سفرناما

سفر واشنگٽن جو

گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا
Title Cover of book سفر واشنگٽن جو

ڊيو هائوسنگ تي پهچڻ



ڦِڪي رنگ واري ميٽرو ٽرين ڪجهه ئي منٽن جو سفر ڪري، ڪنوينشن سينٽر واري اسٽيشن تي لهي موٽر تي هلندڙ مشيني ڏاڪڻين ذريعي مٿي يعني ٻاهر زمين تي نڪري آيس. ٻاهر نڪري ڇا ڏسان واشنگٽن جو رنگ روپ! ڀائنجي ويو، يڪدم. موبائل فون کولي گوگل ميپس (Google Maps) ۽ جي پي ايس (GPS) ذريعي ڳولا ڪيم ته منهنجي منزل يعني ڊيو هائوسنگ (Duo Housing) نالي هاسٽل هتان کان ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترين وکن يا پنڌ تي آهي. صفا اڻڄاڻ جاءِ پر مون کي بلڪل پنهنجائپ ئي محسوس ٿي رهي هُئي. اُتي مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺ گهڻي وقت کان پوءِ آيس. جيئن اوڙي پاڙي ۾ وڌندڙ آبادي جي حساب سان ڪافي نون گهرن جي تعمير ٿي چُڪي هُئي، ته گهٽيون ۽ گھيڙ به ڪافي تبديل ٿي چُڪا هُئا تنهنڪري پنهنجي پاڙي جي گهرن جي پُڇا ڪرڻي ٿي پئي ته فلاڻي جي گهر ڏي وڃڻ لاءِ ڪهڙو رستو استعمال ڪبو، اُتان جيڪڏهن ٻئي ڪنهن جي گهر وڃڻو هجي ته ڪهڙي گهٽي وٺجي. اُن جي اُبتڙ ننڍپڻ جي دور ۾ رات جي اونداهي ۾ لِڪ لِڪوٽي راند ڪندي پاڙي جي ٻين گهرن جي رڌڻي ۾ وڃي لڪي رهندا هُئاسين ۽ ٻين ٻارن جي پيرن جو آواز يا سُس پُس ٻڌي ڪنهن ٻئي رڌڻي ۾ وڃي لڪندا هُئاسين. انهي دور ۾ ته گهرن جا دروازا به نه هوندا هُئا، گهرن جي وڏن کي رڳو هلڪي کنگهڪار ڪرڻي پوندي هئي، ٻار ته رڳو روڙهه ڪري سڌو پنهنجي منزل تي. هن جديد دور ۾ اهو ساڳيو پراڻو دور اچي ويو آهي، ڪٿي به اهو محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته ڪنهن اڻڄاڻ جڳهه تي اچي ويا آهيون، خاص دور تي سُڌريل ملڪن ۾. هن دور ۾ هٿ جي تري جيترين شين سُڌريل ملڪن ۾ هلڻ ڦرڻ ايترو ته آسان ڪري ڇڏيو آهي جو ڇا ٻڌائجي، ڪنهن کان ڪجهه به پُڇڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. مون کي ياد آهي سنه 2015ع دوران استنبول جون گهٽيون ماپيندي آئون هڪڙو ٽيبليٽ (Tablet) پنهنجي ٿيلهي ۾ رکندو هُئس. انهي ٽيبليٽ ۾ تُرڪي جو آف لائين ميپ (Offline Map) رکيل هوندو هو، جنهن ۾ جنهن منزل ڏانهن وڃڻو هوندو هُئم اهو ٽارگيٽ سيٽ ڪري ڇڏيندو هُئس ته اهو ٽيبليٽ ڪو موڙ وغيره وٺڻو هوندو هو ته پاڻ ئي رڙ ڪندو هو ته،
”آفٽر 200 ميٽرز ٽرن رائيٽ يعني 200 ميٽرن کان پوءِ ساڄي مُڙو.“
منزلِ مقصود تي هميشه هڪڙو ڳاڙهو نقطو لڳل هوندو آهي، جنهن سان اها خبر پوندي رهندي آهي ته اها جڳهه ڪهڙي پاسي ۽ ڪيترو پري آهي.
واشنگٽن جهڙي ظابطن، طريقن ۽ اصولن جي شهر ۾ انهي ساڳي طريقي آزمائڻ جي هِتي ايتري ضرورت نه هُئي. ڇو جو هر گهٽي، هر رستي جو نمبر ۽ نالو ڏنل آهي. مون واري منزل يعني ڊيو هائوسنگ هُئي 11 هين اسٽريٽ NW. جي هڪ گهٽي اڳتي نڪري ويس ته 12 اسٽريٽ اچي ويندي ته واپس موٽڻو پوندو، وري جي 10 هين اسٽريٽ آئي ته اڳتي وڃڻو پوندو. صاف ظاهر آهي ته ماڻهو وڌ ۾ وڌ هڪ يا ٻه بلاڪ اڳتي پوئتي ٿيندو ته صحيح رستي جي خبر پئجي ويندي. ننڍين گهٽين جا وري ABC واري ترتيب ۾ نالا ڏنل آهن، مجال آهي جو ماڻهو مُنجهي. انهي حساب سان منهنجي منزل هُئي (1223 11th St NW, Washington, DC 20001). سو ايئن موبائل تي رستي جي ڏنل نشانن تان هڪ ٿيلهو ڪُلهي تي ۽ هڪ ٿيلهو گهليندو اچي ڊيو هائوسنگ تي پهتس. ايتري ته پڪ اڳ ۾ ڪري گوگل اسٽريٽس نالي ترڪيب استعمال ڪري ڊيو هائوسنگ جو ٻاهريون در، آمهون سامهون وارا منظر اڳ ۾ ئي ڏسي چُڪو هُئس. سو سِڌو اچي ڊيو هائوسنگ جي دروازي تي پهچي پهريان پڪ ڪيم ته نمبر اهو ئي آهي، نالو اُهو ئي آهي. هڪ پنو هنيل هو اهو پڙهي ڪري، هڪ ڀيرو ئي گهنٽي وڄايم ۽ انتظار ڪيم ته ڪو اندران جواب ڏي. انتظار ان ڪري ڪيم ته گهنٽي جي پاسي ۾ هڪ پنو يعني نوٽيس هنيل هُيو ته مهرباني ڪري گهنٽي فقط هڪ دفعو ئي وڄايو. ٿوري دير ۾ در کُليو ته ڏسان ته هڪ ڇوڪريءَ وڪٽوريا نالي سان، (وڪٽوريا نالو پاڻ ئي ٻڌايائين) نڪري آئي رُکي رُکي لهجي ۾ ئي پڇائين ته،
”رزرويشن اٿئي نه؟“
”ها.“ مون وراڻيو.
”ته پوءِ اچ اندر. جُتي لاهي هِتي رک، اندر جُتيون پائڻ جي اجازت بلڪل ناهي. پوءِ اچي صوفي تي ويهه ۽ پاسپورٽ ڏي ته انٽري ڪريان.“
بل جي وصولي ته اڳ ئي آن لائين ٿي چُڪي هُئي. هڪ نوجوان به نچندي ڪڏندي مون سان هٿ ملايو ۽ چيڪ اِن ڪرڻ يعني مون کي پنهنجو بيڊ ڏيڻ لاءِ ڪاغذي ڪاروائي شروع ڪئي. منهنجي گرم جوشي سان هٿ ملائڻ تي يڪدم خوشيءَ مان چيائين،
”يار (buddy)، هتي ٻيا اچي ايڏو ته ڍرو هٿ ٿا ملائين جو جهڙو ساهه ئي ڪونه اٿن، صفا جهڙا مئل هُجن.“
پنهنجي تعريف ٻڌي خوشيءَ ٿي ۽ مون به سندس جوابي تعريف ڪئي ته،
”تنهنجو ڳالهائڻ جو انداز تمام بهترين آهي، ايئن پيو لڳي جهڙو ڪو پڪو دوست پيو ڳالهائي.“
ان ڳالهه جو فائدو مون کي آخري ڏينهن تي ٿيو، جيڪو اڳتي هلي توهان پڙهندئو، جي نه پڙهيا ته اندازو لڳائي وٺندا. اهو به نه پُڄي ته پوءِ پُڇي وٺجو سماجي رابطي واري طريقي سان....
اهو ٻُڌي همراه ڪُرسي مون ڏانهن گهُمائي ۽ چيائين،
” I love Pakistani passport, look at the color, look at the floral design.“
مون کي ٿورڙي حيرانگي ته ضرور ٿي، ڇو ته تقريبن سمورا دوست چوندا آهن ته پاڪستاني پاسپورٽ کي گهٽ لفٽ آهي، ماڻهو مِلڻ به پسند نه ٿا ڪن، ويزا نه ٿا ملن. جيستائين منهنجو تجربو آهي، سنگاپور، ملائيشيا، تُرڪي، واشنگٽن ۽ اٽلي جو، ماڻهو باقائده دل سان ٿا ملن، عزت ٿا ڪن، ۽ ملندا رهن ٿا، رابطي ۾ رهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اها شئي نظر نه آهي، شڪر آهي ته عزت ملي ۽ ڏني به سهي. هِن همراه ته پاڪستاني پاسپورٽ جي رنگ روپ جي به تعريف ڪئي. پريان ويٺل همراه جيڪو سويڊن جو هو انهي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاريو ۽ چيو ته هي ڏسو اسان جو پاسپورٽ، ڪيڏو نه بورنگ ۽ بي رنگ آهي..... اُهو پاسپورٽ ناسي رنگ جو هيو.
ايتري ۾ وڪٽوريا منهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجهندي چيو ته،
”هي ٿيلهو آئون ٿي کڻان؟“
مون چيو ته،
”نه، نه، آئون پاڻ ئي کڻندس.“
پر هُن منهنجي ڳالهه ٻڌڻ کان اڳ ئي ٿيلهو کڻي چُڪي هُئي، جيڪڏهن ڪا وڏي هوٽل هُجي ها ته آدابن تحت کيس ئي کڻڻ ڏيان ها، پر هي ته هاسٽل هُئي جتي سڀ برابر هُئا تنهن تي مون کائنس ٿيلهو واپس ورتو. پاڻ واري پاسي ته آفيس جو ٿورو گهڻو چڱو مڙس آيو ته به خالي هٿن ايندو، سامان پويان ٻيا همراه پيا کڻي ايندا.
نينگري وڪٽوريا مون کي پنهنجو (پنهنجو معني منهنجو پنهنجو) بيڊ ڏيکارڻ لاءِ وٺي وئي،
”باٿ روم هي آهي، ٽوال هتان کڻي، هتي ئي رکڻو آهي.“
”مون پڇيو ته اها ڪيئن خبر پوي ته ڪهڙو ٽوال ڪنهن جو آهي؟“
چيائين ته،
”هي مٿي ڪٻٽ ۾ رکيل ٽوال سڀئي ڌوتل آهن، جڏهن ته هيٺ ٻوري ۾ پيل ٽوال استعمال ٿيل آهن. جي وڻئي ته پنهنجو ٽوال استعمال ڪرڻ کان پوءِ پاڻ وٽ پنهنجي ئي بيڊ تي رکي سگهين ٿو يا ته پوءِ روز تبديل ڪري سگهين ٿو.“
ان کان پوءِ مون کي هيٺ وٺي وڃي منهنجو بيڊ ڏيکاريائين، پاسي وري ڪمري ۾ تختا لڳل هُئا جتي هرڪو پنهنجو سامان سڙو رکي سگهيو ٿي. مون پنهنجو بيگ اُتي پنهنجي بيڊ تي رکي ڪِچن جو پُڇيم. چيائين ته،
”ڪچن مٿي آهي پر ان ۾ صفائي لازمي رکڻي آهي. اچ ته مٿي هلي ڪچن ڏيکاريان.“
نينگري وڪٽوريا مون کي الائجي ڪهڙين ڪهڙين ڏاڪڻين تان گهمائيندي سڌو اچي ڪچن ۾ وٺي آئي. چيائين ته،
”هي اسان جي فرج آهي هن ۾ پنهنجو کاڌي پيتي جو سامان رکي سگهين ٿو، صبح جو ناشتو فري اٿئي پر ٽائيم فڪس آهي، صبح ساڍا ست کان فقط نائين وڳي تائين.“
فرج جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته،
”هن فرج ۾ پنهنجي کاڌي پيتي جون اهي شيون رکي سگهجن ٿيون جي خراب ٿي سگهن ٿيون. اهو به ياد رهي ته پنهنجي سامان جي پيڪيٽ تي هاسٽل ڇڏڻ جي تاريخ ۽ پنهنجو نالو واضع طور لکيل هُجڻ کپي، جيڪڏهن ڪنهن سامان تي نالو ۽ چيڪ آئوٽ (يعني هاسٽل ڇڏڻ) جي تاريخ نه لکيل هوندي ته اهو اسين اُڇلائي ڇڏينداسين.“
پهريان مون سوچيو ته ايترو خفو ڪير کڻندو پر ڏٺم ته انهي اصول تي عمل ڪرڻ خاطر فرج جي پاسي ۾ هڪ پوائنٽر پيل هو ۽ گڏوگڏ سامان تي لکيل چِٽڪي چِپڪائڻ خاطر پرچيون به پيل هُيون، جِن تي کنئور اڳي ئي لڳل هوندو آهي. ٿورو پرڀرو ٺهيل ٻئي هال اندر پيل ڊائننگ ٽيبل ڏانهن اشارو ڪيائين ته اهو ماني وغيره کائڻ لاءِ اٿئي، پريان پيل ٻيو فرج بيئر وغيره رکڻ لاءِ آهي. مون سوچيو پڪ سان شراب هتي ڪوبه ڪونه پيئندو هوندو جو هر ماڻهو ٻاهر وڃي بار وغيره ۾ وڃي سُڪون سان پي سگهي ٿو. ڪافي ڏاڏا ۽ ڏاڏيون مون ڏٺو ته پاسي واري گُتي تان شراب جون رنگ به رنگي بوتلون وٺي رهيا هُئا. واندي مخلوق ۾ مون ڪوبه گورو نه ڏٺو فقط ڪارا ئي روڊ تي پارڪن ۾ پيل ڏٺا.
ڪچن ٻاهران رکيل صوفن تي ڏسان ته ڪافي اڇا اُجرا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺل هُئا. جيئن ته بِگ بينگ ٿيوري نالي هڪ انگريزي ڊرامي جون ڪجهه قسطون ڏٺيون هُئم، سو ان حساب سان سڀني شاگردي عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان هٿ جو تاڙو ملائي کيڪار ڪيم. وري سڀني جو ڌيان ڇڪائي اتي ديوار تي لڳل دُنيا جي هڪ وڏي نقشي تي پنهنجو نالو لکيل ڏيکاريم، جيڪو عومر ديمير ترڪي واري ڪجهه مهينا اڳ لکيو هو. سڀني کي ٻڌايم ته،
”هي گورڌن منهنجو نالو آهي، جيڪو منهنجو هڪ تُرڪ دوست ڪجهه مهينا اڳ واشنگٽن ۾ هتي ترسڻ دوران لکي ويو آهي.“
اهو ٻڌي سڀ ڏاڍا حيران ۽ خوش ٿيا گڏوگڏ مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. پاڻ وارو سسٽم هُجي ها ته پهرين ڳالهه ته ڪو اعتبار نه ڪري ها، جي ڪو اعتبار ڪري ها ته به منهنجي نالي تي يقين نه ڪري ها، شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هُجي ها، اسان جو هڪ هاسٽلائي دوست ”وڏيرو“ انهي ڳالهه ۾ ڪافي اڳڀرو آهي، مجال آهي جو ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪري. ٿورو ڪِچن جو وري دورو ڪري، فرج جو معائنو ڪيم، چُلهه کي به ڏٺم، برتن وغيره به چيڪ ڪيم، کنڊ به هُئي، چمچا به هُئا، هڪ ٻه ڇُريون. ڪم ڀلو ٿي پيو، ڪافي پئسا بچي پوندا.
سو پنهنجي حوالي ٿيل بيڊ ۽ لاڪر وغيره سيٽ ڪري وري هاسٽل جي لابي ۾ آيس، جتي ٽي وي لڳل هئي ته پاڻي جو ڪولر به. ته اُتي ڏسان ته هڪ چشمو پاتل جهوني ويٺي هُئي، هاءِ ڪري پاسي ۾ ٿورو ڇڊو وڃي ويٺس. مون کي چيائين،
”هي هاسٽل مون کي ڏاڍي وڻي ٿي.“
مون مسڪرائيندي ورندي ڏني ته،
”وڻندي ڇو ڪونه 35 ڊالر في چوويهه ڪلاڪ جا ٿا وٺن، ڪچن به اٿن، ٻيون به سهوليتون جهڙوڪ انٽرنيٽ وغيره به اٿن، تڏهن ته وڻي ٿي.“
جهوني اهو ٻُڌي کِل ۾ ٻڏي وئي. مون کي چيائين ته،
”ها اهو به هڪ سچ آهي پر مون کي وڌيڪ ان ڪري پئي وڻي جو ديسان ديس جا ماڻهو هتي اچي رهن ٿا، ايترن سان رڳو ملڻ ۽ ڳالهائڻ جو مزو الڳ آهي، گڏ رهڻ، کانئن زندگي جا مختلف طور طريقا سکڻ ۽ حال احوال جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. جيئن توهان ڪٿان کان آيا آهيو؟ انڊيا مان؟“
مون چيو،
”نه، آئون پاڪستان مان ڪجهه دير اڳ ئي پهتو آهيان.“
چيائين
”الا، ڏاڍو ٿڪو هوندين، ڊگهي فلائيٽ هوندئي، ننڊ ته ڪونه ٿي اچئي؟“
ايترن سوالن جو جواب ٻڌڻ بنا وڌيڪ پڇيائين ته
”توهان جو نالو ڇا آهي؟“
مون چيو،
”گورڌن“
چيائين،
”گورڊن “
مون چيو،
“It is just like that, OK.”
پنهنجو نالو لائريٽا ٻڌايائين، ويٺل ٽيڪساس. منهنجي هروڀرو تعريف ڪندي ٻڌايائين ته،
”تنهنجي انگلش ته پرفيڪٽ آهي ۽ تنهنجو ڳالهائڻ جو انداز پيارو آهي. آئون ٽيڪساس جي هڪ هاءِ اسڪول ۾ انگلش جي ٽيچر آهيان، پر يقين سان چوان ٿي ته هتان جي گهڻن ماڻهن کي ايتري سُٺي انگلش نه ٿي اچي.“
مون کي لڳو ته پڪ سان لائريٽا مون سان مذاق ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ته ڪو به منهنجي ايئن ڳالهائڻ جي تعريف نه ٿو ڪري. ٽيچنگ بابت ڪجهه دير ڳالهائڻ کان پوءِ شروع ٿي وئي موبائل فون تي پنهنجي مڙس، پُٽ ۽ ڌي جون تصويرون ڏيکارڻ. منهنجي به تصوير ڪڍيائين. ٻڌايائين ته،
”منهنجي ڌي اسڪاٽلينڊ جي ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿي، 20 سالن جي آهي. پُٽ جرمني جي شهر برلن ۾ پرائيوٽ نوڪري ڪري ٿو. مڙس فنانشل مينيجمينٽ جو ڪم ٿو ڪري ٽيڪساس ۾.“
ان ڳالهه تي صفا دنگ رهجي وئي، جڏهن مون عمر ديمير ترڪي واري پاران منهنجو نالو ميپ تي لکڻ واري ڳالهه کيس ٻڌائي. مون کي زوري مٿي وٺي هلي ڪچن ۾ ته مون کي ڏيکار ته ڪٿي ۽ ڪيئن لکيو اٿس. انهي ٽائيم منهنجو ان مئپ سان گڏ فوٽو ڪڍي ڌيڻس، پٽهنس ۽ مڙسهنس کي موڪليائين. هِتان هُتان جون اوڀاريون لهواريون ٻڌايائين، ترڪي جي ماين وانگر منهنجي فين ٿي وئي. ايئن حوال ڪندي رات جا ساڍا ڏهه اچي ٿيا ته کانئس موڪلائي، هاسٽل لابي ۾ موجود واٽر ڪولر مان پاڻي جي بوتل ڀري وڃي بيڊ تي ڪِريس يعني وڃي سُتس ته مٿيئين بيڊ تان آواز آيو،
”گُڊ نائيٽ، گورڌن.“
آئون پريشان ٿي ويس ته هي گُڊ نائيٽ واري هتي ڪير اچي نازل ٿي آهي....
” اِٽ اِز مي لائريٽا.“
مون چيو،
”اوهه گُڊ نائيٽ ٽُو يُو ٽُو.“
مون چيو ته اڙي هي مائي لائريٽا ته مٿي واري بيڊ تي سُتي پئي آهي!!!
(بيڊ جي تصوير هتي ڏنل آهي.)