سفرناما

سفر واشنگٽن جو

گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا
Title Cover of book سفر واشنگٽن جو

ڪانفرنس جو حال احوال - پهريون ڏينهن

15 کان 17 جون 2016 دوران آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ۾ ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيل هي ڪانفرنس مون کي هيستائين ٻين اٽينڊ ڪيل ڪانفرنسن کان ممتاز ۽ بهتر لڳي. بهتر ان ڪري لڳي جو هڪ ته پنهنجي خرچ تي اٽينڊ ڪئي، ٻيو ته هن ڪانفرنس ۾ موڪليل تحقيقي مقالا ڊبل بلائنڊ ريويو (Double Blind Review) کان پوءِ ئي ڪانفرنس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ قبول ڪيا پئي ويا. نه ته گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪانفرنس آرگنائيزر ڇا ڪندا آهن جو گهڻي کان گهڻي حاضري يقيني بڻائڻ خاطر هر قسم ۽ معيار جا مقالا قبول ڪندا آهن. جڏهن ته هن ڪانفرنس تي هلندڙ ڪم ڪار دوران مون کي ٻن پروفيسرن باقاعده وي سي (VSee) پروگرام تي ٻن ڪلاڪن تائين آن لائين ريهرسل ڪرائي ته ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيندڙ انهي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙهڻ دوران مون کي ڪهڙن ڪهڙن سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ مون کي پنهنجي پريزنٽيشن ۾ ڪهڙيون شيون ضرور بيان ڪرڻ کپن. پريزنٽيشن ۾ ڏنل تصويرون ۽ انگ اکر ڇا ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪيئن بيان ڪجي. ريهرسل ڪرائيندڙن ۾ پرڊيُو يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر آلا گولب ۽ اسٽانفورڊ يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر جيفري پيٽرس شامل هُئا. جن سان انهي ڪانفرنس جي پلاننگ دوران مسلسل اي ميل تي رابطو رهيو، جن لاڳيتو مون کي مختلف نون ماڻهن، ريسرچ گروپن ۽ لاڳاپيل انرجي ماڊلز تي ڪم ڪندڙ ٻين ريسرچرز سان رابطو ڪرايو ته جيئن اهو تحقيقي ڪم بهتر طريقي سان اڳتي وڌي، وڏي ڳالهه اها جو ان ڪانفرنس دوران ملندڙ ٻين ڪافي تحقيقدانن به تمام بهترين سمجهاڻي ڏني. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن مان تقريبن 300 ڄڻن شرڪت ڪئي. ورلڊ بئنڪ جي هيڊڪوارٽر (جيڪو آمريڪا جي وائيٽ هائوس جي بلڪل پاسي ۾ آهي.) ۾ منعقد ٿيل هن ڪانفرنس جي ميزباني ورلڊ بئنڪ گروپ (World Bank Group)، پرڊيُو يونيورسٽيءَ (Purdue University)، يونائٽيڊ اسٽيٽس انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميشن (United States International Trade Commission) گڏيل طور ڪري رهيا هُئا. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن تي ڪي نوٽ اسپيچز (خاص ماڻهوءَ جي ڪيل تقرير، Keynote Speeches) دوران ورلڊ بئنڪ جي چيف ايڪانامسٽ شانتي نارائڻ ديوراجن ورلڊ بئنڪ جي جاري مختلف پروگرامن لاءِ معاشيات جي شعبي ۾ ٿيندڙ تحقيق تي تفصيلي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي ماڊلز نه فقط دنيا ليول جي رٿائن جي ڪم جا آهن، پر مُلڪي حدن اندر ٿيندڙ رٿائن ۾ به ايترو ئي اهم آهي.
ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن تي ڪنهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي سواءِ جوئي داس نالي ڪولڪتي جي همراهه سان ريفريشمينٽ بريڪ دوران ملاقات ٿي. جوئي داس لوئي زيانا يونيورسٽيءَ (Louisiana State University) ۾ جنگلن ۽ وڻن جي واڍي جي ماحولياتي فائدن تي تحقيق ڪري رهيو هو. ساڻس چانهن جي وقفي دوران هلڪي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن دوران سندس تحقيق بابت مون پڇيو ته،
”وڻن جي واڍي جا فائدا؟ اهو وري ڪيئن؟ اسان ته هميشه اهو ئي پڙهيو آهي ته وڻن جي واڍي ڪري ماحولياتي نقصان ٿا ٿين، توهان وري چئو ٿا فائدا؟“
جوئي داس وراڻيو ته،
”هتي آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ جنگلن کي ڪٽي، وڻن جو ڪاٺ ۽ ڪاٺ مان ٺهيل شيون ايڪسپورٽ ڪري ٺيڪ ٺاڪ ناڻو ڪمائن ٿا، نه رڳو ايترو پر وڻن جي واڍي ڪندڙ انهن ڪمپنين تي لازم آهي ته جيترا به وڻن ڪٽجن اوترا جو اوترا لازمي لڳڻ کپن ۽ انهن جي مناسب سار سنڀال ٿيڻ گهُرجي نه ته ان ڪمپني جو لائسنس رد ۽ ڏنڊ لڳندو.“
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي جو اها ڳالهه پهريون دفعو ٻڌي هُئم. چيم ته،
”پوءِ پاڻ وٽ يعني پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڇا چڪر آهي؟“
چيائين ته،
”پاڻ وٽ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ان جي اُبتڙ آهي، جنگلن جو مسلسل صفايو جاري آهي، نوان وڻ لڳائڻ تي جهڙو پابندي لڳل هُجي، ان ڪري اُتي ڊيفاريسٽيشن نقصان ڪار آهي.“
جوئي داس کي اهو ٻُڌي ڏاڍي خوشيءَ ٿي ته پاڪستان ۾ ڪافي تعداد ۾ هندو ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽس آباد آهن ۽ بهتر زندگي گُذاري رهيا آهن. پاڻ ٻڌايائين ته،
”منهنجو هڪ پاڪستاني مسلمان دوست آهي، پر اُن جو نالو نه ٿو اچي، پر توهان به داس آهيو، سو توهان جو نالو هروڀرو ڪونه وسرندو.“
اسڪالرشپس ۽ وڌيڪ تحقيق جي موقعن بابت پُڇڻ تي ٻڌايائين ته،
”هتي اسڪالرشپس ۽ فيلوشپس جا تمام گهڻا موقعا آهن، ضرورت آهي فقط سُٺي طريقي سان ڳولا ڪرڻ جي، انٽرنيٽ جو بهتر ۽ مثبت سوچ سان استعمال، مختلف پروفيسرن سان اي ميل ۽ ٻين ذريعن سان ڳالهه ٻولهه ۽ سماجي اُٿي ويٺي.“
مون پڇيو ته،
”سماجي اُٿي ويٺي، اهو وري ڪيئن؟“
جوئي ٻڌايو ته،
”جيڪڏهن ڪنهن پروفيسر کي توهان جو ريسرچ ٽاپڪ کڻي وڻي ويو، پر بدلجندڙ حالتن جي ڪري هاڻي سمورا تحقيقدان انٽرنيٽ تي اُن همراه جي اُٿي ويٺي، لنڪڊاِن ۽ ريسرچ گيٽ تي پروفائيل، فيسبوڪ ۽ ٽوئيٽر تي ڪيل پوسٽون ۽ لائيڪ ڪيل پيج، مختلف بلاگن تي ڪيل توهان جا تبصرا چڪاسين ٿا ۽ ان بنياد تي فيصلو ڪن ٿا.“
مون چيو ته،
”اهو ڪم ته ويزا پروسيس دوران حڪومتون ڪنديون آهن، پروفيسر ايئن ڪيئن ڪندا آهن؟“
وراڻيائين ته،
”پروفيسر به هاڻي هروڀرو صرف ٽاپڪ جي بُنياد تي پنهنجا اسٽوڊنٽ يا ڪولابوريشن ٿورو ئي سليڪٽ ڪن ٿا، اهي سڀئي ڳالهيون به ذهن هيٺ رکن ٿا.“
جوئي سان ڪافي بهتر ڳالهه ٻولهه ٿي، خوشيءَ اها ٿي جو هاڻي آئون پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۾ گھٽ سماجي اُٿي ويٺي جي بُنياد تي اهل سمجهڻ لڳو آهيان، باقي منهنجي هن وقت جاري تحقيق جي خبر ناهي ته ڪهڙو رنگ لائيندو.
ڪانفرنس دوران 8 لاڳيتو سيشن هلي رهيا هُئا، ورلڊ بئنڪ جي بلڊنگ جي اٺ فلورز تي مختلف ڪانفرنس رومز، هال ۽ سيشنز ۾ ڌار ڌار موضوعن تي ڪانفرنس جاري هُئي، هرڪو پنهنجي مطلب جي عنوان تي گهربل سيشن ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪري رهيو هو. مون جهڙن چانهه جي سيمي موالين ۽ فُل ٽائيم موالين لاءِ چانهه ۽ ڪافي جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو.