واشنگٽن جي برسات ۽ آئون اڪيلو ٿريو!
لنڪن ميموريل تان گهمرو ڏئي پوٽومئڪ ندي جا کڙکٻيتا ڏسندي ڏسندي برسات گهاٽي ٿيندي پئي وئي، وسندڙ برسات ۾ ئي پنهنجي ڪيمرا سان فوٽو ڪڍندو رهيس. ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گاڏين ۽ بسن ۾ سُڪ ٿيڻ لڳا، مون ٿري کي هي ٿڌڙي برسات مزو ڏيڻ لڳي. هونءَ به ٿرين جي باري ۾ مشهور آهي ته ٿريو ڀلي دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ هُجي پر جي ٿر ۾ برسات پئي ته هُن کي ٿر جي ڏاڍي ياد ايندي آهي ۽ هر صورت ۾ ٿر ڏسڻ چاهيندو. کڻي اُتي جا سور ڀلي سُجهندا هُجن پر چوندو حال في الحال وڃان ٿر، پوءِ جون خبرون پوءِ. ايئن هڪ قصو آهي اُٺڻ جو، ته ڪنهن ٿري همراه پنهنجي اُٺڻ ڪنهن سنڌي کي وڪڻي ڏني. جيڪا جڏهن به ٿر ۾ برسات وسندي هُئي ته ٿر ڀڄي ويندي هُئي وري ويچارو مالڪ پُڇائون ڪندو اچي اُن ٿري وٽان وڃي هٿ ڪندو هو. (ٿرين وٽ اسان جي لاڙ جون وري ٻه جيو گرافيڪل حدون آهن، هڪ ٿر ٻيو سنڌ، سنڌ اُن کي سڏين جيڪا پڪي زمين هُجي ۽ زرعي آبادي هُجي ۽ ٿر اها جتي وارياسي زمين هُجي.)
مون کي به برسات ته مزو ڏنو ئي پئي پر پنهنجي پُٺي تي ٿيلهو، ان ۾ موبائل، ٽيبليٽ، ڪيمرا ۽ پرس وغيره پُسي خراب نه ٿي وڃن ان جو به ڊپ...... هيٺ ڏنل تصوير ۾ حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ (پُراڻي) جو روپ ڏيندڙ واڪنگ ٽريڪ جو گس ورتم ته جيئن ڪجهه برسات کان ٿيلهو گهٽ پُسي، پر وري به پاڻ پُسڻ جو گهڻو شوق! ٿورو اڳتي هلي ڏسان ته هڪ لوهي دروازي تي ٻه ٽي ٿيلهيون وڏي سائيز جون ٻڌل نظر آيون، خيال آيو ته ڪيترو نه خيال اٿن راهگيرن جو..... جتي به جنهن شئي جي طلب ٿئي ٿي اُتي اُها شئي موجود. اصل ۾ اهي ٿيلهيون شايد ڪچري وغيره ڦِٽو ڪرڻ لاءِ رکيل هُيون. پاڻي جي بوتل ته مون وٽ هُئي لاڳيتو، پر تقريبن هر جاءِ تي پاڻي جا ڪولر لڳل آهن، جنهن ۾ هڪ بٽڻ کي دٻائي نلڪي مان سڌو پاڻي پي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پاڻي به بوتلن وارو وٺڻو پوي ها ته هيستائين رڳو پاڻي هزارين روپين جو ٿي وڃي ها. ٻي ڳالهه ته سستاڻ جي حساب سان حد ٿي وئي، جيڪڏهن ڪو نوجوان گهٽ خرچ ۾ واشنگٽن گهُمڻ چاهي ته فقط هاسٽل رهائش جو خرچ تقريبن ٽي هزار رپيا کن هوندو روز جو، باقي تقريبن ڪو خرچو ناهي. جتي ڪٿي پنڌ وڃي سگهجي ٿو، ميوزيم، چڙياگهر وغيره سڀ فري ٽڪيٽ آهن. صرف هڪ ٻه جايون آهن، جتي پهچڻ لاءِ ميٽرو جي سواري جي ضرورت آهي جيڪا 1 کان 3 ڊالر مس ٿيندي. ماني وغيره پنهنجي ٺاهي کائي سگهجي ٿي هاسٽل، هڪ جينز جي پينٽ اندازن پنج کان ڇهه مهينا مزي سان هلي ويندي.... هاهاهاهاها......
سو هڪ ٿيلهي کنيم، پوءِ ورائي سڄو سامان لاٿم اُن ٿيلهي ۾...... ۽ برسات جو فل مزو وٺندو آيس، ساڳئي رستي تان وائيٽ هائوس جي پارڪ جي پاسي مان ٿيندو ٿيندو، سڌو اچي هاسٽل تي لٿس..... هاسٽل تي ڏسان ته واندن جا راڄ ويٺا تاش راند ڪن، ڪي ڪچهريون ڪن، ڪي ٽي وي تي ميچ پيا ڏسن. آئون به وهنجي اچي انهن سان ويٺس. مون کي انهي سڄي صورتحال ۾ مزو نه آيو، ٿڪل به هُئس ڪافي حد تائين سو اچي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پيس.