جُتي پاءِ، جهاز ۾ چڙهه!
”سر، منهنجو هڪ ڀائيٽو قائد عوام يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي ٿو، اُن جي پارت اٿئي.“
چيم ته،
”ڪو مسئلو نه آهي، جيڪو به جائز ڪم ڪار هُجي ته حاضر آهيون، ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهي ٿو، رول نمبر وغيره مون کي ميسيج ڪري ڇڏجو.“
ايترو چئي مون کان موبائل نمبر گهُريائين، جيڪو کيس لکرايم. ايئن ڪندي اڳيان ايف آئي اي وارن کي پاسپورٽ ۽ يونيورسٽيءَ پاران ڏنل نو آبجيڪشن سرٽيفيڪيٽ ڏيکاري اڳتي نڪتس ته تيستائين مٿي بيان ڪيل اهلڪار جي فون اچي وئي ته آمريڪا پهچي مون کي پنهنجو اُتان جو موبائل نمبر ڏجان، توهان سان رابطو ڪري اُتي منهنجو دوست هڪ ليپ ٽاپ ڏيندو، جيڪو واپسي تي هِتي مون کي ڏجو.
في الحال ته ها ڪيم، ڪم اهو ٿيو جو آمريڪا ۾ موبائل سِم ئي ڪونه ورتم، هڪ ته ڏاڍي مهانگي هُئي، ٻيو ته جتي ڪٿي انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ جي سهوليت مفت ۾ موجود هُئي......
ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي وارو مرحلو گُذارڻ کان پوءِ ٻين مسافرن سان گڏ انتظارگاهه ۾ وڃي ويٺس، موبائل فون تي گهروارن کي اطلاع ڪيم ته هاڻي جهاز ۾ چڙهڻ جي لاءِ ويٺا آهيون. رمضان جو مهينو هُجي افطاري ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت هُيو ته ڪافي ماڻهو افطاري ڪرڻ لاءِ بندوبست خاطر هيڏانهن هوڏانهن ٿي رهيا هُئا. ايئن ئي بوريت دور ڪرڻ لاءِ وجيش پرتاب جو فون لڳايو، سوچيم ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ پهچي ويو هوندو ته فون اٽينڊ نه ڪندو ۽ خبر پئجي ويندي. جيئن کي ڪال وئي ته يڪدم اٽينڊ ڪيائين.
پُڇيم ته،
”پهچي ويا خيريت سان؟“
”ها ايئرپورٽ تي پهچي ويس.“
”ايئرپورٽ؟“
”جي ها، ڪراچي ايئرپورٽ تي.“
”اهو وري ڪيئن؟ واپس اچي ويا آهيو ڇا؟“
”نه، اصل ۾ ٻه ڏينهن ليٽ سان، هينئر منهنجي فلائيٽ آهي، سوا ٽي وڳي، اتحاد ايئر ويز جي، وايا ابوظهبي.“
مون ٻڌايو ته،
”آئون به ڪراچي ايئرپورٽ تي آهيان، منهنجي به اها ساڳي ئي فلائيٽ آهي.“
ڏس پڇيائين ته ڪٿي آهين، ته مون پنهنجي موجودگي وارو گيٽ نمبر ٻڌايو. ٿوري دير ۾ ئي وجيش اچي مليو، ٻنهي کي ڪافي حيرت ٿي! عجيب اتفاق ته اهو ٿيو جو بورڊنگ پاس چيڪ ڪئيسين ته سيٽ به گڏ ئي هُئي. سوچيم ته اهو چڱو جو ساڻس گپ شپ جو موقعو ملندو. فلائيٽ دوران مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪندي ڪندي ابوظهبي پهتاسين. آمريڪي اميگريشن وارن جو ڏنل فارم ڀرياسين ته پاڻ سان گڏ ڪهڙو سامان آهي، ڪيترا پئسا آهن، زيور وغيره ڪهڙا آهن. فارم ڀرڻ دوران هڪ آفريڪن ڇوڪري مون کان پُڇيو ته هن فارم ۾ ڇا ڇا لکان؟ شاگردياڻي پئي لڳي، مون کي ته ڊپ ٿيو ته ايئن نه ٿئي جو هي ڇوڪري ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسي پئي ۽ سڄو الزام مون تي نه هڻي!!! سو سندس مدد ڪرڻ کان اڳ ئي کيس چيم ته ڪوبه مسئلو ٿيو ته آئون ذميوار نه آهيان، باقي آئون فارم هيئن ڀريان پيو، تون به ايئن فارم ڀري ڇڏ. اهو ڀريل فارم کڻي وري اڳيان اميگريشن ڊيسڪ تي وڃڻو هو جتي پاسپورٽ تي ٺپو لڳڻو هو ته هي همراه ڀلي آمريڪا اچي........
اميگريشن يعني پاسپورٽ تي ٺپي هڻڻ وارن جي رويي بابت وڏي ڀاءُ اڳ ئي ٻڌايو هو ته ڏاڍو رُکي ۽ کاري لهجي ۾ ڳالهائيندا آهن. اُن ڪري سمورا ڪاغذ پاڻ وٽ هٿيڪا هُجڻ کپن. سو ڪانفرنس سان لاڳاپيل رجسٽريشن، پنهنجي تحقيقي مقالي جي ڪاپي، ڪانفرنس جو معلوماتي بروشر، ڊيو هاسٽل (Duo Hostel) ۾ تي رهائش جي بُڪنگ، ايئرپورٽ کان هاسٽل تائين پهچڻ جي رستي جو گوگل ميپ تان ورتل پرنٽ، تحقيقي مقالي پيش ڪرڻ خاطر تيار ڪيل پرزنٽيشن (Presentation) ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي هڪ فائل ۾ ڪري بيڪ پئڪ ۾ رکيم. اميگريشن ڪائونٽر تي ويٺل مائي جنهن کي ڇوڪريءَ چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو، مون ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏسندي پاسپورٽ گهريائين. اُهو ئي سوال ڪيائين ته،
”آمريڪا ڇو ٿو وڃين؟“
”واشنگٽن ڇو؟“
”اها ڪانفرنس ڇو؟“
”رهندين ڪٿي؟“
ايڏو ته رُکي لهجي ۾ سوال پُڇيائين جو مون کي ته ڊپ لڳو ته متان هِتان ئي ڊي پورٽ ڪري پاڪستان نه واپس موڪلين! ايڏي رُکي لهجي تي دل ڀرجي آئي، گلو خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ سوچيم ته ڇو نه انهي ڇوڪري کي ئي مائي سڏجي.....
وري به دل جهلي سندس سوالن جا جواب ڏيندو آيس، هاسٽل جي بُڪنگ گهُريائين، جيڪا به مهيا ڪيم. حالانڪه صاف ظاهر آهي آمريڪا جا سڀئي ادارا اُن ڳالهه تي پابند آهن ته پنهنجي هوٽلن، هاسٽلن، يونيورسٽيءَ ۾ داخلائن وغيره جي سموري معلومات حڪومتي ادارن کي ڏين. پوءِ به مون کان تصديق خاطر جيڪي ڪاغذ گهُريائين سڀ فائيل مان ڪڍي ڏيندو آيس. جڏهن سڀ گهُربل ڪاغذ ڏئي پورا ڪيم، تڏهن چيائين ته اهو فائيل ڏيکار. سڄو فائيل سندس اڳيان رکيم. پنا اُٿلائيندي، مون ڏانهن وري وري ڪاوڙ ۾ ڏسندي رهي. چيونگم چٻاڙيندي ۽ ڪمپيوٽر تي کِٽ پِٽ ڪندي، سمورا ڪاغذ پاسپورٽ تي ٺپو هڻي واپس ڪيائين.
مون پُڇيو ته،
”هِتان پوءِ ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“
پهريون دفعو مسڪرائيندي اِشارو ڪيائين ته کاٻي پاسي! تنهن تي ٿڌو شوڪارو ڀريم ته اها به منزل به ڪراس ڪيم. انهي مائي جي باري ۾ سوچيم ته الائجي ته ڪهڙي پوئتي پيل اسڪول ۾ پڙهي آهي يا سندس نانيءَ ۽ ڏاڏيءَ پاڻ ۾ ٺُپ نه ٿيون ٺهن جو اهڙي ويڙهاڪ قسم جي تربيت ڪئي اٿن ته ڏاڏي سيکاري ته ناناڻي وڃي ته ههڙي طريقي سان ڳالهائي ٻولائي، ناني سمجهائي ته ڏاڏاڻي وڃي هن ريت ٻين سان پيش اچي. الا! اهڙو رُکو ۽ کارو لهجو. خير وري به کيس ڇوڪري ئي چوڻ گهُرجي.....
14 ڪلاڪن جو لاڳيتو سفر.....
ڪراچي کان ابوظهبي فلائيٽ تي وجيش پرتاب به اڳئين واري سيٽ تي ويٺل هو. منهنجي پاسي واري سيٽ خالي پيل هُئي، تنهن ڪري جهاز جي ٽيڪ آف (Take off) ڪري وٺڻ تي کيس چيم ته اچي پاسي ۾ ويهه ته ڪچهري ڪندا هلون. وجيش نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت خاطر سفر ڪري رهيو هو. ٻڌايائين ته آمريڪا جو ويزا فقط ٽن ڏينهن ۾ ئي ملي ويو!!! مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته اهو وري ڪيئن ممڪن آهي، مون کي وڌيڪ وقت لڳو هيو!!! اهو انهي ڪري جو کيس مليل دعوت نامي تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي صحيح ٿيل هُئي.....
ڪراچي کان ابو ظهبي تائين سفر ۾ ته ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نه آئي. پر مون کي لاڳيتو اهو ڊپ پئي ٿيو ته ابوظهبي کان واشنگٽن تائين جو 14 ڪلاڪن جي لاڳيتي سفر جو وقت ڪيئن گذرندو. پر ڀلو ٿئي اتحاد ايئرويز وارن جو جهاز جي اڳئين سيٽ تي لڳل ننڍڙي اسڪرين تي انٽرٽينمينٽ جي هڪ وسيع دُنيا موجود هُئي. انهي ننڍڙي اسڪرين ۾ هاليووڊ کان وٺي بالي ووڊ تائين جو نيون نيون فلمون، 500 کان وڌيڪ سي ڊيز جيترو عربي کان وٺي هندي موسيقي جو زبردست خزانو، 5 لائيو ٽي وي نيوز ۽ اسپورٽس چينل، ڪيتريون ئي رانديون ڏسڻ لاءِ ميسر هيون. وري وقفي وقفي سان ايئر هوسٽيس نموني نموني سان ڪجهه نه ڪجهه کارائينديون پيارينديون وڃن. مون ته پاڻ سان گڏ ٽيبليٽ به کنيو هو، جنهن ۾ به 10 کن پنهنجي پسند جون فلمون جهڙوڪ گجني، لگان، ٿري ايڊيٽس، شعلي، ڦر هيرا ڦيري ۽ ڪجهه ٻيون، ان سان گڏ موسيقي جو به چڱو ذخيرو پيل هو، تنهن سان گڏ پنهنجي پسند جا ڪجهه اليڪٽرانڪ ڪِتاب يعني اي بُڪ.
مزي واري ڳالهه جو هن سفر دوران ننڊ به زبردست ڪئي. ٿيو ايئن جو اسان واري جهاز جون دريون به ڪو جديد هُيون جن تي موجود بٽڻ دٻائڻ سان اهي رنگ بدلائي گهري ڪاري رنگ جون ٿيون پئي جن سان ٻاهر جي خبر ئي نه پئي پوي..... گهري ننڊ مان هڪ ڀيري اُٿي دري جو رنگ بدلايان ته ڏسان ته ٻاهر ڏاڍي اُس لڳي پئي هُئي. وري به سُمهي پيس.... اک تڏهن کُلي جڏهن عملي جهاز جو بتيون کوليون ۽ اعلان ڪيو ته مسافرو! سنڀرو جو هاڻي منزل اچڻ واري آهي ۽ ٿوري ئي دير ۾ اسين واشنگٽن جي ڊيولس ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرڻ وارا آهيون. مون کي وري ان مهل ٿورو بُک تپايو ته هليو ويس جهاز جي پُٺئين ڇيڙي ۾، جتي ايئر هوسٽيس ويهي پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيون هُيون. مون کي اها به خبر هُئي ته کاڌي پيتي جو سمورو سامان ان پاسي رکيل هوندو آهي. پُڇا ته ڪيم ته،
”ڪُجهه آهي کاڌي پيتي لاءِ؟“
هڪ ڄڻي يڪدم اُٿي مون کي ٻه عدد پيڪيٽ کاڄن جا ڏنائين، جوس به هڪ گلاس ۾ وجهي ڏنائين، جيڪي کڻي اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي کاڌم ته جهاز اندر سوجهرو وڌڻ لڳو. راڄ اڃان تائين سُتو پيو هُيو..... جيئن ئي سموريون بتيون روشن ٿيون ته سمورا مسافر ننڊ مان جاڳڻ لڳا ۽ پنهنجا پنهنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي لينڊنگ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا. ڪجهه دير اندر ئي اسان جي جهاز ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪئي. لينڊنگ کانپوءِ هيڏانهن هوڏانهن جي رستن تان ٿيندي، سامان ملڻ واري جاءِ تائين پهچندي هڪ ٻن مسافرن جي پُڇا ڪرڻ تي رستي جو ڏس ڏنو ته هيڏانهن فلاڻو جاءِ آهي هوڏانهن فلاڻي. جهڙو هِتان جو هُجان!!!