واشنگٽن جو پهريون ديدار!
آمريڪا جي گادي واري هنڌ يعني واشنگٽن DC جي ڊيولس ايئرپورٽ تي لهي ٻاهر نڪتس ۽ 5A بس ۾ لانفانٽ پلازا (L'Enfant Plaza) ڏانهن وڃڻ خاطر چڙهي پيس. بس ۾ داخل ٿي ٻٽون مان پئسا ڪڍيم، هوشيارپ ڏيکاريندي ڪرايي ڏيڻ خاطر بس اندر لڳل مشين ڏانهن 50 ڊالر جو نوٽ اڳتي وڌايم ته وڏي ڏاڙهي واري بس جي ڊرائيور هڪل ڪئي ته،
”متان پنجاهه ڊالر انهي مشين ۾ وڌا اٿئي جو بقايا ڏيڻ وارو حساب ڪتاب هن گاڏي ۾ آهي ئي ڪونه؟ جڏهن ته ڪرايو ٿيندئي 7 ڊالر لان فانٽ پلازا جو.“
پڇيم ته، ”ٻڌاءِ ته پوءِ پئسا کُلا ڪٿان ڪرايان؟ ڪو دڪان وغيره؟“
”سا خبر مون کي ڪونهي ڪا، باقي وڃي ڳولهه ڪٿي اندر ايئرپورٽ ڏانهن، متان ملي وڃي، پر آهي ڏاڍو مشڪل.“
اها صورتحال ڏسي مون وري پاڪستاني انداز اپنايو. ڪيم ايئن جو وڏي اعتماد سان انهي بس مان واپس لٿم. اعتماد سان ان ڪري پئي لٿم جو واشنگٽن جي ٽرانسپورٽ بابت سروي ڪندي انٽرنيٽ تي پڙهيو هُئم ته اها بس هر 15 منٽن تي نڪرندي آهي، تنهن ڪري مون کي ڪو هاسٽل تي پهچڻ جي تڪڙ هُئي ڪونه، جو هتي ڪابه ڊپ ڊاءَ واري ڳالهه ئي نه هُئي ٻيو ته اڃان شام به مس ٿي هُئي. تنهن ڪري سوچيم ته ايترا پئسا وڃائڻ کان سٺو آهي ته ٻاهر ڪنهن همراه کان پئسا کُلا ڪرائي پوءِ ٻي بس ۾ چڙهي هليو ويندس، پاڻ کي آٿت ڏيڻ خاطر عامر خان جي آل اِز ويل وانگر چيم ته ڪا تڪڙ ڪونهي. ايتري ۾ سامهون ڏسان ته هڪ ڪافي حد تائين صحتمند ڏاڏيءَ ڪنن ۾ هيڊ فون چاڙهيو، ڏاڍي مستي ۾ گانا ٻڌندي وئي پئي، گڏوگڏ چِپٽيون به وڄائيندي ۽ موسيقي جي رڌم جي حساب سان ڪنڌ ڌوڻيندي پئي وئي. اشاري سان کيسن روڪي پئسا ڏيکاريندي پڇيو مانس ته،
”50 ڊالر کُلا اٿئي، بس کي ڪرايو ڏيڻو آهي.“
عجب ته ڏاڍو ٿيو جڏهن صفا لفٽ ئي ڪونه ڪرايائين ۽ فقط ڪنڌ سان نهڪار ڪري مون واري بس (5A) ۾ چڙهڻ لڳي. مون کي وري به پڪ ٿي ضرور ڪو مدد ڪندو. انهي ڏاڏيءَ مان پنهنجي ڪم جو آسرو نه ڏسي آئون واپس ايئرپورٽ ڏانهن ڪنهن دڪان جي ڳولا لاءِ روانو ٿي رهيو هئس ته اها ساڳي ڏاڏيءَ ڪنن تان هيڊ فون لاهي منهنجي پويان ڊوڙندي آئي ۽ چيائين،
”اوه ييس ييس، مون وٽ پئسا کُلا پيا آهن، هي وٺ. معاف ڪجان، مون کي ياد نه هُيو.“
ايئن چئي مون کي پنجاهه ڊالر کُلا ڏنائين، ٻه 20 ڊالر جا ۽ هڪ 10 ڊالر جو نوٽ هو. وري به بس جو ڪرايو ٿيو پئي 7 ڊالر، ۽ مون ڪرائي واري مشين ۾ 10 ڊالر وڌا. وري به انتظار ڪيم ته متان بقايا واپس ملي. ايئن وري به بس جي ڪئش واري مشين منهنجا 3 ڊالر کائي وئي ۽ واپس نه ڏنا...... بس ڊرائيور مون ڏانهن ڏسندي هٿ، ڪلهن ۽ مٿي سان مخصوص اسٽائيل ۾ اشارو ڪيو ته اهو اٿئي هِتي وارو سسٽم!
جيئن ته مون وٽ هڪ بئڪ پئڪ هُيو ۽ ان سان گڏ هڪ وڏو ٿيلهو هُيو، جيڪو هاسٽل تي رهندڙ دوست ”وڏيري“ زبير هنڱوري کان واشنگٽن گهمائڻ خاطر اڌارو ورتو هُئم، هن به رئيس هڪ شرط تي اڌارو ڏنو هو. شرط اهو هو ته اهو ٿيلهو گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماين کان کڻائيندين. جيڪا شرط مون پوري به ڪئي. مون بس جي اڳئين حصي ۾ سيٽ هيٺ وڏو ٿيلهو رکيم، جڏهن ته بيڪ پئڪ وارو ٿيلهو وري هنج ۾ رکيم.
بس جيئن ئي هلڻ شروع ٿي ته واشنگٽن جي چمڪندڙ اُس ۾ پاسن کان تيزي سان ويندڙ گاڏيون، وڻ ٽڻ ۽ بلڊنگون ڏسڻ لڳس. ان دوران گهر وارن کي پنهنجي خيريت بابت اطلاع ڏيڻ خاطر موبائل کوليم جو يو فون وارن کان رومنگ تي پنج سئو روپين ۾ 130 منٽ ان ڪمنگ جا ورتا هُئا ، يو فون سان ٺاهه ڪندڙ آمريڪي ڪمپني جا سگنل ئي نه پئي آيا ٻين لفظن ۾ انهي ڪمپني جي سروس نه پئي هلي، سو موبائل رکيم واپس کيسي ۾.
ڪجهه دير جي سفر دوران بس ۾ منهنجي سيٽ جي ساڄي پاسي ۾ ويٺل هڪ جهونيءَ نقشو ڏسندي مون کان پُڇيو ته،
”پنهنجي بس جو آخري اسٽاپ هن نقشي ۾ ڪٿي آهي؟“
مون سندس نقشي تي آڱر سان ڏس ڏنو ته،
”اجهو هتي، لان فانٽ پلازا تي......“
”اوڪي، اوڪي. ٿينڪ يو.“
وري پُڇيائين، ”ته پوءِ اُتان وائيٽ هائوس ڏي ڪيئن وڃبو؟“
”مون وٽ سامان آهي، نه ته مزي سان پنڌ به وڃي سگهجي ٿو صفا ٿورو ئي پنڌ آهي.“
نقشي تي آڱر سان وڌيڪ رهنمائي ڪيم ته،
”هن رستي تان وڃبو، پوءِ ٿورو کاٻي مُڙي وري سڌو رستو وائيٽ هائوس ڏانهن ويندو.“
ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کان پڇيائين ته،
”ڇا توهان هتي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪريو ٿا ۽ هتي ڪيتري عرصي کان رهو پيا؟“
مون چيو ته،
”واشنگٽن ته ڇا پر آئون آمريڪا به پهريون دفعو آيو آهيان پاڪستان مان ۽ اجهو هاڻي ئي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪتو آهيان، ٿيلهو سيٽ هيٺان رکيو اٿم.“
پهريان ته ٿورو هٻڪي ته هي همراه پاڪستان جو آهي. پر جڏهن مون پاڻ بابت تفصيل سان ٻڌايو ته،
”ورلڊ بئنڪ ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس ۾ پنهنجو تحقيقي مقالو پيو پڙهڻ وڃان.“
مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ جاري ريسرچ جو به احوال ڏنم ته قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هجڻ جو به. پوءِ ٿورو رليڪس ٿي ۽ سُٺو حال احوال ورتائين ۽ اڃان وڌيڪ خوش ٿي. حال احوال وٺندي پنهنجي پرس مان ڪجهه وزٽنگ ڪارڊ جهڙا ٽڪرا ڪڍندي چيائين ته،
”جيڪڏهن فري ٽائيم هُجئي ته هي وٺ ٻه پاسون، هڪ سينيٽ ۽ هڪ هائوس آف ريپريزينٽيٽوز (House of Representatives) جي 2016ع واري اجلاسن جون، ضرور وڃجان. هوندي ته هڪ قسم جي مڇي مارڪيٽ پر، تجربو ضرور آهي. مون کي پڪ آهي پاڪستان ۾ پڻ سياستدان اهڙا ئي هوندا. هاهاها اهي جتي ڪٿي اهڙا ئي هوندا آهن.“
وري بس جي پُٺين سيٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته،
”هي جي پويان ڇوڪريون بيٺل آهن انهن کي هتي واشنگٽن ۾ گهمائڻ کان پوءِ وٺي وينديس ڪينيا هڪ مهيني لاءِ، اتي انٽرنشپ ڪنديون هڪ ڪرسچن اسڪول ۾ ۽ آئون هتان جي اسڪول ۾ پرنسپال آهيان.“
بس جي پُٺئين حصي ڏانهن نهار ڪيم ته ڏسان ته 10، 12 کن سُٺي شڪل شبيهه سان نوجوان ڇوڪريون بيٺل نظر آيون، سڀ کلڻي ملڻي شِڪل سان پاڻ ۾ کِلڪوڙا ڪري ۽ تاڙا ملائي رهيون هُيون.
ايئن حال احوال ڪندي 45 منٽ ٿيندا جو اچي لان فانٽ پلازا پهتاسين. بس مان لهڻ دوران شايد انهي پوڙهي انهن ڇوڪرين کي منهنجي باري ۾ ٻڌايو هوندن، جو سڀني مون کي باءِ باءِ ڪيو. مون به جواب ۾ کين باءِ باءِ ڪيو، انهي ننڍڙي سفر مان اندازو لڳايم ته واشنگٽن به ترڪي جي شهر انقره کان گهٽ نه هوندو، جتي ڪوبه ماڻهو ٻوٿ چڙهيل نه هوندو ۽ جنهن سان به ڳالهه ٻولهه ڪبي ته گھڻي لفٽ نه ڪرائي تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ڳالهه ٻڌندو ضرور، اهو به ڌيان سان.
پياري دوست گوگل ميپس (Google Maps) ۽ انٽرنيٽ جي ٻين ساٿين جي مدد سان مون کي اها اڳواٽ ئي خبر هُئي ته مون کي لهڻو ڪِٿي آهي، اُتان ڪهڙي گاڏي ۾ ڪيڏانهن وڃڻو آهي. سو پلان موجب مون کي انهي بس مان لان فانٽ پلازا اسٽيشن تي لهي ، اُتان وري ڦڪي رنگ واري ميٽرو ٽرين ۾ چڙهي ڪنوينشن سينٽر تي هلي اُتان ٿورو ئي پنڌ پري ڊِيو هائوسنگ نالي هاسٽل تي وڃڻو هو. خير اينڊرائيڊ (Android) جي ڪجهه ساٿين جي مدد سان (5A) بس مان لهڻ شرط جي پي ايس (GPS) تي خبر ورتم جنهن اشاري سان ڏس ڏنو ته اُترين پاسي کان پلازا جي هيٺيان زيرِزمين ٽرين جي اسٽيشن آهي اُتان پنهنجي منزل ڏانهن وڃڻو آهي.
ان منزل خاطر ڏاڪڻين تان هيٺ لهي هڪ ڪئبن ڏي ڌيان ڏنم ته هڪ همراه ويٺل هو ۽ هو مون کي ڏانهنس ويجهو ايندو ڏسي شايد سمجهي ويو ۽ پنهنجي ڪئبن مان ٻاهر نڪري آيو. ان ڪئبن جي ٻاهران لکيل هو اسٽيشن مئنيجر. انهي اسٽيشن مئنيجر کي چيم ته،
”مون کي هڪ هفتي وارو رعايتي سمارٽرپ (SmarTrip) ڪارڊ وٺڻو آهي جنهن جي قيمت تقريبن 56 ڊالر کن ٿيندي.“
اسٽيشن مئنيجر مون کي اي ٽي ايم جهڙين ڪجهه مشينن ڏانهن وٺي آيو ۽ هڪ مشين تي کِٽ پِٽ ڪرڻ لڳو ته مون سئو ڊالر جو نوٽ ڪڍيو، جنهن کي ڏسي ان همراه چيو ته،
”نه، نه، توهان ايڏو وڏو نوٽ نه ٿا استعمال ڪري سگهو. هي مشين وڌ ۾ وڌ 5 ڊالرن جو حساب ڪتاب ڏئي ٿي، يعني بقايا 5 ڊالر تائين واپس ڪندي.“
ڏيو منهن! پاڪستان ۾ ته مون پارن وٽ رڳو کُلا ئي کُلا پئسا هوندا هُئا، هڪ روپئي کان وٺي سئو روپين تائين، هتي ته مسئلو ٿي پيو. هفتيوار ٽڪيٽ هُئي 56 ڊالرن جي، جنهن کان پوءِ جي لوڪل ٽرين ۽ بسن جي چڙهه چڙهان مفت! مون پڇيو ته،
” تو وٽ ڏس ته متان کُلا هُجن.“
هن وراڻيو ته،
”نه مون وٽ ته ڪونه آهن، مون وٽ ڪٿان آيا، ٻئي هنڌان ڪٿان وٺي اچ.“
مون سوچيو ته هتي ماتلي بدين ته آهي ڪونه جو ڪنهن کان کُلا پئسا ملن معني ته وري ساڳيو قصو ورجائڻو پوندو. سو انهن مشينن جو پاسو وٺي بيهان ٿو جيڪو ايندو اُن جي شڪل ڏسي مدد گهرندس. شڪل ڏسي اُن جي ڪري جو جنهن جي جهڙي شڪل هوندي آهي تهڙي ئي موٽ ملندي. هوندو ڪو گهران ڪُٽيل ته پوءِ جواب به ڪونه ڏيندو، تازو پگهار مليل همراهن جي شڪل پري کان پڌري هوندي آهي. هڪ مائي آئي پئي تيز وکن سان چهري تي هلڪي مسڪراهٽ سان، پڪ سمجهيم ته هي مائي ڪم ڪندي. سو کيس سامهون اچي پڇيم ته،
”کُلا اٿئي 50 ڊالر، مون کي فلاڻي ڪم لاءِ ضرورت آهي؟“
چيائين ته،
”کُلا ڇو، هي وٺ منهنجو سمارٽ ٽرپ رعايتي ڪارڊ، اڄوڪو ڏينهن فري اٿئي، باقي پوءِ ضرورت پوئي ته پيو لوڊ ڪرائجانءِ ۽ پنهنجو سمجهي استعمال ڪر.“
مون چيو،
”نه، نه، مون کي ته رڳو کُلا کپن.“
زور ڀريائين ته،
”في الحال هن مان ڪم هلاءِ بعد ۾ پيو لوڊ ڪرائجانءِ.“
زور ڀرڻ تي انتهائي مجبوري جي عالم ۾ انهي مائي کان ڪارڊ ورتم، اچي اسٽيشن مئنيجر کي ڏيکاريم، جنهن پنهنجي ڪمپيوٽر تي چيڪ ڪيو ته واقعي چالو ڪارڊ هو، هُن مون کي سُڌ ڏني ته،
”اڙي هن ۾ ته پئسا لوڊ ڪرڻ جي ته ضرورت ئي ڪونهي، ڊائريڪٽ استعمال ڪر، خوش قسمت آهين جو مائي استعمال جوڳو ڪارڊ ڏئي وئي اٿئي.“
ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل هُجڻ جو فائدو اهو ٿيو جو ڪنهن کان هرو ڀرو ڏس پتي پُڇڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪونه ٿي. هيٺ مٿي لڳل پٽيون پڙهي پنهنجي ڪم جي ٽرين ڳولي چڙهي ويٺس. پنهنجي سيٽ جي مٿان لڳل نقشي جي مدد سان پڪ ڪيم ته 3 اسٽيشنون ڇڏي چوٿين اسٽيشن تي لهڻو آهي. انهي سوچن ۾ اندازو لڳايم ته پهرين ڏينهن ئي ايئرپورٽ کان هاسٽل ڏانهن ايندڙ رستي تي 3 مختلف ماڻهن (ماين) سان حال احوال ٿيو، ٽئي ڄڻيون ٿورو ڪري ويون..... پاڪستان ۾ ته مايون منهنجي پي ايڇ ڊي جي عنوان تي به بحث ڪري مون کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. مٿئين قصي مان ثابت ٿيو ته سُٺا ماڻهو (ننڍي عمر جي ٻارن کان وٺي ڏاڏيءَ ناني جي عمر جون مايون به) هميشه منهنجو پيڇو پيا ڪندا آهن. هتي يعني واشنگٽن DC ۾ به لڳي ٿو ته ايئن ئي آهي....... وڌيڪ اندازو ايندڙ پنا پڙهي لڳائي سگهجي ٿو.