سفرناما

سفر واشنگٽن جو

گورڌن ولاسائيءَ جو ھي سفر واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ھڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالي پڙھڻ لاءِ ٿيو ھو. سندس ھي سفرنامو آمريڪا ويندڙن لاءِ ھڪ گائيڊ آھي.
سڀني جو اهو زور هو ته سنڌي ٻولي ۾ جيڪي سفرناما هيستائين ڇپيا ويا آهن اهي تقريبن پروفيشنل مسافرن جا لکيل آهن، ڀلو ٿئي ته جي ڪو شاگرد پنهنجو ٻاهر ملڪ جي سفر ۽‌ لاڳاپيل حالتون بيان ڪري. ليکڪ جي ڄاڻ موجب هي پهريون ڀيرو ڪنهن شاگرد جي تخليق آهي. ان قسم جي مشاهدي تي ٻڌل ڄاڻ جي اسان جي شاگردن کي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن هن قسم جي تجربي مان لاڀ پرائيندي ڪجهه سکي به وٺن ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ دوران ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل جول ڪيئن رکن ۽ انهي مُلڪ کي ڪهڙي طريقي سان گهٽ ۾ گهٽ خرچ ۾ سُٺي نموني سان گهُمي سگهجي. ساڳي ريت ڪافي لکيل سفرنامن ۾ هروڀرو جي ادبي لفظن جي استعمال سان اهي ڪنهن حد تائين فِڪشن به لڳن ٿا
Title Cover of book سفر واشنگٽن جو

هڪ والنٽيئر جوڊي ۽ سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي! 

روز جي معمول موجب ڊيو هائوسنگ ۾ ناشتي جي ٽيبل تي راڄ ماڻهن جو ويٺو هو، نيدرلينڊس جون ٽي ڇوڪريون هُيون، اُهي ته ننائي جي ٻڙهين وانگر ٻئي ڪنهن کي وارو به نه ڏئي رهيون هُيون. ٻيا سڀ چُپ هُجن، هو وري پنهنجا قصا کڻي ٻڌائين جيئن سونهن ۾ سرس هڪڙي چيو پئي ته،
”آئون بيچ تي هُيس ته بواءِ فرينڊ منهنجي پويان ڊوڙيو ته آئون ڀڄڻ لڳيس ۽ ڀڄندي ڀڄندي واري ۾ ڪِريس، منهن سڄو ڌوڙ ۾ ڀرجي ويو.“
وري ٻي وارو کڻي انهي سان ملندڙ جلندڙ واقعو بيان ڪري پيون کِلڪوڙا ڪن. مون وانگر ٻيا مفت خور ويچارا ماٺ ڪري پيا پين ڪيڪس تي مار ڪن ۽ پيا انهن نيدرلينڊس جي ڇوڪرين کي ڏسن. نيٺ خاموش ويٺلن مان ڪنهن هڪ چيو ته،
”مهرباني ڪري ناشتو ڪرڻ ڏيو پوءِ پيون ڌوڙ جون ڳالهيون ڪجو.“
تڏهن وڃي چُپ ڪين، پر کِي کِي کِي پوءِ به نه وئي. هاسٽل جو مالڪ ٽي (Tay) نالو هُيس، ان وري موبائل تي ڪارن جا ڪجهه فيورٽ گانا هلائي اسان ڏانهن مخاطب ٿيو ۽ چيائين ته،
”ٻُڌو ٻُڌو دوستو، هلڪي بريڪ فاسٽ ڊانس ٿي وڃي.“
ٻئي ڪنهن ان تي ڌيان نه ڏنو ته مون کي ويچاري تي رحم اچي ويو ۽ ڪنڌ سان هلڪي لوڏ واري ڊانس ڪيم ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٽپا ڏيڻ لڳو ته بالي ووڊ، بالي ووڊ.....
انهي دوران منهنجي سامهون ويٺل هڪ ڇوڪريءَ سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو ته،
”پاڻ هڪٻئي کي ڇونه تڪڙو تعارف ڪرايون.“
اصل ۾ شايد هُن کي ٻئي ڪنهن لفٽ ئي نه پئي ڪرائي يا ڪو هُرکُر هيس ته هن کي به ڪو ٻڌي جو اُهي هالينڊيائي ڇوڪريون صفا وٺ لاهي ويٺيون هُيون. هر ڪنهن پنهنجو احوال ڏيڻ شروع ڪيو، مون سوچيو ته آخر ۾ دبنگ انٽري ڪبي، سو چُپ رهيم ته ڀلي حوال اڳتي وڌي. ان سوال پُڇڻ واري ڇوڪريءَ چيو ته،
”آئون ته هتي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ آئي آهيان، سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي 2016.“
انهي ڇوڪريءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ شرط ئي بالي ووڊ جي فلم ”لگان“ جي هيرو عامر خان اسٽائيل ۾ تعريف ڪيم ته،
”اڙي واهه، اها ته جديد ۽ ايندڙ دور جي تمام اهم ۽ ضروري شئي آهي، اسان سڀني کي ڪلائيميٽ چينج بابت گراس روٽ ليول (Grassroot Level) کان ڪيپيسٽي بلڊنگ (Capacity Building) شروع ڪرڻي پوندي ۽ پائيدار پاليسين ۽ جٽادار قانونسازي تي زور ڏيڻو پوندو ته جيئن اسان جا ايندڙ نسل هن ڌرتي تي اسان کان وڌيڪ بهتر، نه ته به گهٽ ۾ گهٽ اسان وانگر ته رهي سگهن.“
منهنجي انهي اڌ تقرير تي اکيون ڦاٽي پيس! چوي ته،
”اڙي اهو ئي ته اسان جي هن ڪانفرنس جو مقصد آهي، انهي لاءِ ته اسان هي سڄو لابنگ گروپ ٺاهيو آهي.“
ڪنڌ ۾ لٽڪيل تعارفي ڪارڊ ڏيکاريندي چيائين ته،
”هي ڏِس. انهي مقصد لاءِ ته آئون هتي آئي آهيان واشنگٽن ته جيئن ٻين سڀني چيپٽرز سان ملي ڪري ڪنهن گڏيل حڪمت عملي سان ڪم ڪريون.“
مون چيو ته،
”سو ته ڪم ڀلو. باوجود انهي جي جو اسان وٽ ريسورسز ڪونهي پر انهي ڪم کي لاڳيتو لڳا پيا آهيون، آئون سنڌ، پاڪستان جي قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ليڪچرر آهيان، هتي ورلڊ بئنڪ ۾ ڪانفرنس ۾ مقالو پڙهڻ خاطر آيو آهيان. منهنجي ريسرچ انهي ڪم تي آهي ته اڪانامي ۽ انوائرونمينٽ ۾ پاڻ کي لنڪ ڪري مستقبل ۾ بجلي ٺاهڻ جا پائيدار رستا ڪهڙا اختيار ڪجن.“
”اوهه، پاڪستان!.....“
هٿ ملائيندي چيائين ته،
”ويري ويري نائيس ٽُو ميٽ يو.“
(ڏاڍي ڏاڍي خوشي ٿي توهان سان ملي ڪري.)
اِتي مون ٻه وڌيڪ پين ڪيڪس کائيندي چيو ته،
”هاڻي ٻيا به تعارف ڪرائين.“
ايئن ڪندي آئون ٻاهر آيس ڪچن لابي ۾ رکيل ليپ ٽاپ تي ئي سٽيزنس ڪلائيميٽ چينج لابي جي ويبسائيٽ تي پاڪستان ۾ نئين چيپٽر کولڻ بابت معلومات وٺي، کين هڪ عدد اي ميل ڪيم ۽ آن لائين فارم ڀرڻ مهل لکيم ته هڪ والنٽيئر مون کي انٽروڊيوس پئي ڪرائي، والنٽيئر واري نالي واري خاني ۾ اڃان ڪجهه لکان، تيستائين اها ڇوڪريءَ مٿان اچي وئي ۽ هٿ ملائيندي چيائين ته،
”هيلو، آئون جوڊي اسٽريٽ آهيان.“
مون سندس نالو ان خاني ۾ لکندي چيو ته،
”آئون گورڌن داس آهيان.“
اهو ڏسي ڏاڍي حيران ٿي ۽ چيائين ته،
”ڏس، پاڪستاني ڪيڏا نه تيزي سان سکندڙ آهن..... هتان وارن کي به پنهنجي نالي جي صحيح اسپيلنگ به ٻڌائڻي پوندي آهي توهان فقط منهنجو نالو هڪ دفعو ٻڌي ٺيڪ ٺيڪ لکيو آهي، معني ته توهان نه فقط تيزي سان سکندڙ آهيو پر سُٺا ٻڌندڙ پُڻ آهيو.“
تعريف ٻڌي خوشي ٿي. پنهنجي اي ميل ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ شيئر ڪندي چيائين ته،
”پاڻ ان ڳالهه تي وڌيڪ بحث ڪنداسين ۽ ٿي سگهيو ته ايندڙ ميٽنگ جيڪا 2017 ۾ ٿيندي ان ۾ ملنداسين، ڇاڪاڻ ته توهان جو ڪم ڪرڻ انداز ڏاڍو وڻيو ۽ يقينن پاڪستان ۾ ان جو چيپٽر جلد ئي کُلندو.“
چيم،
”ضرور ضرور، ڇو نه.“
ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته وري به پاڪستان جو نالو هنن وٽ واقعي به بهتر ئي ٿيو هوندو. ڇو جو جوڊي سان پروفيشنل رابطو ٿيو، سو سيلفي ڪڍڻ جو خيال دل مان لاهي ڇڏيم.
جوڊي اسٽريٽ سان پوءِ اي ميل ۽ لِنڪڊ اِن تي لاڳيتو رابطو قائم رهيو آهي. پنهنجي هڪ تحقيق مقالي کي هڪ اعلي معيار جي ريسرچ جرنل ۾ ڇپائڻ خاطر ڪيل جاکوڙ دوران جوڊي ڪافي مدد ڪئي. ٿيو ايئن جو جيئن ته ڪنهن به مقالي کي اعلي معيار جي ريسرچ جرنل ۾ ڇپرائڻ دوران مختلف مرحلن مان هڪ اهو مرحلو به آهي ته مقالي جي انگريزي ۽ گرامر به بهترين هُئڻ گهرجي. مون کي به رينيوايبل اينڊ سسٽين ايبل انرجي ريويوز جي ايڊيٽر طرفان اي ميل آئي ته توهان جو مقالو ٽيڪنيڪلي ڇاپڻ جوڳو آهي، پر لکيل انگريزي کي اڃان بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جو مشورو آهي ته ڪنهن مقامي انگريزي ڳالهائيندڙ کان چيڪ ڪرايو نه ته پوءِ مناسب اگهه تي اسان جي سروس استعمال ڪريو. مقامي انگريز کي ڳولڻ کان اڳ سندن سروس بابت ويب سائيٽ ڏٺم، جنهن موجب 300 ڊالر کن لڳندا، 30 صفحن جي انگريزي ٺيڪ ڪرڻ جا..... هڻ لٺ..... اٽڪل ٽيهه هزار روپيا!!!
دوستن سان مشورو ڪيم، ڪنهن صلاح ڏني ته مهراڻ يونيورسٽيءَ جي انگريزي ڊپارٽمينٽ وارن کان چيڪ ڪرائي. سوچيوسين ته ضروري ناهي ته لٽريچر وارن جي انگريزي انجنيئرنگ لکڻي سان ٺهڪندي هُجي ۽ وري اجايو ٿورو به ڇو کڻون، اهو به اسان جي ماحول ۾!!!!
اِتي مون کي ذهن ۾ آيو ته لائريٽا پيبل ڪهڙي ڪم ايندي، هاءِ اسڪول جي ريٽائرڊ ٽيچر آهي، اها به انگريزي سبجيڪٽ جي..... وري ياد آيو ته ان جي اي ميل به ڪونه آهي ۽ فيسبوڪ تي به گهٽ نظر ايندي آهي. جوڊي جو سوچيم ته سندس اي ميل پڻ هئي، لِنڪڊ اِن، فيسبوڪ، انسٽاگرام ۽ موبائل تي به رابطو بحال هو، سو کيس مقالو موڪليم ته ان جي انگريزي ٺيڪ ڪرڻي آهي، پر فقط ٽن ڏينهن ۾! سڌريل ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ اها سُٺي عادت آهي ته ڪم ڪار وارن ڏينهن ۾ به ڪم واري اي ميل جو تُرت جواب ڏيندا آهن. جوڊي به پنجن منٽن اندر جواب ڏنو ته 3 ڏينهن تمام ٿورا آهن، ڪجهه وڌيڪ ڏئي سگهو ٿا؟ مون به کيس جلد ئي جواب ڏنو، نه، ٽي ڏينهن ئي آهن فقط. وري اي ميل تي ريپلائي ڏنائين ته ڏسان ڪوشش ڪريان ٿي، سڀاڻي گوڏا ٻڌي ويهان ٿي لائبريري ۾، اميد ته ڪم ٿي ويندو.
ٽئين ڏينهن تي صبح جو مون کي اي ميل ملي جنهن ۾ انگريزي چيڪ ٿيل منهنجو مقالو به شامل هو..... کولي ڏٺم فائيل جي ايڪسٽينشن مختلف هُئي ڇو جو هن ويچاري سمورو ڪم ڪيو هو ميڪ ڪمپيوٽر تي اهو منهنجي مائڪروسافٽ ورڊ پروگرام ۾ نه کليو ته مون کيس يڪدم اطلاع ڪيو ته هي فائيل ته کُلي ئي ڪونه ٿو. جواب ۾ هن لکيو ته توهان شايد ونڊوز پيا استعمال ڪيو. پوءِ فائيل تبديل ڪري موڪلي ڏنائين. نئين آيل فائيل کي پنهنجي پراڻي شڪل واري مقالي سان ڀيٽ ڪيم ته 30 صفحن تي 831 چُڪون ڪڍيل هُيون.... واهه جوڊي واهه ۽ واهه گورڌن تنهنجي انگريزي، جنهن جي لائريٽا پيبل تعريف پئي ڪئي.....

مهرباني مڃيندي، سندس نالو به پنهنجي مقالي ۾ شامل ڪيم ته يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي جوڊي اسٽريٽ به هن مقالي کي بهتر شڪل ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي. مهيني اندر مقالو ڇپجڻ بعد کيس هڪ ڪاپي اي ميل ذريعي موڪلي ڏنم. جيڪو ڏسي هُن مبارڪن واري اي ميل پڻ موڪلي ۽ آئنده به ساڳئي قسم جي مدد لاءِ پنهنجي موجودگي جي پڻ آڇ ڪيائين، جيڪا حسبِ معمول قبول ڪئي سين......
مڃتا خاطر کيس گفٽ موڪلڻ فرض سمجهيم، جنهن تحت ٿر جي هٿ جي هنر جا ڪجهه ننڍڙا ٽڪرا پاڪستان پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنم. جيڪي هُن کي 15 ڏينهن کان پوءِ پهتا، هتي ڏنل تصوير ۾ جوڊي مليل گفٽن کي پنهنجي ورڪنگ ٽيبل تي سينگاري رکيو آهي.