واشنگٽن جون تاريخي عمارتون
واشنگٽن ڊي سي جي سڀ کان مشهور عمارتن ۾ وائيٽ هائوس (White House)، هوائي ۽ خلائي جو ميوزيم (National Air and Space Museum)، ويٽنام فوجي يادگار (Vietnam Veterans Memorial)، قومي فنون لطيفه گيلري (National Gallery of Art)، ڪينيڊي سينٽر (Kennedy Center)، آرلنگٽن جو قومي قبرستان (Arlington National Cemetery)، واشنگٽن نيشنل گرجا گهر (Washington National Cathedral)، واشنگٽن يادگار (Washington Monument)، لنڪن يادگار (Lincoln Memorial)، ۽ يو ايس ڪئپيٽول (US Capitol) شامل آهن.
دي مال ۽ فيڊريل ٽرائنگل نالي هڪ علائقي ۾ ڪافي تعداد ميوزيم ۽ ڏسڻ وٽان جايون موجود آهن، جيڪي Smithsonian Institution جي نالي سان سڏيون وڃن ٿيون. اهو ادارو سنه 1829ع ۾ جيمز سمٿسن (James Smithson, 1765-1829) نالي انگريز جي وراثت ۾ ڇڏيل ڪافي معدنيات، ڪتاب ۽ اٽڪل 5 لک ڊالر رقم مان قائم ڪيو ويو. دي مال نالي علائقو اندازن 4 ڪلوميٽر تائين ڪئپيٽول بلڊنگ کان پوٽومئڪ ندي تائين پکڙيل آهي.
جيڪڏهن ڪو همراهه سُٺي طريقي سان دي مال ۽ فيڊرل ٽرائنگل وارا علائقا (جتي ميوزيم ۽ تفريح جوڳيون شيون چڱي تعداد ۾ آهن.) گهمڻ چاهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڏينهن مخصوص ڪري. هڪ ته هروڀرو ڪا شئي گهمڻ کان رهجڻ جو گهٽ امڪان ٿيندو، ٻيو ته شين کي سُٺي نموني جاچي ۽ غور ڪري سگهجي ٿو. ميوزيم صرف ڏسڻ ۽ شين کي هٿ لائڻ لاءِ نه هوندو آهي، بلڪه ٿورو غور ۽ فڪر جي به ضرورت هوندي آهي ته انهي دور جا ماڻهو ان شئي کي ڪيترو نه اهم سمجهندا هوندا! انهي ڳالهه جو اندازو صرف انهي ڳالهه مان لڳايو ته اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ منهنجي مرحوم نانيءَ پهريون ڀيرو فون تي منهنجي وڏي ڀاءِ سان ڳالهايو ته جيڪو ان وقت ڪوئيٽا شهر ۾ هيو ته ناني پُڇيو هو ته ابا ٻڪري ٺيڪ آهي، جو ڪجهه ڏينهن اڳ امان پنهنجي مائٽن ويل هُئي ۽ ناني کي ٻڌايو هُئائين ته اسان جي ٻڪري ٺيڪ نه آهي. وڏي ڀاءُ کيس وراڻيو ته ناني آئون ڪوئيٽا ۾ آهيان، 1000 ڳاهُو پري. جنهن تي ناني ته صفا حيرت ۾ وٺجي وئي هُئي ته هڪ دٻي مان ئي ايترو پري کان آواز ڪيئن ٿو اچي.... جڏهن ته هن دور ۾ واشنگٽن مان پنهنجي ڏاڏي سان ٿو ڳالهايان ته چوي ٿي ته ماني کاڌئي، ابا؟ 14 ڪلاڪن جي جهاز جي مسلسل سفر جيترو پري واري شهر مان ايئن فون ذريعي ڳالهائڻ تي کيس ذرو به حيرانگي نه ٿي ٿئي جو هاڻي ته اها ته صفا عام ڳالهه ٿي وئي آهي ۽ ڏاڏي چوي ته ابا ٽيلي نار جا سگنل صحيح ٿا هلن، يو فون صحيح ڪم نه ٿي ڪري. يا ايئن کڻي چئجي ته پراڻي دور ۾ بادشاهه به ٽانگي تي چڙهي سواري ڪندو هو ته ان لاءِ تمام وڏي ڳالهه هوندي هُئي ۽ هاڻي ته يوسي ڪائونسل جي مخصوص سيٽ لاءِ متوقع اميدوار به ڪاري رنگ جي ڊبل ڪئبن واري گاڏي تي وڏي ٺٺ ٺانگر سان گهمي ڦري سگهي ٿو، ته به ڪا خاص ڳالهه نه ٿي لڳي.....
چوڻ جو مطلب اهو اهي ته انهي شئي جي انهي ميوزيم واري شڪل ۾ اچڻ ۾ به ڪيتري محنت لڳي هوندي، ڪيترا ذهن لڳا هوندا، ڪيتري عرصي جي جاکوڙ ۽ کوجنا بعد اها شئي معرض وجود ۾ آئي هوندي... جيئن قومي هوا ۽ خلا واري ميوزيم ۾ چنڊ تان آندل پٿر کي ڇهڻ مهل محسوس ٿيو، ته ان پٿر کي هتي پهچڻ ۾ ڪيڏو نه پئسو، ذهن، وقت ۽ ذريعا استعمال ٿيا هوندا !!!!...... وري به ٿي سگهي ٿو ته ايتري ترقي ٿيندي وڃي جو انهي چنڊ جي پٿر جي اهميت به ڏاڏي جي فون جهڙي ٿي وڃي....