پينٽاگون ڏسڻ جو پلان!
سويل اُٿي وهنجي سنهنجي شارٽ ۽ ٽي شرٽ پائي، سڌو مفت واري ناشتي تي لُوهه ڪئي. ڪچن جي لابي ۾ هيديا ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هُئي، گُڊ مارننگ ڪري آئون ناشتي واري ٽيبل تي هليو آيس. ٽائيم تقريبن ساڍا ست ٿيا هُئا، اڃان پين ڪيڪس تيار نه ٿيا هُئا، تيستائين اُهي نيدرلينڊس جو ڇوڪريون کِٽ پِٽ ڪري رهيون هُيون، اڄ شايد ڊچ ٻولي ڳالهائي رهيون هُيون، اهو ان ڪري جو مون کي خبر ئي ڪونه ٿئي پئي ته الائجي ڇا پيون چون. مون کان هڪ ڄڻي پُڇيو ته توهان ته انڊين آهيو نه؟ مون چيو ته نه، آئون پاڪستان مان آيو آهيان. هالينڊ جي هاڪي ٽيم پاڪستان ۾ 1992 ۾ آئي هُئي چيمپينز ٽرافي کيڏڻ، جڏهن ته هالينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 1996 ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان آئي هُئي. هالينڊ جي تڏهوڪي هاڪي ٽيم ۾ هڪ گنجو رانديگر هوندو هو، بوولينڊر (فلورِس جان بوولينڊر) نالو هُئس ۽ پنالٽي ڪارنر اسپيشلسٽ هوندو هو، ڏاڍو اگريسِو رانديگر هوندو هو، مون کي جام پسند هئي سندس راند. تڏهن پاڪستان ۽ هالينڊ جو باقاعده مقابلو هوندو هو....
مون کان هڪ ڄڻيءَ پُڇيو،”1992، توهان جي عُمر ڪيتري آهي؟“
مون چيو ته،”36 سالن جو خيرن سان ٿي ويو آهيان.“
منهنجي دل خوش ڪرڻ خاطر چيائين” 26 يا 27 سالن کان وڏو ته ڪونه ٿو لڳين!“
مون به جوابي حملو ڪندي چيو ته، ”تون به ته اسڪول يا ڪاليج جي شاگردياڻي لڳين ٿي.“
ٽهڪڙن سان پُڇيائين ته، ”واقعي؟“
مون چيو، ”پوءِ نه ته، ڀلي ٻين کان پُڇي ڏس.“
پوءِ سندس يونيورسٽيءَ، شهر وغيره جو پُڇيم، الائجي ڇا نالا هُيا، مون کي سڀ وسري ويا، پر ايترو ضرور ياد آهي جو قد ۾ مون جيتري ڊگهي هُئي ۽ هالينڊ جي نارنگي رنگ واري ٽي شرٽ پاتل هُئي. ناشتو ڪري، رواجي طريقي سان هرڪو پنهنجا استعمال ڪيل ٿانو پاڻ ڌوئي رکي پيو. مون به ڪافي جو ڪپ کڻي وڃي لابي ۾ ڪمپيوٽر کوليم ته اڄ جو پلان ڏسان، ڪيئن ٿو ٿئي. فيس بوڪ تي پنهنجون پوسٽون ۽ ان تي لائيڪ به ڏٺم.....
اِتي ساڍا اٺ ٿيا ته، ”هيديا مون کان پُڇيو ته ڪيٽي سان رابطو ڪيئي؟“
مون چيو، ”نه، کيس هلڻو هُجي ها ته هينئر ناشتي تي هِتي هُجڻ کپي ها.“
چيائين ته، ”رابطو ته ڪر ته ڪٿي آهي؟“
مون چيو ته،”9 بجي تائين هونئن به هتي ويٺا آهيون، جي ايندي ته ٺيڪ آهي نه ته پاڻ هلون ٿا پينٽاگون ۽ آرلنگٽن سيميٽري.“
ايئن حال احوال ڪندي، ساڍا 9 ٿي ويا، ڪيٽي نه اچڻي هُئي سان نه آئي. نڪتاسين ٻاهر.
مون چيو ته، ”هاڻي هيئن ٿا ڪيون، جو هِتان هلون ٿا ميٽرو تي سِڌا پينٽاگون، پوءِ اُتان هلنداسين آرلنگٽن سيميٽري تي.“
پينٽاگون اسٽيشن تي لهي ٻاهر گهمڻ نڪتاسين.