڳيون شيون به کنيم. ايترو سامان وجهڻ کان پوءِ به ٿيلهي جو وزن اڃان 15 ڪلو گرام ئي مس ٿيو هوندو، تنهن ڪري ڏند ۽ ڪن صاف ڪرڻ لاءِ پنج ست ڪانيون صاف ڪاغذ ۾ ويڙهي اُهي به وڌم ٿيلهي ۾.
بيڪ پئڪ ٿيلهي جو وارو آيو ته اُن ۾ ليپ ٽاپ، مائوس، ٽيبليٽ، ڊجيٽل ڪيمرا، پرس، هڪ نوڪيا جو پراڻو موبائل، اميگريشن خاطر تيار ڪيل فائيل، پاسپورٽ، ۽ ٻيو به ضروري سامان وڌم وڏيري پاران امانتي ڏنل ٿيلهي ۾.
بس سائين ٿيلهو تيار آهي هاڻي اُڏام لاءِ.